3339 - ۽ (اي پيغمبر) توکي الله جي آيتن (جي پھچائڻ) کان اُن پڃاڻا جو تو ڏانھن موڪليون ويون (ڪافر) نه جھلين ۽ پنھنجي پالڻھار ڏانھن (ماڻھن) کي سڏ، ۽ مشرڪن مان ڪڏھن نه ٿيءُ.
246 - پوءِ جيڪڏھن دشمنن کان ڊڄو ته پيادا ٿي يا سوار ٿي (اشارن سان نماز پڙھو)، پوءِ جڏھن بي ڀَوَا ٿيو تڏھن جئن اوھان کي (نماز جا ارڪان) جي نه ڄاڻندا ھيؤ سيکاريائين تئن (سڀني رڪنن جي بجا آوريءَ سان) الله کي ياد ڪريو.
242 - ۽ زالن جي سڱ ڇڪائڻ بابت (عدت ۾) جيڪي آڇ ڪريو يا دلين ۾ لڪايو تنھن ۾ اوھان تي گناھ نه آھي، الله ڄاتو آھي اوھين اُنھن (زالن) کي سگھو ئي ياد ڪندؤ پر رواجيءَ طرح چئي چوڻ کانسواءِ کين ڳجھو انجام نه ڏيو، ۽ نڪي ايستائين نڪاح جي پڪي نيت ڪريو جيستائين عدت پنھنجيءَ مدت کي پھچي، ۽ ڄاڻو ته جيڪي اوھان جي دلين ۾ آھي سو الله ڄاڻندو آھي تنھنڪري کانئس ڊڄو، ۽ ڄاڻو ته الله بخشڻھار بُردبار آھي.
1510 - ۽ اسان جي روبرو ۽ اسان جي حُڪم سان ٻيڙي جوڙ ۽ ظالمن بابت مون کي نه چئج، ڇوته اُھي ٻوڙيا ويندا.
243 - جيڪڏھن زالن کي (اُنھيءَ وقت) طلاق ڏيو جڏھن اڃا کين ھٿ نه لاتو اَٿوَ يا اُنھن لاءِ ڪابين مُقرر نه ڪيو اَٿوَ ته اوھان تي گناھ ڪونھي، ۽ کين نفعي وٺڻ لاءِ ھليءَ چليءَ وانگر جورو ڏيو، آسودي تي پنھنجي وس آھر ۽ سڃي تي پنھنجي وس آھر آھي، (اِھو ڪم) ڀلارن تي لازم آھي.
3340 - ۽ الله سان گڏ ٻئي ڪنھن کي معبود (سمجھي) نه سڏ، اُن کانسواءِ ڪو عبادت جو لائق نه آھي، سندس ذات کانسواءِ سڀڪا شيء ناس ٿيڻ واري آھي، سڀڪو حُڪم اُن جو ئي آھي ۽ ڏانھس موٽايا ويندؤ.
33 - الله مڇر ۽ اُن کان وڌيڪ جي مثال ڏيڻ کان حياء ئي نه ڪندوآھي، پوءِ جن ايمان آندو آھي سي (پڪ) ڄاڻندا آھن ته اُھو سندن پالڻھار وٽان (آيل) سچ آھي، ۽ جن انڪار ڪيو سي چوندا آھن ته ھن مثال ڏيڻ ۾ الله جو ڇا مطلب آھي؟ (الله) ان مثال (ڏيڻ) سببان گھڻن کي ڀلائيندو آھي ۽ ان سببان گھڻن کي سڌو رستو ڏيکاريندو آھي، اُن سان اھڙن بي دينن کانسواءِ (ٻي ڪنھين کي) نه ڀلائيندو آھي.
34 - جيڪي الله جو انجام ان جي پڪي ڪرڻ کانپوءِ ڀڃندا آھن، ۽ الله جن ڪمن جي ڳنڍڻ جو حڪم ڪيو آھي تن کي ڇنندا آھن ۽ مُلڪ ۾ فساد وجھندا آھن، اُھي ئي ڇيئي وارا آھن.
35 - اوھين ھن ھوندي به الله کي ڪھڙي طرح نه ٿا مڃيو؟ جو بي ساھا ھُيؤ پوءِ اوھان کي جيئرو ڪيائين، وري اوھان کي ماريندو، وري اوھان کي جياريندو ۽ وري ڏانھس موٽايا ويندؤ.
36 - اُھو (الله) آھي جنھن توھان (جي فائدي) لاءِ جيڪي مڙيئي (شيون) زمين ۾ آھن سي پيدا ڪيون، وري آسمان ڏانھن متوجه ٿيو پوءِ اُنھن کي ست آسمان ڪري برابر بيھاريائين، ۽ اُھو (الله) سڀڪنھن شيءِ کي ڄاڻندڙ آھي.
78 - (موسىٰ) چيو ته الله چوي ٿو ته اُھا اھڙي ڳـئون آھي (جو) نڪي وھو آھي جو ھر کيڙي ۽ نڪي پوک پياري، اڻ وڍ آھي منجھس ڪو دٻڪ ڪونھي، چيائون ته ھاڻي تو پورو پار آندو، پوءِ اُن کي ڪُٺائون ۽ (انھي ڪم) ڪرڻ تي نه ھوا.
79 - ۽ جڏھن ھڪ شخص کي ڪُٺوَ تڏھن ان (جي ماريندڙ) بابت تڪرار ڪيوَ، ۽ جيڪي لڪائيندا آھيو سو الله پڌرو ڪندڙ آھي.
80 - پوءِ چيوسين ته سندس (گوشت جو) ڪُجھ ڀاڱو اُن (مئل) کي ھڻو، اھڙي طرح الله مئلن کي جياريندو آھي ۽ اوھان کي پنھنجيون نشانيون ڏيکاريندو آھي ته مانَ اوھين سمجھو.
81 - وري ان کانپوءِ اوھان جون دليون ڏاڍيون ٿيون پوءِ پھڻ وانگر بلڪ ڏاڍيون سخت آھن، ۽ پھڻن مان ڪي اھڙا (به) آھن جو منجھائن واھيون ڦاٽي نڪرنديون آھن، ۽ منجھائن ڪو ڦاٽندو آھي پوءِ منجھانئس پاڻي نڪرندو آھي، ۽ منجھائس ڪو الله جي ڀؤ کان ڪرندو آھي، ۽ جيڪي ڪندا آھيو تنھن کان الله بيخبر نه آھي.
82 - (اي مسلمانؤ! اوھين يھودين ۾) پاڻ لاءِ فرمانبردار ھجڻ جو ھِن ھوندي به اڃان آسرو رکو ٿا ڇا؟ جو بيشڪ منجھائن ھڪ ٽولي اِھڙي آھي جو الله جو ڪلام ٻڌندا آھن وري ان جي سمجھڻ کان پوءِ اُھي ڄاڻ ھوندي ان کي مٽائيندا آھن.
83 - ۽ جڏھن مؤمنن کي ملندا آھن تڏھن چوندا آھن ته مڃيوسين، ۽ جڏھن ھڪ ٻئي کي ھيڪلو ملندا آھن (تڏھن پاڻ ۾) چوندا آھن ته جيڪي الله اوھان تي کوليو آھي تنھن جي ڳالھ ساڻن ڇو ڪندا آھيو ته اِن سببان اوھان جي پالڻھار وٽ اوھان تي حجت وٺندا رھن، اوھين ڇونه سمجھندا آھيو؟
84 - نه ڄاڻندا آھن ڇا ته جيڪي لڪائيندا آھن ۽ جيڪي پڌرو ڪندا آھن سو الله ڄاڻندو آھي.
85 - ۽ منجھائن ڪي اڻ پڙھيا آھن جي ڪوڙن خيالن کانسواءِ ڪتاب کي نه ڄاڻندا آھن ۽ اُھي رڳو اٽڪل ھلندا آھن.
245 - سڀني نمازن تي ۽ (خصوصاً) وچين نماز تي نگھباني ڪريو، ۽ الله لاءِ فرمانبردار ٿي بيھو.
87 - ۽ چون ٿا ته باھ ڳڻيلن ڏينھن کان سواءِ اسان کي ڪڏھن نه ڇھندي. اي (پيغمبرکين) چئو ته الله وٽان اھڙو انجام ورتو اٿوَ ڇا؟ ته الله پنھنجي انجام کي ڪڏھن نه ڦيريندو يا الله تي اڻ ڄاتو (ڪوڙ) ڳالھائيندا آھيو.
89 - ۽ جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا سي بھشتي آھن، اُھي منجھس سدائين رھڻ وارا آھن.
90 - ۽ جڏھن بني اسرائيلن کان انجام ورتوسين ته الله کانسواءِ ٻئي ڪنھن جي عبادت نه ڪريو، ۽ ماءُ پيءُ ۽ مِٽن ۽ ڇورن (ٻارن) ۽ مسڪينن سان چڱائي ڪريو ۽ ماڻھن سان مِٺو ڳالھايو ۽ نماز پڙھو ۽ زڪوٰة ڏيو، وري اوھان منجھان ٿورن کانسواءِ (سڀ) ڦِري ويؤ ۽ اوھين منھن موڙيندا ھيؤ.
91 - ۽ جڏھن اوھان کان انجام ورتوسون ته پنھنجا خون نه ڪندؤ ۽ نڪي پنھنجي قوم کي پنھنجن ديسن مان لڏائيندؤ پوءِ باسيوَ ۽ (ان جا) اوھين گواھ آھيو.
92 - (تنھن کان) پوءِ اوھين اھڙا ٿيا آھيو جو پنھنجي قوم کي ڪُھو ٿا ۽ پنھنجي قوم مان ھڪ ٽوليءَ تي ايذاء ۽ ڏاڍ ڪرڻ لاءِ (پاڻ ۾) ھڪ ٻئي کي مدد ڏئي کين سندن ديس مان لڏايو ٿا، ۽ جيڪڏھن (ڪي) باندي ٿي اوھان وٽ ايندا آھن ته چَٽي ڀري کين ڇڏائيندا آھيو ھن ھوندي جو اُھو سندن لوڌڻ اوھان تي حرام ٿيل آھي، پوءِ ڇاکون ڪي (حڪم) ڪتاب (توريت) جا مڃيندا آھيو ۽ ڪي نه مڃيندا آھيو؟ پوءِ اوھان مان جيڪو اھڙو ڪم ڪري تنھن جي سزا دنيا جي حياتيءَ ۾ خواريءَ کانسواءِ ڪانه آھي، ۽ قيامت جي ڏينھن سخت عذاب ڏانھن ورايا ويندا، ۽ جيڪي ڪندا آھيو تنھن کان الله بي خبر نه آھي.
93 - اِھي اُھي آھن جن آخرت جي بدران دنيا جي حياتي ڳڌي، پوءِ کانئن عذاب ھلڪو نه ڪيو ويندو ۽ نڪي کين مدد ڏبي.
94 - ۽ بيشڪ مُوسىٰ کي ڪتاب (توريت) ڏنوسون ۽ اُن کان پوءِ (ٻيا) پيغمبر ھڪ ٻئي پٺيان موڪلياسون، ۽ عيسىٰ پٽ مريم کي پڌرا مُعجزا ڏناسون ۽ کين پاڪ روح سان مدد ڏني سون، پوءِ جڏھن به ڪنھن پيغمبر اوھان وٽ اُھي حُڪم آندا ٿي جن کي اوھان جي دلين نٿي گھريو تڏھن اوھان (ان جي مڃڻ کان) وڏائي ڪئي، پوءِ (پيغمبرن جي) ھڪ ٽولي کي ڪُوڙو ڄاتوَ، ۽ ٻئي کي ڪُٺَوَ.
95 - ۽ چون ٿا ته اسان جون دليون ڍڪيل آھن، (نه) بلڪ الله سندن ڪفر سببان مٿن لعنت ڪئي آھي پوءِ ٿورا ايمان آڻيندا.
96 - ۽ جڏھن الله وٽان ڪتاب (قرآن) انھي (توريت) جو سچو ڪندڙ آين جيڪو وٽن آھي ۽ (ھن کان) اڳ ڪافرن تي سوڀ جون (دعائون) گھرندا ھئا، پوءِ جڏھن وٽن آيو جنھن کي سڃاتائون تڏھن ان جو انڪار ڪيائون، پوءِ ڪافرن تي الله جي لعنت آھي.
97 - اُھو بڇڙو (سودو) آھي جنھن ۾ پاڻ ڏئي جيڪي الله (ﷴ ﷺ تي) لاٿو آھي تنھن جو نه مڃڻ ھن (ڳالھ) جي ساڙ ڪري ڳڌائون ته الله پنھنجي ٻانھن مان جنھن تي گھرندو آھي تنھن تي پنھنجي ٻاجھ سان ڪتاب لاھيندو آھي، پوءِ (الله جي) ڏمر تي ڏمر ھيٺ وريا، ۽ ڪافرن لاءِ خواري ڏيندڙ عذاب آھي.
98 - ۽ جڏھن کين چئبو آھي ته جيڪو (قرآن) الله لاٿو تنھن کي مڃيو تڏھن چون ٿا ته جيڪو (توريت) اسان تي لٿل آھي تنھن کي مڃيندا آھيون ۽ جيڪي ان کانسواءِ آھي تنھن کي نه مڃيندا آھن، ۽ (حقيقت ڪري) اھو (قرآن) سچو آھي جيڪو (توريت) وٽن آھي تنھنجو سچو ڪندڙ (به) آھي، (اي پيغمبر) چؤ ته جيڪڏھن (توريت جا) مڃيندڙ آھيو ته الله جي پيغمبرن کي ڇو ڪُٺوَ.
104 - (اي پيغمبرکين) چئو ته جيڪو جبرائيل جو ويري ٿيندو (سو الله جو ويري آھي) ڇوته جبرائيل قرآن کي الله جي حڪم سان تنھنجي دل تي لاٿو آھي جيڪي کانئس اڳي آھي تنھن کي سچو ڪندڙ آھي ۽ مؤمنن لاءِ ھدايت ۽ خوشخبري آھي.
105 - جيڪو الله ۽ سندس ملائڪن ۽ سندس پيغمبرن ۽ جبرائيل ۽ ميڪائيل جو ويري بڻبو ته بيشڪ الله (به اھڙن) ڪافرن جو ويري آھي.
106 - ۽ (اي پيغمبر) بي شڪ تو ڏانھن صاف آيتون موڪليون سون، ۽ بي دينن کانسواءِ ڪوبه اُن جو منڪر نه ٿيندو.
107 - جڏھن به ڪو انجام ٻڌائون ٿي ته ان کي ڇو منجھائن ھڪ ٽوليءَ ڀڳو ٿي، بلڪ منجھائن گھڻا ايمان نه آڻيندا آھن.
108 - ۽ جڏھن پيغمبر (مُحمّدﷺ) انھي (يعني توريت) جو سچو ڪندڙ جيڪو وٽن آھي الله وٽان آين (تڏھن) جن کي ڪتاب (توريت) ڏنو ويو تن مان ھڪ ٽوليءَ الله جي ڪتاب کي پنھنجن پُٺين پويان اُڇليو ڄڻڪ اُھي ڄاڻندا ئي نه آھن.
109 - ۽ اُھي (يھودي توريت جي پيروي ڇڏي) اھڙن (باطل علمن) جي پٺيان لڳا جيڪي سليمان جي واري ۾ شيطان پڙھندا ھوا، ۽ سليمان (جادو ڪرڻ جو) ڪفر نه ڪيو پر شيطانن ڪفر ڪيو جو ماڻھن کي جادو سيکاريندا ھوا، ۽ پڻ (جادوءَ کي اسماء الٰهيه ساڻ بيجا استعمال ڪرڻ جي پٺيان پيا) جيڪي (اسماء الٰهيه جا اسرار) ٻن ملائڪن ھاروت ۽ ماروت تي بابل (شھر) ۾ نازل ٿيا ھئا، ۽ اُھي ٻئي (انھن سڳورن علمن مان) ڪجھ به ايسين ڪنھن ھڪڙي کي نه سيکاريندا ھوا جيسين (ھي) چوندا ھئا ته اسين رڳو پرکه آھيون تنھنڪري (انکي بيجا ڪم ۾ آڻي) ڪافر نه بڻج (جو ناجائز ڪمن لاءِ اسماءِ الٰهي ڪم آڻڻ ڪفر آھي) پوءِ کانئن اُھو سکندا هُئا جنھن سان مڙس ۽ سندس زال جي وچ ۾ ڦيٽو وجھندا هُئا، ۽ اُھي اُن سان ڪنھين ھڪڙي کي الله جي حڪم ڌاران ڏکوئيندڙ نه هُئا، جيڪا کين ڏکوئيندي ۽ فائدو نه ڏيندي سا سکندا هُئا، ۽ بيشڪ ڄاتائون ٿي ته جنھن اُھا ڳڌي تنھن کي آخرت ۾ ڪو نصيب نه آھي، ۽ جنھن سان پاڻ کي وڪيائون سا ضرور بڇڙي آھي، جيڪر ڄاڻن ھا (ته پاڻ پلين ھا).
120 - ۽ يھودي چون ٿا ته نصارىٰ ڪنھن دين تي نه آھن، ۽ نصارىٰ چون ٿا ته يھودي ڪنھن دين تي نه آھن ۽ (حقيقت ڪري) اُھي ڪتاب (توريت ۽ انجيل) پڙھندا آھن، اھڙي طرح جيڪي نه ڄاڻندا آھن سي (به) سندن چوڻ جھڙو چوندا آھن. پر الله قيامت جي ڏينھن سندن وچ ۾ جنھن (ڳالھ) بابت جھڳڙو ڪندا آھن تنھن جو نبيرو ڪندو.
121 - ۽ ڪير اُن کان وڌيڪ ظالم آھي جنھن الله جي مسجدين کي منجھس سندس نالي جي ياد ڪرڻ کان جھليو ۽ انھن (مسجدين) جي ڦٽائڻ ۾ ڪوشش ڪيائين؟ اھڙن کي انھن (مسجدين) ۾ ڊڄندڙ ٿي گھڙڻ ڌاران (ٻئي طرح گھڙڻ) نه جڳائيندو آھي، انھن لاءِ دُنيا ۾ خواري آھي ۽ انھن لاءِ آخرت ۾ وڏو عذاب آھي.
122 - ۽ اوڀر ۽ اولھ الله جو آھي، پوءِ جاڏي پنھنجي مھاڙ کي ڦيرايو تاڏي الله جي سامھانئي آھي، ڇو ته الله (مھرباني ۾) ڪشادگي وارو ڄاڻندڙ آھي.
127 - ۽ (اي پيغمبر) يھودي ايسين توکان ڪڏھن راضي نه ٿيندا ۽ نڪي نصارىٰ جيسين تون سندن دين جي تابعداري ڪرين، (کين) چؤ ته الله جي ھدايت اھا (اسلام) جي ھدايت آھي، ۽ (اي پيغمبر) تو وٽ جو علم آيو آھي تنھن کان پوءِ به جيڪڏھن (تون) سندن سَڌن جي تابعداري ڪندين ته تو لاءِ الله وٽان نڪو سنڀاليندڙ ۽ نڪو واھرو ٿيندو.
128 - جن کي ڪتاب ڏنوسون سي ان کي اھڙي طرح پڙھندا آھن جھڙو سندس پڙھڻ جو حق آھي، اھي ان کي مڃيندا آھن، ۽ جيڪي اُن کي نه مڃيندا سي ئي ڇيئي وارا آھن.
129 - اي بني اسرائيلؤ اُھي مُنھنجا ڳُڻ ياد ڪريو جيڪي مون اوھان تي ڪيا ۽ مون جھان (وارن) تي اوھان کي سڳورو ڪيو.
130 - ۽ انھيءَ ڏينھن کا ڊڄو جنھن ۾ ڪو جيءُ ڪنھن جيءَ کان ڪجھ به نه ٽاري سگھندو ۽ نڪي کانئس ڪو بدلو قبول ڪبو ۽ نڪي کيس ڪا پارت نفعو ڏيندي ۽ نڪي کين مدد ڏبي.
131 - ۽ جڏھن ابراھيمؑ کي سندس پالڻھار ڪن ڳالھين سان پرکيو پوءِ اُھي پوريون ڪيائين، ۽ (الله) فرمايو ته آءٌ توکي ماڻھن لاءِ امام مُقرّر ڪرڻ وارو آھيان، (تڏھن ابراھيم) چيو ته منھنجي اولاد مان به (امام ڪندين؟ الله) فرمايو ته ظالمن کي اھو منھنجو انجام نه پھچندو.
132 - ۽ جڏھن بيت الله کي ماڻھن جي موٽڻ جو ماڳ ۽ امن جو ھنڌ مقرر ڪيوسون، ۽ (ھن امت کي حُڪم ڪيوسون) ته مقام ابراھيم کي (به) نماز پڙھڻ جي جاءِ ڪري وٺو، ۽ ابراھيم ۽ اسمٰعيل کي وصيّت ڪئي سون ته منھنجي گھر کي طواف ڪندڙن ۽ اعتڪاف وارن ۽ رڪوع (۽) سجدي ڪندڙن لاءِ پاڪ رکو.
133 - ۽ جڏھن ابراھيم چيو ته اي منھنجا پالڻھار ھن شھر (مڪي) کي امن جو ھنڌ ڪر ۽ سندس رھندڙن مان انھن کي ميون جي روزي ڏي جيڪي منجھائن الله ۽ قيامت جي ڏينھن کي مڃين، (تڏھن الله) فرمايو ته جنھن نه مڃيو (تنھن کي به) پوءِ اُن کي (حياتيءَ جا) ٿورڙا ڏينھن آسودو ڪندس وري کيس باھ جي عذاب ڏانھن بيوس ڪندس، ۽ اُھا بُڇڙي جاءِ آھي.
134 - ۽ جڏھن ابراھيم ۽ اسمٰعيل بيت (الله) جا بنياد اوساريندا هُئا (تڏھن چوندا هُئا ته) اي اسان جا پالڻھار (ھيءُ پورھيو) اسان کان قبول ڪر، ڇوته تون ئي ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آھين.
139 - ۽ ابراھيم ۽ يعقوب پنھنجي پٽن کي ان ڳالھ جي وصيت ڪئي، ته اي اسانجا اولاد (ھن) دين کي الله اوھان لاءِ چونڊيو آھي پوءِ اوھين مسلمان ھجڻ کانسواءِ نه مرجو.
140 - (اي ڪتاب وارؤ) اوھين تڏھن حاضر ھيؤ ڇا؟ جڏھن يعقوب کي موت ويجھو ٿيو جڏھن پنھنجن پٽن کي چيائين ته مون کان پوءِ ڪنھن جي عبادت ڪندؤ؟ (تڏھن) چيائون ته تنھنجي خُدا ۽ تنھنجي پيءُ ڏاڏي ابراھيم ۽ اسمٰعيل ۽ اسحٰق جي خدا جي جو اڪيلو خدا آھي عبادت ڪنداسون، ۽ اسين سندس حڪم مڃيندڙ آھيون.
149 - ماڻھن منجھان ڪي بي سمجھ سگھو چوندا ته اُنھن (يعني مسلمانن) کي سندن اُھو قبلو جنھن ڏي (نماز پڙھندا) ھئا تنھن کان ڪھڙيءَ ڳالھ ڦيرايوَ؟ (اي پيغمبر کين) چؤ ته اوڀر ۽ اولھ الله جو آھي، جنھن کي گھرندو آھي تنھن کي سِڌيءَ واٽ ڏانھن دڳ ڏيکاريندو آھي.
150 - ۽ (جھڙي طرح اوھان جو قبلو ڀلو ڪيوسين) اھڙيءَ طرح اوھان کي ڀلي ٽولي ڪئي سون ته ماڻھن تي شاھد ھجو ۽ پيغمبر (ﷴ ﷺ) اوھان تي شاھد ھجي، ۽ (اي پيغمبر) جنھن (طرف) تي (اڳي) ھئين تنھن کي قبلو مقرر نه ڪيو ھو سون مگر ھن لاءِ ته جيڪو پيغمبر جي پٺيان لڳي تنھن کي اُنھيءَ کان نکيڙيون جيڪو پنھنجين کڙين (ڀر پوءِ) تي ڦري، ۽ بيشڪ (اِھو) جن کي الله ھدايت ڪئي تن کان سواءِ (ٻـين) تي ضرور ڏکيو آھي، ۽ الله جو شان اھڙو نه آھي جو اوھان جي ايمان کي وڃائي، ڇو ته الله ماڻھن سان ضرور شفقت ڪندڙ مھربان آھي.
151 - (اي پيغمبر) آسمان ڏانھن تنھنجو منھن (ھرھر) ڦيرائڻ بيشڪ ڏسون ٿا، پوءِ جنھن قبلي کي پسند ڪرين ٿو (اوڏانھن) توکي ضرور ڦيرائينداسين، پوءِ (اي پيغمبر) پنھنجي مُنھن کي تعظيم واريءَ مسجد ڏانھن ڦيراءِ، ۽ (اي مسلمانؤ) اوھين جتي ھجو تتي پنھنجا منھن اوڏانھن ڦيرايو، ۽ جن کي ڪتاب ڏنو ويو آھي سي ضرور ڄاڻن ٿا ته اِھو (ڦيرائڻ) سندن پالڻھار وٽان بلڪل سچ آھي، ۽ جيڪي ڪندا آھن تنھن کان الله بي خبر نه آھي.
152 - ۽ (قسم آھي) ته جن کي ڪتاب ڏنو ويو آھي تن وٽ جيڪڏھن (تون) سڀ دليل آڻين ته (به) تنھنجي قبلي جي تابعداري نه ڪندا، ۽ نڪي تون سندن قبلي جي تابعداري ڪندڙ آھين، ۽ نڪي اُنھن مان ڪي ڪن جي قبلي جي تابعداري ڪندڙ آھن، ۽ (قسم آھي) ته ان کانپوءِ جو تو وٽ علم آيو جيڪڏھن سندن سَڌن جي تابعداري ڪندين ته تون اُن مھل ظالمن مان آھين.
153 - جن کي ڪتاب (توريت) ڏنوسون سي اُن (قبلي جي ڦير) کي اِئين سڃاڻندا آھن جئن پنھنجن پٽن کي سڃاڻندا آھن، ۽ منجھانئن ڪا ٽولي ڄاڻ ھوندي بيشڪ سچ کي لڪائيندي آھي.
165 - صفا ۽ مروہ (جبل) الله (جي عبادت) جي نشانين مان آھن، پوءِ جيڪو بيت الله جو حج ڪري يا عمرو بجاءِ آڻي تنھن کي ٻنھي جي طواف ڪرڻ ۾ گناھ نه آھي، ۽ جيڪو وڌيڪ چڱائي ڪندو (تنھن جي الله قبول ڪندو) ڇو ته الله قبول ڪندڙ ڄاڻندڙ آھي.
166 - جيڪي پڌريون ڳالھيون ۽ ھدايتون لاٿيون اٿئون تن کي جيڪي (ماڻھو) اُن کانپوءِ جي اُنھن کي ماڻھن لاءِ ڪتاب (توريت) ۾ ظاھر ڪيوسون، لڪائيندا آھن تن تي الله لعنت ڪندو آھي ۽ لعنت ڪندڙ (به) انھن تي لعنت ڪندا آھن.
