< السورة السابقة | فهرس السور | السورة التالية >

حدد حجم خط الآيات
()

بِسْمِ ٱللَّهِ ٱلرَّحْمَٰنِ ٱلرَّحِيمِ ٱلرَّحْمَٰنُ ۝١

ٻاجھاري (الله).

عَلَّمَ ٱلْقُرْءَانَ ۝٢

قرآن سيکاريو.

خَلَقَ ٱلْإِنسَٰنَ ۝۳

ماڻھو کي پيدا ڪيائين.

عَلَّمَهُ ٱلْبَيَانَ ۝٤

ان کي پڌرو ڳالھائڻ سيکاريائين.

ٱلشَّمْسُ وَٱلْقَمَرُ بِحُسْبَانٍۢ ۝٥

سج ۽ چنڊ پوري حساب تي ھلندا آھن.

وَٱلنَّجْمُ وَٱلشَّجَرُ يَسْجُدَانِ ۝٦

۽ وليون ۽ وڻ (الله کي) سجدو ڪندا آھن.

وَٱلسَّمَآءَ رَفَعَهَا وَوَضَعَ ٱلْمِيزَانَ ۝۷

۽ آسمان کي بلند ڪيائين ۽ انصاف جي ترازي رکيائين.

أَلَّا تَطْغَوْا۟ فِى ٱلْمِيزَانِ ۝۸

ھن لاءِ ته تور ۾ حد کان نه لنگھو.

وَأَقِيمُوا۟ ٱلْوَزْنَ بِٱلْقِسْطِ وَلَا تُخْسِرُوا۟ ٱلْمِيزَانَ ۝۹

۽ انصاف سان پورو توريندا رھو ۽ تور ۾ کوٽ نه ڪريو.

وَٱلْأَرْضَ وَضَعَهَا لِلْأَنَامِ ۝١۰

ماڻھن لاءِ زمين کي پکيڙيائين.

فِيهَا فَٰكِهَةٌۭ وَٱلنَّخْلُ ذَاتُ ٱلْأَكْمَامِ ۝١١

منجھس (ھر جنس) جو ميوو ۽ چپڙين واريون کجيون آھن.

وَٱلْحَبُّ ذُو ٱلْعَصْفِ وَٱلرَّيْحَانُ ۝١٢

۽ بُھ وارو اَنُّ ۽ سرھاڻيون (به اُن ۾) آھن.

فَبِأَىِّ ءَالَآءِ رَبِّكُمَا تُكَذِّبَانِ ۝١۳

پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھو) پنھنجي رب جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.

خَلَقَ ٱلْإِنسَٰنَ مِن صَلْصَٰلٍۢ كَٱلْفَخَّارِ ۝١٤

ماڻھوءَ کي ٽِڪر جھڙي وڄندڙ مٽيءَ مان پيدا ڪيائين.

وَخَلَقَ ٱلْجَآنَّ مِن مَّارِجٍۢ مِّن نَّارٍۢ ۝١٥

۽ جنّ کي باھ جي الانبي مان بڻايائين.

فَبِأَىِّ ءَالَآءِ رَبِّكُمَا تُكَذِّبَانِ ۝١٦

پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھو) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.

رَبُّ ٱلْمَشْرِقَيْنِ وَرَبُّ ٱلْمَغْرِبَيْنِ ۝١۷

جو ٻنھي اوڀرن جو پالڻھار آھي ۽ ٻنھي اولھن جو پالڻھار آھي.

فَبِأَىِّ ءَالَآءِ رَبِّكُمَا تُكَذِّبَانِ ۝١۸

پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھو) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.

مَرَجَ ٱلْبَحْرَيْنِ يَلْتَقِيَانِ ۝١۹

ٻن دريائن (کاري ۽ مٺيءَ) کي وھايائين جو پاڻ ۾ گڏجي ٿا وھن.

بَيْنَهُمَا بَرْزَخٌۭ لَّا يَبْغِيَانِ ۝٢۰

انھن ٻنھي جي وچ ۾ اوٽ آھي جو ھڪ ٻئي تي زيادتي نه ڪندا آھن.

فَبِأَىِّ ءَالَآءِ رَبِّكُمَا تُكَذِّبَانِ ۝٢١

پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھو) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.

