< السورة السابقة | فهرس السور | السورة التالية >



حدد حجم خط الآيات
()


بِسْمِ ٱللَّهِ ٱلرَّحْمَٰنِ ٱلرَّحِيمِ ٱقْتَرَبَتِ ٱلسَّاعَةُ وَٱنشَقَّ ٱلْقَمَرُ ۝١

قيامت ويجھي آئي ۽ چنڊ چيرجي پيو.

وَإِن يَرَوْا۟ ءَايَةًۭ يُعْرِضُوا۟ وَيَقُولُوا۟ سِحْرٌۭ مُّسْتَمِرٌّۭ ۝٢

۽ جيڪڏھن (ڪافر) ڪا نشاني ڏسندا ته مُنھن موڙيندا ۽ چوندا ته ھيء قديمي جادو آھي.

وَكَذَّبُوا۟ وَٱتَّبَعُوٓا۟ أَهْوَآءَهُمْ ۚ وَكُلُّ أَمْرٍۢ مُّسْتَقِرٌّۭ ۝۳

۽ ڪوڙ ڄاتائون ۽ پنھنجن سَڌن تي ھليا ۽ سڀڪو ڪم پنھنجي وقت تي ٺھرايل آھي.

وَلَقَدْ جَآءَهُم مِّنَ ٱلْأَنۢبَآءِ مَا فِيهِ مُزْدَجَرٌ ۝٤

۽ بيشڪ وٽن اُھي خبرون آيون آھن جن ۾ جھڻڪ آھي.

حِكْمَةٌۢ بَٰلِغَةٌۭ ۖ فَمَا تُغْنِ ٱلنُّذُرُ ۝٥

پوري ڏاھپ (به) آھي پوءِ عِبرت جون ڳالھيون کين ڪو فائدو نه ٿيون ڏين.

فَتَوَلَّ عَنْهُمْ ۘ يَوْمَ يَدْعُ ٱلدَّاعِ إِلَىٰ شَىْءٍۢ نُّكُرٍ ۝٦

تنھنڪري کانئن مُنھن موڙ، جنھن ڏينھن سڏيندڙ اَڻ وڻندڙ شيءَ ڏانھن سڏيندو.

خُشَّعًا أَبْصَٰرُهُمْ يَخْرُجُونَ مِنَ ٱلْأَجْدَاثِ كَأَنَّهُمْ جَرَادٌۭ مُّنتَشِرٌۭ ۝۷

(تنھن ڏينھن) پنھنجن جھڪن اکين سان قبرن مان ائين نڪرندا جو ڄڻڪ اُھي پکڙيل مڪڙ آھن.

مُّهْطِعِينَ إِلَى ٱلدَّاعِ ۖ يَقُولُ ٱلْكَٰفِرُونَ هَٰذَا يَوْمٌ عَسِرٌۭ ۝۸

(اُن) سڏيندڙ ڏانھن ڊوڙندا ويندا، ڪافر ته ھيُ سخت ڏينھن آھي.

۞ كَذَّبَتْ قَبْلَهُمْ قَوْمُ نُوحٍۢ فَكَذَّبُوا۟ عَبْدَنَا وَقَالُوا۟ مَجْنُونٌۭ وَٱزْدُجِرَ ۝۹

انھن کان اڳ نوح جي قوم ڪوڙ ڀانيو پوءِ اسان جي ٻانھي کي ڪوڙو ڄاتائون ۽ چيائون ته چريو آھي ۽ ساڻس سخت ڳالھايو ويو.

فَدَعَا رَبَّهُۥٓ أَنِّى مَغْلُوبٌۭ فَٱنتَصِرْ ۝١۰

پوءِ ھن پنھنجي پالڻھار کي عرض ڪيو (۽ چيائين) ته بيشڪ آءٌ ھيڻو آھيان تنھنڪري تون کائن وير وٺ.

فَفَتَحْنَآ أَبْوَٰبَ ٱلسَّمَآءِ بِمَآءٍۢ مُّنْهَمِرٍۢ ۝١١

پوءِ آسمان جا دروازا گھڻي وھندڙ پاڻيءَ سان کولياسون.

وَفَجَّرْنَا ٱلْأَرْضَ عُيُونًۭا فَٱلْتَقَى ٱلْمَآءُ عَلَىٰٓ أَمْرٍۢ قَدْ قُدِرَ ۝١٢

۽ زمين مان چشمان جاري ڪياسون پوءِ (چوڌاري) پاڻي گڏ ٿيو جنھن ڪم لاءِ (اُھو) ٺھرايو ويو ھو.

