< السورة السابقة | فهرس السور | السورة التالية >



حدد حجم خط الآيات
()


بِسْمِ ٱللَّهِ ٱلرَّحْمَٰنِ ٱلرَّحِيمِ وَٱلنَّجْمِ إِذَا هَوَىٰ ۝١

ستاري جو قسم آھي جڏھن لھي.

مَا ضَلَّ صَاحِبُكُمْ وَمَا غَوَىٰ ۝٢

ته اوھان جو (ھي) سنگتي (محمّد) نڪي ڀُلو ۽ نڪي بي راھو ھليو.

وَمَا يَنطِقُ عَنِ ٱلْهَوَىٰٓ ۝۳

۽ نڪي (نفس جي) سَڌ کان ڳالھائيندو آھي.

إِنْ هُوَ إِلَّا وَحْىٌۭ يُوحَىٰ ۝٤

ھيُ قرآن رڳو وحي آھي جو موڪليو ويندو آھي.

عَلَّمَهُۥ شَدِيدُ ٱلْقُوَىٰ ۝٥

اُن کي ڏاڍي سگھ واري سيکاريو آھي.

ذُو مِرَّةٍۢ فَٱسْتَوَىٰ ۝٦

جو زور وارو آھي، پوءِ اُھو سِڌو بيٺو.

وَهُوَ بِٱلْأُفُقِ ٱلْأَعْلَىٰ ۝۷

۽ اُھو (آسمان جي) مٿاھين ڪناري تي ھو.

ثُمَّ دَنَا فَتَدَلَّىٰ ۝۸

وري ويجھو ٿيو پوءِ ھيٺ لٿو.

فَكَانَ قَابَ قَوْسَيْنِ أَوْ أَدْنَىٰ ۝۹

پوءِ ٻن ڪمانن جيتري وِٿي ھئي يا (اُن کان به) تمام ويجھو ھو.

فَأَوْحَىٰٓ إِلَىٰ عَبْدِهِۦ مَآ أَوْحَىٰ ۝١۰

پوءِ الله جي ٻانھي ڏانھن پيغام پھچايائين جيڪي پھچايائين.

مَا كَذَبَ ٱلْفُؤَادُ مَا رَأَىٰٓ ۝١١

جيڪي (پيغمبر جي) دل ڏٺو سو اُن ڪوڙ نه ڄاتو.

أَفَتُمَٰرُونَهُۥ عَلَىٰ مَا يَرَىٰ ۝١٢

جيڪي (پيغمبر) ڏسندو آھي تنھن ۾ اُن سان جھڳڙو ڇو ڪندا آھيو؟

وَلَقَدْ رَءَاهُ نَزْلَةً أُخْرَىٰ ۝١۳

۽ بيشڪ اُنھيءَ (ملائڪ) کي (انھيءَ مھل) ٻيو ڀيرو (سندس اصلي صورت ۾) ڏٺو ھوائين.

عِندَ سِدْرَةِ ٱلْمُنتَهَىٰ ۝١٤

سِدۡرَةُ الۡمُنۡتَھىٰ وٽ.

عِندَهَا جَنَّةُ ٱلْمَأْوَىٰٓ ۝١٥

اُن وٽ رھڻ جو بھشت آھي.

إِذْ يَغْشَى ٱلسِّدْرَةَ مَا يَغْشَىٰ ۝١٦

جنھن مھل سِدرة کي انھيءَ ٿي ڍڪيو جنھن ڍڪيو ٿي.

مَا زَاغَ ٱلْبَصَرُ وَمَا طَغَىٰ ۝١۷

(پيغمبر جي اک) نڪي لڙي ۽ نڪي حد کان لنگھي.

لَقَدْ رَأَىٰ مِنْ ءَايَٰتِ رَبِّهِ ٱلْكُبْرَىٰٓ ۝١۸

بيشڪ ڪي وڏيون نشانيون پنھنجي پالڻھار جون ڏٺائين.

أَفَرَءَيْتُمُ ٱللَّٰتَ وَٱلْعُزَّىٰ ۝١۹

لات ۽ عُزّىٰ کي ڏٺو اَٿوَ ڇا؟

وَمَنَوٰةَ ٱلثَّالِثَةَ ٱلْأُخْرَىٰٓ ۝٢۰

۽ پوئين ٽين منات کي به؟

أَلَكُمُ ٱلذَّكَرُ وَلَهُ ٱلْأُنثَىٰ ۝٢١

ڇا اوھان لاءِ پٽ آھن ۽ الله لاءِ ڌيئرون.