167 - پر جن توبه ڪئي ۽ (پاڻ) سڌاريائون ۽ بيان ڪيائون تن تي (ٻاجھ سان) موٽندس، ۽ آءٌ ڏاڍو ٻاجھ سان موٽندڙ مھربان آھيان.
168 - جن ڪفر ڪيو ۽ اُھي ڪافر ٿي مُئا تن تي الله ۽ ملائڪن ۽ مڙني ماڻھن جي لعنت آھي.
170 - ۽ اوھان جو خدا اڪيلو خدا آھي، ان کانسواءِ ڪوئي عبادت جو لائق نه آھي، (اُھو) ٻاجھارو مھربان آھي.
171 - آسمانن ۽ زمين جي بڻائڻ (۾)، ۽ رات ۽ ڏينھن جي ڦيرگھير (۾)، ۽ ٻيڙيون جي اُنھيءَ (سامان) سان جو ماڻھن کي نفعو ڏيندو آھي درياءَ ۾ ترنديون آھن تن (۾)، ۽ جيڪي آسمان کان (مينھن جو) پاڻي الله وسايو پوءِ اُن سان زمين کي ان جي وسامڻ کانپوءِ آباد ڪيائين تنھن (۾)، ۽ اُن (زمين) ۾ سڀ جنس جا جانور پکيڙيائين تنھن (۾)، ۽ ھوائن جي گھلڻ (۾)، ۽ آسمانن ۽ زمين جي وچ ۾ نوايلن ڪڪرن ۾، سمجھ واريءَ قوم لاءِ ضرور نشانيون آھن.
172 - ۽ ماڻھن مان ڪي (اھڙا) آھن جي الله کانسواءِ (ٻـين کي) الله جھڙو ڪري وٺندا آھن الله جي پيار وانگر پيارو رکندا اٿن، ۽ جن ايمان آندو سي الله جي دوستيءَ ۾ ڏاڍا زور آھن، ۽ جن ظلم ڪيو سي جيڪڏھن (ھن ڳالھ کي ھاڻي) سمجھن ته جنھن مھل (قيامت جي ڏينھن) عذاب ڏسندا (۽ سمجھندا) ته سموري سگھ الله کي آھي ۽ الله سخت عذاب ڪرڻ وارو آھي (ته جيڪر ڏاڍا پشيمان ٿين).
177 - ۽ جڏھن کين چئجي ٿو ته جيڪي الله لاٿو تنھن جي تابعداري ڪريو (تڏھن) چون ٿا ته (نه) بلڪ جنھن تي پنھنجن پئن ڏاڏن کي ڏٺوسون تنھن جي پٺيان لڳنداسون، جيتوڻيڪ سندن ابا ڏاڏا ڪجھ به نه ڄاڻندا هُئا ۽ نڪي سڌيءَ واٽ تي هُئا.
178 - ۽ ڪافرن (کي سڏيندڙ) جو مثال اُن ماڻھوءَ جي مثال وانگر آھي جو اھڙِيءَ شي کي واڪو ڪري ٻڌائي جا سڏ ۽ ڪوڪ کانسواءِ (ڪجھ) نه ٻڌي. (ڪافر) ٻوڙا، گونگا، انڌا آھن تنھنڪري اُھي (ڪجھ به) نه ٿا سمجھن.
179 - اي مؤمنؤ جيڪا اوھان کي روزي ڏني سون تنھن مان سٺيون شيون کائو ۽ جيڪڏھن اوھين نلو الله جي عبادت ڪندڙ آھيو ته سندس شڪرانو ادا ڪريو.
180 - اوھان تي رڳو مُئل ۽ رَت ۽ سُوئر جو ماس ۽ جنھن شي تي الله کانسواءِ ٻئي جو نالو پڪارجي سا حرام ڪيائين، پوءِ جيڪو نڪي بي فرماني ڪندڙ ۽ نڪي حد کان لنگھندڙ ٿي لاچار ٿئي (۽ کائي) تنھن تي گناہ نه آھي، ڇوته الله بخشڻھار مھربان آھي.
181 - الله ڪتاب مان جيڪي لاٿو سو جيڪي ماڻھو لڪائيندا آھن ۽ اُن جي بدلي ٿورو ملھ وٺندا آھن اِھي پنھنجن پيٽن ۾ باھ کانسواءِ نه کائيندا آھن ۽ الله ساڻن قيامت جي ڏينھن نه ڳالھائيندو ۽ نڪي کين سنواريندو، ۽ اُنھن لاءِ ڏکوئيندڙ عذاب آھي.
182 - اِھي (اُھي) آھن جن ھدايت جي بدران گمراھي ۽ بخشش جي بدران عذاب ڳڌو، پوءِ عجب آھي ته کين (دوزخ جي) باہ تي ڪھڙيءَ (ڳالھ) صبر ڪرايو.
183 - اِھو ھِن ڪري (آھي) جو الله سچ سان ڪتاب (توريت) لاٿو، ۽ جن ڪتاب بابت تڪرار ڪيو سي ضرور وڏي ڦيٽي ۾ آھن.
184 - اوڀر ۽ اولھ ڏانھن اوھان جو پنھنجن مُنھَن کي ڦيرائڻ ڪا چڱائي نه آھي پر (اصل) چڱائي (ان لاءِ) آھي جنھن الله ۽ قيامت جي ڏينھن ۽ ملائڪن ۽ ڪتابن ۽ پيغمبرن کي مڃيو، ۽ جنھن (ماڻھوءَ پنھنجو) مال اُن جي پيار ھوندي (به) مٽيءَ وارن ۽ ڇورن ۽ مسڪينن ۽ مسافرن ۽ سوال ڪندڙن کي ۽ ٻانھَن جي گردنين (آجي ڪرڻ) ۾ ڏنو، ۽ نماز پڙھيائين ۽ زڪوٰة ڏنائين، ۽ (اُھي ماڻھو جي) جڏھن انجام ڪندا آھن تڏھن پنھنجو انجام پاڙيندا آھن، ۽ سڃائيءَ ۽ اوکائيءَ ۾ ۽ جنگ مھل صبر ڪرڻ وارا آھن، اِھي سچا آھن، ۽ اِھي ئي پرھيزگار آھن.
185 - اي مؤمنؤ خون ٿيلن بابت اوھان تي بدلي وٺڻ ۾ برابري لازم ڪئي ويئي، (جئن ته) آجي جي عيوض آجو ٻانھي جي عيوض ٻانھو ۽ زال جي عيوض زال آھي، پوءِ جنھن کي سندس ڀاءُ جي طرفان ڪجھ ڇڏيو وڃي ته پوءِ (خون بھا وٺڻ ۾) چڱيءَ ريت سان (ان جي) پويان پوڻ گھرجي ۽ ان (وارث) ڏانھن (خون جي بھا) چڱيءَ ريت سان پھچائڻ گھرجي، اِھو (حڪم) اوھان جي پالڻھار وٽان ھلڪائي ۽ ٻاجھ آھي، پوءِ جيڪو ھن (حڪم) کانپوءِ حد کان لنگھندو تنھن لاءِ ڏکوئيندڙ عذاب آھي.
187 - جڏھن اوھان مان (ڪنھن) ھڪ کي موت ويجھو ٿئي (اُھو) جيڪڏھن (ڪُجھ) مال ڇڏي ته تڏھن اوھان تي ماءُ پيءُ ۽ مِٽن لاءِ چڱائيءَ سان وصيّت ڪرڻ لازم ڪئي ويئي، اِھو پرھيزگارن تي لازم آھي.
188 - پوءِ جيڪو اُن (وصيّت) کي اُن جي ٻڌڻ کانپوءِ ڦيرائيندو ته اُن (ڦيرائڻ) جو گُناہ اُن جي ڦيرائيندڙن کانسواءِ ٻـين تي نه آھي، ڇوته الله ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آھي.
189 - پوءِ جيڪو وصيّت ڪندڙ جي طرفداري يا گناہ ڄاڻي سو انھن (وصيّت ڪيل ۽ وارثن) جي وچ ۾ پرچاءُ ڪري ته مٿس گناہ نه آھي، ڇوته الله بخشڻھار مھربان آھي.
190 - اي مؤمنؤ جئن اوھان کان اڳين تي (روزا) فرض ڪيا ويا ھئا تئن اوھان تي (به) روزا فرض ڪيا ويا آھن ته مانَ اوھين پرھيزگاري ڪريو.
191 - (روزا) ڳڻيل ڏينھن آھن، پوءِ اوھان مان جيڪو بيمار (ھجي) يا مسافريءَ تي ھجي (تنھن تي) ٻـين ڏينھن مان ڳڻي رکڻ (لازم) آھي، ۽ جن کي (مسڪين جي کاڌي ڏيڻ جي) سگھ آھي تن تي ھڪ مسڪين جو کاڌو فديه (يعني فطرانو ڏيڻ) لازم آھي، پوءِ جيڪو چڱائي وڌيڪ ڪندو تنھن لاءِ اُھا ڀلي آھي، ۽ جيڪڏھن عِلم وارا آھيو (ته اوھين سمجھي چڪا ھوندؤ) اوھان جو روزو رکڻ اوھان لاءِ ڀلو آھي.
192 - رمضان جو مھينو اھڙو (ڀلو) آھي جنھن ۾ قرآن لاٿو ويو جو ماڻھن لاءِ سڌو رستو ڏيکاريندڙ آھي ۽ (اُن ۾) ھدايت ڪرڻ ۽ (سچ ۽ ڪوڙ جي وچ ۾) سَنڌي وجھڻ جون چٽيون ڳالھيون آھن، پوءِ اوھان مان جيڪو اُنھيءَ مھيني ۾ (گھر ۾) حاضر ھجي تنھن کي اُن ۾ روزو رکڻ گهرجي، ۽ جيڪو بيمار ھُجي يا سفر تي (ھُجي) تنھن کي ٻـين ڏينھن مان (اوترو) ڳاڻاٽو (لازم) آھي. الله اوھان تي آساني ڪرڻ گھرندو آھي ۽ اوھان تي (ڪا) اوکائي ڪرڻ نه گھرندو آھي، ۽ (گھرندو آھي) ته اوھين ڳَڻ پوري ڪريو ۽ جيڪا اوھان کي ھدايت ڪيائين تنھن تي الله کي وڏائيندا رھو ۽ مانَ اوھين شُڪرانو ڪريو.
197 - جيڪي اوھان سان وڙھن تن سان الله جي واٽ ۾ وڙھو ۽ حد کان نه لنگھو، ڇوته الله حد کان لنگھندڙن کي پيارو نه رکندو آھي.
198 - ۽ جتي لَھونِ اتي ڪُھونِ ۽ جتان اوھان کي لوڌيائون اُتان لوڌيونِ ۽ فتنو (يعني شرڪ) ويڙھ کان ڏاڍو (بڇڙو) آھي، ۽ اوھين تعظيم واريءَ مسجد وٽ (ايسين) نه وڙھونِ جيسين منجھس اوھان سان (نه) وڙھن. پوءِ جيڪڏھن اوھان سان وڙھن ته اُنھن کي ماريو، ڪافرن جي سزا اِئين آھي.
199 - ۽ جيڪڏھن بس ڪن (ته اوھين به بس ڪريو ڇو) ته الله بخشڻھار مھربا ن آھي.
200 - ۽ ايستائين اُنھن سان وڙھو جيستائين فتنو (يعني شرڪ) نه رھي ۽ خاص الله جو دين ٿئي، پوءِ جيڪڏھن بس ڪن ته ظالمن کانسواءِ ڪنھين تي وڌيڪ ھلت ڪرڻ نه جڳائي.
201 - تعظيم وارو مھينو تعظيم واري مھيني جي بدلي آھي ۽ تعظيمون (ھڪ ٻئي جون) آڙ پاڙ آھن، پوءِ جيڪو اوھان تي وڌيڪ ھلت ڪري تنھن تي اوتري وڌيڪ ھلت ڪريو جيتري اوھان تي وڌيڪ ھلت ڪيائين، ۽ الله کان ڊڄو ۽ ڄاڻو ته الله پرھيزگارن ساڻ آھي.
202 - ۽ الله جي واٽ ۾ خرچيو ۽ (پاڻ کي) پنھنجي ھٿن سان ھلاڪت ۾ نه وجھو، ۽ چڱائي ڪريو، ڇوته الله چڱائي ڪندڙن کي دوست رکندو آھي.
203 - ۽ حج ۽ عُمرو الله (جي راضپي) لاءِ پورو ڪريو، پوءِ جيڪڏھن روڪيا وڃو ته جا قرباني آسانيءَ سان لڀي (سا لازم آھي)، ۽ پنھنجا مٿا تيسين نه ڪوڙايو جيسين قرباني پنھنجيءَ جاءِ تي (نه) پھچي. پوءِ اوھان مان جيڪو بيمار ھجي يا سندس مٿي ۾ اھنج ھجي (ته جي وقت کان اڳيئي ئي ڪوڙايائين) ته روزا يا خيرات يا قرباني عوض ڏيڻ (لازم) آھي، پوءِ جڏھن بي ڀَوَا ٿيو تڏھن جيڪو فائدو وٺي (يعني) عمري کي حج سان (گڏي) سو جا قرباني آسانيءَ سان لڀي (سا ڪري). پوءِ جيڪو (قرباني) نه لھي (تنھن تي) حج (جي ڏينھن) ۾ ٽي ڏينھن روزا لازم آھن ۽ ست تڏھن جڏھن (سفرکان) موٽو، اِھي پورا ڏھ (روزا) آھن، اِھو (حُڪم) اُنھيءَ لاءِ آھي جنھنجو ڪٽنب تعظيم واريءَ مسجد جي ويجھو رھندڙ نه ھجي، ۽ الله کان ڊڄو ۽ ڄاڻو ته الله ڏاڍو عذاب ڪندڙ آھي.
204 - حج (جو وقت) معلوم مھينا آھن، پوءِ جنھن منجھن (احرام ٻڌڻ سان پاڻتي) حج فرض ڪيو ته حج ۾ نه جماع جائز آھي ۽ نه گار ۽ نه جھيڙو، ۽ جيڪا چڱائي ڪريو ٿا تنھن کي الله ڄاڻندڙ آھي، ۽ سَمر کڻو ڇو ته ڀلو سَمر پرھيزگاري آھي، ۽ ڌيان وارؤ مون کان ڊڄو.
214 - ماڻھن مان ڪو اھڙو آھي جو الله جي راضپي حاصل ڪرڻ لاءِ پاڻ کي وڪڻندو آھي، ۽ الله ٻانھن تي مھربان آھي.
215 - اي ايمان وارؤ پورا اسلام ۾ داخل ٿيو، ۽ شيطان جي وِکن تي نه ھلو، ڇوته اُھو اوھان جو پڌرو ويري آھي.
216 - پوءِ جيڪڏھن اوھين ان کانپوءِ جو اوھان وٽ چٽا دليل آيا (اِسلام کان) ٿڙندؤ ته ڄاڻو ته الله غالِب حڪمت وارو آھي.
217 - (ڪافر) ھن کان سواءِ انتظار نه ڪندا آھن ته الله (جو عذاب) جُھڙ جي پاڇن ۾ وٽن اچي ۽ ملائڪ (به) ۽ ڪم فيصل ڪيو وڃي، ۽ الله ڏانھن سڀ ڪم موٽايا ويندا آھن.
218 - (اي پيغمبر) بني اِسرائيلن کان پُڇا ڪر ته کين ڪيتريون چٽيون نشانيون ڏنيون سين، ۽ جيڪي الله جي نعمت کي پاڻ وٽ اچڻ کانپوءِ مٽائيندو ته بيشڪ الله سخت عذاب ڪندڙ آھي.
219 - ڪافرن لاءِ دُنيا جي حياتي سينگاري ويئي ۽ مؤمنن سان ٺـٺوليون ڪندا آھن، ۽ جيڪي پرھيزگار آھن سي قيامت جي ڏينھن اُنھن (ڪافرن) جي مٿئون ھوندا، ۽ الله جنھن کي گھرندو آھي تنھن کي اَڻ ڳڻي روزي ڏيندو آھي.
220 - سڀ ماڻھو ھڪ ٽولي هُئا، پوءِ (ڦري اِختلاف ۾ پيا تنھنڪري) الله پيغمبرن کي خوشخبري ڏيندڙ ۽ ڊيڄاريندڙ ڪري موڪليو، ۽ ساڻن سچ سان ڪتاب ھن لاءِ لاٿائين ته (اُھو ڪتاب) ماڻھن جي وچ ۾ جنھن (ڳالھ) بابت جھڳڙو ڪندا آھن (تنھن بابت) نبيرو ڪري، ۽ اُنھيءَ بابت (ٻئي ڪنھن به) تڪرار نه ڪيو پر جن کي اُھو (ڪتاب) ڏنو ويو تن پڌرن حڪمن اچڻ کانپوءِ پاڻ ۾ ساڙ پيل سببان (تڪرار ڪيو)، پوءِ الله اُھا سچي ڳالھ جنھن بابت جھڳڙو ڪيائون تنھن ڏانھن پنھنجي حُڪم سان مؤمنن کي سڌو رستو ڏيکاريو، ۽ الله جنھن کي گھرندو آھي تنھن کي سڌو رستو ڏيکاريندو آھي.
221 - (اي مسلمانؤ اوھين) ھن ھوندي به بھشت ۾ گھڙڻ جو گمان ڪندا آھيو ڇا؟ جو اڃان اوھان کي اُنھن جي حالت نه آئي آھي جيڪي اوھان کان اڳ گذريا، جن کي سڃائي ۽ ڏُک پُھتو ۽ ايستائين لوڌيا ويا جيستائين پيغمبر ۽ جي مؤمن ساڻس هُئا (تن دُعا گُھري) چيو ٿي ته الله جي مدد ڪڏھن پھچندي؟ (چيو وين ته) ھوشيار رھو ته الله جي مدد ويجھي آھي.
231 - ۽ اوھين پنھنجن قسمن لاءِ چڱائي ڪرڻ ۽ پرھيزگاري ڪرڻ ۽ ماڻھن جي وچ ۾ صُلح ڪرائڻ کان (پاسو ڪرڻ واسطي) الله جو اِسم پيش نه ڪريو، ۽ الله ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آھي.
232 - الله اوھان کي اوھان جي اجاين قسمن کڻڻ ۾ نه وٺندو آھي پر اوھان جي دلين جيڪا نيت ڪئي آھي تنھن تي پڪڙيندو آھي، ۽ الله بخشڻھار بُردبار آھي.
233 - جيڪي پنھنجي زالن (جي صُحبت) کان قسم کڻن تن کي چار مھينا ترسڻو آھي، پوءِ جيڪڏھن (اُنھن ڏانھن اُن وقت ۾) موٽيا ته (ڀلي موٽن) ڇوته الله بخشڻھار مھربان آھي.
234 - ۽ جيڪڏھن طلاق جو پڪو ارادو ڪيائون (ته ڀلي ڪن) ڇوته الله ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آھي.
235 - ۽ طلاق ڏنلون زالون پاڻ کي (ٻئي نڪاح ڪرڻ کان) ٽي حيض جھلين، ۽ جيڪڏھن الله ۽ قيامت جي ڏينھن کي مڃينديون آھن ته الله سندن ڳڀيرڻن ۾ جيڪي (ٻار يا حيض) پيدا ڪيو آھي سو کين لڪائڻ روا نه آھي، ۽ اِن (مدت) ۾ سندن مڙس جيڪڏھن سڌارو گھرن ته سندن موٽائڻ جا وڌيڪ حقدار آھن، ۽ جھڙا (مُڙس جا حق) اُنھن (زالن) تي آھن تھڙا اُنھن (زالن) جا (حق مڙسن تي) چڱيءَ ريت سان آھن، مُڙسن کي مٿن وڏو مانُ (يعني حڪومت) آھي، ۽ الله غالب حڪمت وارو آھي.
236 - طلاق (رجعي پورا) ٻه ڀيرا آھي، پوءِ چڱيءَ طرح سان جھلڻ يا اِحسان سان ڇڏڻ (لازم) آھي، ۽ جيڪو کين ڏنو اَٿوَ تنھن مان ڪجھ (ورائي) وٺڻ اوھان کي ھن (حالت) کان سواءِ حلال نه آھي جو ٻئي الله جي حدن کي نه پوري ڪرڻ کان ڊڄن، پوءِ جيڪڏھن (اي مسلمانؤ) اوھين ڊڄو ته ٻئي الله جي حدن کي پورو ڪري نه سگھندا ته (زال) جيڪا شي عيوض ۾ ڏئي تنھن (جي ڏيڻ وٺڻ) ۾ ٻنھي تي گناھ نه آھي. اِھي الله جون حدون آھن اُنھن کان لنگھي نه وڃو، ۽ جيڪي الله جي حدن کان لنگھي ويندا سي ئي ظالم آھن.
237 - پوءِ جيڪڏھن اُن کي (ٽين) طلاق (به) ڏنائين ته اُن کانپوءِ (اُھا زال) اُن کي (ايستائين) حلال نه ٿيندي جيستائين (اُھا) ٻيو مُڙس پرڻي، پوءِ جيڪڏھن (اُن به) کيس طلاق ڏني ته جيڪڏھن ٻئي (ڄڻا) الله جي حدن کي قائم رکي سگھڻ (جي پڪ) ڀانئين ٿا ته (تڏھن پاڻ ۾ نڪاح ڪري) موٽن ته ٻنھي تي گناھ نه آھي، ۽ اِھي اَلله جون حدون آھن اُنھن کي اُن قوم لاءِ بيان ڪندو آھي جي ڄاڻندا آھن.
238 - ۽ جڏھن زالن کي (ٻه ڀيرا) طلاق ڏيو پوءِ اُھي پنھنجي (عدت جي) مدي کي (اچي) پھچڻ لڳن ته (تڏھن يا) اُنھن کي چڱيءَ ريت سان رکو يا اُنھن کي چڱيءَ ريت سان ڇڏيو، ۽ ڏکوئڻ لاءِ کين نه جھليو نه زيادتي ڪريو، ۽ جيڪو ائين ڪندو تنھن بيشڪ پاڻ تي ظلم ڪيو، ۽ الله جي حُڪمن کي ٺـٺوليون ڪري نه وٺو، ۽ پاڻ تي الله جي نعمت ياد ڪريو ۽ جيڪي اوھان تي ڪتاب ۽ دانائيءَ مان لاٿائين جنھن سان اوھان کي نصيحت ڏيندو آھي (اُھو احسان به ياد ڪريو)، ۽ الله کان ڊڄو ۽ ڄاڻو ته الله سڀڪنھن شيء کي ڄاڻندڙ آھي.
239 - ۽ جڏھن زالن کي طلاق ڏيو پوءِ پنھنجي (عدت جي) مُدّت کي پھچن ته کين پنھنجن مُڙسن سان پرڻجڻ کان نه جھليو جڏھن ته پاڻ ۾ چڱيءَ ريت سان راضي ٿين، اِھو (حُڪم) آھي جيڪو اوھان مان الله ۽ قيامت جي ڏينھن کي مڃي تنھن کي اُن سان نصيحت ڏجي ٿي، اِھو (حُڪم) اوھان کي صاف ڪندڙ ۽ بلڪل پاڪ ڪندڙ آھي، ۽ الله ڄاڻندو آھي ۽ اوھين نه ڄاڻندا آھيو.
240 - ۽ مائر پنھنجن ويائن کي پورا ٻه ورھيه ٿڃ پيارين (اِھو حُڪم) اُنھيءَ لاءِ آھي جيڪو ٿڃ پيارڻ جي مُدّت پُوري ڪرڻ گُھري، ۽ اُنھن (مائرن) جي خوراڪ ۽ اُنھن جي پوشاڪ ھليءَ چليءَ وانگر پيءُ تي آھي، ڪنھن کي سندس وس کان وڌيڪ تڪليف نه ٿي ڏجي، ماءُ کي وياءُ سببان تڪليف نه ٿي ڏجي ۽ نڪي پيءُ کي وياءُ سببان (تڪليف ڏجي)، ۽ وارث تي (به) اھڙو ئي (حق) آھي، پوءِ جيڪڏھن ٻئي پنھنجي رضامندي ۽ صَلاح سان (ٻار جي ٿڃ) ڇڏائڻ گھرن ته مٿن گناھ نه آھي، ۽ جيڪڏھن پنھنجي اولاد کي (ٻئي کان) کير پيارڻ گھرو ته جڏھن اوھان ھليءَ چليءَ وانگر (پياريندڙ کي) جيڪي ڏيڻو ڪيو سو پھچايو تڏھن اوھان تي ڪو گناھ نه آھي، ۽ الله کان ڊڄو ۽ ڄاڻو ته جيڪي اوھين ڪندا آھيو سو الله ڏسندڙ آھي.
4846 - پوءِ الله کي سجدو ڪريو ۽ عبادت ڪريو.
241 - ۽ اوھان مان جيڪي مرن ۽ زالون ڇڏين ته اُھي (زالون) پاڻ کي چار مھينا ۽ ڏھ ڏينھن ترسائين، پوءِ جڏھن پنھنجيءَ (عدّت جي) مُدّت کي پُھچن تڏھن جيڪي ھليءَ چليءَ وانگر (يعني شرعي نڪاح) پنھنجي حق ۾ ڪن تنھن ۾ اوھان تي ڪو گناھ ڪونھي، ۽ جيڪي اوھين ڪندا آھيو تنھن جي الله خبر رکندڙ آھي.
247 - ۽ اوھان مان جيڪي مرن ۽ زالون ڇڏين، تن کي ھڪ ورھيه تائين پنھنجين زالن لاءِ (کين) فائدي ڏيڻ (۽) نه لوڌڻ جي وصيّت ڪرڻ لازم آھي، پوءِ جيڪڏھن (اُھي) نڪرن ته جيڪي پنھنجي حق ۾ (شريعت جي) دستور مُوجب ڪن تنھن ۾ اوھان تي گُناھ نه آھي، ۽ الله غالب حِڪمت وارو آھي.
249 - اِھڙيءَ طرح الله پنھنجا حُڪم اوھان لاءِ پَڌرا ڪري ٿو ته مانَ اوھين سمجھو.
250 - (اي ڏسندڙ) اُنھن ڏانھن نه ڏٺو اٿئي ڇا؟ جيڪي پنھنجي ديس مان موت جي ڀؤ کان نڪتا ۽ اُھي (ڪيئي) ھزار هُئا، پوءِ الله اُنھن کي فرمايو ته مرو (ته مري ويا)، وري کين جياريائين، ڇوته الله ماڻھن تي وڏي فضل ڪرڻ وارو آھي پر گھڻا ماڻھو شڪر نه ڪندا آھن.
251 - ۽ (اي مُسلمانؤ) الله جي واٽ ۾ (ڪافرن سان) ويڙھ ڪريو ۽ ڄاڻو ته الله ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آھي.
252 - اُھو ڪير آھي جو الله کي چڱو قرض اُڌارو ڏئي؟ ته (الله) اُن لاءِ گھڻي قدر وڌائي، ۽ (رزق) الله تنگ ڪري ٿو ۽ (الله) ڪشادو ڪري ٿو، ۽ ڏانھنس موٽايا ويندؤ.