يَخْرُجُ مِنْهُمَا ٱللُّؤْلُؤُ وَٱلْمَرْجَانُ ۝٢٢

انھن ٻنھي مان موتي ۽ مرجان نڪرندا آھن.

فَبِأَىِّ ءَالَآءِ رَبِّكُمَا تُكَذِّبَانِ ۝٢۳

پوءِ (اي جنّو ۽ ماڻھو) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.

وَلَهُ ٱلْجَوَارِ ٱلْمُنشَـَٔاتُ فِى ٱلْبَحْرِ كَٱلْأَعْلَٰمِ ۝٢٤

۽ سمنڊ ۾ ھلندڙ جھاز (سڙھ کنيل) جبلن وانگر اُچا الله جا آھن.

فَبِأَىِّ ءَالَآءِ رَبِّكُمَا تُكَذِّبَانِ ۝٢٥

پوءِ (اي جنّو ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.

كُلُّ مَنْ عَلَيْهَا فَانٍۢ ۝٢٦

جيڪو به زمين تي آھي سو سڀ ناس ٿيندو.

وَيَبْقَىٰ وَجْهُ رَبِّكَ ذُو ٱلْجَلَٰلِ وَٱلْإِكْرَامِ ۝٢۷

۽ (اي پيغمبر) تنھنجي پالڻھار جي ذات باقي رھندي جو عزت وارو ۽ نعمتن وارو آھي.

فَبِأَىِّ ءَالَآءِ رَبِّكُمَا تُكَذِّبَانِ ۝٢۸

پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.

يَسْـَٔلُهُۥ مَن فِى ٱلسَّمَٰوَٰتِ وَٱلْأَرْضِ ۚ كُلَّ يَوْمٍ هُوَ فِى شَأْنٍۢ ۝٢۹

جيڪو به آسمانن ۽ زمين ۾ آھي سو سڀڪو الله کان گھرندو آھي، سڀڪنھن ڏينھن اُھو ڪم ۾ آھي.

فَبِأَىِّ ءَالَآءِ رَبِّكُمَا تُكَذِّبَانِ ۝۳۰

پوءِ (اي جنّو ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.

سَنَفْرُغُ لَكُمْ أَيُّهَ ٱلثَّقَلَانِ ۝۳١

اي جنّو ۽ ماڻھؤ (اسين واندا ٿي) اوھان ڏانھن جلد متوجه ٿينداسون.

فَبِأَىِّ ءَالَآءِ رَبِّكُمَا تُكَذِّبَانِ ۝۳٢

پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.

يَٰمَعْشَرَ ٱلْجِنِّ وَٱلْإِنسِ إِنِ ٱسْتَطَعْتُمْ أَن تَنفُذُوا۟ مِنْ أَقْطَارِ ٱلسَّمَٰوَٰتِ وَٱلْأَرْضِ فَٱنفُذُوا۟ ۚ لَا تَنفُذُونَ إِلَّا بِسُلْطَٰنٍۢ ۝۳۳

اي جِنّن ۽ ماڻھن جي ٽولي جيڪڏھن اوھين آسمانن ۽ زمين جي پاسن کان ٻاھر نڪري سگھندا آھيو ته نڪرو، وڏي ھمت کانسواءِ ٻي طرح نڪري نه سگھندؤ.

فَبِأَىِّ ءَالَآءِ رَبِّكُمَا تُكَذِّبَانِ ۝۳٤

پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.

يُرْسَلُ عَلَيْكُمَا شُوَاظٌۭ مِّن نَّارٍۢ وَنُحَاسٌۭ فَلَا تَنتَصِرَانِ ۝۳٥

اوھان تي باھ جو اُلنبو ۽ دُونھون موڪلبو جو مقابلو ڪري نه سگھندؤ.

فَبِأَىِّ ءَالَآءِ رَبِّكُمَا تُكَذِّبَانِ ۝۳٦

پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.

فَإِذَا ٱنشَقَّتِ ٱلسَّمَآءُ فَكَانَتْ وَرْدَةًۭ كَٱلدِّهَانِ ۝۳۷

پوءِ جڏھن آسمان ڦاٽندو تڏھن اڌوڙ وانگر گلابي ٿيندو.

فَبِأَىِّ ءَالَآءِ رَبِّكُمَا تُكَذِّبَانِ ۝۳۸

پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.