تِلْكَ إِذًۭا قِسْمَةٌۭ ضِيزَىٰٓ ۝٢٢

اِھو ورھاڱو اُنھيءَ مھل بي انصافيءَ وارو آھي.

إِنْ هِىَ إِلَّآ أَسْمَآءٌۭ سَمَّيْتُمُوهَآ أَنتُمْ وَءَابَآؤُكُم مَّآ أَنزَلَ ٱللَّهُ بِهَا مِن سُلْطَٰنٍ ۚ إِن يَتَّبِعُونَ إِلَّا ٱلظَّنَّ وَمَا تَهْوَى ٱلْأَنفُسُ ۖ وَلَقَدْ جَآءَهُم مِّن رَّبِّهِمُ ٱلْهُدَىٰٓ ۝٢۳

اھي (سڀ) رڳا نالا آھن جي اوھان پاڻ ۽ اوھان جي پِين ڏاڏن مُقرّر ڪيا آھن الله اُن (جي ثابتيءَ) جو ڪو دليل نازل نه ڪيو آھي، (ھيُ) رڳو گمان تي ھلندا آھن ۽ جيڪي (سندن) جيءَ سَڌ ڪندا آھن (تنھن تي به)، ۽ بيشڪ سندن پالڻھار کان وٽن ھدايت آئي آھي.

أَمْ لِلْإِنسَٰنِ مَا تَمَنَّىٰ ۝٢٤

ماڻھو جيڪا سڌ ڪندو آھي سا کيس ملندي ڇا؟

فَلِلَّهِ ٱلْءَاخِرَةُ وَٱلْأُولَىٰ ۝٢٥

پوءِ ھو جَڳ ۽ ھيُ جَڳ الله جو آھي.

۞ وَكَم مِّن مَّلَكٍۢ فِى ٱلسَّمَٰوَٰتِ لَا تُغْنِى شَفَٰعَتُهُمْ شَيْـًٔا إِلَّا مِنۢ بَعْدِ أَن يَأْذَنَ ٱللَّهُ لِمَن يَشَآءُ وَيَرْضَىٰٓ ۝٢٦

۽ آسمانن ۾ ڪيترائي ملائڪ آھن جن جي پارت ذري جيترو به نفعو نه ڪندي پر الله جي موڪل ڏيڻ کانپوءِ جنھن لاءِ گھري ۽ راضي ٿئي.

إِنَّ ٱلَّذِينَ لَا يُؤْمِنُونَ بِٱلْءَاخِرَةِ لَيُسَمُّونَ ٱلْمَلَٰٓئِكَةَ تَسْمِيَةَ ٱلْأُنثَىٰ ۝٢۷

بيشڪ جيڪي آخرت کي نه مڃيندا آھن سي ملائڪن تي ڌيئرن جا نالا رکندا آھن.

وَمَا لَهُم بِهِۦ مِنْ عِلْمٍ ۖ إِن يَتَّبِعُونَ إِلَّا ٱلظَّنَّ ۖ وَإِنَّ ٱلظَّنَّ لَا يُغْنِى مِنَ ٱلْحَقِّ شَيْـًۭٔا ۝٢۸

۽ کين ان (ڳالھ) جي ڪا خبر نه آھي، رُڳو گمان تي ھلندا آھن، ۽ بيشڪ گمان حقيقت جي سڃاڻڻ ۾ ڪجھ به نفعو نه ڏيندو آھي.

فَأَعْرِضْ عَن مَّن تَوَلَّىٰ عَن ذِكْرِنَا وَلَمْ يُرِدْ إِلَّا ٱلْحَيَوٰةَ ٱلدُّنْيَا ۝٢۹

پوءِ (اي پيغمبر) انھيءَ کان منھن موڙ جنھن اسان جي ياد ڪرڻ کان مُنھن ڦيرايو ۽ دنيا جي حياتيءَ کانسواءِ (ٻيو) ڪي نه گھريائين.

ذَٰلِكَ مَبْلَغُهُم مِّنَ ٱلْعِلْمِ ۚ إِنَّ رَبَّكَ هُوَ أَعْلَمُ بِمَن ضَلَّ عَن سَبِيلِهِۦ وَهُوَ أَعْلَمُ بِمَنِ ٱهْتَدَىٰ ۝۳۰

اھا سندن علم جي پڄاڻي آھي، بيشڪ تنھنجو پالڻھار اُنھيءَ کي چڱيءَ طرح ڄاڻندڙ آھي جيڪو سندس واٽ کان ڀُلو ۽ جيڪو سڌي رستي ھليو تنھنکي (به) اُھو چڱي طرح ڄاڻندڙ آھي.

