| فهرس السور | السورة التالية >



حدد حجم خط الآيات
()


بِسْمِ ٱللَّهِ ٱلرَّحْمَٰنِ ٱلرَّحِيمِ ۝١

الله ٻاجھاري مھربان جي نالي سان (شروع)

ٱلْحَمْدُ لِلَّهِ رَبِّ ٱلْعَٰلَمِينَ ۝٢

سڀ ساراھ (خاص) جھانن جي پالڻھار الله کي جڳائي.

ٱلرَّحْمَٰنِ ٱلرَّحِيمِ ۝۳

(جو) ٻاجھارو مھربان.

مَٰلِكِ يَوْمِ ٱلدِّينِ ۝٤

قيامت جي ڏينھن جو مالڪ (آھي).

إِيَّاكَ نَعْبُدُ وَإِيَّاكَ نَسْتَعِينُ ۝٥

تنھنجي ئي عبادت ڪيون ٿا ۽ تو کان ئي مدد گھرون ٿا.

ٱهْدِنَا ٱلصِّرَٰطَ ٱلْمُسْتَقِيمَ ۝٦

اسان کي سڌي واٽ ڏيکار.

صِرَٰطَ ٱلَّذِينَ أَنْعَمْتَ عَلَيْهِمْ غَيْرِ ٱلْمَغْضُوبِ عَلَيْهِمْ وَلَا ٱلضَّآلِّينَ ۝۷

جا انھن جي واٽ آھي جن تي فضل ڪيو اٿئي، نه انھن جي (واٽ) جن تي (تنھنجو) ڏمر ٿيل آھي ۽ نه گمراھن جي (واٽ).