فَيَوْمَئِذٍۢ لَّا يُسْـَٔلُ عَن ذَنۢبِهِۦٓ إِنسٌۭ وَلَا جَآنٌّۭ ۝۳۹

پوءِ اُن ڏينھن نڪي ماڻھو ۽ نڪي جن پنھنجي گناھ بابت پُڇبا.

فَبِأَىِّ ءَالَآءِ رَبِّكُمَا تُكَذِّبَانِ ۝٤۰

پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙن نعمتن جو انڪار ڪندؤ.

يُعْرَفُ ٱلْمُجْرِمُونَ بِسِيمَٰهُمْ فَيُؤْخَذُ بِٱلنَّوَٰصِى وَٱلْأَقْدَامِ ۝٤١

ڏوھاري پنھنجي شڪلين مان پيا سڃاتا ويندا ۽ پوءِ ڄُنڊن ۽ پيرن مان پڪڙبا.

فَبِأَىِّ ءَالَآءِ رَبِّكُمَا تُكَذِّبَانِ ۝٤٢

پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.

هَٰذِهِۦ جَهَنَّمُ ٱلَّتِى يُكَذِّبُ بِهَا ٱلْمُجْرِمُونَ ۝٤۳

(چئبو ته) ھي اُھو دوزخ آھي جنھن کي گنھگارن ڪوڙ ڀانيو ھو.

يَطُوفُونَ بَيْنَهَا وَبَيْنَ حَمِيمٍ ءَانٍۢ ۝٤٤

انھيءَ (دوزخ) ۾ ۽ تَتي ٽھڪندڙ پاڻيءَ ۾ پيا ايندا ويندا.

فَبِأَىِّ ءَالَآءِ رَبِّكُمَا تُكَذِّبَانِ ۝٤٥

پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.

وَلِمَنْ خَافَ مَقَامَ رَبِّهِۦ جَنَّتَانِ ۝٤٦

۽ جيڪو پنھنجي پالڻھار جي آڏو بيھڻ کان ڊنو تنھن لاءِ ٻه باغ آھن.

فَبِأَىِّ ءَالَآءِ رَبِّكُمَا تُكَذِّبَانِ ۝٤۷

پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.

ذَوَاتَآ أَفْنَانٍۢ ۝٤۸

ٻئي باغ گھاٽا آھن.

فَبِأَىِّ ءَالَآءِ رَبِّكُمَا تُكَذِّبَانِ ۝٤۹

پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.

فِيهِمَا عَيْنَانِ تَجْرِيَانِ ۝٥۰

انھن (ٻن باغن) ۾ ٻه چشما وھن ٿا.

فَبِأَىِّ ءَالَآءِ رَبِّكُمَا تُكَذِّبَانِ ۝٥١

پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.

فِيهِمَا مِن كُلِّ فَٰكِهَةٍۢ زَوْجَانِ ۝٥٢

انھن ٻنھي (باغن) ۾ سڀڪنھن ميوي مان ٻه ٻه جنسون آھن.

فَبِأَىِّ ءَالَآءِ رَبِّكُمَا تُكَذِّبَانِ ۝٥۳

پوءِ (اي جنّو ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.

مُتَّكِـِٔينَ عَلَىٰ فُرُشٍۭ بَطَآئِنُهَا مِنْ إِسْتَبْرَقٍۢ ۚ وَجَنَى ٱلْجَنَّتَيْنِ دَانٍۢ ۝٥٤

اھڙن وڇاڻن تي ٽيڪ ڏئي ويٺا ھوندا جنھن جو استر اِسۡتَبۡرق پٽ مان ھوندو، ۽ انھن ٻنھي باغن جو ميوو ويجھو ھوندو.

فَبِأَىِّ ءَالَآءِ رَبِّكُمَا تُكَذِّبَانِ ۝٥٥

پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.

فِيهِنَّ قَٰصِرَٰتُ ٱلطَّرْفِ لَمْ يَطْمِثْهُنَّ إِنسٌۭ قَبْلَهُمْ وَلَا جَآنٌّۭ ۝٥٦

اُنھن (باغن جي ماڙين) ۾ (شرم ڪري) ھيٺ نگاھ ڪرڻ واريون (حُورون) ھونديون جن کي اُنھن کان اڳ نڪي ڪنھن ماڻھو ۽ جنّ ڇھيو آھي.