وَحَمَلْنَٰهُ عَلَىٰ ذَاتِ أَلْوَٰحٍۢ وَدُسُرٍۢ ۝١۳

۽ کيس تختن ۽ ميخن واريءَ (ٻيڙي) تي چاڙھيوسون.

تَجْرِى بِأَعْيُنِنَا جَزَآءًۭ لِّمَن كَانَ كُفِرَ ۝١٤

جا اسان جي اکين آڏو ٿي ھلي، انھيءَ شخص جي بدلي وٺڻ لاءِ جنھن کي نه مڃيو ھوائون.

وَلَقَد تَّرَكْنَٰهَآ ءَايَةًۭ فَهَلْ مِن مُّدَّكِرٍۢ ۝١٥

۽ بيشڪ اُنھي (سزا) کي (عبرت لاءِ) ھڪ نشاني ڪري ڇڏيوسون پوءِ آھي ڪو نصيحت وٺڻ وارو؟

فَكَيْفَ كَانَ عَذَابِى وَنُذُرِ ۝١٦

پوءِ منھنجو عذاب ۽ منھنجا دڙڪا ڪھڙي طرح ھوا.

وَلَقَدْ يَسَّرْنَا ٱلْقُرْءَانَ لِلذِّكْرِ فَهَلْ مِن مُّدَّكِرٍۢ ۝١۷

۽ بيشڪ قرآن کي نصيحت وٺڻ لاءِ آسان ڪيو اٿون پوءِ آھي ڪو نصيحت وٺڻ وارو؟

كَذَّبَتْ عَادٌۭ فَكَيْفَ كَانَ عَذَابِى وَنُذُرِ ۝١۸

عاد (قوم) ڪوڙ ڀانيو پوءِ منھنجو عذاب ۽ منھنجا دڙڪا ڪھڙيءَ طرح ھوا؟

إِنَّآ أَرْسَلْنَا عَلَيْهِمْ رِيحًۭا صَرْصَرًۭا فِى يَوْمِ نَحْسٍۢ مُّسْتَمِرٍّۢ ۝١۹

بيشڪ اسان سخت طوفان کي تمام نڀاڳي ڏينھن ۾ مٿن موڪليو.

تَنزِعُ ٱلنَّاسَ كَأَنَّهُمْ أَعْجَازُ نَخْلٍۢ مُّنقَعِرٍۢ ۝٢۰

جو ماڻھن کي پٽيائين ٿي ڄڻڪ اُھي پاڙون پٽيل کجيءَ جا تڙ آھن.

فَكَيْفَ كَانَ عَذَابِى وَنُذُرِ ۝٢١

پوءِ منھنجو عذاب ۽ منھنجا دڙڪا ڪھڙي طرح ھوا؟

وَلَقَدْ يَسَّرْنَا ٱلْقُرْءَانَ لِلذِّكْرِ فَهَلْ مِن مُّدَّكِرٍۢ ۝٢٢

۽ بيشڪ قرآن کي نصيحت وٺڻ لاءِ آسان ڪيو اٿون پوءِ آھي ڪو نصيحت وٺڻ وارو؟

كَذَّبَتْ ثَمُودُ بِٱلنُّذُرِ ۝٢۳

ثمود جي قوم ڊيڄاريندڙن کي ڪوڙو ڀانيو.

فَقَالُوٓا۟ أَبَشَرًۭا مِّنَّا وَٰحِدًۭا نَّتَّبِعُهُۥٓ إِنَّآ إِذًۭا لَّفِى ضَلَٰلٍۢ وَسُعُرٍ ۝٢٤

پوءِ چيائون ته پنھنجي قوم مان ھڪ اھڙي ماڻھوءَ جي تابعداري ڪريون ڇا؟ (جي ائين ڪريون ته) بيشڪ اسين انھي مھل ضرور گمراھي ۽ چريائي ۾ ھونداسون.

أَءُلْقِىَ ٱلذِّكْرُ عَلَيْهِ مِنۢ بَيْنِنَا بَلْ هُوَ كَذَّابٌ أَشِرٌۭ ۝٢٥

اسان جي وچان اُنھيءَ تي (ئي) وحيُ نازل ڪيو ويو ڇا؟ بلڪ اُھو وڏو ڪوڙو پاڻ پڏائيندڙ آھي.

سَيَعْلَمُونَ غَدًۭا مَّنِ ٱلْكَذَّابُ ٱلْأَشِرُ ۝٢٦

سڀاڻي ڄاڻندا ته پاڻ پڏائيندڙ ڏاڍو ڪوڙو ڪير آھي.