وَلِلَّهِ مَا فِى ٱلسَّمَٰوَٰتِ وَمَا فِى ٱلْأَرْضِ لِيَجْزِىَ ٱلَّذِينَ أَسَٰٓـُٔوا۟ بِمَا عَمِلُوا۟ وَيَجْزِىَ ٱلَّذِينَ أَحْسَنُوا۟ بِٱلْحُسْنَى ۝۳١

۽ جيڪي آسمانن ۾ آھي ۽ جيڪي زمين ۾ آھي سو الله جو آھي ته جن بڇڙا ڪم ڪيا تن کي انھن ڪمن جي ڪري نيٺ سزا ڏئي ۽ جن چڱايون ڪيون تن کي ڀلائيءَ جو بدلو ڏئي.

ٱلَّذِينَ يَجْتَنِبُونَ كَبَٰٓئِرَ ٱلْإِثْمِ وَٱلْفَوَٰحِشَ إِلَّا ٱللَّمَمَ ۚ إِنَّ رَبَّكَ وَٰسِعُ ٱلْمَغْفِرَةِ ۚ هُوَ أَعْلَمُ بِكُمْ إِذْ أَنشَأَكُم مِّنَ ٱلْأَرْضِ وَإِذْ أَنتُمْ أَجِنَّةٌۭ فِى بُطُونِ أُمَّهَٰتِكُمْ ۖ فَلَا تُزَكُّوٓا۟ أَنفُسَكُمْ ۖ هُوَ أَعْلَمُ بِمَنِ ٱتَّقَىٰٓ ۝۳٢

جيڪي ننڍن گناھن کانسواءِ وڏن گناھن ۽ بي حيائيءَ کان پاڻ کي بچائيندا آھن، بيشڪ تنھنجو پالڻھار (اُنھن لاءِ) وڏي بخشش وارو آھي، اُھو اوھان کي وڌيڪ ڄاڻندڙ آھي جڏھن اوھان کي زمين مان پيدا ڪيائين ۽ جڏھن اوھين پنھنجي مائن جي پيٽن ۾ ٻار ھئؤ، تنھنڪري اوھين پاڻ کي نه ساراھيو، الله انھيءَ کي چڱي طرح ڄاڻندڙ آھي جيڪو پرھيزگار ٿيو.

أَفَرَءَيْتَ ٱلَّذِى تَوَلَّىٰ ۝۳۳

(اي پيغمبر) ڇا پوءِ ڏٺو اٿئي انھي کي جيڪو ڦريو.

وَأَعْطَىٰ قَلِيلًۭا وَأَكْدَىٰٓ ۝۳٤

۽ ٿورو (مال) ڏنائين ۽ سخت دل ٿيو.

أَعِندَهُۥ عِلْمُ ٱلْغَيْبِ فَهُوَ يَرَىٰٓ ۝۳٥

وٽس ڳجھ جي خبر آھي ڇا جو ڄڻڪ اُھو (سڀ ڪجھ) اکين سان ڏسندو آھي.

أَمْ لَمْ يُنَبَّأْ بِمَا فِى صُحُفِ مُوسَىٰ ۝۳٦

اُنھيءَ جي خبر کيس نه ڏني وئي ڇا جيڪي موسىٰ جي صحيفن ۾ (لکيل) آھي.

وَإِبْرَٰهِيمَ ٱلَّذِى وَفَّىٰٓ ۝۳۷

۽ (جيڪي) ابراھيم (جي صحيفن ۾ آھي) جنھن (الله جي حَقن کي) پورو ڪيو.

أَلَّا تَزِرُ وَازِرَةٌۭ وِزْرَ أُخْرَىٰ ۝۳۸

(ھيُ حُڪم) ته ڪو بار کڻندڙ ڪنھن ٻئي (جي گناھ) جو بار نه کڻندو.

وَأَن لَّيْسَ لِلْإِنسَٰنِ إِلَّا مَا سَعَىٰ ۝۳۹

۽ ته ماڻھوءَ کي رڳو اُھائي (ڪمائي) ملندي جيڪا ڪيائين.

وَأَنَّ سَعْيَهُۥ سَوْفَ يُرَىٰ ۝٤۰

۽ ته سندس ڪمائي جلد ڏٺي ويندي.

ثُمَّ يُجْزَىٰهُ ٱلْجَزَآءَ ٱلْأَوْفَىٰ ۝٤١

وري کيس تمام پورو بدلو (انھي ڪمائي موجب) ڏنو ويندو.