253 - موسىٰؑ کان پوءِ بني اِسرائيلن جي ٽوليءَ ڏانھن نه ڏٺو اٿيئي ڇا؟ جڏھن پنھنجي پيغمبر کي چيائون ته اسان لاءِ ڪو بادشاھ مُقرّر ڪر ته الله جي واٽ ۾ ويڙھ ڪريون، (تڏھن پيغمبر) چيو ته جيڪڏھن اوھان تي ويڙھ لازم ٿي ته اوھين وڙھڻ کي ويجھا نه ويندؤ، چيائون ته اسان کي ڇا (ٿيو) آھي جو الله جي واٽ ۾ اِنھيءَ ھوندي به نه وڙھنداسون جو (اسين) پنھنجن ديسن ۽ پنھنجن اولادن مان لوڌيا ويا آھيون، پوءِ جڏھن مٿن ويڙھ لازم ڪئي ويئي تڏھن منجھانئن ٿورڙن کانسواءِ (سڀ) ڦري ويا، ۽ الله ظالمن کي ڄاڻندڙ آھي.
254 - ۽ سندن پيغمبر کين چيو ته الله طالوت کي اوھان لاءِ بادشاہ مُقرّر ڪيو آھي، چيائون ته اُن جي بادشاھي اسان تي ڪئن ٿيندي ھن حالت ۾ جو اسين کانئس بادشاھيءَ جا وڌيڪ حقدار آھيون ۽ مال مان گھڻائي نه ڏني ويئي اٿس. (پيغمبر کين) چيو ته الله اُن کي اوھان تي پسند ڪيو آھي ۽ کيس عِلم ۽ جسم ۾ گھڻو وڌايو اٿس، ۽ الله جنھن کي گھُرندو آھي تنھن کي پنھنجو مُلڪ ڏيندو آھي، ۽ الله (مھربانيءَ ۾) ڪشادگيءَ وارو ڄاڻندڙ آھي.
255 - ۽ کين سندن پيغمبر چيو ته اُن جي بادشاھيءَ جي نشاني اوھان وٽ صندوق جو اچڻ آھي جنھن ۾ اوھان جي پالڻھار کان ھڪ دِل جو آرام ۽ جيڪي مُوسىٰ جي خاندان ۽ ھارون جي خاندان (تبرڪ) ڇڏيو تنھن جي بچت آھي اُن کي مَلائِڪ کڻي ايندا، ڇوته اُن ۾ اوھان لاءِ بي شڪ (وڏي) نشاني آھي جيڪڏھن اوھين مڃيندڙ آھيو.
267 - ۽ (ياد ڪر) جڏھن ابراھيم چيو ته اي مُنھنجا پالڻھار مون کي ڏيکار ته ڪھڙي طرح مئلن کي جياريندو آھين، (الله) چيو ته نه ٿو وسھين ڇا؟ (ابراھيم) چيو ته ھائو (وسھان ٿو) پر ھن لاءِ ته منھنجي دل کي تسلّىٰ ٿئي. (الله) چيو ته چار پکي وٺ پوءِ کين پاڻ وٽ ذرا ذرا ڪر پوءِ منجھانئن ڪو ڀاڱو ھر ھڪ جبل تي رک وري کين سڏ ته توڏانھن ڊوڙندا ايندا، ۽ ڄاڻ ته الله غالب حڪمت وارو آھي.
270 - مِٺو ڳالھائڻ ۽ معاف ڪرڻ اُنھيءَ خيرات کان ڀَلو آھي جنھن جي پٺيان ايذاءُ ھُجي، ۽ الله بي پرواہ بُردبار آھي.
256 - پوءِ جڏھن طالُوت لشڪر سوڌو نڪتو (تڏھن لشڪر کي) چيائين ته الله نديءَ جي پاڻيءَ سان توھان کي پرکيندڙ آھي، پوءِ جيڪو منجھانئس پيئندو سو منھنجو نه آھي، ۽ جيڪو منجھانئس نه چکندو سواءِ ھِن جي جو پنھنجي ھٿ سان لَپ ڀري (پيئي) سو بيشڪ مُنھنجو آھي. پوءِ منجھانئن ٿورڙن کانسواءِ (سڀني) اُن مان پيتو، پوءِ جنھن مھل اُھو (طالوت) ۽ سندس سنگتي مُؤمن اُن (نديءَ) کان لنگھيا (تنھن مھل پيئندڙن) چيو ته اَڄ اسان کي جالوت ۽ سندس لشڪر سان (وڙھڻ جي) سگھ نه آھي، (۽ تنھن مھل) جيڪي پڪو ڀروسو رکندا هُئا ته اُھي الله کي ملندا تن چيو ته ڪيتريون ٿوريون ٽوليون گھڻن ٽولين تي الله جي حُڪم سان غالب ٿي ويون آھن، ۽ الله صابرن ساڻ آھي.
257 - ۽ جنھن مھل (اُھي طالُوتي) جالُوت ۽ سندس لشڪر (جي وڙھڻ) لاءِ نڪتا (تنھن مھل) چيائون ته اي اسان جا پالڻھار اسان تي صبر پلٽ ۽ اسان جان پير ثابت رَک ۽ ڪافر ٽوليءَ تي اسان کي سوڀ ڏئي.
258 - پوءِ الله جي حُڪم سان کين ڀڄايائون، ۽ دائُود جالُوت کي ڪُٺو ۽ الله اُن (دائُود) کي بادشاھي ۽ حِڪمت ڏِني ۽ جيڪي اُن لاءِ گھريائين سو سيکاريائين، ۽ جيڪڏھن الله جو ٽارڻ ھڪڙن ماڻھن سان ٻـين کي نه ھُجي ھا ته زمين ضرور خراب ٿئي ھا پر الله جھان (وارن) تي ڀلائي ڪرڻ وارو آھي.
259 - اِھي الله جا حُڪم آھن ھي توتي سَچ سان پڙھون ٿا، ۽ تون ضرور پيغمبرن مان آھين.
263 - دين مڃائڻ ۾ ڪا زبردستي نه آھي، (ڇوته) بيشڪ گمراھيءَ کان ھدايت (جدا ٿي) پڌري ٿي آھي، تنھنڪري جيڪو طاغوت (يعني خُدا کانسواءِ ٻـين معبودن) کي نه مڃي ۽ الله کي مڃي تنھن بيشڪ اھڙي مُحڪم ڪڙي کي ورتو، جنھن کي ڇڄڻ نه آھي، ۽ الله ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آھي.
264 - الله مؤمنن جو سنڀاليندڙ آھي کين اونداھين مان سوجھري ڏانھن ڪڍندو آھي، ۽ جيڪي ڪافر آھن تن جا مددگار (خُدا کانسواءِ جن جي عبادت ڪن ٿا سي) بت آھن کين سوجھري مان اونداھين ڏانھن ڪڍندا آھن، اُھي دوزخي آھن، اُھي منجھس سدائين رھڻ وارا آھن.
265 - (اي پيغمبر) تو اُنھن ڏانھن نه ڏٺو ڇا؟ جنھن پنھنجي پالڻھار بابت ابراھيم سان (انھيءَ مغروريءَ سبب) تڪرار ڪيو جو الله کيس بادشاھي ڏني ھئي، جڏھن ابراھيم چيو ته منھنجو پالڻھار اُھو آھي جو جياريندو آھي ۽ ماريندو آھي، (ڪافر) چيو ته آءٌ (به) جياريان ٿو ۽ ماريان ٿو. ابراھيم چيو ته الله سج کي اوڀر کان اوڀاريندو آھي تنھنڪري (تون) اُن کي اولھ کان اوڀار پوءِ ڪافر ھَڪو ٻَڪو ٿي ويو، ۽ الله ظالم ٽوليءَ کي سڌو رستو نه ڏيکاريندو آھي.
266 - يا اِنھيءَ طرح اُنھي (پيغمبر) کي (ڏٺئي ڇا؟) جو ھڪ ڳوٺ وٽان ھن حالت ۾ لنگھيو جو اُھو پنھنجي ڇتين سوڌو ڊٺل ھو، (ڏسي ڪري) چيائين ته ھن کي الله ڪھڙي طرح سندس ڦٽڻ کانپوءِ وسائيندو، پوءِ الله کيس سؤ ورھيه ماريو وري کيس (جياري) کڙو ڪيائين، الله چيو ته ڪيترو رھينءِ؟ چيائين ته ھڪ ڏينھن يا ڪجھ پھر دير ڪئي اٿم، الله چيو ته بلڪ سؤ ورھيه دير ڪئي اٿيئي پوءِ پنھنجي طعام ۽ پاڻيءَ ڏانھن نھار جو اُھو نه سينواريو آھي، ۽ پنھنجي (مئل) گڏھ ڏانھن نھار (ته جياري توکي ڏيکاريون) ۽ (اِھو ھِن لاءِ ڪيوسين) ته توکي ماڻھن لاءِ نشاني ڪريون ۽ (ھاڻي گڏھ جي) ھڏن ڏانھن ڏس ته کين ڪئن چوريون ٿا وري اُنھن (ھڏن) کي گوشت پھرايون ٿا. پوءِ جنھن مھل ان تي (اِھو حال) پڌرو ٿيو (تڏھن) چيائين ته ڄاڻان ٿو ته الله سڀ ڪنھن شيءِ تي وس وارو آھي.
268 - جيڪي (ماڻھو) پنھنجا مال الله جي واٽ ۾ خرچيندا آھن تن جو مثال اُنھيءَ داڻي جي مثال وانگر آھي جو ست سنگ ڄمائي ھر ھڪ سنگ ۾ سڀ داڻو ھجي، ۽ الله جنھن کي گھرندو آھي (تنھن کي) ٻيڻو ڏيندو آھي، ۽ الله (مھربانيءَ ۾) ڪشادگي وارو ڄاڻندڙ آھي.
271 - اي مؤمنؤ پنھنجين خيراتن کي اِحسان رکڻ ۽ ايذائڻ سان اُنھيءَ ماڻھوءَ وانگر نه وڃايو جيڪو پنھنجو مال ماڻھن جي ڏيکاري لاءِ خرچي ۽ الله ۽ قيامت جي ڏينھن کي نه مڃي، پوءِ سندس مثال (اُنھيءَ) لسي پھڻ وانگر آھي جنھن تي ٿوري مٽي (پيل) ھجي ۽ مٿس وڏو مينھن وسي پوءِ ڇنڊي ڇڏيس، (ته رياء وارن) جيڪي ڪمايو تنھن مان ڪنھن ذري تي (اُھي) وس وارا نه ٿيندا، ۽ الله ڪافر ٽوليءَ کي سڌو رستو نه ڏيکاريندو آھي.
272 - ۽ جيڪي پنھنجن مالن کي الله جي رضامندي حاصل ڪرڻ ۽ پنھنجين دلين ۾ پڪي يقين پيدا ڪرڻ لاءِ خرچيندا آھن تن جو مثال ھڪ باغ وانگر آھي جو دڙي تي ھجي اُن تي وڏڦڙو مينھن وسي ۽ پنھنجو ڦر ٻيڻو ڪري، پر جيڪڏھن مٿس وڏڦڙو مينھن نه وسي ته ماڪ بس ھجيس، ۽ جيڪي ڪندا آھيو سو الله ڏسندڙ آھي.
273 - اوھان مان ڪو ھڪ (دل سان) گھرندو آھي ڇا؟ ته اُن کي کجين ۽ ڊاکن جو ھڪ باغ ھجي جنھن جي ھيٺان واھيون وھنديون ھجن اُن لاءِ منجھس سڀ ڪنھن (جنس جا) ميوا ھجن ۽ کيس پوڙھائي اچي وٺي ۽ ان کي ھيڻو اولاد ھجي، پوءِ اُن (باغ) کي (اھڙو) واچوڙو لڳي جنھن ۾ باھه ھجي تنھنڪري (سندس باغ) سڙي وڃي، اھڙي طرح الله اوھان لاءِ (چٽيون) نشانيون بيان ڪندو آھي ته مانَ اوھين سمجھو.
274 - اي مؤمنؤ جيڪي ڪمايوَ تنھن مان (۽ پڻ) جيڪي اوھان لاءِ زمين مان پيدا ڪيوسين تنھن مان ڪي سٺيون شيون (خدا ڪارڻ) خرچ ڪيو، ۽ ان مان خراب شيء خرچ ڪرڻ جي نيت ھن ھوندي نه ڪريو جو (پاڻ) اُن ۾ پنھنجين اکين ٻوٽڻ کانسواءِ کيس وٺڻ وارا نه ھجو، ۽ ڄاڻو ته الله بي پرواہ ساراھيل آھي.
275 - (اي مسلمانؤ) شيطان اوھان کي سڃائيءَ جو ڀؤ ڏيندو آھي ۽ اوھان کي بي حيائيءَ (جي ڪمن) جو حڪم ڪندو آھي، ۽ الله اوھان کي پنھنجي پاران بخشش ۽ ڀلائيءَ جو وعدو ڏيندو آھي، ۽ الله (مھربانيءَ ۾) ڪشادگيءَ وارو ڄاڻندڙ آھي.
276 - جنھن کي گھرندو آھي تنھن کي سمجھ ڏيندو آھي، ۽ جنھن کي سمجھ ڏني ويئي تنھن کي بيشڪ گھڻي چڱائِي ڏِني ويئي، ۽ سمجھ وارن کانسواءِ ٻيو ڪو نصيحت نه مڃيندو آھي.
277 - ۽ (اي مسلمانؤ) جيڪي اوھان مال خرچيو يا باس باسيو تنھن کي الله ڄاڻندو آھي، ۽ ظالمن جو ڪو مددگار نه آھي.
278 - جيڪڏھن خيراتون پڌريون ڪري ڏيندؤ ته اُھي (ڪھڙيون نه) چڱيون آھن، ۽ جيڪڏھن اُنھن کي ڳجھو ڪندؤ ۽ اُھي محتاجن کي ڏيندؤ ته اُھي اوھان لاءِ (ويتر) ڀليون آھن، ۽ الله اوھان جا ڪي گناہ اوھان کان ميٽيندو، ۽ جيڪي اوھان ڪندا آھيو تنھن جي الله خبر رکندڙ آھي.
279 - (اي پيغمبر) توتي اُنھن (ڪافرن) کي ھدايت (يعني دل ۾ اثر پيدا) ڪرڻ لازم نه آھي پر الله جنھن کي گھرندو آھي تنھن کي ھدايت ڪندو آھي ۽ جيڪي ڪجھ مال خرچيندا آھيو سو اوھان لاءِ آھي، ۽ الله جي رضامندي طلبڻ کانسواءِ (اوھين) خرچ نه ڪريو، ۽ جيڪي ڪجھ مال خرچيو (اُن جو ثواب) اوھان کي پورو ڏبو ۽ اوھان تي ظلم نه ڪبو.
280 - اھڙن فقيرن کي (خيرات ڏيڻ لازم آھي) جيڪي الله جي واٽ ۾ روڪيل آھن (واپار لاءِ) مُلڪ ۾ سفر ڪري نه سگھندا آھن، ناواقف (سندن) بي طمعي سببان کين آسودا ڀائيندا آھن، سندين پيشانين مان کين سڃاڻندو آھين، چنبڙي ماڻھن کان نه پنندا آھن، ۽ جيڪي ڪجھ مال خرچيندا آھيو سو الله ڄاڻندڙ آھي.
285 - اي ايمان وارؤ الله کان ڊڄو ۽ جيڪڏھن اوھين (الله ۽ رسول کي) مڃيندڙ آھيو ته جيڪي وياج مان رھيل آھي سو ڇڏيو.
286 - پوءِ جيڪڏھن (ائين) نه ڪندؤ ته الله ۽ سندس رسول جي پاران اوھان کي جنگ جي سُڌ ھجي، ۽ جيڪڏھن توبه ڪيوَ ته اوھان لاءِ اوھان جي مالن جي موڙي آھي، نڪي وڌيڪ وٺو ۽ نڪي اوھان کي گھٽ ڏبو.
288 - ۽ (اي ماڻھو) اُنھيءَ ڏينھن کان ڊڄو جنھن ۾ الله ڏانھن موٽايا ويندؤ، پوءِ سڀڪنھن ماڻھوءَ کي جيڪي ڪمايائين تنھن جو پورو بدلو ڏبو ۽ اُنھن تي ظلم نه ڪبو.
289 - اي مؤمنؤ جڏھن ڪنھن ٺھرايل (مُدت) تائين قرض جو معاملو ڪريو تڏھن اُن کي لکو، ۽ اوھان جي وچ ۾ لکندڙ کي انصاف سان لکڻ گھرجي، ۽ جئن کيس الله سيکاريو تئن لکندڙ لکڻ کان انڪار نه ڪري پوءِ لکڻ گھرجيس، ۽ جنھن تي قرض آھي سو (مطلب) بيان ڪري ۽ پنھنجي پالڻھار الله کان ڊڄڻ گھرجيس ۽ منجھانئس ڪُجھ نه گھٽائي، پوءِ جنھن تي قرض آھي سو جيڪڏھن اَٻوجھ يا ھيڻو ھجي يا بيان نه ڪري سگھي ته سندس سنڀاليندڙ کي اِنصاف سان بيان ڪرڻ گھرجي، ۽ پنھنجن (مسلمانن) مڙسن مان ٻه گواھ شاھد ڪريو، پوءِ جيڪڏھن ٻه مڙس نه ھجن ته ھڪ مڙس ۽ ٻه زالون (اُنھن) شاھدن مان جيڪي اوھان کي وڻن (شاھد ڪريو ھن لاءِ) ته جي اُنھن (ٻنھي) مان ھڪڙي وساريندي ته اُنھن مان ٻي کيس ياد ڏياريندي، ۽ جڏھن شاھد (شاھديءَ ڏانھن) سڏيا وڃن ته انڪار نه ڪن، ۽ اُن جي مدت تائين ٿوري يا گھڻي (قرض) جي لکي ڏيڻ کان نه ٿڪجو، اِھو (لکڻ) الله وٽ انصاف کي تمام ويجھو ۽ شاھديءَ لاءِ بلڪل بيھڪ وارو آھي ۽ اوھان جي شڪ ۾ نه پوڻ کي (به) ڏاڍو ويجھو آھي پر جيڪڏھن اوھان جو واپار رُوبرو ھجي جو اوھين ھٿون ھٿ پاڻ ۾ پيا ڪريو ته اُن جي نه لکڻ ۾ اوھان تي ڪو گناھ نه آھي، ۽ جڏھن ڳنھو وڪڻو ته شاھد ڪريو، ۽ لکندڙ ۽ شاھد کي نه ڏکوئجي، ۽ جيڪڏھن (اھڙو ڪم) ڪندؤ ته اُھو اوھان کي گُناہ آھي، ۽ الله کان ڊڄو، ۽ الله اوھان کي سيکاري ٿو، ۽ الله سڀڪنھن شيء کي ڄاڻندڙ آھي.
290 - ۽ جيڪڏھن اوھين مسافريءَ ۾ ھُجو ۽ لکندڙ نه لھو ته ھٿڻ گروي وٺڻ لازم آھي، پوءِ جيڪڏھن اوھان مان ھڪڙا ٻـين تي اعتبار رکن ته جنھن تي اعتبار رکيو ويو تنھن کي پنھنجي امانت (يعني قرض) ادا ڪرڻ گھرجي ۽ پنھنجي پالڻھار الله کان ڊڄڻ گھرجي، ۽ شاھدي نه لڪايو، ۽ جيڪو اُن کي لڪائيندو ته بيشڪ سندس دل ڏوھارڻ آھي، ۽ جيڪي اوھين ڪندا آھيو سو الله ڄاڻندڙ آھي.
291 - جيڪي آسمانن ۾ آھي ۽ جيڪي زمين ۾ آھي سا الله جي ئي (ملڪيت) آھي، ۽ جيڪي اوھان جي دلين ۾ آھي سو جيڪڏھن پڌرو ڪريو توڻي اُھو لڪايو (ته به) الله اوھان سان اُن جو حساب ڪندو، پوءِ جنھن لاءِ گھرندو تنھن کي بخشيندو، ۽ جنھن لاءِ گھرندو تنھن کي عذاب ڪندو، ۽ الله سڀڪنھن شيءِ تي وس وارو آھي.
292 - پيغمبر (ﷴ ﷺ) ڏانھن جيڪي سندس پالڻھار کان لاٿو ويو سو اُن مڃيو آھي ۽ مؤمنن (به)، سڀڪنھن الله ۽ سندس ملائڪن ۽ سندس ڪتابن ۽ سندس رسولن کي مڃيو آھي، (چون ٿا ته) سندس پيغمبرن مان ڪنھن ھڪ (جي مڃڻ) ۾ فرق نه ڪندا آھيون، ۽ چيائون ته ٻڌوسون ۽ سندس (حُڪم) مڃيوسون، اي اسان جا پالڻھار تنھنجي بخشش گھرون ٿا ۽ تو ڏانھن موٽڻو آھي.
293 - الله ڪنھن کي سندس وس ڌاران تڪليف نه ڏيندو آھي، جيڪي (چڱو) ڪمايائين سو سندس (فائدي) لاءِ آھي ۽ جيڪي (بڇڙو) ڪمايائين سو مٿس آھي، اي اسان جا پالڻھار جيڪڏھن وساريون يا چوڪ ڪريون ته اسان کي نه پڪڙ، ۽ اي اسان جا پالڻھار اسان تي اھڙو بار نه رک جھڙو اسان کان اڳين تي رکيو ھيئي، ۽ اي اسان جا پالڻھار (جنھن بار) جي کڻڻ جي اسان کي سگھ ڪانھي سو اسان تي نه رک، ۽ اسان کي معاف ڪر، ۽ اسان کي بخش، ۽ اسان تي مِھر ڪر، تون اسان جو سائين آھين تنھنڪري اسان کي ڪافر ٽوليءَ تي سوڀ ڏي.
294 - الٓمَّٓ.
295 - الله (اُھو آھي جو) اُن کانسواءِ ڪوئي عبادت جو لائق نه آھي (جو سدائين) جيئرو (جڳ جي) بيھڪ ڏيڻ وارو آھي.
296 - توتي (اُھو) ڪتاب سچ سان لاٿائين (جو) جيڪي (ڪتاب) کانئس اڳي آھن تن جو سچو ڪندڙ آھي ۽ توريت ۽ اِنجيل کي لاٿائين.
297 - اڳي ئي ماڻھن جي ھدايت لاءِ ۽ (سچ ۽ ڪُوڙ ۾) سنڌو وجھندڙ لاٿائين، جن الله جي آيتن جو اِنڪار ڪيو تن لاءِ سخت عذاب آھي، ۽ الله غالب بدلي وٺڻ وارو آھي.
298 - بيشڪ الله تي ڪائي شيء نڪي زمين ۾ ۽ نڪي آسمان ۾ ڳجھي رھندي آھي.
300 - اُھو (الله) آھي جنھن توتي ڪتاب لاٿو جنھن مان ڪي آيتون مُحڪم آھن (يعني اُنھن جي معنىٰ صاف آھي) اُھي ڪتاب جو اصل آھن ۽ ٻيون متشابه آھن (يعني اُنھن جون معنائون گھڻيون ٿي سگھن ٿيون)، پوءِ جن دلين ۾ ڏنگائي آھي سي مَنجھانئس جيڪي مُتشابه آھن تن جي پُٺيان خرابي ڳولڻ ۽ سندس مراد ڳولڻ لاءِ لڳندا آھن، ۽ الله کانسواءِ اُن جي مُراد ڪوئي نه ڄاڻندو آھي، ۽ (جيڪي) علم ۾پڪا (آھن سي) چوندا آھن ته اُنھن کي مڃيوسُون اِھي مڙئي اسان جي پالڻھار وٽان آھن، ۽ ڌيان وارن کانسواءِ (ٻيو) ڪوبه نصيحت نه وٺندو آھي.
301 - اي اسان جا پالڻھار جڏھن تو اسان کي ھدايت ڪئي تنھن کان پوءِ اسان جي دلين کي ڏنگائي نه ڏي ۽ پاڻ وٽان اسان کي ٻاجھ عطا ڪر، ڇوته تون ئي بخشڻھار آھين.
302 - اي اسان جا پالڻھار تون اُن ڏينھن ۾ ماڻھن کي گڏ ڪندڙ آھين جنھن ۾ ڪو شڪ نه آھي، ڇوته الله (پنھنجي) انجام کي نه ڦيرائيندو آھي.
303 - بيشڪ جن ڪفر ڪيو تن کان ڪڏھن نه سندن مال ۽ نڪي سندن اولاد الله (جي عذاب) مان ڪجھ نه ٽاريندو، ۽ اِھي دوزخ جو ٻارڻ آھن.
304 - (اُنھن جو حال) فرعونين جي ۽ اُنھن جي حال جھڙو آھي جي کانئن اڳ ھؤا، (اُنھن) اسان جي آيتن کي ڪُوڙو ڀانيو، پوءِ الله سندن گناھن سببان کين پڪڙيو، ۽ الله سخت سزا ڏيندڙ آھي.
311 - الله (ھي) گواھي ڏني آھي ته الله کانسواءِ ڪوئي عبادت جو لائق نه آھي، ۽ مَلائِڪ ۽ علم وارا (به) انصاف تي بيھڪ وارا ٿي (اِھا شاھدي ڏيندا آھن)، اُن کانسواءِ ڪوئي عبادت جو لائق نه آھي اُھو غالب حِڪمت وارو آھي.
312 - بيشڪ وڻندڙ دين الله وَٽ اِسلام آھي، ۽ جن کي ڪتاب (توريت ۽ انجيل) ڏنو ويو تن (اڳ) تڪرار نه ڪيو پر وٽن علم آيو تنھن کانپوءِ پاڻ ۾ ضد سببان (تڪرار ڪيائون)، ۽ جيڪو الله جي حڪمن کي نه مڃيندو ته بيشڪ الله (به) سگھو حساب وٺندڙ آھي.
313 - پوءِ جيڪڏھن توسان جھيڙين ته چؤ پنھنجو مُنھن (يعني سر) مُون ۽ جنھن منھنجي تابعداري ڪئي تنھن الله لاءِ نِوايو آھي، ۽ (اي پيغمبر) جن کي ڪتاب (توريت ۽ انجيل) ڏنو ويو تن کي ۽ اڻ پڙھيلن کي چؤ ته اسلام آندو اَٿوَ؟ (يا نه) پوءِ جيڪڏھن اسلام آڻين ته بيشڪ سِڌيءَ واٽ وارا ٿيا، ۽ جيڪڏھن ڦري وڃن ته توتي رڳو پيغام پُھچائڻ آھي، ۽الله ٻانھن کي ڏسندڙ آھي.
314 - بيشڪ جيڪي الله جي آيتن کي نٿا مڃين ۽ پيغمبرن کي ناحق ٿا ڪُھن ۽ ماڻھن مان جيڪي (کين) اِنصاف جو حُڪم ڪن ٿا تن کي ٿا ڪُھن پوءِ کين ڏکوئيندڙ عذاب جي سُڌ ڏي.
315 - اِھي (اُھي) آھن جن جي ڪمائي دُنيا ۽ آخرت ۾ ناس ٿي ويئي، ۽ اُنھن جو ڪو واھرو ڪونھي.