إِنَّا مُرْسِلُوا۟ ٱلنَّاقَةِ فِتْنَةًۭ لَّهُمْ فَٱرْتَقِبْهُمْ وَٱصْطَبِرْ ۝٢۷

بيشڪ اسين سندن پرک لاءِ (ھڪ) ڏاچي موڪلينداسون پوءِ (اي صالح) انھن جو منتظر رھ ۽ صبر ڪر.

وَنَبِّئْهُمْ أَنَّ ٱلْمَآءَ قِسْمَةٌۢ بَيْنَهُمْ ۖ كُلُّ شِرْبٍۢ مُّحْتَضَرٌۭ ۝٢۸

۽ کين خبردار ڪر ته سندن وچ ۾ پاڻي وراھيل آھي، ھر ڪو (پنھنجي) واري تي حاضر ٿئي.

فَنَادَوْا۟ صَاحِبَهُمْ فَتَعَاطَىٰ فَعَقَرَ ۝٢۹

پوءِ پنھنجي سنگتيءَ کي سڏيائون پوءِ وڌيڪ ھلت ڪيائين ۽ منڊو ڪيائين.

فَكَيْفَ كَانَ عَذَابِى وَنُذُرِ ۝۳۰

پوءِ منھنجو عذاب ۽ منھنجا دڙڪا ڪھڙي طرح ھوا؟

إِنَّآ أَرْسَلْنَا عَلَيْهِمْ صَيْحَةًۭ وَٰحِدَةًۭ فَكَانُوا۟ كَهَشِيمِ ٱلْمُحْتَظِرِ ۝۳١

بيشڪ اسان ھڪ ڌڪاءُ مٿن موڪليو پوءِ ڀتي پيھر وانگر (ڍير) ٿي پيا.

وَلَقَدْ يَسَّرْنَا ٱلْقُرْءَانَ لِلذِّكْرِ فَهَلْ مِن مُّدَّكِرٍۢ ۝۳٢

۽ بيشڪ قرآن کي نصيحت وٺڻ لاءِ آسان ڪيو اَٿون پوءِ آھي ڪو نصيحت وٺڻ وارو؟

كَذَّبَتْ قَوْمُ لُوطٍۭ بِٱلنُّذُرِ ۝۳۳

لُوط جي قوم ڊيڄاريندڙن کي ڪوڙو ڄاتو.

إِنَّآ أَرْسَلْنَا عَلَيْهِمْ حَاصِبًا إِلَّآ ءَالَ لُوطٍۢ ۖ نَّجَّيْنَٰهُم بِسَحَرٍۢ ۝۳٤

بيشڪ اسان مٿن ڪنڪريٽ وسائيندڙ واءُ کي موڪليو سواءِ لُوط جي گھر وارن جي، جو انھن کي اَسر مھل بچايوسون.

نِّعْمَةًۭ مِّنْ عِندِنَا ۚ كَذَٰلِكَ نَجْزِى مَن شَكَرَ ۝۳٥

پاڻ وٽان فضل سان، جنھن شڪرانو ڪيو تنھن کي ائين ئي بدلو ڏيندا آھيون.

وَلَقَدْ أَنذَرَهُم بَطْشَتَنَا فَتَمَارَوْا۟ بِٱلنُّذُرِ ۝۳٦

۽ بيشڪ (لُوط) اسان جي پڪڙڻ کان کين ڊيڄاريو ھو پوءِ ھٿون انھن ڊيڄارڻ جي ڪري تڪرار ڪيائون.

وَلَقَدْ رَٰوَدُوهُ عَن ضَيْفِهِۦ فَطَمَسْنَآ أَعْيُنَهُمْ فَذُوقُوا۟ عَذَابِى وَنُذُرِ ۝۳۷

۽ بيشڪ لُوط کي سندس مھمانن بَنسبت ڇڪتاڻ ڪيائون پوءِ سندن اکين (جي ديد) کي وڃايوسون (پوءِ چيوسون) ته منھنجو عذاب ۽ منھنجا دڙڪا چکو.

وَلَقَدْ صَبَّحَهُم بُكْرَةً عَذَابٌۭ مُّسْتَقِرٌّۭ ۝۳۸

۽ بيشڪ ھميشه وارو عذاب انھن تي صُبح جو پھتو.

فَذُوقُوا۟ عَذَابِى وَنُذُرِ ۝۳۹

پوءِ (چيو وين) ته منھنجو عذاب ۽ منھنجا دڙڪا چکو.

وَلَقَدْ يَسَّرْنَا ٱلْقُرْءَانَ لِلذِّكْرِ فَهَلْ مِن مُّدَّكِرٍۢ ۝٤۰

۽ بيشڪ قرآن کي نصيحت وٺڻ لاءِ آسان ڪيو اَٿون پوءِ آھي ڪو نصيحت وٺڻ وارو.