وَأَنَّ إِلَىٰ رَبِّكَ ٱلْمُنتَهَىٰ ۝٤٢

۽ ته تنھنجي پالڻھار ڏانھن موٽڻ آھي.

وَأَنَّهُۥ هُوَ أَضْحَكَ وَأَبْكَىٰ ۝٤۳

۽ ته اُن کلايو ۽ رئاريو.

وَأَنَّهُۥ هُوَ أَمَاتَ وَأَحْيَا ۝٤٤

۽ ته اُن ماريو ۽ جياريو.

وَأَنَّهُۥ خَلَقَ ٱلزَّوْجَيْنِ ٱلذَّكَرَ وَٱلْأُنثَىٰ ۝٤٥

۽ ته اُن (الله) نر ۽ مادي جوڙو جوڙو بڻايو.

مِن نُّطْفَةٍ إِذَا تُمْنَىٰ ۝٤٦

منيءَ جي ھڪ ڦڙي مان جڏھن (ڳڀيرڻ ۾) ھاريو وڃي.

وَأَنَّ عَلَيْهِ ٱلنَّشْأَةَ ٱلْأُخْرَىٰ ۝٤۷

۽ ته اُن تي اُھو ٻيو (ڀيرو) پيدا ڪرڻ لازم آھي.

وَأَنَّهُۥ هُوَ أَغْنَىٰ وَأَقْنَىٰ ۝٤۸

۽ ته اُن آسودو ڪيو ۽ موڙي ڏنائين.

وَأَنَّهُۥ هُوَ رَبُّ ٱلشِّعْرَىٰ ۝٤۹

۽ ته اُھو ئي شِعۡرىٰ تاري جو پالڻھار آھي.

وَأَنَّهُۥٓ أَهْلَكَ عَادًا ٱلْأُولَىٰ ۝٥۰

۽ ته اُن پھرين عاد کي ناس ڪيو.

وَثَمُودَا۟ فَمَآ أَبْقَىٰ ۝٥١

۽ ثمود کي (به) پوءِ انھن مان (ڪنھين کي) باقي نه ڇڏيائين.

وَقَوْمَ نُوحٍۢ مِّن قَبْلُ ۖ إِنَّهُمْ كَانُوا۟ هُمْ أَظْلَمَ وَأَطْغَىٰ ۝٥٢

۽ اُن کان اڳ نُوح جي قوم کي به ھلاڪ ڪيائين، ڇوته اُھي ڏاڍا ظالم ۽ تمام حد کان لنگھيل ھوا.

وَٱلْمُؤْتَفِكَةَ أَهْوَىٰ ۝٥۳

۽ (شھر) اونڌي ڪيل کي ھيٺ اُڇليائين.

فَغَشَّىٰهَا مَا غَشَّىٰ ۝٥٤

پوءِ اُن کي ڍڪيو جنھن ڍڪيو.

فَبِأَىِّ ءَالَآءِ رَبِّكَ تَتَمَارَىٰ ۝٥٥

پوءِ اي ماڻھو پنھنجي پالڻھار جي نعمتن مان ڪھڙيءَ ۾ شڪ ٿو ڪرين.

هَٰذَا نَذِيرٌۭ مِّنَ ٱلنُّذُرِ ٱلْأُولَىٰٓ ۝٥٦

ھي (پيغمبر) اڳين ڊيڄاريندڙن (جي جنس) مان (ھڪ) ڊيڄاريندڙ آھي.

أَزِفَتِ ٱلْءَازِفَةُ ۝٥۷

ويجھي اچڻ واري (قيامت) ويجھي آھي.

لَيْسَ لَهَا مِن دُونِ ٱللَّهِ كَاشِفَةٌ ۝٥۸

اُن کي الله کانسواءِ ڪو ظاھر ڪرڻ وارو ڪونھي.

أَفَمِنْ هَٰذَا ٱلْحَدِيثِ تَعْجَبُونَ ۝٥۹

ھن ڳالھ کان تعجب ڪندا آھيو ڇا؟

وَتَضْحَكُونَ وَلَا تَبْكُونَ ۝٦۰

۽ کلندا آھيو ۽ نه رئندا آھيو.

وَأَنتُمْ سَٰمِدُونَ ۝٦١

۽ اوھين راند ڪندڙ آھيو.

فَٱسْجُدُوا۟ لِلَّهِ وَٱعْبُدُوا۟ ۩ ۝٦٢

پوءِ الله کي سجدو ڪريو ۽ عبادت ڪريو.