316 - (اي پيغمبر) جن کي ڪتاب مان ڪو ڀاڱو ڏنو ويو تن کي نه ڏٺو اَٿئي ڇا؟ (جو) الله جي ڪتاب ڏانھن (ھن لاءِ) سڏيا وڃن ٿا ته سندن وچ ۾ نبيرو ڪري پوءِ منجھانئن ھڪ ٽولي ڦري ويندي آھي ۽ اُھي مُنھن موڙيندڙ (به) آھن.
317 - اِھو ھِن سببان آھي جو اُھي چون ٿا ته باھ ڪن ڳاڻوَن ڏينھن کانسواءِ اسان کي ڪڏھن نه ڇھندي، ۽ جيڪو ٺاھ ٺاھيندا رھيا تنھن کين سندن دين ۾ ٺڳيو آھي.
318 - پوءِ ڪھڙو (حال ٿيندن) جڏھن کين اُھو ڏينھن جنھن ۾ ڪو شڪ نه آھي تنھن ۾ گڏ ڪنداسين، ۽ سڀڪنھن ماڻھوءَ جيڪي ڪمايو تنھن جو کيس پُورو بَدلو ڏبو ۽ اُنھن سان ظلم نه ڪبو.
319 - (اي پيغمبر) چؤ ته اي الله مُلڪ جا مالِڪ جنھن کي گھرين تنھن کي بادشاھي ڏئين ۽ جنھن کان وڻيئي تنھن کان بادشاھي کسين، ۽ جنھن کي گھرين تنھن کي مانوارو ڪرين ۽ جنھن کي وڻيئي تنھن کي بي مانو ڪرين، تنھنجي ھٿ ۾ چڱائي آھي، ڇوته تون سڀڪنھن شيء تي وسوارو آھين.
320 - رات کي (گھٽائي) ڏينھن آڻين ٿو ۽ ڏينھن کي (گھٽائي) رات ۾ آڻين ٿو، ۽ مُئي مان جِيئري کي ڪڍين ٿو ۽ جيئري مان مُئي کي ڪڍين ٿو، ۽ جنھن کي گھُرين تنھن کي اَڻ ڳڻي روزي ڏيندو آھين.
321 - (گھُرجي ته) مُؤمن مُؤمنن کانسواءِ ڪافرن کي دوست نه بڻائين، ۽ جيڪو اِئين ڪندو تنھن جو الله (جي دين) سان (ڪُجھ) واسطو نه آھي ھِن کانسواءِ ته اِنھن (ڪافرن) کان پاڻ بچائڻ لاءِ بچاءُ ڪريو، ۽ الله پاڻ کان اوھان کي ڊيڄاريندو آھي، ۽ الله ڏانھن موٽڻو آھي.
322 - (اي پيغمبر کين) چؤ ته جيڪي اوھان جي دلين ۾ آھي سو جي لڪائيندؤ يا اُھو پڌرو ڪندؤ ته (به) اُن کي الله ڄاڻندو آھي، ۽ جيڪي آسمانن ۾ آھي ۽ جيڪي زمين ۾ آھي (سوبه) ڄاڻندو آھي، ۽ الله سڀ ڪنھن شيءِ تي وسوارو آھي.
323 - اُنھيءَ ڏينھن سڀڪو (ماڻھو) جيڪو چڱو ڪم ڪيائين ۽ جيڪو بڇڙو ڪم ڪيائين تنھن کي آڏو لھندو، (بڇڙي ڪم کي ڏسي) گھرندو ته جيڪر سندس ۽ اُن جي وچ ۾ گھڻي ڊيگھ ھجي ھا، ۽ الله پاڻ کان اوھان کي ڊيڄاريندو آھي، ۽ الله ٻانھن تي گھڻو مھربان آھي.
324 - (اي پيغمبر) چؤ ته جي اوھين الله کي دوست رکندا آھيو ته منھنجي تابعداري ڪريو ته الله اوھان کي دوست رکندو ۽ اوھان جا گناھ اوھان کي بخشيندو، ۽ الله بخشڻھار مھربان آھي.
325 - (اي پيغمبر) چؤ ته الله ۽ پيغمبر جي فرمانبرداري ڪريو، پوءِ جيڪڏھن ڦري ويا ته بيشڪ الله (به) ڪافرن کي دوست نه رکندو آھي.
326 - بيشڪ الله آدم ۽ نُوح ۽ ابراھيم جي اولاد ۽ عِمران جي اولاد کي جھانن (وارن) تي سدورو ڪيو آھي.
327 - جو پاڻ ۾ ھڪ ٻئي جو نسل آھن، ۽ الله ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آھي.
328 - جڏھن عِمران جي زال چيو ته اي مُنھنجا پالڻھار جيڪي مُنھنجي پيٽ ۾ آھي سو تولاءِ آجو ڪيل نذر ڪيم تنھنڪري مون کان قبول ڪر، ڇوته تون ئي ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آھين.
4999 - ۽ (پڻ ھر جنس جو) ميوو جتان وڻندن.
329 - پوءِ جنھن مھل اُن کي ڄڻيائين تڏھن چيائين ته اي مُنھنجا پالڻھار مون ڌيءُ ڄڻي، ۽ جيڪي اُن (بي بيءَ) ڄڻيو تنھن کي الله چڱو ڄاڻندڙ آھي، ۽ (چيائين ته) پُٽ ڌيءُ جھڙو نه آھي، ۽ مون سندس نالو مريم رکيو ۽ آءٌ اُن کي ۽ سندس نسل کي تڙيل شيطان (جي شر) کان تنھنجي پناھ ۾ سونپيان ٿي.
1512 - پوءِ جنھن کي عذاب پھچندو تنھن کي سگھوئي ڄاڻندؤ جو (اُھو) ان کي خوار ڪندو ۽ مٿس سدائين عذاب (پيو) لھندو.
344 - بيشڪ الله مُنھنجو پالڻھار ۽ اوھان جو پالڻھار آھي تنھنڪري سندس عبادت ڪريو، اھا سنئين واٽ آھي.
345 - پوءِ جنھن مھل عيسىٰ کائن ڪُفر (جا ڪم) اکين سان ڏٺا (تنھن مھل) چيائين ته الله (جي دين) ڏانھن مُنھنجا واھرو ڪير آھن؟ حوارين چيو ته اسين الله (جي دين) جا واھرو آھيون، الله کي مڃيوسون، ۽ شاھد ھُج ته اسين پَڪ مُسلمان آھيون.
346 - (چيائون) اي اسانجا پالڻھار جيڪي تو لاٿو سو مڃيوسون ۽ پيغمبر جي تابعداري ڪئي سون تنھنڪري اسانکي شاھدن ۾ لک.
347 - ۽ ((يھودين) رٿ رٿي ۽ الله به (ڳجھي) رٿ رٿي، ۽ الله چڱو (ڳجھي) رٿ رٿيندڙ آھي.
348 - (ياد ڪر) جڏھن الله چيو ته اي عيسىٰ آءٌ توکي ماريندڙ ۽ پاڻ ڏانھن مٿاھون ڪندڙ آھيان ۽ جن ڪُفر ڪيو تن (جي بھتانن) کان توکي پاڪ ڪندڙ آھيان ۽ جن تنھنجي تابعداري ڪئي تن کي قيامت تائين ڪافرن تي مٿاھون (غالب) ڪندڙ آھيان، وري مون ڏانھن اوھان جو موٽڻ آھي پوءِ اوھان جي وچ ۾ جنھن ڳالھ بابت اوھين تڪرار ڪندا آھيو (تنھن بابت) نبيرو ڪندس.
349 - پوءِ (اُنھن مان) جن ڪُفر ڪيو تن کي دُنيا ۽ آخرت ۾ بلڪل سخت سزا ڏيندس، ۽ اُنھن جو ڪو واھرو نه آھي.
5000 - ۽ پکين جو گوشت جنھن قسم مان (پيو) گھرين.
3345 - جيڪو الله جي ملڻ جي اميد رکندو آھي (سو سمجھي) ته بيشڪ الله جي ٺھرايل مُدت ضرور اچڻي آھي، ۽ اُھو ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آھي.
354 - پوءِ اُن پڄاڻا جو تو وٽ ڄاڻپ آئي جيڪو توسان اِن بابت جھڳڙو ڪري ته چؤ ته اچو ته (اسين) پنھنجن پُٽن ۽ اوھان جي پُٽن ۽ پنھنجين زالن ۽ اوھان جي زالن ۽ پاڻ کي ۽ اوھان کي سڏيون، پوءِ زاريءَ سان دُعا گھرون پوءِ الله جي لَعنت ڪُوڙن تي ڪريون.
355 - اِھو قِصو ضرور سَچّو آھي، ۽ الله کانسواءِ ڪوبه عبادت جو لائق نه آھي، ۽ الله ئي غالب حِڪمت وارو آھي.
356 - پوءِ جيڪڏھن ڦرن ته بيشڪ الله به فسادين کي ڄاڻندڙ آھي.
357 - (اي پيغمبر) چؤ ته اي ڪتاب وارؤ ھڪ ڳالھ ڏانھن اچو جا اسان ۽ اوھان جي وچ ۾ ھڪ جھڙي آھي ته الله کانسواءِ ڪنھن جي عبادت نه ڪريون ۽ نڪي ساڻس ڪنھن شيء کي شريڪ ڪريون ۽ نڪي اسان مان ڪو ڪنھن کي (به) الله ڌاران پالڻھار ڪري مڃي، پوءِ جيڪڏھن ڦرن ته چؤ ته شاھد ھُجو ته اسين پڪ مُسلمان آھيون.
358 - اي ڪتاب وارؤ ابراھيم بابت ڇالاءِ جھڳڙو ڪريو ٿا؟ ۽ توريت ۽ انجيل نه لاٿا ويا پر کانئس پوءِ، پوءِ اوھين نه سمجھندا آھيو ڇا؟
359 - (اي يھوديؤ) اوھين اُھي آھيو جو جنھن شيء جي اوھان کي ڄاڻپ آھي تنھن بابت ته جھڳڙو ڪندا آھيو پر جي اوھان کي ڪا ڄاڻپ آھي ئي نه تنھن بابت ڇو جھڳڙو ڪندا آھيو؟ ۽ الله ڄاڻندو آھي ۽ اوھين نه ڄاڻندا آھيو.
360 - ابراھيم نڪو يھودي ھو ۽ نڪي نصراني پر حَنيف (ھڪ طرفو) مُسلمان ھو، ۽ مُشرڪن مان نه ھو.
361 - ابراھيم کي اُھي ماڻھو ويجھا آھن جن سندس تابعداري ڪئي ۽ ھيءُ پيغمبر ۽ جن مٿس ايمان آندو، ۽ الله مؤمنن جو سنڀاليندڙ آھي.
362 - ڪتاب وارن مان ڪا ٽولي گھرندي آھي ته جيڪر اوھان کي ڀُلائين، ۽ اُھي پاڻ کانسواءِ (ٻئي) ڪنھن کي نه ڀلائيندا آھن ۽ نه پروڙيندا آھن.
363 - اي ڪتاب وارؤ الله جي آيتن کي ڇالاءِ نه ٿا مڃو؟ ۽ حالانڪ اوھين شاھدي ڏيو ٿا.
364 - اي ڪتاب وارؤ ڇالاءِ سچ کي ڪُوڙ سان ملائيندا آھيو ۽ سچ کي لڪائيندا آھيو؟ ھن ھوندي (به) جو اوھين ڄاڻندا آھيو.
365 - ۽ ڪتاب وارن مان ڪا ٽولي (پاڻ ۾) چوي ٿي ته جيڪي مؤمنن تي لاٿو ويو آھي تنھن کي ڏينھن جي اڳياڙيءَ ۾ مڃيو ۽ ان جي پوياڙيءَ ۾ انڪار ڪريو ته مانَ اُھي ڦري وڃن.
366 - ۽ جيڪو اوھان جي دين جي تابعداري ڪري تنھن کانسواءِ ٻئي ڪنھن کي نه مڃيو، چئو ته ھدايت الله واري ھدايت آھي ۽ چون ٿا ته ھيءَ به نه مڃيو ته جھڙو (دين) اوھان کي ڏنو ويو آھي تھڙو دين اُنھن کي ڏنو ويندو يا اوھان جي پالڻھار وٽ اوھان کي الزام ڏيندا، چؤ ته ڀلائي الله جي ھٿ ۾ آھي، جنھن کي وڻيس تنھن کي اُھا ڏيندو آھي، ۽ الله (مھربانيءَ ۾) ڪشادگيءَ وارو ڄاڻندڙ آھي.
367 - جنھن کي وڻيس تنھنکي پنھنجي ٻاجھه سان خاص ڪندو آھي، ۽ الله وڏي فضل وارو آھي.
368 - ۽ ڪتاب وارن مان ڪي اھڙا آھن جو جيڪڏھن وٽن تمام گھڻو مال امانت رکين ته اُھو (سمورو) توکي ورائي ڏيندا، ۽ منجھائن ڪي اھڙا آھن جو جيڪڏھن وٽن ھِڪ مُھر امانت رکين ته مٿن سدائين بيھڻ کانسواءِ توکي ورائي نه ڏيندا، اِھو (نه ڏئڻ) ھن سببان آھي جو چون ٿا ته اڻ پڙھيلن (جي مال کسڻ) ۾ اسان تي ڪا پڪڙ پڇاڙ نه آھي، ۽ الله تي اھي ڄاڻڻ ھوندي به ڪُوڙ چوندا آھن.
369 - ھائو جنھن پنھنجو انجام پاڙيو ۽ ڊنو ته بيشڪ الله ڊڄندڙن کي دوست رکندو آھي.
370 - جيڪي الله سان ڪيل انجامن ۽ پنھنجن قسمن جي عوض ٿورو مُلھ وٺندا آھن اِھي (اُھي) آھن جن کي آخرت ۾ ڪو بھرو نه آھي ۽ نڪي قيامت جي ڏينھن الله ساڻن ڳالھائيندو ۽ نڪي اُنھن ڏانھن نھاريندو ۽ نڪي کين (گناھن کان) پاڪ ڪندو، ۽ اُنھن لاءِ ڏکوئيندڙ عذاب آھي.
371 - ۽ منجھائن ھڪ ٽولي آھي جا ڪتاب (پڙھڻ) ۾ پنھنجين زبانن کي ھن لاءِ وچڙائيندي آھي ته ان کي اوھين ڪتاب مان ڀانيو ۽ (حقيقت ڪري) اُھو ڪتاب مان نه آھي، ۽ (پڻ) چوندا آھن ته اُھو الله وٽان آھي ۽ (حقيقت ڪري) اُھو الله وٽان نه آھي، ۽ اُھي ڄاڻڻ ھوندي به الله تي ڪُوڙ چوندا آھن.
372 - ڪنھن به ماڻھوءَ کي نه جڳائيندو آھي جو الله کيس ڪتاب ۽ دانائي ۽ پيغمبري ڏئي اُھو وري ماڻھن کي چوي ته الله کانسواءِ مُنھنجا ٻانھا ٿيو پر (چوندو ته) رب جا (سچا ٻانھان) ٿيو انھيءَ ڪري جو ڪتاب سيکاريو ٿا ۽ پڻ انھيءَ ڪري جو پڙھو ٿا.
373 - ۽ ملائڪن ۽ پيغمبرن کي پالڻھار ڪري مڃڻ جو اوھان کي حڪم نه ڪندو، جڏھن اوھين خُدا جا فرمانبردار ٿيا ھجو ته پوءِ اوھان کي ڇو ڪُفر جو حُڪم ڪندو.
376 - الله جي دين کانسواءِ ڇو ٻيو (دين) طلبيندا آھن ۽ جيڪي آسمانن ۽ زمين ۾ آھن تن سرھو توڙي ارھو ٿي کيس مڃيو آھي ۽ ڏانھس موٽايا ويندا.
377 - (اي پيغمبر) چؤ ته اسان الله کي ۽ جيڪي اسان تي لاٿو ويو آھي تنھن کي ۽ جيڪي ابراھيم ۽ اسماعيل ۽ اسحٰق ۽ يعقوب ۽ (اُن جي) اولاد تي لاٿو ويو ۽ جيڪي موسٰي ۽ عيسٰي ۽ (ٻين) پيغمبرن کي سندن پالڻھار کان ڏنو ويو تنھن کي مڃيون ٿا، اُنھن مان ڪنھن ھڪ ۾ فرق نه ٿا ڀانيون، ۽ اسان اُن (الله) کي مڃيندڙ آھيون.
378 - ۽ جيڪو اسلام ڌاران ٻيو دين طلبيندو تنھن کان اُھو ڪڏھن نه قبول ڪبو، ۽ اُھو آخرت ۾ ڇيئي وارن مان آھي.
379 - الله اُن قوم کي ڪئن ھدايت ڪندو جي پنھنجي اِيمان آڻڻ کانپوءِ ڪافر ٿيا ۽ (پھريائين) اقرار ڪيائون ته پيغمبر سچو آھي ۽ وٽن معجزا (به) آيا، ۽ الله ظالم ٽولي کي ھدايت نه ڪندو آھي.
380 - اِھي اُھي آھن جن تي سزا (ھيءَ) آھي ته مٿن الله ۽ ملائڪن ۽ مڙني ماڻھن جي لَعنت آھي.
381 - اُن ۾ سدائين رھڻ وارا آھن، کانئن عذاب ھلڪو نه ڪبو ۽ نه اُنھن کي مُھلت ڏبي.
382 - پر جن اُن کانپوءِ توبه ڪئي ۽ (پاڻ) سڌاريائون، ته بيشڪ الله (به) بخشڻھار مھربان آھي.
383 - جن پنھنجي ايمان آڻڻ کانپوءِ ڪُفر ڪيو وري ڪُفر ۾ وڌيا تن جي توبه ڪڏھن قبول نه ڪبي، ۽ اُھي ئي ڀليل آھن.
384 - جن ڪُفر ڪيو ۽ اُھي ڪافر ٿي مُئا تن مان ڪو ھڪڙو اگرچه سڄيءَ زمين جيترو سونُ (پنھنجن گناھن جي) عوض ڏئي ته به اُھو اُن کان قبول نه ڪبو، اِھي (اُھي) آھن جن لاءِ ڏکوئيندڙ عذاب آھي ۽ اُنھن جو ڪو واھرو ڪونھي.
385 - چڱائيءَ کي ايسين ڪڏھن نه پھچندؤ جيسين جن شين کي دوست رکندا آھيو تن مان (الله جي واٽ ۾ نه) خرچيو، ۽ جيڪا شيء (الله لڳ خرچيو سا ڀَلي ھئڻ گھرجي) ڇوته الله اُن کي ڄاڻندڙ آھي.
386 - سڀ (ڪنھن قسم جو) طعام بني اسرائيلن لاءِ حلال ھو پر جيڪي يعقوب پاڻ تي حرام ڪيو ھو سو توريت جي لھڻ کان اڳ ھو، (اي پيغمبر) چؤ ته جيڪڏھن اوھين سچا آھيو ته توريت آڻيو پوءِ اُھو پڙھو.
387 - پوءِ جيڪي ھن کانپوءِ الله تي ڪوڙ ٺاھيندا سي ئي ظالم آھن.
388 - (اي پيغمبر) چؤ ته الله سچ چيو آھي، پوءِ ابراھيم حنيف (ھڪ طرفي) جي دين جي تابعداري ڪريو، ۽ (ابراھيم) مشرڪن مان نه ھو.
390 - جنھن ۾ پڌريون نشانيون آھن (ھڪڙي) مقام ابراھيم آھي (جو اُن ۾ ابراھيم جي پيرن جو نشان آھي)، ۽ جيڪو اُتي داخل ٿيو سو امن وارو آھي، ۽ الله لاءِ خانه ڪعبه جو حج اُنھن ماڻھن تي لازم آھي جنھن کي ڏانھس واٽ وڃڻ جي سگھه آھي، ۽ جنھن انڪار ڪيو (ته الله کي پرواہ نه آھي) ڇو ته الله جھانن کان بي پرواہ آھي.
391 - (اي پيغمبر کين) چؤ ته اي ڪتاب وارؤ الله جي آيتن کي ڇونه ٿا مڃيو؟ ۽ (حقيقت ڪري) جيڪي ڪندا آھيو تنھن تي الله حاضر آھي.
392 - (اي پيغمبر) چؤ ته اي ڪتاب وارؤ جيڪو ايمان آڻي تنھن کي الله جي واٽ کان اُن (واٽ) جي ڏنگائي گھُري ڇو ٿا جھليو؟ ھن ھوندي به جو اوھين ڄاڻندڙ آھيو، ۽ جيڪي (اوھين) ڪندا آھيو تنھن کان الله بي خبر نه آھي.
393 - اي ايمان وارؤ جيڪڏھن ڪتاب وارن مان ڪنھن به ٽوليءَ جي فرمانبرداري ڪندؤ ته اوھان جي ايمان آڻڻ کان پوءِ اوھان کي ڪافر ڪري ڦيرائيندا.
394 - ۽ (اوھين) ھن ھوندي ڪئن ڪافر ٿا ٿيو؟ جو الله جون آيتون اوھان تي پڙھجن ٿيون ۽ سندس پيغمبر اوھان ۾ آھي، ۽ جيڪو الله (جي دين) کي چنبڙي پٺندو تنھن کي بيشڪ سڌيءَ واٽ ڏانھن رستو ڏيکاريو ويندو.
395 - اي مؤمنؤ الله کان (اِئين) ڊڄو جئن کانئس ڊڄڻ جو حق آھي ۽ اوھين مسلمان ھجڻ کانسواءِ نه مرجو.
396 - ۽ الله جي رسيءَ (يعني قرآن) کي سڀئي چنبڙي وٺو ۽ ڌاروڌار نه ٿيو، ۽ پاڻ تي الله جي نعمت کي ياد ڪريو جو جڏھن پاڻ ۾ ويري ھيؤ پوءِ اوھان جي دلين ۾ ميلاپ وڌائين پوءِ سندس فضل سان ھڪ ٻئي جا ڦري ڀائر ٿيؤ، ۽ اوھين دوزخ جي کڏ جي ڀَر تي ھيؤ پوءِ اوھان کي کانئس ڇڏايائين، اھڙيءَ طرح الله اوھان لاءِ پنھنجيون نشانيون بيان ڪندو آھي ته مانَ اوھين ھدايت لھو.
400 - ۽ جن جا منھن اڇا ھوندا سي الله جي رحمت ھيٺ رھندا، اُھي منجھس سدائين رھڻ وارا ھوندا.
5001 - ۽ وڏين اکين وارون حورون.
401 - (اي پيغمبر) اِھي الله جون آيتون آھن جي (اسين) توتي سچيءَ طرح پڙھون ٿا، ۽ الله جھانن لاءِ ظُلم ڪرڻ نه گھرندو آھي.
402 - ۽ جيڪي آسمانن ۾ آھي ۽ جيڪي زمين ۾ آھي (سو خاص) الله جو آھي، ۽ (سڀ) ڪم الله ڏانھن موٽايا ويندا.
403 - اوھين اھڙي ڀَلي اُمت ماڻھن لاءِ پيدا ٿيل آھيو جو چڱن ڪمن جو حُڪم ڪندا آھيو ۽ مدن ڪمن کان جھليندا آھيو ۽ الله کي مڃيندا آھيو، ۽ جيڪڏھن ڪتاب وارا ايمان آڻين ھا ته ضرور کين ڀَلو ھُجي ھا، منجھانئن ڪي مؤمن آھن ۽ منجھانئن گھڻا بي دين آھن.
404 - (اِھي زباني) اِيذاءُ کانسواءِ اوھان کي ڪڏھن ڏکوئي نه سگھندا، ۽ جيڪڏھن اوھان سان وڙھندا ته اوھان کي پُٺي ڏيئي ڀڄندا، وري مدد نه ڏبن.
405 - الله جي ذمي ۽ ماڻھن جي پناھ کانسواءِ جتي لڌا ويندا اُتي مٿن خواري ھنئي ويئي آھي ۽ الله جي ڏمر ھيٺ وري وريا ۽ مٿن محتاجي ھنئي ويئي آھي، اِھا (سزا) ھن سببان آھي جو الله جي آيتن کي نه ٿي مڃيائون ۽ پيغمبرن کي ناحق ٿي ڪُٺائون، اِھي (عادتون) اِنھيءَ سبب آھن جو بي فرماني ڪيائون ۽ حد کان لنگھندڙ ھئا.
406 - اِھي (سڀ) ھڪ جھڙا نه آھن، ڪتاب وارن مان ھڪڙي اھڙي سڌي ٽولي آھي جو الله جون آيتون رات جي وقتن ۾ پڙھندا آھن ۽ اُھي نماز (به) پڙھندا آھن.
407 - الله ۽ قيامت جي ڏينھن کي مڃيندا آھن ۽ چڱن ڪمن جو حڪم ڪندا آھن ۽ مَدن ڪمن کان جھليندا آھن ۽ چڱاين (يعني دين مڃڻ) ۾ اڳرائي ڪندا آھن، ۽ اِھي ڀلارن مان آھن.
408 - ۽ جيڪا ڪا به چڱائي ڪندا آھن تنھن جي بي قدري پٽيءَ نه ڪبي، ۽ الله پرھيزگارن کي ڄاڻندڙ آھي.
409 - جن اِنڪار ڪيو تن کان نڪي سندن مال سندن اولاد الله جو ڪُجھ (عذاب) ٽاري سگھندا، ۽ اُھي دوزخي آھن، اُھي منجھس سدائين رھڻ وارا آھن.
410 - ھن دنيا جي حياتيءَ ۾ جيڪي (رياءُ لاءِ) خرچيندا آھن تنھن جو مثال اُنھيءَ واءُ جي مثال وانگر آھي جنھن ۾ پارو ھجي جو اُن ٽوليءَ جي پوکه کي پھچي جن پاڻ تي ظلم ڪيو پوءِ اُن (سندن پوکه) کي ناس ڪري، ۽ الله ساڻن ظلم نه ڪيو آھي پر اُھي پاڻ تي ظلم ڪن ٿا.
411 - اي اِيمان وارؤ پنھنجن (مسلمانن) کانسواءِ ٻين (قومن) کي ڳجھو دوست ڪري نه مڃيو (جو) اوھان جي خرابي ڪرڻ ۾ ڪا گھٽتائي نه ڪندا آھن، اوھان جي ڏکه کي دوست رکيائون، بيشڪ سندن واتن مان دشمني پڌري ٿي آھي، ۽ جيڪي (ضد) سندن سينن لڪايو آھي سو تمام وڏو آھي، بيشڪ اسان اوھان لاءِ نشانيون بيان ڪيون آھن جيڪڏھن سمجھندا آھيو.
412 - اوھين اُھي آھيو جو اُنھن کي دوست رکندا آھيو ۽ اُھي اوھان کي دوست نه رکندا آھن ۽ اوھين الله جي سڄي ڪتاب کي مڃيندا آھيو، ۽ جڏھن اوھان کي مِلن ٿا (تڏھن) چون ٿا ته مڃيوسين، ۽ جڏھن ھيڪلا ٿين ٿا (تڏھن) اوھان تي ڪاوڙ کان آڱرين کي چٻين ٿا، (اي پيغمبر کين) چؤ ته (اوھين) پنھنجيءَ ڪاوڙ سببان مرو، ڇوته الله سينن وارو (ڀيد) ڄاڻندو آھي.
