< السورة السابقة | فهرس السور | السورة التالية >



حدد حجم خط الآيات
()


بِسْمِ ٱللَّهِ ٱلرَّحْمَٰنِ ٱلرَّحِيمِ وَٱلَّيْلِ إِذَا يَغْشَىٰ ۝١

رات جو قسم آھي جڏھن ڍَڪي ٿي.

وَٱلنَّهَارِ إِذَا تَجَلَّىٰ ۝٢

۽ ڏينھن جو (قسم آھي) جڏھن روشن ٿئي ٿو.

وَمَا خَلَقَ ٱلذَّكَرَ وَٱلْأُنثَىٰٓ ۝۳

۽ اُن جو (قسم آھي) جنھن نر ۽ مادي خلقي.

إِنَّ سَعْيَكُمْ لَشَتَّىٰ ۝٤

ته بيشڪ اوھان جي ڪوشش قسمين قسمين آھي.

فَأَمَّا مَنْ أَعْطَىٰ وَٱتَّقَىٰ ۝٥

پوءِ جنھن (الله لڳ) ڏنو ۽ پرھيزگاري ڪئي.

وَصَدَّقَ بِٱلْحُسْنَىٰ ۝٦

۽ چڱائي کي سچ ڄاتائين.

فَسَنُيَسِّرُهُۥ لِلْيُسْرَىٰ ۝۷

تنھنکي (نجات جو) آسان رستو سھنجو ڪري ڏينداسين.

وَأَمَّا مَنۢ بَخِلَ وَٱسْتَغْنَىٰ ۝۸

۽ جنھن بخل ڪيو ۽ (پاڻ کي) بي پرواھ ڄاتائين.

وَكَذَّبَ بِٱلْحُسْنَىٰ ۝۹

۽ چڱائي کي ڪوڙ ڀانيائين.

فَسَنُيَسِّرُهُۥ لِلْعُسْرَىٰ ۝١۰

تنھن کي اوکائيءَ (۾ پوڻ) لاءِ (رستو) آسان ڪري ڏينداسين.

وَمَا يُغْنِى عَنْهُ مَالُهُۥٓ إِذَا تَرَدَّىٰٓ ۝١١

۽ جڏھن اونڌو ڪرندو ته سندس مال کانئس (ڪجھ) نه ٽاريندو.

إِنَّ عَلَيْنَا لَلْهُدَىٰ ۝١٢

بيشڪ سڌو رستو ڏيکارڻ اسان تي (لازم) آھي.

وَإِنَّ لَنَا لَلْءَاخِرَةَ وَٱلْأُولَىٰ ۝١۳

۽ بيشڪ آخرت ۽ دُنيا (ٻئي) اسان جي وس ۾ آھن.

فَأَنذَرْتُكُمْ نَارًۭا تَلَظَّىٰ ۝١٤

پوءِ اوھان کي باھ کان ڊيڄاريم جا ڄڀي ڪري ٿي.

لَا يَصْلَىٰهَآ إِلَّا ٱلْأَشْقَى ۝١٥

(اھڙي) وڏي نڀاڳي کانسواءِ (ٻيو) ڪو اُن ۾ ڪونه گھڙندو.

ٱلَّذِى كَذَّبَ وَتَوَلَّىٰ ۝١٦

جنھن (اسلام کي) ڪوڙ ڄاتو ۽ پٺيرو ٿيو.

وَسَيُجَنَّبُهَا ٱلْأَتْقَى ۝١۷

۽ اُن (باھ) کان انھي وڏي پرھيزگار کي پاسي ڪبو.

ٱلَّذِى يُؤْتِى مَالَهُۥ يَتَزَكَّىٰ ۝١۸

جيڪو پنھنجو مال (الله جي واٽ ۾) ڏئي ٿو ته پاڪ ٿئي.

وَمَا لِأَحَدٍ عِندَهُۥ مِن نِّعْمَةٍۢ تُجْزَىٰٓ ۝١۹

۽ مٿس اھڙي ڪنھن جو ڪو احسان ٿيل نه آھي جو بدلو ڏجي.

إِلَّا ٱبْتِغَآءَ وَجْهِ رَبِّهِ ٱلْأَعْلَىٰ ۝٢۰

پر پنھنجي تمام مٿاھين پالڻھار جي رضامندي طلبڻ لاءِ (ڏئي ٿو).

وَلَسَوْفَ يَرْضَىٰ ۝٢١

۽ ضرور جلد خوش ٿيندو.