فَبِأَىِّ ءَالَآءِ رَبِّكُمَا تُكَذِّبَانِ ۝٥۷

پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.

كَأَنَّهُنَّ ٱلْيَاقُوتُ وَٱلْمَرْجَانُ ۝٥۸

اُھي (حُورون) ڄڻڪ ياقُوت ۽ مَرجان آھن.

فَبِأَىِّ ءَالَآءِ رَبِّكُمَا تُكَذِّبَانِ ۝٥۹

پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.

هَلْ جَزَآءُ ٱلْإِحْسَٰنِ إِلَّا ٱلْإِحْسَٰنُ ۝٦۰

چڱائيءَ جو بدلو چڱائيءَ کانسواءِ ٻيو نه آھي.

فَبِأَىِّ ءَالَآءِ رَبِّكُمَا تُكَذِّبَانِ ۝٦١

پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھارجي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.

وَمِن دُونِهِمَا جَنَّتَانِ ۝٦٢

۽ اُنھن ٻن (باغن) کانسواءِ ٻيا ٻه باغ به آھن.

فَبِأَىِّ ءَالَآءِ رَبِّكُمَا تُكَذِّبَانِ ۝٦۳

پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.

مُدْهَآمَّتَانِ ۝٦٤

ٻئي ڏاڍا ساوا چھچ آھن.

فَبِأَىِّ ءَالَآءِ رَبِّكُمَا تُكَذِّبَانِ ۝٦٥

پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.

فِيهِمَا عَيْنَانِ نَضَّاخَتَانِ ۝٦٦

اُنھن ٻنھي (باغن) ۾ ڦوھاري وانگر جوش سان پاڻي نڪرڻ وارا ٻه چشما ھوندا.

فَبِأَىِّ ءَالَآءِ رَبِّكُمَا تُكَذِّبَانِ ۝٦۷

پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.

فِيهِمَا فَٰكِهَةٌۭ وَنَخْلٌۭ وَرُمَّانٌۭ ۝٦۸

انھن ٻنھي باغن ۾ (ھر جنس جو) ميوو ۽ کجيون ۽ ڏاڙھون ھوندا.

فَبِأَىِّ ءَالَآءِ رَبِّكُمَا تُكَذِّبَانِ ۝٦۹

پوءِ (ي جنّؤ ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.

فِيهِنَّ خَيْرَٰتٌ حِسَانٌۭ ۝۷۰

انھن (باغن) ۾ سڳوريون سھڻيون زالون ھونديون.

فَبِأَىِّ ءَالَآءِ رَبِّكُمَا تُكَذِّبَانِ ۝۷١

پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.

حُورٌۭ مَّقْصُورَٰتٌۭ فِى ٱلْخِيَامِ ۝۷٢

حُورون تنبن منجھ پردہ نشين ھونديون.

فَبِأَىِّ ءَالَآءِ رَبِّكُمَا تُكَذِّبَانِ ۝۷۳

پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.

لَمْ يَطْمِثْهُنَّ إِنسٌۭ قَبْلَهُمْ وَلَا جَآنٌّۭ ۝۷٤

انھن کي انھن (بھشتين) کان اڳ نڪي ماڻھو ۽ نڪي ڪنھن جنّ ڇھيو آھي.

فَبِأَىِّ ءَالَآءِ رَبِّكُمَا تُكَذِّبَانِ ۝۷٥

پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.

مُتَّكِـِٔينَ عَلَىٰ رَفْرَفٍ خُضْرٍۢ وَعَبْقَرِىٍّ حِسَانٍۢ ۝۷٦

ساون وھاڻن ۽ سھڻن پٿراڻين تي ٽيڪ ڏيئي ويٺل ھوندا.

فَبِأَىِّ ءَالَآءِ رَبِّكُمَا تُكَذِّبَانِ ۝۷۷

پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.

تَبَٰرَكَ ٱسْمُ رَبِّكَ ذِى ٱلْجَلَٰلِ وَٱلْإِكْرَامِ ۝۷۸

تنھنجي پالڻھار عزت واري جو نالو وڏي برڪت وارو آھي.