413 - (اي مؤمنؤ) جيڪڏھن اوھان کي ڪا چڱائي پھچندي آھي ته کين ڏکوئيندي آھي، ۽ جيڪڏھن اوھان کي ڪو ڏکه پھچندو آھي ته اُن سببان سرھا ٿيندا آھن، ۽ جيڪڏھن اوھين صبر ڪريو ۽ پرھيزگاري ڪريو ته سندن مڪر اوھان کي ڪجھ به نه ڏکوئيندو، ڇوته جيڪي ڪندا آھن تنھن کي الله گھيرو ڪندڙ آھي.
414 - (اي پيغمبر ياد ڪر) جنھن مھل (تون) پنھنجي گھر مان سويرو نڪتين جو مؤمنن کي جنگ لاءِ مورچن تي وھاريئي ٿي، ۽ الله ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آھي.
415 - (ياد ڪر) جنھن مھل اوھان مان ٻن ٽولين بي ھمت ٿيڻ جو ارادو ڪيو ۽ الله سندن مددگار ھو، ۽ مؤمنن کي جڳائي ته الله تي ڀروسو ڪن.
416 - ۽ بيشڪ الله اوھان کي اُنھيءَ حالت ۾ جو اوھين بي زور ھيؤ بدر ۾ سوڀ ڏني، پوءِ الله کان ڊڄو مانَ اوھين شڪر ڪريو.
417 - (اي پيغمبر اُنھيءَ مھل کي ياد ڪر) جنھن مھل تو مؤمنن کي چيو ٿي ته اوھان کي اوھان جي پالڻھار جي ٽن ھزارن ملائڪن (آسمان کان) لاٿلن سان مدد ڪرڻ ڪافي نه آھي ڇا؟
418 - ھائو جيڪڏھن اوھين صبر ڪريو ۽ پرھيزگار بڻجو ۽ ھڪدم اھي (ڪافر) اوھان تي اچي ڪڙڪن ته اوھان جو پاڻھار پنجن ھزارن ملائڪن نشان ڪيلن سان اوھان کي مدد ڏيندو.
419 - ۽ الله اُن (مدد) کي رڳو اوھان جي خوشخبريءَ لاءِ ڪيو آھي ۽ ھن لاءِ ته اوھان جون دليون اُن سان (ڀَلي ته) آرام وٺن، ۽ الله غالب حڪمت واري جي پار کانسواءِ ڪا مدد (ملڻي) نه آھي.
420 - (۽) ھن لاءِ ته ھڪڙو پاسو (يعني ڀاڱو) ڪافرن جو ڇني ڇڏي يا کين ھيڻو ڪري ڇڏي ته بي نصيب ٿي ڦِرن.
421 - (اي پيغمبر) اُن ڪم ۾ تنھنجو ڪو واسطو نه آھي (خداءِ) يا مٿن ٻاجھ سان موٽندو يا کين عذاب ڪندو ڇو ته اُھي ظالم آھن.
422 - ۽ جيڪي آسمانن ۾ آھي ۽ جيڪي زمين ۾ آھي (سو خاص) الله جو آھي، جنھن کي گھرندو آھي تنھن کي بخشيندو آھي ۽ جنھن کي گھرندو آھي تنھن کي عذاب ڪندو آھي، ۽ الله بخشڻھار مھربان آھي.
423 - اي ايمان وارؤ (اوھين) وياج ٻيڻو چؤڻو نه کائو، ۽ الله کان ڊڄو مانَ اوھين ڇٽو.
5002 - (ڄڻڪ) ڍڪيل موتين جھڙيون.
425 - ۽ الله ۽ رسول جي فرمانبرداري ڪريو ته مانَ اوھان تي ٻاجھ ڪئي وڃي.
427 - جيڪي سُک ۽ ڏک ۾ (الله ڪارڻ) خرچيندا آھن ۽ ڪاوڙ کي کائيندڙ ۽ ماڻھن (جي ڏوہ) کان ٽارو ڪندڙ آھن، ۽ الله ڀلارن کي دوست رکندو آھي.
428 - ۽ اُھي جڏھن ڪو بي حيائيءَ جو ڪم ڪندا آھن يا پاڻ تي ظلم ڪندا آھن (تڏھن) الله کي ياد ڪندا آھن ۽ پنھنجن گناھن جي بخشش گھرندا آھن، ۽ الله کانسواءِ ڪير گناہ بخشيندو؟ ۽ جيڪي ڪيائون تنھن تي ڄاڻي ٻجھي ھميشگي نه ڪندا آھن.
429 - اُنھن جو اَجر سندن پالڻھار وٽان بخشش ۽ بھشت آھن جن جي ھيٺان واھيون وھنديون آھن منجھن سدائين رھڻ وارا آھن، ۽ ڪمائيندڙن جو اَجر چَڱو آھي.
433 - جيڪڏھن اوھان کي (اُحُد ۾) ڪو گھاءُ پھتو آھي ته بيشڪ اُن جھڙو گھاءُ ڪافرن کي (بَدۡر ۾) پُھتو ھو، ۽ ھيءُ اھڙا واقعا آھن جو (اسين) اُنھن ماڻھن جي وچ ۾ ڦيرائيندا آھيون (ته نصيحت وٺن)، ۽ ھن لاءِ ته الله مؤمنن کي نِکيڙي ۽ اوھان مان ڪن کي شھيد ڪري، ۽ الله ظالمن کي دوست نه رکندو آھي.
434 - ۽ ھن لاءِ ته الله مؤمنن کي کرو ڪري ۽ ڪافرن کي ناس ڪري.
435 - اوھان بھشت ۾ گِھڙڻ جو گمان ڪيو آھي ڇا؟ ھن ھوندي جو الله اڃا اوھان مان مجاھدن کي نه نِکيڙيو آھي ۽ نڪي صابرن کي نِکيڙيو آھي.
436 - ۽ بيشڪ اوھين موت کي اُن جي ملڻ کان اڳ گھُرندا ھيؤ، پوءِ بيشڪ ان کي ڏٺوَ ۽ اوھين نھاريندا ھيؤ.
437 - ۽ ﷴ (ﷺ الله جو) پيغمبر آھي، بيشڪ اُن کان اڳ ڪيترا پيغمبر گذري ويا، پوءِ جيڪڏھن (اُھو) مري وڃي يا قتل ٿئي ته (اوھين) پنھنجين کڙين (ڀَر پوءِ) تي ڦرندؤ ڇا؟ ۽ جيڪو پنھنجين کڙين (ڀَرپوءِ) تي ڦرندو سو الله کي ڪجھ نقصان ڪڏھن نه لائيندو، ۽ الله شاڪرن (احسان مڃيندڙن) کي ستت ثواب ڏيندو.
438 - ۽ الله جي ٺھرايل وقت لکيل حُڪم کانسواءِ ڪنھن کي مرڻو نه آھي، ۽ جيڪو دنيا جو ثواب گھرندو تنھن کي اُن مان ڏينداسون، ۽ جيڪو آخرت جو ثواب گھرندو تنھن کي اُن مان ڏينداسون، ۽ شاڪرن کي (چڱو) ثواب ستت ڏينداسون.
440 - ۽ سندن چوڻ (ھن) چوڻ کانسواءِ نه ھو ته اي اسان جا پالڻھار اسان کي اسان جاگناہ (بخش) ۽ اسان جي ڪم ۾ اسان جي بيجا ھلت بخش ۽ اسان جا پير ثابت رک ۽ اسان کي ڪافرن جي ٽوليءَ تي فتح ڏي.
441 - پوءِ الله کين دنيا جو ثواب ۽ آخرت جو چڱو ثواب ڏنو، ۽ الله ڀلارن کي دوست رکندو آھي.
442 - اي اِيمان وارؤ جيڪڏھن اوھين ڪافرن جو چيو مڃيندؤ ته اوھان کي اوھان جي کڙين (ڀَرپوءِ) تي ڦيرائيندا پوءِ اوھين ڦِري ڇيئي وارا ٿيندؤ.
443 - بلڪ الله اوھان جو سائين آھي، ۽ اُھو چڱو مدد ڏيندڙ آھي.
444 - ڪافرن جي دلين ۾ ھن سببان سگھو دھشت وجھنداسون جو الله سان اھڙيءَ شيءِ کي شريڪ ڪيائون جنھن لاءِ الله ڪا سَنَد نه لاٿي آھي، ۽ سندن جاءِ باہ آھي، ۽ (اُھو) ظالمن جو ھنڌ بڇڙو آھي.
1513 - (انھيءَ ڪم ۾ ھوا) ايتري تائين جو اسان جو حُڪم آيو ۽ تنور اُڀاميو چيوسون ته سڀڪنھن جنس (جي جانورن) مان ٻه ٻه (نر ۽ مادي) ۽ جن بابت حڪم ٿي چڪو آھي (ته ھلاڪ ڪبا) تن ڌاران ٻيا پنھنجي گھر وارا ۽ جن ايمان آندو سي منجھس چاڙھ، ۽ ٿورن کانسواءِ مٿس ايمان نه آندو ھوائون.
445 - ۽ بيشڪ الله اوھان سان پنھنجو وعدو سچو ڪيو آھي جڏھن ته اُنھن (ڪافرن) کي ايستائين سندس حُڪم سان ڪُٺوَ، جيستائين بي ھمت ٿيؤ ۽ ڪم (پوري ڪرڻ) ۾ تڪرار ڪيوَ ۽ جيڪي دوست رکندا ھيؤ سو اوھان کي ڏيکاريائين تنھن کانپوءِ بي فرماني ڪيوَ، اوھان مان ڪو (اھڙو) آھي جو دُنيا کي گھرندو آھي ۽ اوھان مان ڪو (اھڙو) آھي جو آخرت کي گھرندو آھي، وري اوھان کي اُنھن کان ھن لاءِ ڦيرايائين ته اوھان کي پرکي، ۽ بيشڪ اوھان کي معافي ڏنائين، ۽ الله مؤمنن تي فضل ڪرڻ وارو آھي.
446 - جڏھن اوھين پري ٿي ڀَڳؤ ۽ ڪنھن ھڪ تي (ڪنڌ ڦيري) نه ٿي واجھايوَ ۽ پيغمبر اوھان کي اوھان جي پُٺيان سڏيندو رھيو پوءِ (خداءِ) اوھان کي ڏک تي ڏک جو بدلو ڏنو (اِھو) ھن لاءِ ته جيڪي اوھان کان ٿي ويو نڪي تنھن تي ۽ جيڪي اوھان کي پھتو نڪي تنھن تي غمگين ٿيو، ۽ جيڪي اوھان ڪندا آھيو تنھن جي الله خبر رکندڙ آھي.
467 - پوءِ (اُھي مسلمان) الله جي نعمت ۽ فضل سان موٽيا کين ڪا سختي نه پھتي ۽ الله جي راضپي پٺيان لڳا، ۽ الله وڏي فضل وارو آھي.
468 - (اُھو اوھان کي جنگ کان جھليندڙ) شيطان کان سواءِ ٻيو نه آھي جو پنھنجن دوستن کي ڊيڄاريندو آھي، جيڪڏھن (اوھين) مؤمن آھيو ته اُنھن (ڪافرن) کان نه ڊڄو ۽ مون کان ڊڄو.
447 - وري ڏک کانپوءِ اوھان تي آرام (جا) اوجھراڪي (ھئي) لاٿائين جو اوھان مان ھڪ ٽوليءَ کي ڍڪيندي رھي ۽ ٻي ٽولي ھئي جنھن کي سندن نفسن غمگين ڪيو ھو ناحق جاھليت جو گمان الله تي ڀانيائون ٿي، چيائون ٿي ته اسان لاءِ اِنھيءَ ڪم مان ڇا ڪجھ (ٿيڻو) آھي، (اي پيغمبر) چؤ ته سڀ اختيار الله جو ئي آھي، جيڪي توتي پڌرو نه ڪندا آھن سو پنھنجين دلين ۾ لڪائيندا آھن، چوندا آھن ته جيڪڏھن اسان جي وس ۾ ڪجھ به ڪم ھجي ھا ته اسين ھِتِ نه ڪُسون ھا، (اي پيغمبر کين) چؤ ته جيڪڏھن اوھين پنھنجن گھرن ۾ ھجو ھا ته جن ڪُسڻ لکيل ھو سي ضرور پنھنجي ڪوس جي جاين ڏانھن نڪرن ھا، ۽ (ھن لاءِ) ته جيڪي اوھان جي سينن ۾ آھي سو الله پرکي ۽ جيڪي اوھان جي دلين ۾ آھي سو کرو ڪري، ۽ الله سينن وارو (ڀيد) ڄاڻندڙ آھي.
448 - اوھان مان جن اُنھيءَ ڏينھن مُنھن موڙيو جو ٻه ٽوليون (ھڪ ٻئي جي) سامھون ٿيون ته اُنھن کي شيطان سندن ڪجھ ڪِئي جي شامت کان سواءِ نه ٿيڙيو، ۽ بيشڪ الله اُنھن کي معافي ڏني، ڇوته الله بخشڻھار بُردبار آھي.
449 - اي ايمان وارؤ اُنھن ڪافرن وانگر نه ٿيو جي پنھنجن ڀائرن لاءِ جڏھن اُھي ملڪ ۾ مسافري ڪن يا لڙائي ڪندڙ ھجن (تڏھن) چون ٿا ته جيڪڏھن اسان وٽ ھجن ھا ته نه مرن ھا ۽ نڪي ڪُسن ھا، ته الله اُھو اَرمان سندن دلين ۾ ڪري، ۽ الله جياريندو ۽ ماريندو آھي، ۽ جيڪي اوھين ڪندا آھيو سو الله ڏسندڙ آھي.
450 - ۽ جيڪڏھن اوھين الله جي واٽ ۾ ڪُسي پيؤ يا مري پيؤ ته جيڪي گڏ ڪندا آھن تنھن کان الله جي بخشش ۽ ٻاجھ (بلڪل) ڀلي آھي.
451 - ۽ جيڪڏھن (اوھين) مري وڃو يا ڪُسي پئو ته ضرور الله ڏانھن گڏ ڪيا ويندؤ.
452 - پوءِ (اي پيغمبر) الله جي ٻاجھ سببان اُنھن لاءِ نرم ٿيو آھين، ۽ جيڪڏھن ڪاوڙيل سخت سخت دل ھجين ھا ته ضرور تنھنجي آسپاس کان ڀڄي اُٿن ھا، پوءِ کين معافي ڏي ۽ اُنھن لاءِ بخشش گھُر ۽ ساڻن ڪم ۾ صلاح ڪر، پوءِ جڏھن تون پڪو اِرادو ڪرين تڏھن الله تي ڀروسو ڪر، ڇوته الله ڀروسي ڪرڻ وارن کي دوست رکندو آھي.
453 - جيڪڏھن الله اوھان کي مدد ڏيندو ته اوھان تي ڪو غالب (ٿيڻو) نه آھي، ۽ جيڪڏھن اوھان کي مدد نه ڏيندو ته اُن کانپوءِ ڪير اوھان کي مدد ڏيندو؟ ۽ مؤمنن کي جڳائي ته الله تي ڀروسو ڪن.
454 - ۽ ڪنھين پيغمبر کي (غنيمت جي مال ۾) خيانت ڪرڻ نه جڳائي، ۽ جيڪو خيانت ڪندو سو جيڪا شيء خيانت ڪيائين تنھن سميت قيامت جي ڏينھن ايندو، پوءِ سڀڪنھن ماڻھوءَ جيڪي ڪمايو تنھن جو پورو بدلو کيس ڏنو ويندو ۽ اُنھن تي ظلم نه ڪبو.
455 - جيڪو الله جي رضامنديءَ جي پٺيان لڳو سو اُن جھڙو آھي ڇا؟ جيڪو الله جي ڪاوڙ ھيٺ ڦري آيو ۽ سندس جاءِ دوزخ آھي، ۽ (اُھو) ورڻ جو ھنڌ بُڇڙو آھي.
456 - اُھي الله وٽ (وڏن) درجن وارا آھن، ۽ جيڪي ڪندا آھن سو الله ڏسندڙ آھي.
458 - ۽ جڏھن اوھانکي (جنگ اُحد ۾) ڏک پھتو توڻيڪ (پنھنجن دشمنن کي) اُن جو ٻيڻو (ڏُک بَدۡر ۾) پھچايو ھيو ته به چيوَ ٿي ته ھي (مصيبت) ڪٿان (پھتي) آھي، (اي پيغمبر) چؤ ته اُھا اوھان کي پاڻ وٽان (پھتي) آھي، ڇوته الله سڀڪنھن شيء تي وسوارو آھي.
459 - ۽ اُنھيءَ ڏينھن جو ٻه ٽوليون پاڻ ۾ سامھون ٿيون (تنھن ڏينھن) جيڪي اوھانکي پھتو سو الله جي حُڪم سان ھو ۽ ھن لاءِ ته مؤمنن کي نِکيڙي.
460 - ۽ منافقن کي به نِکيڙي، ۽ کين چيو ويو ته اچو الله جي واٽ ۾ وڙھو يا (ڪافرن کي) جواب ڪريو، چيائون ته جيڪڏھن اسان کي ڪنھن جنگ ٿيڻ جي خبر ھجي ھا ته ضرور اوھان سان ھجون ھا، اُھي اُن ڏينھن پاڻ اِيمان کان ڪفر ڏي بلڪل ويجھو ھؤا، پنھنجن واتن سان اُھي (ڳالھيون) چوندا آھن جيڪي سندين دلين ۾ نه آھن، ۽ جيڪي لڪائيندا آھن سو الله بلڪل ڄاڻندڙ آھي.
461 - (ته) اِھي اُھي آھن جن پنھنجن ڀائرن کي چيو ۽ ويٺا رھيا ته جيڪڏھن (اُھي) اسان جو چيو مڃن ھا ته نه ڪُسن ھا، (اي پيغمبر کين) چؤ ته جيڪڏھن اوھين سچا آھيو ته پاڻ کان موت کي ٽاريو.
462 - ۽ جيڪي الله جي واٽ ۾ ڪُٺا ويا تن کي مئل پٽيءَ نه ڀانءِ، بلڪ (اُھي) جيئرا آھن (۽) پنھنجي پالڻھار وٽ روزي ڏنل آھن.
463 - جيڪي الله اُنھن کي پنھنجي فضل سان ڏنو آھي تنھن (حال) سان خوش ٿيندڙ آھن ۽ جيڪي سندن پٺيان آھن تن مان جيڪي ساڻن نه گڏيا آھن اُنھن لاءِ ھن ڪري خوش ٿيندا آھن ته کين ڪو ڀؤ نه آھي ۽ نڪي اُھي غمگين رھندا.
464 - الله جي نعمت ۽ فضل سان خوش ٿيندا آھن ۽ الله مؤمنن جو اجر نه وڃائيندو آھي.
465 - جن پاڻ کي ڦٽ پھچڻ کان پوءِ به الله ۽ رسول جو حُڪم قبول ڪيو، انھن مان جن چڱائي ڪئي ۽ ڊنا تن لاءِ وڏو اجر آھي.
466 - جن کي ماڻھن چيو ته (ڪافرن) ماڻھن اوھان لاءِ لشڪر گڏ ڪيو آھي تنھن ڪري کانئن ڊڄو پوءِ (اُن چوڻ) ھٿون اُنھن جو ايمان وڌايو ۽ چيائون ته اسان کي الله ڪافي آھي ۽ (اُھو) چڱو وڪيل (ڀرجھلو) آھي.
469 - ۽ (اي پيغمبر) جيڪي ڪفر (جي سوڀ) ۾ اڳرائي ڪندا آھن سي توکي غمگين نه ڪن، ڇو ته اُھي الله کي ڪجھ به نقصان نه لائيندا، الله گھرندو آھي ته اُنھن کي آخرت ۾ ڪجھ بھرو نه ڏي، ۽ اُنھن لاءِ وڏو عذاب آھي.
470 - جن اِيمان جي بدران ڪفر ڳڌو سي الله کي ڪجھ به نقصان نه لائيندا، ۽ اُنھن لاءِ ڏکوئيندڙ عڊاب آھي.
471 - ۽ ڪافر (ھيءُ) نه ڀانئن ته کين اسان جي مُھلت ڏيڻ اُنھن لاءِ ڀلي آھي، اُنھن کي ھن کانسواءِ ڍر نه ڏني سون ته گناھ ۾ وڌن، ۽ انھن لاءِ خوار ڪندڙ عذاب آھي.
472 - (اي منافقؤ) الله کي نه جڳائيندو آھي ته جنھن تي اوھين آھيو تنھن تي مؤمنن کي (به) ڇڏي ڏي تان جو پليت کي پاڪ کان ڌار ڪري، ۽ الله کي نه جڳائيندو آھي جو اوھان کي ڳُجھ تي واقف ڪري پر الله پنھنجن پيغمبرن مان جنھن کي گھرندو آھي تنھن کي چونڊيندو آھي، پوءِ الله ۽ سندس پيغمبرن کي مڃيو، ۽ جيڪڏھن (اوھين) مڃيندؤ ۽ ڊڄندؤ ته اوھان لاءِ وڏو اجر آھي.
473 - ۽ جيڪي الله پنھنجي فضل سان کين ڏنو آھي تنھن ۾ جيڪي بخل ڪن سي (اِئين) پٽيءَ نه ڀانئين ته اُھو (بُخل) کين ڪو چڱو آھي، بلڪ اُھو اُنھن لاءِ بڇڙو آھي، جنھن شيء جو بخل ڪيائون سا قيامت جي ڏينھن ڳٽ ڪري وجھبين، ۽ آسمانن ۽ زمين جي ميراث الله جي آھي، ۽ جيڪي ڪندا آھيو تنھن جي الله خبر رکندڙ آھي.
474 - بيشڪ الله اُنھن جو چوڻ ٻڌو جن چيو ته الله سڃو آھي ۽ اَسين شاھوڪار آھيون، جيڪي چيائون سو لکنداسون ۽ اُنھن جو پيغمبرن کي ناحق ڪھڻ به ۽ (آخرت ۾) چونداسون ته ساڙيندڙ عذاب (جو مزو) چکو.
475 - اھا (سزا) اِنھيءَ سببان آھي جو اوھان جي ھٿن اڳ موڪليو آھي ۽ (ھن سببان) ته الله ٻانھن تي ظلم ڪندڙ نه آھي.
476 - جيڪي چون ٿا ته الله اسان سان انجام ڪيو آھي ته ڪنھن پيغمبر تي ايستائين ايمان نه آڻيون جيستائين (ھو اھڙي) قرباني اسان وٽ (نه) آڻي جو اُن (قربانيءَ) کي باہ کائي، (اي پيغمبر کين) چئو ته بيشڪ مون کان اڳ ڪيترن پيغمبرن مُعجزا ۽ (ٻيو) جيڪي چيوَ سو اوھان وٽ آندو پوءِ جيڪڏھن اوھين سچا آھيو ته اُنھن (پيغمبرن) کي ڇالاءِ ڪٺوَ؟
484 - جيڪي بيٺي ۽ ويٺي ۽ پنھنجن پاسن ڀر الله کي ياد ڪندا آھن ۽ آسمانن ۽ زمين جي بڻاوت ۾ فڪر ڪندا آھن، (۽ چوندا آھن ته) اي اسانجا پالڻھار ھنن کي بي رٿو نه بڻايو اَٿيئي، توکي پاڪ ڄاڻون ٿا تنھنڪري اسان کي باہ جي عذاب کان بچاءِ.
485 - اي اسانجا پالڻھار جنھن کي تو باہ ۾ گھيڙيو تنھن کي بيشڪ خوار ڪيئي، ۽ ظالمن جو ڪو مددگار نه آھي.
486 - اي اسانجا پالڻھار اسان سڏيندڙ جي سڏ کي ٻڌو جو ايمان ڏانھن سڏيندو آھي ته پنھنجي پالڻھار تي ايمان آڻيو پوءِ مڃيوسون، اي اسانجا پالڻھار اسان کي اسانجا گناہ بخش ۽ اسان کان اسان جون مدايون ميٽ ۽ اسان کي ڀلارن سان گڏ مار.
487 - اي اسانجا پالڻھار اسان کي پنھنجن پيغمبرن (جي زبان) سان جيڪي انجام ڏنو اٿيئي سو پار ۽ قيامت جي ڏينھن اسان کي خوار نه ڪج، ڇوته تون وعدي خلافي نه ڪندو آھين.
488 - پوءِ سندن پالڻھار اُنھن جي دعا قبول ڪئي ته آءٌ اوھان مان عمل ڪندڙ مڙس يا زال جو عمل نه وڃائيندس، اوھان مان ڪي ڪن مان (پيدا ٿيل) آھن (يعني سڀ ھڪ جنس آھيو) پوءِ جن وطن ڇڏيو ۽ پنھنجن گھرن مان ڪڍيا ويا ۽ مُنھنجي واٽ ۾ ڏکويا ويا ۽ وڙھيا ۽ ڪُٺا ويا تن کان سندن مدايون ضرور ميٽيندس ۽ اُنھن کي (بھشت جي اھڙن) باغن ۾ ضرور داخل ڪندس جن جي ھيٺان واھيون وھنديون آھن، (اِھو) بدلو الله وٽان آھي، ۽ الله وٽ چڱو بدلو آھي.
489 - (اي پيغمبر) ملڪن ۾ ڪافرن جي اَچ وڃ توکي نه ٺڳي.
491 - پر جيڪي پنھنجي پالڻھار کان ڊنا تن لاءِ باغ آھن جن جي ھيٺان واھيون وھنديون آھن اُن ۾ سدائين رھڻ وارا آھن اِھا مھماني الله وٽان آھي، ۽ جيڪي الله وٽ آھي سو ڀلارن لاءِ چڱو آھي.
492 - ۽ ڪتاب وارن مان ڪي اُھي آھن جيڪي الله کي ۽ جيڪي توڏانھن (قرآن) لاٿو ويو تنھن کي ۽ جيڪي (توريت) اُنھن ڏانھن لاٿو ويو تنھن کي الله جي عاجزي ڪندڙ ٿي مڃيندا آھن الله جي آيتن کي ٿوري مُلھ سان نه وڪڻندا آھن، اِھي (اُھي) آھن جن لاءِ سندن پالڻھار وٽ سندن اجر آھي، ڇوته الله سگھو حساب وٺندڙ آھي.
503 - جيڪي يتيمن جو مال ڏاڍ سان کائيندا آھن سي پنھنجن پيٽن ۾ رڳو باھ کائيندا آھن، ۽ دوزخ ۾ سگھو گھِڙندا.
504 - الله اوھان جي اولاد بابت اوھان کي وصيت ٿو ڪري، ته پُٽ لاءِ (حصّو) ٻن ڌيئرن جي ڀاڱي جيترو آھي، ۽ جيڪڏھن (فقط) ڌيئرون ٻن کان وڌيڪ ھجن ته (مُئَل) جيڪي ڇڏيو تنھن جون ٻه ٽھايون اُنھن لاءِ آھن، ۽ جيڪڏھن (فقط) ھڪ آھي ته اُن لاءِ اڌ آھي، ۽ مئل جيڪي ڇڏيو تنھن مان اُن جي ماءُ پيءُ ھر ھڪ لاءِ ڇھون ڀاڱو آھي (سو تڏھن) جڏھن اُن (مئل) کي اولاد ھجي، ۽ جيڪڏھن اُن کي اولاد نه ھُجي ۽ اُن جا وارث ماءُ پيءُ ھجن ته ماڻس لاءِ ٽيون ڀاڱو (۽ باقي پڻس لاءِ) آھي، ۽ جيڪڏھن اُن (مئل) کي ڀائر ھجن ته ماڻس لاءِ ڇھون حصّو آھي (اِھو ورھاڱو) وصيّت (جي ادائيءَ کان پوءِ) جنھن لاءِ اُھا وصيّت ڪيائين يا قرض جي ادائيءَ کانپوءِ (ڪرڻو) آھي، اوھان جا پيئر ۽ اوھان جا پُٽ، (اوھين) نه ڄاڻندا آھيو ته اُنھن مان ڪھڙو اوھان لاءِ فائدي جي ڪري وڌيڪ ويجھو آھي، (اِھو ورھاڱو) الله جي (پارکان) فرض ڪيل آھي، ڇوته الله ڄاڻندڙ حڪمت وارو آھي.