وَلَقَدْ جَآءَ ءَالَ فِرْعَوْنَ ٱلنُّذُرُ ۝٤١

۽ بيشڪ فرعون جي قوم ڏانھن ڊيڄاريندڙ آيا.

كَذَّبُوا۟ بِـَٔايَٰتِنَا كُلِّهَا فَأَخَذْنَٰهُمْ أَخْذَ عَزِيزٍۢ مُّقْتَدِرٍ ۝٤٢

ھنن اسان جي مڙني نشانين کي ڪوڙو ڄاتو تنھنڪري کين غالب پڪڙڻ واري وانگر پڪڙيوسون.

أَكُفَّارُكُمْ خَيْرٌۭ مِّنْ أُو۟لَٰٓئِكُمْ أَمْ لَكُم بَرَآءَةٌۭ فِى ٱلزُّبُرِ ۝٤۳

(اي قريشؤ) اوھان جا ڪافر انھن ٽولين کان وڌيڪ ڀلا آھن ڇا يا اوھان لاءِ اڳين ڪتابن ۾ ڪا ڇوٽڪي جي چٺي آھي ڇا؟

أَمْ يَقُولُونَ نَحْنُ جَمِيعٌۭ مُّنتَصِرٌۭ ۝٤٤

چوندا آھن ڇا ته اسين وير وٺڻ واري جماعت آھيون.

سَيُهْزَمُ ٱلْجَمْعُ وَيُوَلُّونَ ٱلدُّبُرَ ۝٤٥

انھي جماعت کي جلد شڪست ڏبي ۽ پُٺي ڦيرائيندا.

بَلِ ٱلسَّاعَةُ مَوْعِدُهُمْ وَٱلسَّاعَةُ أَدْهَىٰ وَأَمَرُّ ۝٤٦

بلڪ سندن انجام جي جاءِ قيامت آھي ۽ قيامت ڏاڍي سخت ۽ تمام ڪوڙي آھي.

إِنَّ ٱلْمُجْرِمِينَ فِى ضَلَٰلٍۢ وَسُعُرٍۢ ۝٤۷

بيشڪ ڏوھاري گمراھي ۽ چريائي ۾ آھن.

يَوْمَ يُسْحَبُونَ فِى ٱلنَّارِ عَلَىٰ وُجُوهِهِمْ ذُوقُوا۟ مَسَّ سَقَرَ ۝٤۸

(ياد ڪر) جنھن ڏينھن انھن کي سندن مُنھن ڀر (دوزخ جي) باھ ۾ گھلبو، چئبو ته ھاڻي دوزخ جو مزو چکو.

إِنَّا كُلَّ شَىْءٍ خَلَقْنَٰهُ بِقَدَرٍۢ ۝٤۹

بيشڪ اسان سڀڪنھن شيء کي ٺھرايل انداز سان بڻايو.

وَمَآ أَمْرُنَآ إِلَّا وَٰحِدَةٌۭ كَلَمْحٍۭ بِٱلْبَصَرِ ۝٥۰

۽ اسان جو ڪم رڳو اک ڇنڀ ۾ ٿيڻ جھڙو ھڪ سُخن آھي.

وَلَقَدْ أَهْلَكْنَآ أَشْيَاعَكُمْ فَهَلْ مِن مُّدَّكِرٍۢ ۝٥١

۽ بيشڪ اوھان جھڙيون (ڪيتريون ئي) ٽوليون ھلاڪ ڪيون سون پوءِ آھي ڪو نصيحت وٺڻ وارو.

وَكُلُّ شَىْءٍۢ فَعَلُوهُ فِى ٱلزُّبُرِ ۝٥٢

۽ جيڪي ڪيو اٿن سو (سڀ سندن) اعمالنامن ۾ (لکيل) آھي.

وَكُلُّ صَغِيرٍۢ وَكَبِيرٍۢ مُّسْتَطَرٌ ۝٥۳

۽ سڀڪي ننڍو وڏو لکيل آھي.

إِنَّ ٱلْمُتَّقِينَ فِى جَنَّٰتٍۢ وَنَهَرٍۢ ۝٥٤

بيشڪ پرھيزگار باغن ۽ نھرين ۾ ھوندا.

فِى مَقْعَدِ صِدْقٍ عِندَ مَلِيكٍۢ مُّقْتَدِرٍۭ ۝٥٥

اُھي سچي مجلس ۾ سگھ واري بادشاھ وٽ رھندا.