518 - ۽ اوھان مان جيڪو آجين مؤمنياڻين جي پرڻجڻ جي سگھ نه رکندو ھجي سو اُنھن مؤمنياڻين ٻانھين مان جن جا مالڪ اوھان (مؤمنن) مان آھن (ڪا پرڻجي ته عار نه آھي)، ۽ الله اوھان جي ايمان کي وڌيڪ ڄاڻندڙ آھي، اوھانجا ھڪڙا ٻـين مان (پيدا ٿيل) آھن (يعني پاڻ ۾ ھڪ جنس آھيو)، پوءِ کين سندن مالڪن جي موڪل سان پرڻجو ۽ سندن ڪابين ھلي چليءَ وانگر کين ڏيو (اُھي) نڪاح ٻَڌلون نه زنا ڪندڙيون ۽ نڪي ڳجھن يارن وٺڻ واريون ھجن، پوءِ جڏھن نڪاح ۾ آيون تڏھن جيڪڏھن (اُھي) ڪو بي حيائيءَ جو ڪم ڪن ته جيڪا سزا آجين تي آھي تنھن جو اڌ مٿن آھي، (اِھا ٻانھيءَ کي پرڻجڻ جي اجازت) اوھان مان انھيءَ لاءِ آھي جيڪو زنا (جي گناہ ۾ پوڻ) کان ڊڄي، ۽ اوھان جو صبر ڪرڻ اوھان لاءِ ڀلو آھي، ۽ الله بخشڻھار مھربان آھي.
505 - ۽ جيڪي (مال) اوھان جي زالن ڇڏيو تنھن جو اَڌ اوھان لاءِ آھي جيڪڏھن انھن کي ڪو وياءُ ڪونه ھجي، پر جيڪڏھن اُنھن کي ڪو وياءُ ھجي ته جيڪي ڇڏيائون تنھن مان چوٿون ڀاڱو وصيت (جي ادائيءَ کانپوءِ) جنھن لاءِ اُھا وصيت ڪيائون يا قرض جي ادائيءَ کان پوءِ اوھان لاءِ آھي، ۽ جيڪي (مال) اوھان ڇڏيو تنھن مان جيڪڏھن اوھان کي ڪو وياءُ ڪونھي ته اُنھن (زالن) لاءِ چوٿون ڀاڱو آھي، ۽ جيڪڏھن اوھان کي وياءُ آھي ته جيڪي (مال) اوھان ڇڏيو تنھن مان وصيت (جي ادائيءَ) جنھن لاءِ اُھا وصيت ڪئي اَٿَوَ يا قرض جي ادائيءَ کانپوءِ اُنھن (زالن) لاءِ اٺون ڀاڱو آھي، ۽ جيڪڏھن ڪو (مئل) مڙس يا زال ورثو ڇڏي (۽ اُھو) ڪلاله ھجي (يعني جنھنکي ماءُ پيءُ ۽ وياءُ نه ھجي) ۽ اُن کي (مائيتو) ھڪ ڀاءُ يا ھڪ ڀيڻ ھجي ته اُنھن منجھان ھر ھڪ لاءِ ڇھون حصو آھي، ۽ جيڪڏھن اِنھن کان وڌيڪ ھجي ته اُھي (سڀ) جا وصيت نقصان واري نه ڪئي ويئي ھجي تنھن يا قرض جي ادائيءَ کانپوءِ ٽھائيءَ ۾ ڀائيوار آھن، اُھو الله جو حُڪم آھي، ۽ الله ڄاڻندڙ بُردبار آھي.
506 - اِھي الله جون حدون آھن، ۽ جيڪو الله ۽ سندس رسول جي فرمانبرداري ڪندو تنھن کي (الله اھڙن) باغن ۾ داخل ڪندو جن جي ھيٺان واھيون وھنديون آھن اُن ۾ سدائين رھڻ وارا آھن، ۽ اِھا وڏي مراد ماڻڻ آھي.
507 - ۽ جيڪو الله ۽ سندس رسول جي بي فرماني ڪندو ۽ سندس حدن کان ٻاھر نڪرندو تنھن کي باہ ۾ داخل ڪندو اُن ۾ سدائين رھڻ وارو آھي، ۽ اُن لاءِ خوار ڪندڙ عذاب آھي.
508 - ۽ اُوھان جي زالن مان جيڪي بي حيائيءَ جو ڪم ڪن تن تي پاڻ مان چار (مڙس) شاھد ڪريو، پوءِ جيڪڏھن (شاھد) شاھدي ڏين ته اُنھن کي ايستائين گھرن ۾ جھليو جيستائين کين موت ماري يا الله اُنھن لاءِ ڪا واٽ ڪري.
509 - ۽ اوھان مان جيڪي ٻه (زاني ۽ زانياڻي) زنا ڪن تن کي مار ڏيو، پوءِ جيڪڏھن توبه ڪن ۽ پاڻ سڌارين ته اُنھن (جي مار ڏيڻ) کان مُڙو، ڇوته الله توبه قبول ڪندڙ مھربان آھي.
510 - الله کي رڳو اُنھن جي توبه ڪرڻ جڳائيندي آھي جيڪي بي سمجھائيءَ سان گناہ ڪندا آھن وري جھٽ پٽ توبه ڪندا آھن اُنھن تي الله (ٻاجھ سان) موٽندو آھي، ۽ الله ڄاڻندڙ حڪمت وارو آھي.
511 - ۽ اُنھن جي توبه قبول ٿيڻي نه آھي جيڪي بڇڙايون ڪندا (رھندا) آھن (۽ نه ڊڄندا آھن) تان جو جنھن مھل اُنھن مان ڪنھن کي موت پھچي تنھن مھل (ڊڄي) چوي ته ھاڻي آءٌ توبه ڪريان ٿو ۽ نڪي اُنھن جي (توبه قبول آھي) جيڪي ڪافر ٿي مرندا آھن، اُنھن لاءِ ڏکوئيندڙ عذاب تيار ڪيو اٿئون.
1515 - ۽ اُھا جبلن جھڙين لھرين ۾ کين (کڻي) ھلڻ لڳي، ۽ نوحؓ پنھنجي پٽ کي سڏيو ۽ اُھو ڪناري تي ھو ته اي مُنھنجا پُٽ اسان سان چڙھ ۽ ڪافرن سان گڏ نه ھُج.
512 - اي ايمان وارؤ! اوھان کي زالن جو (سندن) بي مرضيءَ وارث ٿيڻ روا نه آھي، ۽ نڪي سندن پڌري گناہ ڪرڻ کان سواءِ کين ھن لاءِ جھليو ته جيڪي کين ڏنو ھجيوَ تنھن مان ڪجھ ورائي وٺو، ۽ ساڻن ھلي چلي وانگر گذاريو، پوءِ جيڪڏھن اُھي اوھان کي نه وڻن ته (ڌيرج ڪريو ڇوته) جا شي اوھان کي نه وڻندي ھجي تنھن ۾ ٿيڻي آھي ته الله گھڻي چڱائي ڪري.
513 - ۽ جيڪڏھن (ھڪ) زال جي بجاءِ ٻي زال پرڻڻ جو ارادو ڪريو ۽ اُنھن مان ھڪڙيءَ کي گھڻو مال (ڪابين ۾) ڏنو ھجيوَ ته منجھانئس ڪجھ موٽائي نه وٺو، (اوھين) بھتان ۽ پڌري بدي لائي اُھو (مال) ڇو کسيندا آھيو؟
520 - ۽ الله اوھان تي ٻاجھ سان موٽڻ گھرندو آھي، ۽ جيڪي پنھنجي سَڌن جي پٺيان لڳندا آھن سي اوھان جو (سڌيءَ واٽ کان) تمام پري ٿڙي وڃڻ گھرندا آھن.
521 - الله اوھان تان بار ھلڪو ڪرڻ گھرندو آھي، ۽ ماڻھو (اصل) ھيڻو پيدا ڪيو ويو آھي.
522 - اي ايمان وارؤ! اوھين پاڻ ۾ ھڪ ٻئي جو مال ناحق نه کائو پر پاڻ ۾ رضامندي سان واپار جي ڏيتي ليتي ھجي ته (ڀلي کائو)، ۽ اوھان پاڻ کي ھلاڪ نه ڪريو، ڇوته الله اوھان تي مھربان آھي.
523 - ۽ جيڪو حد کان ٻاھر نڪرڻ ۽ ظلم سان ايئن ڪندو تنھن کي باہ ۾ سگھو وجھنداسين، ۽ اھو ڪم الله تي سھنجو آھي.
529 - ۽ (خاص) الله جي عبادت ڪريو ۽ ساڻس ڪنھن شيء کي شريڪ نه ڪريو ۽ ماءُ پيءُ سان ۽ مٽيءَ وارن سان ۽ ڇورن (ٻارن) ۽ مسڪينن ۽ مٽيءَ واريءَ پاڙيچي ۽ ڌاريي پاڙيچي ۽ ويجھي سنگتي ۽ مسافر ۽ پنھنجن ٻانھن سان چڱائي ڪريو، ڇوته جيڪو ھٺيلو وڏائي ڪندڙ ھجي تنھن کي الله دوست نه رکندو آھي.
530 - (۽ نڪي اُنھن کي) جيڪي (پاڻ) ڪنجوسي ڪندا آھن ۽ ماڻھن کي به ڪنجوسي ڪرڻ جو حُڪم ڪندا آھن ۽ الله پنھنجي فضل سان کين جيڪي ڏنو آھي سو لڪائيندا آھن، ۽ اھڙن نه مڃيندڙن لاءِ خواريءَ وارو عذاب تيار ڪيو اٿئون.
531 - ۽ (اُنھن لاءِ به) جيڪي پنھنجن مالن کي ماڻھن جي ڏيکاريءَ لاءِ خرچيندا آھن ۽ نڪي الله کي ۽ نڪي قيامت جي ڏينھن کي مڃيندا آھن، ۽ جنھن جو سنگتي شيطان ٿيو ته اُھو سنگتي بڇڙو آھي.
532 - ۽ مٿن ڪھڙي (ڏکيائي) ھئي جيڪڏھن الله ۽ قيامت جي ڏينھن کي مڃين ھا ۽ الله جيڪي کين ڏنو آھي ان مان خرچين ھا، ۽ الله انھن (جي حال) کي (چڱو) ڄاڻندڙ آھي.
533 - الله ذري جيترو به ظلم نه ڪندو آھي، ۽ جيڪڏھن (ڪا) چڱائي ھوندي ته ان کي ٻيڻو ڪندو آھي ۽ پاڻ وٽان وڏو اجر ڏيندو آھي.
539 - يھودين مان ڪي (توريت ۾) لفظن کي سندن جاين کان مٽائيندا آھن ۽ سَمِعۡنَا وَ عَصَيۡنَا ۽ اِسۡمَعۡ غَيۡرَ مُسۡمَع ۽ رَاعِنَا (جي لفظن) کي (چوڻ وقت) پنھنجيون زبانون وچڙائي ۽ دين ۾ طعني ھڻڻ لاءِ چوندا آھن، ۽ جيڪڏھن (سَمِعۡنَا وَعَصَيۡنَا جي بجاءِ) سَمِعۡنَا وَاَطَعۡنَا (يعني ٻڌوسون ۽ فرمانبرداري ڪئيسون) ۽ (اِسۡمَعۡ غَيۡرَ مُسۡمَع جي ھنڌ) اِسۡمَعۡ (يعني ٻڌ) ۽ (رَاعِنَا لفظ جي بجاءِ لفظ) اُنۡظُرۡنَا (يعني اسان جو خيال رک) چون ھا ته اُنھن لاءِ ڀلو ۽ ڏاڍو سنئون ھجي ھا پر الله سندن ڪُفر سببان مٿن لعنت ڪئي آھي پوءِ ٿورن کانسواءِ (ٻيا) ايمان نه ٿا آڻين.
540 - اي ڪتاب وارؤ جيڪو (قرآن) لاٿوسون جيڪي اوھان وٽ آھي تنھن جو (اُھو) سچو ڪندڙ (به) آھي تنھنکي انھي کان اڳ مڃيو جو (اوھان جي) منھن جي صورت ميٽي ڇڏيون پوءِ ڦيرائي انھن کي ڪياڙي جي شڪل ڪريون يا مٿن اھڙي لعنت ڪريون جھڙي ڇنڇر وارن تي لعنت ڪئيسون، ۽ الله جو (جيڪو) حُڪم (جاري ٿيندو آھي) سو ٿي چڪندو آھي.
541 - بيشڪ الله ھيءُ (ڏوہ) نه بخشيندو جو (ڪنھن کي به) ساڻس شريڪ ڪيو وڃي ۽ اُن کانسواءِ ٻيا (ڏوہ) جنھن کي وڻيس تنھن کي بخشيندو، ۽ جيڪو الله سان (ڪنھن کي به) شريڪ بڻائيندو تنھن بيشڪ وڏي گناہ جو بُھتان ٻڌو.
542 - (اي پيغمبر) انھن ڏانھن نه ڏٺو اٿيئي ڇا؟ جيڪي پاڻون پاڻ کي پاڪ چوندا آھن، (نه) بلڪ الله جنھن کي گھرندو آھي پاڪ ڪندو آھي ۽ تند جيترو به ظلم نه ڪبن.
543 - (اي پيغمبر) ڏس ته الله تي ڪيئن ڪوڙ ٺاھيندا آھن؟ ۽ اھو پڌرو گناہ بس آھي.
544 - (اي پيغمبر) اُنھن ڏانھن نه ڏٺو اٿيئي ڇا؟ جن کي ڪتاب مان ڀاڱو ڏنو ويو ته اُھي بتن ۽ شيطان کي مڃيندا آھن ۽ ڪافرن لاءِ چوندا آھن ته ھيءَ ٽولي مؤمنن کان وڌيڪ سنئين واٽ واري آھي.
545 - اِھي (اُھي) آھن جن تي الله لعنت ڪئي آھي، ۽ جنھن تي الله لعنت ڪندو آھي تنھن جو ڪو مددگار نه لھندين.
546 - اُنھن کي بادشاھيءَ مان ڪو ڀاڱو آھي ڇا؟ (جي کين کڻي ھجي به ته) اُن مھل ماڻھن کي تر جيترو (به) نه ڏين.
547 - ويتر ماڻھن سان انھيءَ تي حسد ڪندا آھن جيڪي الله پنھنجي فضل سان کين ڏنو آھي، پوءِ بيشڪ ابراھيم جي اولاد کي ڪتاب ۽ دانائي ڏنيسون ۽ کين وڏي بادشاھي ڏني سون.
548 - پوءِ منجھائن ڪي آھن جن اُن ڪتاب کي مڃيو ۽ منجھائن ڪي آھن جي کانئس اٽڪي رھيا، ۽ (انھن لاءِ) ٻرندڙ دوزخ بس آھي.
549 - جن اسان جي آيتن کي نه مڃيو تن کي سگھو باہ ۾ گھيرينداسون، جڏھن ڪڏھن سندن کلون ڀُڄنديون (تڏھن) سندن ٻيون کلون ھن لاءِ پيا مٽائينداسون ته ڀلي عذاب (جو مزو) چکن، ڇوته الله غالب حڪمت وارو آھي.
550 - جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن کي (اُنھن) باغن ۾ سگھو داخل ڪنداسون جن جي ھيٺان واھيون وھنديون آھن منجھن اصلي سدائين رھڻ وارا آھن، اُنھن لاءِ منجھن پاڪ زالون آھن، ۽ کين گھاٽين ڇانون ۾ داخل ڪنداسون.
551 - بيشڪ الله اوھان کي حُڪم ٿو ڪري ته امانتون سندن مالڪن کي پھچائي ڏيو ۽ جڏھن ماڻھن جي وچ ۾ فيصلو ڪريو (تڏھن) انصاف سان حڪم ڪريو، بيشڪ الله اوھان کي جيڪا نصيحت ڪري ٿو سا چڱي آھي، ڇوته الله ٻڌندڙ ڏسندڙ آھي.
552 - اي ايمان وارؤ الله جي فرمانبرداري ڪريو ۽ پيغمبر جي فرمانبرداري ڪريو ۽ اوھان مان جيڪو حاڪم ھجي تنھن جي (به) پوءِ جيڪڏھن ڪنھن شيءِ بابت جھڳڙو ڪريو ته جيڪڏھن الله ۽ قيامت جي ڏينھن کي مڃيندا آھيو ته ان کي الله ۽ پيغمبر جي حُڪم ڏانھن رجوع ڪريو، اِھو ڀلو ۽ نتيجي جي ڪري ڏاڍو چڱو آھي.
553 - (اي پيغمبر) اُنھن ڏانھن نه ڏٺو اٿيئي ڇا؟ جيڪي ڀائيندا آھن ته جيڪي تو ڏانھن لاٿو ويو ۽ جيڪي توکان اڳ لاٿو ويو تنھن کي پاڻ مڃيو اٿن اھي ھن ھوندي به طاغوت (يعني غير خدا) ڏانھن (مقد مونيئي) فيصلو ڪرائڻ گھرندا آھن حالانڪ ان جي نه مڃڻ جو حڪم ڪيو ويو اٿن، ۽ شيطان کين وڏي ڀُل ۾ ڀُلائڻ گھرندو آھي.
554 - ۽ جڏھن کين چئجي ته جيڪي الله لاٿو تنھن ڏانھن ۽ پيغمبر ڏانھن اچو ته منافقن کي ڏٺئي ته توکان پوري طرح جھلجي ويندا آھن.
555 - پوءِ (تڏھن) ڪئن (ڪندا) جڏھن کين ڪا اوکائي اُنھيءَ سببان پھچندي جو سندن ھٿن اڳي ڪيو آھي ته وري تو وٽ اچي الله جو قسم کڻندا ته اسان جو چڱائي ۽ ٺھراءَ کانسواءِ (ٻيو) ڪو ارادو نه ھو.
557 - ڪوئي پيغمبر نه موڪليوسون پر ھن لاءِ ته الله جي حڪم سان سندس تابعداري ڪئي وڃي، ۽ جڏھن انھن (ماڻھن) پاڻ تي ظلم ڪيو تڏھن جيڪڏھن تو وٽ اچن ھا پوءِ الله کان بخشش گھرن ھا ۽ پيغمبر انھن لاءِ بخشش گھري ھا ته الله کي ٻاجھ سان موٽندڙ مھربان لھن ھا.
558 - پوءِ تنھنجي پالڻھار جو قسم آھي ته (اھي ماڻھو) مسلمان نه آھن جيستائين انھي معاملي ۾ جو سندن وچ ۾ پيو آھي توکان فيصلو ڪرائن پوءِ (تون) جيڪو نبيرو ڪرين تنھن کان پنھنجي دلين ۾ اڙکُڙ نه ڏسن ۽ پوري طرح مڃين.
562 - ۽ جيڪي الله ۽ پيغمبر جي تابعداري ڪندا سي انھن سان گڏ رھندڙ آھن جن تي الله فضل ڪيو آھي (يعني) پيغمبر ۽ صديق ۽ شھيد ۽ صالح، ۽ اُھي چڱا سنگتي آھن.
563 - اِھو فضل الله جي طرفان آھي، ۽ الله ڄاڻندڙ بس آھي.
564 - اي ايمان وارؤ پنھنجي بچاءُ جو سامان وٺو پوءِ لڙائيءَ لاءِ ٽولي ٽولي ٿي نڪرو يا گڏجي نڪرو.
565 - ۽ بيشڪ اوھان مان ڪو (اھڙو) آھي جو (ڄاڻي واڻي) دير ڪندو آھي، پوءِ جيڪڏھن اوھان کي ڪو اھنج پھچندو ته چوندو آھي ته بيشڪ الله مون تي احسان ڪيو جو (آءٌ) ساڻن نه حاضر ھوس.
566 - ۽ جيڪڏھن الله (جي پار) کان ڪو احسان اوھان کي پھچي ته (انھيءَ وانگر جو) ڄڻ ته اوھان جي ۽ سندس وچ ۾ دوستي نه ھئي ضرور چوندو آھي ته مون کي ارمان آھي جيڪر ساڻن ھجان ھا ته وڏي مراد ماڻيان ھا.
567 - پوءِ اُنھن (مؤمنن) کي جڳائي ته الله جي واٽ ۾ وڙھن جيڪي دنيا جي حياتيءَ کي آخرت سان وڪڻندا آھن، ۽ جيڪو الله جي واٽ ۾ وڙھندو پوءِ ماريو ويو يا غالب ٿيو تنھن کي وڏو اجر سگھوئي ڏينداسون.
568 - ۽ (اي مسلمانؤ) اوھان کي ڇا (ٿيو) آھي؟ جو الله جي واٽ ۾ نٿا وڙھو؟ حالانڪ ھيڻن مڙسن ۽ زالن ۽ ٻارن مان اُھي آھن جي چون ٿا ته اي اسان جا پالڻھار ھن شھر مان جنھن جا رھاڪو ظالم آھن اسان کي (ٻاھر) ڪڍ، ۽ پاڻ وٽان اسان جو (ڪو) سنڀاليندڙ ڪر، ۽ پاڻ وٽان اسان جو ڪو مددگار ڪر.
569 - جيڪي مؤمن آھن سي الله جي واٽ ۾ وڙھندا آھن، ۽ جيڪي ڪافر آھن سي شيطان جي واٽ ۾ وڙھندا آھن تنھنڪري شيطان جي ساٿين کي ماريو، ڇوته شيطان جي ٺڳي ھيڻي آھي.
570 - (اي پيغمبر) اُنھن ڏانھن نه ڏٺو اٿيئي ڇا؟ جن کي چيو ويو ته پنھنجن ھٿن کي (ويڙھ کان) جھليو ۽ نماز پڙھو ۽ زڪٰوة ڏيو، پوءِ جنھن مھل مٿن ويڙھ لازم ڪئي ويئي تنھن مھل منجھانئن اوچتو ھڪ ٽولي الله جي خوف وانگر ماڻھن کان ڊڄي ٿي بلڪ ان کان به وڌيڪ ڊڄي ٿي، ۽ چوڻ لڳا ته اي اسانجا پالڻھار ڇالاءِ اسان تي ويڙھ لازم ڪئي اٿيئي، ويجھي وقت تائين تو اسان کي ڇونه ڍر ڏني؟ (اي پيغمبر) چؤ ته دنيا جو سامان ٿورڙو آھي، ۽ آخرت انھيءَ لاءِ ڀلي آھي جيڪو پرھيزگاري ڪندو، ۽ تند جيترو به ظلم نه ڪبو.
571 - جتي ھوندؤ اُتي اوھان کي موت پھچندو جيتوڻيڪ مُحڪم ڪوٽن ۾ ھوندؤ، ۽ جيڪڏھن کين ڪا چڱائي پھچندي آھي ته چوندا آھن ته ھي الله وٽان (پھتي) آھي، ۽ جيڪڏھن کين ڪو اھنج پھچندو آھي ته ھي تو وٽان پھتو آھي، (کين) چؤ ته (ڏک سک) سڀ الله وٽان آھي، پوءِ ھن قوم کي ڇا (ٿيو) آھي؟ جو ڳالھ جي سمجھڻ کي ويجھو (ئي) نه آھن.
572 - توکي جيڪا ڪا چڱائي پھچي ٿي سا الله وٽان (ڄاڻ)، ۽ توکي جيڪو ڪو اھنج پھچي ٿو سو پنھنجي نفس (جي ڪمن جي شامت) کان (ڀانءِ)، ۽ توکي ماڻھن لاءِ پيغمبر ڪري موڪليوسون، ۽ الله شاھد بس آھي.
573 - جيڪو پيغمبر جي فرمانبرداري ڪندو تنھن بيشڪ الله جي فرمانبرداري ڪئي، ۽ جيڪو ڦرندو تن تي توکي نگھبان ڪري نه موڪليو اٿئون.
574 - ۽ (منافق تو وٽ) چوندا آھن فرمانبرداري (ڪنداسون) پوءِ جڏھن تو وٽان ھليا ويندا آھن تڏھن منجھانئن ھڪ ٽولي تنھنجي ڳالھين جي ابتڙ رات جو صلاحون ڪندي آھي، ۽ جيڪي رات جو صلاحون ڪندا آھن سي الله لکندو آھي، تنھنڪري کانئن مُنھن موڙ ۽ الله تي ڀروسو ڪر، ۽ الله وڪيل بس آھي.
576 - ۽ جڏھن وٽن امن جي يا ڀَو جي ڪا خبر ايندي آھي ته ان کي پڌرو ڪندا آھن، ۽ جيڪڏھن ان کي پيغمبر ڏانھن ۽ پنھنجن (مسلمانن) مان اميرن ڏانھن پھچائين ھا ته منجھائن جيڪي اُنکي جاچيندا آھن سي ضرور ان کي (چڱي طرح) ڄاڻن ھا، ۽ جيڪڏھن الله جو فضل ۽ سندس ٻاجھ اوھان تي نه ھجي ھا ته ٿورڙن کانسواءِ ضرور شيطان جي پٺيان لڳو ھا.
577 - پوءِ (اي پيغمبر) الله جي واٽ ۾ ويڙھ ڪر، تنھنجي سِر کانسواءِ توتي بار نه رکيو ويو آھي ۽ مؤمنن کي ھمٿاءِ، ويجھو ئي الله ڪافرن جي ويڙھ کي روڪڻ تي آھي، ۽ الله ويڙھ جي ڪري ڏاڍو زور وارو ۽ سزا ڏيڻ ۾ (به) ڏاڍو زور وارو آھي.
578 - جيڪو چڱيءَ ڳالھ جي سفارش ڪندو تنھن لاءِ منجھانئس حصّو آھي، جيڪي بڇڙي ڳالھ جي سفارش ڪندو تنھن لاءِ منجھانئس حصّو آھي، ۽ الله سڀ شيءِ تي نگھبان آھي.
579 - ۽ جڏھن اوھانکي سلام ڪرڻ سان تعظيم ڏني وڃي ته ان کان بھتر تعظيم سان (سلام) ورايو يا اوترو ورايو، ڇوته الله سڀڪنھن شيءِ جو حساب ڪندڙ آھي.
580 - الله (اُھو آھي) جو اُن کانسواءِ ڪو عبادت جو لائق نه آھي، قيامت جي ڏينھن جنھن ۾ (ڪو) شڪ نه آھي اوھان کي ضرور گڏ ڪندو، ۽ الله کان ڪير (پنھنجي) ڳالھ ۾ زور سچو آھي.
581 - اوھان کي ڇا (ٿيو) آھي جو منافقن جي بابت ٻه ٽوليون (ٿي پيا) آھيو ۽ الله سندن ڪرتوتن سببان کين اونڌو ڪيو آھي، جنھن کي الله ڀلايو تنھن کي اوھين ھدايت ڪرڻ گھُرندا آھيو ڇا؟ جنھن کي الله ڀلائيندو آھي تنھن لاءِ ڪا واٽ ڪڏھن نه لھندين.
583 - پر (انھن سان نه وڙھو) جيڪي اھڙيءَ قوم سان ڳنڍيل ھجن جو اوھان جي ۽ انھن جي وچ ۾ انجام ٿيل ھجي يا اوھان وٽ ھن حال ۾ اچن جو اوھان سان وڙھڻ يا پنھنجي قوم سان وڙھڻ کان سندن سينا دِڪ ٿيا ھجن، ۽ جيڪڏھن الله گھري ھا ته کين اوھان تي غالب ڪري ھا پوءِ اوھان کي ضرور مارين ھا، پوءِ جيڪڏھن اوھان کان پاسو ڪن ۽ اوھان سان نه وڙھن ۽ اوھان ڏانھن صُلح (جي پيغام) کي اُڇلين پوءِ الله اوھان لاءِ مٿن ڪا ويڙھ جي واٽ نه ڪئي آھي.
584 - ٻيءَ ٽوليءَ کي (اوھين) سگھوئي لھندؤ جو اوھان کان امن ۾ ھجڻ گھرندا ۽ پنھنجيءَ قوم کان (به) امن ۾ ھجڻ گھرندا، جڏھن ڪڏھن ڪنھن فتني ڏانھن سڏيا ويندا تڏھن منجھس جھٽ پٽ اونڌي منھن ڪري پوندا، پوءِ جيڪڏھن اوھان کان پاسو نه ڪن ۽ نڪي اوھان ڏانھن صُلح جي پيغام کي اُڇلين ۽ نڪي پنھنجي ھٿن کي (ويڙھ کان) جھلين ته انھن کي پڪڙيو ۽ جتي انھن کي لھو تِتي اُنھن کي ماريو، ۽ انھن تي اسان اوھان کي پڌرو غلبو ڏنو آھي.
1516 - چيائين ته (اھڙي) جبل تي پناھ وٺندس جو مون کي پاڻيءَ کان بچائيندو، (نوحؑ) چيو ته اڄ الله جي عذاب کان ڪو بچائيندڙ ڪونھي پر جنھن تي (پاڻ) رحم ڪري (سو بچي سگھندو)، ايتري ۾ ٻنھي جي وچ ۾ لھر اچي پئي ۽ (اُھو) ٻڏلن مان ٿيو.
585 - ۽ مؤمنن جو مارڻ ڪنھن مؤمن کي ڀُل چُڪ کانسواءِ (ڪنھن حال ۾) نه جڳائي، ۽ جيڪو مؤمن ڀُل چُڪ سان ماري ته (ھڪ ته) مؤمن ٻانھي کي آجو ڪري ۽ (ٻيو ته) چَٽي سندس وارثن کي پھچائي پر جي بخشين (ته انھن کي اختيار آھي)، پوءِ جيڪڏھن اوھان جي ويرين جي قوم مان آھي ۽ اُھو مؤمن ھجي ته (ڇڙو) مؤمن ٻانھي کي آجو ڪرڻ لازم آھي (۽ چٽي معاف آھي)، ۽ جيڪڏھن انھيءَ قوم مان آھي جو اوھان جي ۽ انھن جي وچ ۾ پڪو انجام ٿيل آھي ته چٽي سندس وارثن کي پھچائجي ۽ مؤمن ٻانھي کي آجو ڪرڻ لازم آھي، ۽ جيڪو نه لھي ته ٻه مھينا لڳو لڳ روزا رکي، (اھو ڪُفّارو) الله (جي پار) کان توبه جي (قبول ٿيڻ) ٿيڻ لاءِ آھي، ۽ الله ڄاڻندڙ حڪمت وارو آھي.
595 - ۽ (اي پيغمبر ويڙھ مھل) جڏھن منجھن ھجين پوءِ کين نماز پڙھائين ته منجھائن ھڪ ٽوليءَ کي توسان (نماز ۾) بيھڻ گھرجي ۽ پنھنجن ھٿيارن کي (ساڻ) وٺڻ گھرجين، پوءِ جنھن مھل (اُھي) سجدو ڏيئي رھن (تنھن مھل) اوھان جي پوئتان ٿين، ۽ جنھن ٻئي ٽوليءَ نماز نه پڙھي آھي سي اچن تن کي توسان نماز پڙھڻ گھرجي ۽ پنھنجي بچاءَ (جي شين) ۽ پنھنجن ھٿيارن کي وٺڻ گھرجين، ڪافر گھرندا آھن ته جيڪر اوھين پنھنجن ھٿيارن ۽ پنھنجي سامان کان (ڪجھ) بي خبر ٿيو ته اوھان تي ھڪ ئي ڀيري حملو ڪن، ۽ جيڪڏھن اوھان کي مينھن کان ڪو اھنج ھجي يا اوھين بيمار ھجو ته اوھان تي گناہ نه آھي ته پنھنجا ھٿيار لاھي رکو، ۽ پنھنجي بچاءَ جون شيون (ساڻ) وٺو، بيشڪ الله ڪافرن لاءِ خواري ڏيندڙ عذاب تيار ڪيو آھي.
813 - (اي پيغمبر) ڏس ته پاڻ تي ڪھڙو ڪوڙ چيائون جيڪي ٺاھ ٺاھيندا آھن سي کانئن ڀلجي ڀڄي ويا.
596 - پوءِ جڏھن نماز پوري ڪريو (تڏھن) بيٺي ۽ ويٺي ۽ پنھنجي پاسن ڀر الله کي ياد ڪريو، پوءِ جڏھن اوھين دلجاءِ ڪريو ته پوءِ (اصلي دستور تي) نماز پڙھو، بيشڪ نماز مؤمنن تي ٺھرايل وقت ۾ فرض آھي.
597 - ۽ ڪافرن جي ڳول ڦول ۾ سُستي نه ڪريو، جيڪڏھن اوھين ڏکوئبا آھيو ته اُھي به اوھان جھڙا ڏکوئبا آھن، ۽ اوھين الله ۾ اھا اميد ٿا رکو جا اميد انھن کي نه آھي، ۽ الله ڄاڻندڙ حڪمت وارو آھي.
598 - (اي پيغمبر) بيشڪ اسان توڏانھن سچو ڪتاب ھن لاءِ لاٿو آھي ته جئن الله توکي سيکاريو آھي تئن ماڻھن جي وچ ۾ فيصلو ڪرين، ۽ خيانت ڪندڙن جي پاس نه ڪر.
599 - ۽ الله کان بخشش گُھر، ڇوته الله تعالىٰ بخشڻھار مھربان آھي.
600 - ۽ جيڪي پنھنجن نفسن سان خيانت ڪندا آھن تن جي پاران (تون) نه جھيڙ، بيشڪ الله خيانتي گنھگار کي دوست نه رکندو آھي.
601 - ماڻھن کان لڪندا آھن ۽ الله کان لڪي نه سگھندا ۽ جڏھن رات جو اُھا صلاح ڪندا آھن جنھن صلاح کان الله راضي نه آھي (تڏھن) اُھو (الله) ساڻن آھي، ۽ جيڪي ڪندا آھن تنھن کي الله گھيرو ڪندڙ آھي.
602 - خبردار اوھين اھڙي قوم آھيو جو دنيا جي حياتي ۾ (ته) سندن پاران بحث ڪندا آھيو، پوءِ قيامت جي ڏينھن سندن پاران الله سان ڪير جھيڙو ڪندو؟ يا مٿن ڪير ڀرجھلو ٿيندو؟
603 - ۽ جيڪو بڇڙو ڪم ڪندو يا پاڻ تي ظلم ڪندو وري الله کان بخشش گھرندو سو الله کي بخشڻھار مھربان لھندو.
606 - ۽ جيڪڏھن توتي الله جو فضل ۽ سندس ٻاجھ نه ھجي ھا ته منجھانئن ھڪ ٽوليءَ توکي غلطي ۾ وجھڻ جي پڪي نيت ڪئي ھئي، ۽ (اُھي) پاڻ کانسواءِ (ڪنھن کي) نه ڀلائيندا آھن ۽ توکي ڪوبه ضرر نه پھچائيندا، ۽ الله توتي ڪتاب ۽ دانائي لاٿي آھي ۽ جيڪي تون نه ڄاڻندو ھئين سو توکي سيکاريائين، ۽ توتي الله جو وڏو فضل آھي.
607 - سندين گھڻين ڳجھين صلاحن ۾ ڪا چڱائي نه آھي پر جنھن خيرات ڏيڻ يا چڱي ڪم يا ماڻھن جي وچ ۾ سڌاري ڪرڻ جو حڪم ڪيو (تنھن جي صلاح ۾ چڱائي آھي)، ۽ جيڪو اُھو ڪم الله جي رضامندي ڳولڻ لاءِ ڪندو پوءِ سگھوئي اُن کي وڏو اجر ڏينداسون.
609 - بيشڪ الله ھيءُ (ڏوہ) نه بخشيندو جو (ڪنھن کي) ساڻس شريڪ ڪيو وڃي ۽ اُن کانسواءِ (ٻيو گناہ) جنھن لاءِ گھرندو تنھن کي بخشيندو، ۽ جيڪو الله سان (ڪنھن کي) شريڪ بڻائيندو سو بيشڪ وڏي ڀُل ۾ ڀلو.
610 - (ھيءُ مشرڪ) ان (الله) کانسواءِ عورتن کي ئي سڏيندا آھن، ۽ (حقيقت ۾) تڙيل شيطان کانسواءِ ٻئي کي نه سڏيندا آھن.
611 - ان تي الله لعنت ڪئي آھي، ۽ (شيطان) چيو ته تنھنجي ٻانھن مان مُقرّر ڪيل حصّو ضرور وٺندس.
612 - ۽ کين ضرور گمراہ ڪندس ۽ کين ضرور سَڌن ۾ وجھندس ۽ کين ضرور حُڪم ڪندس پوءِ ضرور ڍورن جي ڪنن کي چيريندا ۽ کين ضرور حُڪم ڪندس ته الله جي جوڙيل (صورت) کي ڦٽائيندا (رھندا) ۽ جيڪو الله کانسواءِ شيطان کي دوست ڪري وٺندو تنھن بيشڪ پڌرو ڇيو پاتو.
613 - شيطان کين انجام ڏيندو آھي ۽ کين سَڌن ۾ وجھندو آھي، ۽ شيطان ٺڳيءَ کانسواءِ (ٻيو ڪو) انجام نه ڏيندو اٿن.
614 - اھڙن (ماڻھن) جي جاءِ دوزخ آھي، ۽ اُن کان ڀڄڻ جي ڪا واہ نه لھندا.
615 - ۽ جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن کي سگھوئي (اھڙن) باغن ۾ داخل ڪنداسين جن جي ھيٺان واھيون وھنديون آھن منجھن سدائين رھڻ وارا آھن، (اھو) الله جو پڪو انجام آھي، ۽ انجام ڏيڻ ۾ الله کان وڌيڪ سچو ڪير آھي.
616 - (۽) نڪي اوھان جي سَڌن تي نڪي ڪتاب وارن جي سَڌن تي (ڇوٽڪارو) آھي، جيڪو ڪا مدائي ڪندو تنھن کي ان جي سزا ڏبي ۽ الله کانسواءِ پاڻ لاءِ نڪو سنڀاليندڙ ۽ نڪو مددگار لھندو.
617 - ۽ جيڪي (ماڻھو) مرد يا زال مؤمن ٿي چڱا ڪم ڪندا سي بھشت ۾ گھڙندا ۽ تر جيترو به ظلم نه ڪبن.
618 - ۽ دين جي ڪري انھيءَ کان وڌيڪ چڱو ڪير آھي؟ جنھن پنھنجو مُنھن (سر) الله لاءِ نوايو ۽ اُھو چڱائي ڪندڙ آھي ۽ ابراھيم حنيف (ھڪ طرفي) جي دين جي پيروي ڪئي اٿس، ۽ الله ابراھيم کي پنھنجو خاص دوست بڻايو ھو.
619 - جيڪي آسمانن ۾ آھي ۽ جيڪي زمين ۾ آھي سو الله جو آھي، ۽ الله سڀڪنھن شيءِ تي گھيرو ڪندڙ آھي.
641 - الله مظلوم کانسواءِ ٻئي ڪنھن جو (ڪنھين کي) وڏي سڏ (۽ کليل طرح) بڇڙو ڳالھائڻ پسند نه ڪندو آھي، ۽ الله ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آھي.
642 - جيڪڏھن اوھين ڪا چڱائي پڌري طرح ڪندا آھيو يا اُھا لڪائي ڪندا آھيو يا مدائي کان ٽارو ڪندا آھيو ته بيشڪ الله معافي ڏيندڙ وس وارو آھي.
620 - (اي پيغمبر) زالن بابت توکان پڇن ٿا، چؤ ته الله انھن بابت اوھان کي حُڪم ڪري ٿو ۽ (پڻ) جيڪي اوھان کي (ھن) ڪتاب ۾ (اڳ) پڙھي ٻڌايو ويو آھي سو انھن يتيمن زالن بابت آھي جن کي سندن حق جيڪو انھن لاءِ لازم ڪيو ويو سو نه ڏيندا آھيو ۽ کين پرڻجڻ جي خواھش ڪندا آھيو ۽ (پڻ) ھيڻن ٻارن بابت (سو اُھو حُڪم قائم آھي) ۽ يتيمن (جي حقن ادا ڪرڻ) لاءِ انصاف تي بيھڪ وٺو، ۽ اوھين جيڪا ڪا چڱائي ڪندؤ تنھن کي الله ڄاڻندڙ آھي.
621 - ۽ جيڪڏھن ڪا زال پنھنجي مڙس جي بي پرواھيءَ يا منھن موڙڻ کان ڊڄي ته ٻئي ڄڻا پاڻ ۾ صُلح ڪن (ڪنھن به قسم جو صُلح) ته ٻنھين تي گناھ نه آھي، ۽ صُلح ڀلو آھي، ۽ نفس (ته) بخل کي ويجھو ڪيا ويا آھن، ۽ جيڪڏھن اوھين چڱائي ڪندؤ ۽ پرھيزگار ٿيندؤ ته جيڪي ڪندا آھيو تنھنجي الله خبر رکندڙ آھي.
622 - ۽ اوھين زالن جي وچ ۾ ڪڏھن به برابري رکي نه سگھندؤ توڻيڪ گھڻي خواھش ڪريو تنھنڪري اوھين (ھڪ پاسي اھڙو) سارو لاڙو نه لڙو جو ٻيءَ کي لڙڪيل وانگر ڇڏيو، ۽ جيڪڏھن اوھين (پاڻ ۾) صُلح ڪريو ۽ پرھيزگار ٿيو ته الله بخشڻھار مھربان آھي.
623 - ۽ جيڪڏھن ٻئي جدا ٿيندا ته الله پنھنجي فضل سان ھر ڪنھن کي آسودو ڪندو، ۽ الله (مھربانيءَ ۾) ڪشادگيءَ وارو حڪمت وارو آھي.
624 - جيڪي آسمانن ۾ آھي ۽ جيڪي زمين ۾ آھي سو الله جو آھي، ۽ اوھان کان اڳ ڪتاب وارن کي ۽ (ھاڻي) خلاصو اوھان کي بيشڪ وصيت ڪئي اٿئون ته الله کان ڊڄو، ۽ جيڪڏھن نه مڃيندؤ ته (سمجھو ته) جيڪي آسمانن ۾ آھي ۽ جيڪي زمين ۾ آھي سو (خاص) الله جو آھي، ۽ الله بي پرواہ ساراھيل آھي.
625 - ۽ جيڪي آسمانن ۾ آھي ۽ جيڪي زمين ۾ آھي سو (خاص) الله جو آھي، ۽ الله ڀرجھلو بس آھي.
626 - اي ماڻھؤ جيڪڏھن الله گھري ته اوھان کي فنا ڪري ڇڏي ۽ ٻـين کي پيدا ڪري، ۽ الله انھيءَ (ڪم) تي وس وارو آھي.
627 - جيڪو دنيا ۾ (پنھنجين چڱائين جو) ثواب گھرندو آھي ته الله وٽ دنيا ۽ آخرت جو ثواب آھي، ۽ الله ٻڌندڙ ڏسندڙ آھي.
628 - اي ايمان وارؤ! انصاف تي بيھندڙ الله ڪارڻ شاھدي ڏيندڙ ھجو توڻيڪ اوھان کي پاڻ تي يا ماءُ پيءُ يا مٽن تي ھجي، جيڪڏھن (اُھو ماڻھو جنھن تي حق ثابت ٿئي ٿو سو) آسودو ھجي يا سڃو ته الله اُنھن تي وڌيڪ مھربان آھي، پوءِ انصاف ڪرڻ ۾ سَڌن جي پٺيان نه لڳو، ۽ جيڪڏھن اوھين وچڙائي ڳالھائيندؤ يا منھن موڙيندؤ ته جيڪي ڪندا آھيو تنھن جي الله خبر رکندڙ آھي.
629 - اي مسلمانؤ الله کي ۽ سندس پيغمبر کي ۽ جيڪو ڪتاب پنھنجي پيغمبر تي لاٿائين ۽ جيڪو کانئس اڳ لاٿائين تنھن کي (به مڃيو)، ۽ جيڪو الله ۽ سندس ملائڪن ۽ سندس ڪتابن ۽ سندس پيغمبرن ۽ قيامت جي ڏينھن کي نه مڃيندو سو بيشڪ وڏيءَ ڀل ۾ ڀلو.
630 - جن ايمان آندو وري ڪفر ڪيائون وري ايمان آندائون وري ڪفر ڪيائون وري ڪفر ۾ وڌندا ويا تن کي الله ڪڏھن نه بخشيندو ۽ نڪي کين ڪا واٽ ڏيکاريندو.
633 - ۽ بيشڪ الله اوھان تي ڪتاب ۾ (ھيءُ حڪم) لاٿو آھي ته جڏھن (اوھين) ٻڌو ته الله جي آيتن جو انڪار ڪيو وڃي ٿو ۽ مٿن ٺـٺولي ڪئي وڃي ٿي تڏھن (اوھين) ساڻن ايسين نه ويھو جيسين ٻيءَ ڪنھن ڳالھ ۾ بحث نه ڪن، اوھين اُنھيءَ مھل (جي وھندؤ ته) انھن جھڙا ٿيندؤ، ڇوته الله منافقن ۽ ڪافرن سڀني کي دوزخ ۾ گڏ ڪندڙ آھي.
634 - اھي (منافق) اوھان جو انتظار ڪڍندا آھن، پوءِ جيڪڏھن الله (جي پارکان) اوھان لاءِ ڪا فتح آھي ته چون ٿا ته (اسين) اوھان سان گڏ نه هُئاسون ڇا؟ ۽ جيڪڏھن (سوڀ جو) ڀاڱو ڪافرن جو آھي ته ڪافرن کي چون ٿا ته اسين اوھان تي غالب نه آھيون ڇا؟ ۽ مؤمنن کان اوھان کي نه بچايوسون ڇا؟ پوءِ الله قيامت جي ڏينھن اوھانجي وچ ۾ نبيرو ڪندو، ۽ الله ڪافرن کي مؤمنن تي غلبي جي (ڪا) واٽ نه ڪندو.
635 - منافق (پنھنجي ڀانئڻ ۾) الله کي دلبو ڏيندا آھن ۽ (حقيقت ڪري) الله کين دلبو ڏيندڙ آھي، ۽ جڏھن نماز ڏانھن اٿندا آھن تڏھن آرسي ٿي اُٿندا آھن رڳو ماڻھن کي ڏيکاريندا آھن ۽ ٿورڙي کانسواءِ الله کي ياد نه ڪندا آھن.
636 - نه ھِن ٽولي ڏانھن آھن ۽ نڪي ھُن ٽولي ڏانھن آھن انھيءَ وچ ۾ حيران آھن، ۽ جنھن کي الله ڀلائيندو تنھن لاءِ ڪڏھن واٽ نه لھندين.
637 - اي ايمان وارؤ اوھين ڪافرن کي مؤمنن کانسواءِ دوست ڪري نه وٺو، پاڻ تي الله جو پڌرو الزام ثابت ڪرڻ گھرندا آھيو ڇا؟
638 - بيشڪ مُنافق باھ جي ھيٺين طبقي ۾ ھوندا، ۽ انھن جو مددگار ڪوئي نه لھندين.
639 - پر جن توبه ڪئي ۽ پاڻ سڌاريو ۽ الله کي چنبڙي ورتو ۽ خالص الله جا حُڪم مڃيا سي مؤمنن سان آھن، ۽ الله مؤمنن کي وڏو اجر سگھو ڏيندو.
640 - جيڪڏھن (سندس نعمتون ڄاڻي) شڪر ڪندؤ ۽ ايمان آڻيندؤ ته الله اوھانکي ڇالاءِ عذاب ڪندو؟ ۽ الله ته قدر سڃاڻندڙ ڄاڻندڙ آھي.
643 - بيشڪ جيڪي الله ۽ سندس پيغمبرن کي نه مڃيندا آھن ۽ الله ۽ سندس پيغمبرن جي وچ ۾ فرق ڪرڻ گھرندا آھن ۽ چوندا آھن ته ڪن پيغمبرن کي مڃيون ٿا ۽ ڪن (پيغمبرن) کي نه ٿا مڃيون ۽ اُنھيءَ وچ ۾ ڪا ٻي واٽ وٺڻ گھرندا آھن.
644 - اُھي شخص سي پڪ ڪافر آھن، ۽ ڪافرن لاءِ خواري ڏيندڙ عذاب تيار ڪيو اٿئون.
645 - ۽ جن الله ۽ سندس پيغمبرن کي مڃيو ۽ منجھانئن ڪنھن ھڪ جي وچ ۾ فرق نه ڪيو اُنھن کي الله سندن اجر سگھو ڏيندو، ۽ الله بخشڻھار مھربان آھي.
646 - (اي پيغمبر) ڪتاب وارا توکي سوال ٿا ڪن ته آسمان کان (ھڪ ئي ڀيري) مٿن ڪتاب لاھين (ان جو خيال نه ڪر) پوءِ تحقيق ان کان (به) وڏو سوال موسىٰ کان ڪيو ھوائون پوءِ چيائون ته اسان کي الله (اکين سان) چٽو ڏيکار پوءِ سندن گناہ سببان مٿن وڄ ڪري، وري پاڻ وٽ مُعجزن جي اچڻ کانپوءِ گابي کي (خُدا ڪري) ورتائون پوءِ اُن (سندن ڏوھ) کان معافي ڏنيسون، ۽ موسىٰ کي پڌرو غلبو ڏنوسون.
647 - ۽ کانئن انجام وٺڻ لاءِ سندن مٿان (جبل) طُور کڙو ڪيوسون ۽ کين چيوسون ته (شھر جي) دروازي کان سجدو ڪندڙ ٿي گھڙو ۽ کين (ھيءُ به) فرمايوسون ته ڇنڇر (جي ڏينھن مڇي نه مارڻ جي حڪم ڪيل) ۾ حد کان نه لنگھو ۽ کانئن پڪو انجام ورتوسون.
648 - پوءِ سندن انجام ڀڃڻ ۽ الله جي آيتن کي سندن نه مڃڻ ۽ پيغمبرن کي سندن ناحق مارڻ (سببان سزا جوڳا ٿيا) ۽ سندن (انھيءَ) چوڻ سببان ته اسان جو دليون ڍڪيل آھن، (نه!) بلڪ الله سندن ڪفر سببان مٿن مُھر ھنئي آھي تنھنڪري ٿورن کانسواءِ ايمان نه آڻيندا.
650 - ۽ سندن ھن چوڻ سببان ته الله جي پيغمبر مَسِيح عيسىٰ پٽ مريم جي کي ڪُٺو اٿئون، حالانڪ نه کيس ڪُٺائون ۽ نڪي کيس سوريءَ تي چاڙھيائون پر انھن کي شُبه ۾ وڌو ويو، ۽ بيشڪ جن ان بابت تڪرار ڪيو سي کانئس شڪ ۾ آھن، گمان کانسواءِ کين ان جي ڪا پڪي ڄاڻپ نه آھي، ۽ پڪ سان نه ڪُٺو اٿن.
651 - بلڪ الله کيس پاڻ ڏانھن مٿي کڻي ورتو، ۽ الله غالب حڪمت وارو آھي.
652 - ۽ ڪتاب وارن مان ڪوئي نه رھندو پر سندس موت کان اڳ (سڀئي) مٿس ضرور ايمان آڻيندا، ۽ قيامت جي ڏينھن (عيسى) مٿن شاھد ھوندو.
653 - پوءِ يھودين جي ظلم سببان (گھڻيون) سٺيون شيون جي انھن لاءِ حلال ڪيل ھيون سي مٿن حرام ڪيوسون ۽ (پڻ) گھڻن ماڻھن کي الله جي واٽ کان سندن جھلڻ سببان.
668 - پوءِ جن الله کي مڃيو ۽ کيس چنبڙي ورتو تن کي پنھنجي پاران ٻاجھ ۽ فضل ھيٺ سگھو داخل ڪندو ۽ پاڻ ڏانھن کين سڌو رستو ڏيکاريندو.
669 - (اي پيغمبر جنھن کي اولاد ۽ ماءُ پيءُ نه ھجي تنھنجي ميراث بابت) توکان پڇن ٿا، چؤ ته الله ڪلاله (جي ميراث) بابت اوھان کي فتوىٰ ٿو ڏئي، جيڪڏھن (ڪو اھڙو) مڙس مري جنھنکي اولاد نه آھي (۽ نه ماءُ پيءُ) ۽ کيس ھڪ ڀيڻ آھي ته جيڪي ڇڏيائين تنھنجو اڌ اُن لاءِ آھي، ۽ (جيڪڏھن اھڙي زال مري وڃي ۽ ڀاءُ جيئرو اٿن ته) ڀاءُ سندس وارث آھي سو تڏھن جو کيس اولاد نه ھجي، پوءِ جيڪڏھن ٻه ڀينر ھجن ته جيڪي ڇڏيائين تنھن مان ٻنھي لاءِ ٻه ٽھايون آھن، ۽ جيڪڏھن (وارث) ڀينرون ۽ ڀائر ھجن ته مڙس (يعني ڀاءُ) لاءِ ٻن زالن (ڀينرن) جي حصّي جيترو آھي، الله اوھان لاءِ بيان ڪندو آھي ته متان (اوھين) گمراہ ٿيو، ۽ الله سڀڪنھن شيءِ کي ڄاڻندڙ آھي.
670 - اي ايمان وارؤ (پنھنجن) انجامن کي پاڙيو، جيڪي اوھان تي پڙھبو تنھن کانسواءِ (ٻيا) چوپايا ڍور اوھان لاءِ حلال ڪيا ويا آھن پر اوھين احرام وارا ٿي شڪار کي حلال سمجھندڙ نه ٿيو، بيشڪ الله جيڪي گھرندو آھي سو حُڪم ڪندو آھي.
671 - اي ايمان وارؤ الله جي عبادت جي نشانين جي بي تعظيمي نه ڪريو ۽ نڪي تعظيم واري مھيني ۾ ۽ نڪي (ڪعبه ڏانھن موڪليل) قربانيءَ (جي جانور) جي ۽ نڪي قلائد (الله لاءِ نذر ڪيل جانورن جي ڳچين ۾ ٻڌل ڳانن) جي ۽ نڪي تعظيم واري گھر (بيت الله) ڏانھن ويندڙن جي جيڪي پنھنجي پالڻھار جو فضل ۽ رضامندي گھرندڙ آھن، ۽ جڏھن اوھين احرام کوليو تڏھن (ڀَلي) شڪار ڪريو، ۽ اوھان کي انھن ماڻھن جي دشمني جن اوھان کي تعظيم واري مسجد کان جھليو ھن ڳالھ جو سبب نه ٿئي جو (اوھين) حد کان لنگھو، ۽ چڱائي ۽ پرھيزگاريءَ تي پاڻ ۾ مدد ڏيو، ۽ گناہ ۽ حد کان لنگھڻ تي ھڪ ٻئي کي مدد نه ڏيو، ۽ الله کان ڊڄو، بيشڪ الله سخت عذاب ڪرڻ وارو آھي.
672 - اوھان تي حرام ڪيو ويو آھي مُئل جانور ۽ (وھندڙ) رت ۽ سُوئر جو گوشت ۽ جنھن شيءِ کي الله جي نالي کانسواءِ ٻئي جي نالي سان سڏيو وڃي (يعني الله کان سواءِ ٻئي جي نالي مڃتا ڪيل ھجي) ۽ گھُٽو ڏيئي ماريل ۽ ڌڪ سان مُئل ۽ ڪِرڻ سان مُئل ۽ ڍور جي اُکل سان مُئل (حرام ڪيو ويو آھي) ۽ جيڪو (جانور) ڦاڙيندڙ کاڌو (سو به) پر جنھنکي (مرڻ کان اڳ) ذبح ڪيوَ (سو حرام نه آھي) ۽ جو (جانور) آستانن تي ذبح ڪجي (سو حرام ڪيو ويو آھي) ۽ اوھانجو تيرن سان وراھڻ (به)، اِھي (مڙئي) گناہ جا ڪم آھن، اڄ ڪافر اوھان جي دين کان نا اميد ٿيا تنھنڪري کانئن نه ڊڄو ۽ مون کان ڊڄو، اڄ اوھان جو دين اوھان لاءِ ڪامل ڪيم ۽ اوھان تي پنھنجي نعمت پوري ڪيم ۽ اوھان لاءِ دين اسلام پسند ڪيم، پوءِ جيڪو گناہ ڏانھن نه لاڙو ڪندڙ ٿي بک ۾ لاچار ٿئي (۽ مٿيون حرام شيون کائي ته روا آھي)، پوءِ تحقيق الله بخشڻھار مھربان آھي.
673 - (اي پيغمبر) توکان پڇن ته اُنھن لاءِ ڪھڙيون شيون حلال ڪيون ويون آھن، چؤ ته اوھان لاءِ (سڀ) سٺيون (شيون) حلال ڪيون ويون آھن ۽ (اُھو شڪار به حلال آھي) جيڪي شڪاري جانورن کي شڪار سيکاريندڙ ٿي (اوھان) سيکاريو آھي (يعني) جيڪي الله (شڪار ڪرڻ جو دستور) اوھان کي سيکاريو تنھن مان انھن کي سيکاريو ھجي، ته جيڪو (شڪار اُھي) اوھان لاءِ جھلين تنھن مان کائو ۽ اُن (جانور کي بڇڻ مھل) تي الله جو نالو (يعني بِسۡمِ اللهِ اَللهُ اَڪۡبرُ) چئو ۽ الله کان ڊڄو، بيشڪ الله سخت حساب وٺندڙ آھي.
810 - ان کان وڌيڪ ظالم ڪير آھي؟ جنھن الله تي ڪوڙو ٺاھ ٺاھيو يا سندس آيتن کي ڪوڙو ڄاتو، ڪو شڪ نه آھي ته ظالم نه ڇٽندا.
675 - اي ايمان وارؤ جڏھن اوھين نماز لاءِ اُٿو تڏھن پنھنجن مُنھن کي ۽ پنھنجن ھٿن کي ٺونٺين تائين ڌوئو ۽ پنھنجن مٿن کي مسح ڪريو ۽ پنھنجن پيرن کي ڀيڏين تائين (ڌوئو) ۽ جيڪڏھن اوھين جُنبي (يعني مٿي ميرا) ھجو ته پاڪ ٿيو (يعني تڙ ڪريو)، ۽ جيڪڏھن بيمار ھجو يا مسافريءَ تي (ھجو) يا اوھان مان ڪوئي پائخانه مان اچي يا اوھين زالن کي ويجھا ويا ھجو پوءِ اوھين پاڻي نه لھو ته پاڪ مٽيءَ سان تيمم ڪريو پوءِ پنھنجن مُنھن کي ۽ پنھنجن ھٿن کي منجھانئس مَسح ڪريو، ۽ الله اوھان تي ڪا تنگي نه گھرندو آھي پر گھُرندو آھي ته اوھان کي پاڪ ڪري ۽ اوھان تي پنھنجي نعمت پوري ڪري مانَ اوھين شڪرانو ڪريو.
676 - ۽ الله جي نعمت جا اوھان تي آھي سا ياد ڪريو ۽ سندس اُھو اَنجام جيڪو اوھان سان پڪيءَ طرح ڪيائين تنھن کي (به ياد ڪريو) جڏھن اوھان چيو ته ٻڌوسون ۽ مڃيوسون، ۽ الله کان ڊڄو، ڇوته الله سينن وارو (ڀيد) ڄاڻندڙ آھي.
677 - اي ايمان وارؤ انصاف سان شاھدي ڏيندڙ ٿي الله لڳ بيھڪ وٺندڙ ھُجو، ۽ ڪنھن قوم جي دشمني اوھان کي اوھان جي بي انصافي جو سبب نه بڻي، انصاف ڪريو، اُھو پرھيزگاري کي ڏاڍو ويجھو آھي، ۽ الله کان ڊڄو، ڇوته جيڪي اوھين ڪندا آھيو تنھنجي الله خبر رکندڙ آھي.
678 - جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن سان الله وعدو ڪيو آھي ته اُنھن لاءِ بخشش ۽ وڏو اجر آھي.
679 - ۽ جن ڪفر ڪيو ۽ اسان جي آيتن کي ڪُوڙو ڀانيو اُھي دوزخي آھن.
680 - اي ايمان وارؤ الله جي نعمت جا اوھان تي آھي سا ياد ڪريو جڏھن ھڪ قوم پنھنجن ھٿن کي اوھان ڏانھن (ويڙھ لاءِ) ڊگھي ڪرڻ جو ارادو ڪيو تڏھن سندس ھٿ اوھان کان جھليائين، ۽ الله کان ڊڄو، ۽ الله تي ڀلي ته مؤمن ڀروسو ڪن.
681 - ۽ الله بني اسرائيلن کان بيشڪ انجام ورتو، ۽ منجھن ٻارھن سردار مقرر ڪياسون، ۽ الله چيو ته تحقيق آءٌ اوھان ساڻ آھيان، جيڪڏھن نماز پڙھيو ۽ زڪٰوة ڏنوَ ۽ مُنھنجن پيغمبرن کي مڃيوَ ۽ کين مدد ڪيو ۽ الله کي چڱو قرض ڏنوَ ته البت اوھان جون مدايون اوھان کان ضرور ميٽيندس ۽ البت اوھان کي اھڙن باغن ۾ ضرور داخل ڪندس جن جي ھيٺان واھيون وھنديون آھن، وري ھن کان پوءِ اوھان مان جيڪو ڪافر ٿيندو سو سڌيءَ واٽ کان بيشڪ ڀُلو.
682 - پوءِ سندن انجام ڀڃڻ سببان مٿن لعنت ڪئي سون ۽ سندين دلين کي سخت ڪيوسون، (اُھي توريت ۾) ڪن لفظن کي پنھنجن جاين کان بدلائين ٿا ۽ جيڪا نصيحت ڪئي وئي تنھن مان حصو وساريائون، ۽ منجھائن ٿورڙن کانسواءِ انھن (سڀني) جي (ھڪ نه ٻي) خيانت تي ھميشہ واقف ٿيندو رھندين تنھنڪري کين معاف ڪر ۽ مُڙي وڃ، بيشڪ الله ڀلارن کي دوست رکندو آھي.
683 - ۽ جيڪي چون ٿا ته اسين نصارىٰ آھيون تن کان (به) سندن انجام ورتوسون ۽ جيڪا نصيحت ڪئي ويئي تنھن مان ڀاڱو وساريائون، انھيءَ ڪري سندن وچ ۾ ساڙ ۽ دُشمني قيامت جي ڏينھن تائين وڌي سون، ۽ جيڪي ڪندا آھن تنھن جي الله کين سگھو سُڌ ڏيندو.
685 - انھيءَ جي سببان الله انھن کي سڌو رستو ڏيکاريندو آھي جيڪي سلامتي جي واٽن ڏانھن سندس راضپو ڳولين ۽ کين اونداھين مان سوجھري ڏانھن پنھنجي حڪم سان ٻاھر ڪڍي ٿو ۽ کين سڌيءَ واٽ ڏانھن رستو ڏيکاري ٿو.
686 - بيشڪ جن چيو ته الله پاڻ مسيح پٽ مريم جو آھي سي بيشڪ ڪافر ٿيا، چؤ ته جيڪڏھن الله عيسىٰ پُٽ مريم جي کي ۽ سندس ماءُ کي ۽ جيڪي سڀيئي زمين ۾ آھن ناس ڪرڻ گھري ته ڪير الله کان انھن کي ڪُجھ بچائي سگھندو؟ ۽ آسمانن ۽ زمين جي ۽ جيڪي اُنھن جي وچ ۾ آھي تنھنجي بادشاھي الله جي آھي، جيڪي گھري ٿو سو پيدا ڪري ٿو، ۽ الله سڀڪنھن شيءِ تي وس وارو آھي.
687 - يھودي ۽ نصارىٰ چوندا آھن ته اسين الله جا پُٽ ۽ سندس پيارا آھيون، (اي پيغمبر کين) چؤ ته پوءِ سندوَ گناھن سببان ڇو عذاب ڪندا اٿوَ؟ بلڪ اوھين به انھيءَ جنس مان ماڻھو آھيو جيڪي خلقيائين، جنھن کي وڻيس (تنھنکي) بخشي ۽ جنھن وڻيس (تنھنکي) عذاب ڪري، ۽ آسمانن ۽ زمين جي ۽ جيڪي سندن وچ ۾ آھي تنھنجي بادشاھي الله جي آھي، ۽ ڏانھس موٽڻ آھي.
688 - اي ڪتاب وارؤ بيشڪ اوھان وٽ اسان جو پيغمبر اھڙي وقت ۾ آيو جو (ڪجھ وقت تائين) پيغمبرن جو اچڻ بند ٿي چڪو ھو اوھان تي بيان ٿو ڪري متان چئو ته نڪو خوشخبري ڏيندڙ ۽ ڊيڄاريندڙ اسان وٽ آيو، (ھائو) انھي ڪري بيشڪ اوھان وٽ خوشخبري ڏيندڙ ۽ ڊيڄاريندڙ آيو آھي، ۽ الله سڀڪنھن شيء تي وس وارو آھي.
1518 - ۽ نوحؑ پنھنجي پالڻھار کي سڏيو ۽ چيائين اي منھنجا پالڻھار منھنجو پٽ (به) منھنجي گھر وارن منجھان آھي ۽ بيشڪ تنھنجو انجام بلڪل سچو آھي ۽ تو حاڪمن جو حاڪم آھين.
689 - ۽ (ياد ڪر) جڏھن مُوسىٰ پنھنجي قوم کي چيو ته اي منھنجي قوم پاڻ تي الله جي نعمت ياد ڪريو جو اوھان ۾ پيغمبر مُقرّر ڪيائين ۽ اوھان کي بادشاہ ڪيائين، ۽ اوھان کي اھي (نعمتون) ڏنائين جي جھانن وارن مان ڪنھن کي (به) نه ڏنائين.
690 - اي منھنجي قوم پاڪ زمين ۾ گھڙو جا الله اوھان لاءِ ٺھرائي آھي ۽ پوئتي نه ڦرو نه ته ڦري ڇيئي وارا ٿيندؤ.
694 - مُوسىٰ چيو ته اي منھنجا پالڻھار آءٌ پنھنجي سِرَ ۽ پنھنجي ڀاءُ کانسواءِ (ٻئي) ڪنھن تي (به) اختيار نٿو رکان تنھنڪري اسان جي ۽ بي فرمان قوم جي وچ ۾ جدائي ڪر.
695 - (الله) چيو ته اُھا (پاڪ زمين) چاليھ ورھيه مٿن حرام ڪئي ويئي آھي، زمين (يعني بر) ۾ حيران پريشان رھندا، تنھنڪري بي دين قوم تي ڏک نه ڪر.
696 - (اي پيغمبر) آدم جي ٻن پُٽن (ھابيل ۽ قابيل) جي خبر کين سچي طرح پڙھي ٻُڌاءِ، جڏھن ٻنھي (ھڪ ھڪ) قرباني نذر ڪئي تڏھن تڏھن ٻنھي مان ھڪڙي جي قبول ڪئي وئي ۽ ٻئي جي قبول نه ڪئي وئي، (قابيل) چيو ته ضرور ماريندوسانءِ، ۽ (ھابيل) چيو ته الله رڳو پرھيزگارن جي (قرباني) قبول ڪندو آھي.
697 - البت جيڪڏھن پنھنجو ھٿ منھنجي مارڻ لاءِ مون ڏانھن ڊگھو ڪندين ته آءٌ پنھنجو ھٿ تو ڏانھن ڪڏھن به ڊگھو نه ڪندس ته توکي ماريان، بيشڪ آءٌ جھانن جي پالڻھار الله کان ڊڄان ٿو.
707 - چورُ (مڙس) ۽ چورِ (زال) انھن جا ھٿ سندن ڪئي سببان سزا لاءِ وڍيو الله (جي پار) کان اُھو عذاب آھي، ۽ الله غالب حڪمت وارو آھي.
708 - پوءِ جنھن پنھنجي ڪيل پڃاڻا توبه ڪئي ۽ چڱا ڪم ڪيا تنھن تي الله ٻاجھ سان موٽندو، ڇوته الله بخشڻھار مھربان آھي.
709 - (اي پيغمبر) نه معلوم اٿئي ڇا؟ ته آسمانن ۽ زمين جي بادشاھي الله جي آھي، جنھن کي وڻيس تنھن کي عذاب ڪري ۽ جنھن کي وڻيس تنھن کي بخشي، ۽ الله سڀڪنھن شيءِ تي وس وارو آھي.
1540 - ۽ (انھن) ظالمن کي ھڪ خوفناڪ آواز ورتو پوءِ صبح جو پنھنجن حويلين ۾ ڪرونڊڙا ٿي مري ويا.
1519 - (الله) فرمايو ته اي نوح اُھو تنھنجي گھر وارن مان نه آھي، ڇوته اَڻ سڌريل ڪمن وارو آھي، تنھنڪري جنھن جي توکي ڪا خبر نه آھي تنھن بابت مون کان نه پُڇ، آءٌ توکي نصيحت ڪريان ٿو ته متان جاھلن مان ٿئين.
1520 - (نوحؓ) چيو ته اي منھنجا پالڻھار جنھن (ڳالھ جي حقيقت) جي مون کي خبر نه آھي تنھن بابت توکان پڇڻ جي آءٌ تو وٽان پناھ گھران ٿو، ۽ جي تون نه بخشيندين ۽ رحم نه ڪندين ته ڇيئي وارن مان ٿيندس.
710 - اي پيغمبر انھن جو حال توکي غمگين نه ڪري جيڪي اھڙن (ماڻھن) مان ڪفر ۾ ڪاھي پوندا آھن جو پنھنجن واتن سان چوندا آھن ته ايمان آندوسون ۽ سندن دلين ايمان نه آندو آھي، ۽ (پڻ) يھودين مان، جو ڏاڍا ڪُوڙ ٻڌندڙ آھن ٻيءَ قوم (ڪافرن) لاءِ جي اڃا تو وٽ نه آيا آھن جاسُوسي ڪندڙ آھن، ڪن (صحيح) ڳالھين کي پنھنجن ھنڌن تي قائم ھجڻ کانپوءِ بدلائيندا آھن، (ماڻھن کي) چوندا آھن ته جيڪڏھن ھيءُ (حُڪم) ڏنو وڃيوَ ته اھو قبول ڪجو ۽ جيڪڏھن اُھو نه ڏنو وڃيوَ ته پري ٿجو، ۽ الله جنھن جي گمراہ ڪرڻ جو ارادو ڪندو آھي تنھن لاءِ الله (جي پار) کان (ھدايت ڪرڻ جو) ڪُجھ اختيار نه اٿيئي، اُھي (اھڙا) آھن جو انھن جي دلين کي الله پاڪ ڪرڻ نه گھرندو آھي،، دنيا ۾ انھن لاءِ خواري آھي ۽ آخرت ۾ انھن لاءِ وڏو عذاب آھي.
711 - ڪوڙين ڳالھين جا ٻڌندڙ آھن حرام (جو مال) کائيندڙ آھن، پوءِ جيڪڏھن تو وٽ اچن ته سندن (تڪرار جي) وچ ۾ فيصلو ڪر يا کانئن مُنھن موڙ، ۽ جيڪڏھن کانئن مُنھن موڙين ته توکي ڪجھ نقصان رسائي نه سگھندا، ۽ جيڪڏھن نبيرو ڪرين ته سندن وچ ۾ انصاف سان فيصلو ڪر، بيشڪ الله انصاف ڪندڙن کي دوست رکندو آھي.
712 - ۽ ڪئن توکان ھن حالت ۾ فيصلو ڪرائيندا؟ جو وٽن توريت آھي اُن ۾ الله جو حُڪم آھي وري اُن کانپوءِ ڦري ويندا آھن، ۽ اُھي مُؤمن نه آھن.
713 - تحقيق اسان توريت لاٿو آھي منجھس ھدايت ۽ نُور آھي، فرمانبردارن پيغمبرن ۽ الله وارن ۽ عالمن اُن سان يھودين لاءِ حُڪم ڪيو آھي (يعني) انھيءَ سان جيڪي الله جي ڪتاب مان ياد ڪرايو وين ۽ مٿن شاھد ھوا، پوءِ (کين اسان سمجھايو ھوته) ماڻھن کان نه ڊڄو ۽ مون کان ڊڄو ۽ مُنھنجي آيتن کي ٿوري مُلھ سان نه وڪڻو، ۽ جيڪي الله لاٿو آھي تنھن سان جيڪي حُڪم نه ڪندا سي ئي ڪافر آھن.
714 - ۽ انھن (يھودين) تي توريت ۾ لازم ڪيوسون ته ماڻھوءَ جو عوض ماڻھو ۽ اک جو عوض اک ۽ نڪ جو عوض نڪ ۽ ڪنّ جو عوض ڪنّ ۽ ڏند جو عوض ڏند ۽ ڦٽ جو عوض اوترو ڦٽ آھي، پوءِ جيڪو ان کي بخشيندو تنھن لاءِ اُھو (بخشڻ سندس گناھن جو) ڪفّارو آھي، ۽ جيڪو الله لاٿو آھي تنھن سان جيڪي حُڪم نه ڪندا سي ئي ظالم آھن.
720 - اي مؤمنؤ يھودين ۽ نصارن کي دوست ڪري نه وٺو، انھن مان ھڪڙا ٻـين جا دوست آھن، ۽ اوھان منجھان جيڪو کين دوست ڪري وٺندو سو بيشڪ منجھانئن آھي، بيشڪ الله ظالم ٽوليءَ کي سِڌو رستو نه ڏيکاريندو آھي.
721 - پوءِ جن جي دلين ۾ (منافقيءَ جي) بيماري آھي تن کي ڏسين ٿو اُنھن (يھودين ۽ نصارن جي دوستيءَ) ۾ ڊوڙندا ويندا آھن چوندا آھن ته پاڻ تي زماني جي ڦيري پُھچڻ کان ڊڄون ٿا، پوءِ ستت ئي الله فتح يا ٻيو حُڪم پاڻ وٽان موڪليندو پوءِ پنھنجي دلين ۾ جيڪي لڪائيندا آھن تنھن تي پشيمان ٿيندا.
722 - ۽ (قيامت ۾) مؤمن چوندا ته ھي اُھي آھن ڇا جي (دنيا ۾) الله جا وڏا وڏا قسم کڻندا ھئا ته اسين اوھان سان آھيون، (اڄ منافقيءَ سببان) سندن (سڀ) ڪئي ڪمائي ناس ٿي پوءِ اُھي ڇيئي وارا ٿيا.
723 - اي مؤمنؤ اوھان منجھان جيڪو دين کان ڦرندو ته سگھو ئي الله اھڙي قوم کي پيدا ڪندو جن کي (پاڻ) دوست رکندو ۽ اُھي کيس دوست رکندا اُھي مؤمنن سان نوڙت ڪندڙ (۽) ڪافرن تي سخت ھوندا، الله جي واٽ ۾ جھاد ڪندا ۽ ڪنھن ملامت ڪندڙ جي ملامت کان نه ڊڄندا، اھو الله جو فضل آھي جنھن کي وڻيس ڏيندو آھي، ۽ الله ڪشادي فضل وارو ڄاڻندڙ آھي.
725 - ۽ جيڪو الله ۽ سندس پيغمبر ۽ مؤمنن کي دوست ڪري وٺندو (سو الله جي ٽولي مان ٿيندو) ڇوته الله جي ٽولي ئي غالب آھي.
726 - اي ايمان وارؤ جن کي اوھان کان اڳ ڪتاب ڏنو ويو تن منجھان جن اوھان جي دين کي چٿر ۽ راند بڻايو آھي تن کي ۽ ڪافرن کي دوست نه بڻايو، ۽ جيڪڏھن مؤمن آھيو ته الله کان ڊڄو.
727 - ۽ جڏھن (اوھين) نماز لاءِ بانگ ڏيندا آھيو (تڏھن اُھي) اُن کي چٿر ۽ راند ڀائيندا آھن، اِھو ھِن سببان آھي جو اُھي بي سمجھه قوم آھن.
728 - (اي پيغمبر) چؤ ته اي ڪتاب وارؤ ھن کانسواءِ اسان تي (ٻيو) ڪو عيب رکي سگھو ٿا ڇا؟ ته الله کي ۽ جيڪي اسان ڏانھن لاٿو ويو ۽ جيڪي اڳ لاٿو ويو آھي تنھن کي مڃيو اٿئون ۽ بيشڪ اوھان منجھان گھڻا بي دين آھن.
729 - (اي پيغمبر کين) چؤ ته الله وٽ ھن کان وڌيڪ بُڇڙي عاقبت واري جي اوھان کي خبر ڏيان؟ (بڇڙي عاقبت وارا) اُھي آھن جن تي الله لعنت ڪئي آھي ۽ مٿن ڏمر ڪيو آھي ۽ منجھانئن ڪي ڀولڙا ۽ سوئر ڪيائين جنھن شيطان جي پوڄا ڪئي، اِھي بڇڙي ھنڌ رھڻ وارا آھن ۽ سڌي واٽ کان بلڪل ڀُلا آھن.
856 - (۽) ھر ھڪ شيء لاءِ ھڪ وقت مقرّر آھي ۽ سگھو ڄاڻندؤ.
730 - ۽ جڏھن اوھان وٽ ايندا آھن تڏھن چوندا آھن ته ايمان آندوسون ھن ھوندي جو (اُھي) ڪُفر سان ايندا آھن ۽ اُھي اُن (ڪفر) سان ويندا آھن، ۽ جيڪي لڪائيندا آھن تن کي الله چڱو ڄاڻندڙ آھي.
741 - بيشڪ جن چيو ته عيسىٰ پٽ مريم جو پاڻ الله آھي سي ڪافر ٿيا، ۽ عيسىٰ چوندو ھو ته اي بني اسرائيلؤ الله جي عبادت ڪريو جو منھنجو پالڻھار ۽ اوھان جو پالڻھار آھي، (ھيءَ پڪي ڳالھ آھي ته) جيڪو الله سان شريڪ مقرر ڪندو تنھن تي بيشڪ الله بھشت حرام ڪيو آھي ۽ سندس ھنڌ باھ آھي، ۽ ظالمن جو ھو مددگار آھي.
742 - جن چيو ته الله ٽن مان ھڪڙو آھي سي بيشڪ ڪافرٿيا، حالانڪ ھڪ الله کانسواءِ ڪوئي عبادت جو لائق نه آھي، جيڪي چوندا آھن تنھن کان جيڪڏھن پاڻ کي نه جھليندا ته منجھانئن ڪافرن کي ڏکوئيندڙ عذاب ضرور پھچندو.
743 - پوءِ الله ڏانھن ڇونه موٽندا آھن ۽ سندس بخشش ڇونه گھرندا آھن؟ ۽ الله بخشڻھار مھربان آھي.
745 - (اي پيغمبر کين) چؤ ته الله کانسواءِ اُنھن جي عبادت ڇو ڪندا آھيو؟ جي اوھان لاءِ نڪي ڏک ۽ نڪي سُک جا مالڪ آھن، ۽ الله ئي ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آھي.
746 - (اي پيغمبر کين) چؤ ته اي ڪتاب وارؤ حق کانسواءِ پنھنجي دين ۾ حد کان نه لنگھو ۽ انھيءَ قوم جي سڌن جي پٺيان نه لڳو جيڪي بيشڪ (پاڻ به) اڳ ڀُلا آھن ۽ (ٻـين) گھڻن کي (به) ڀُلايو اٿن ۽ سڌيءَ واٽ کان ڀُلا آھن.
747 - بني اسرائيلن مان جيڪي ڪافر ٿيا تن تي داؤد ۽ عيسىٰ پٽ مريم جي زبان سان لعنت ڪئي ويئي آھي، اُھو ھن سببان آھي جو بي فرماني ڪيائون ۽ حد کان لنگھندا ھئا.
748 - جيڪي بد ڪم ڪندا ھئا تن کان ھڪ ٻئي کي نه جھليندا ھوا، جيڪي ڪندا ھئا سو ضرور بد آھي.
749 - (اي پيغمبر) منجھانئن گھڻن کي ڏسين ٿو ته ڪافرن سان دوستي رکندا آھن، جيڪي اُنھن پاڻ لاءِ اڳ موڪليو آھي سو بڇڙو آھي جو مٿن الله جو ڏمرجڻ آھي ۽ اُن عذاب ۾ سدائين رھڻ وارا آھن.
750 - ۽ جيڪڏھن (اُھي) الله ۽ (پنھنجي) پيغمبر کي ۽ جيڪي پيغمبر ڏانھن لاٿو ويو تنھن کي مڃين ھا ته انھن (مشرڪن) کي دوست ڪري نه وٺن ھا پر منجھانئن گھڻا ايمان کان نڪتل آھن.
751 - (اي پيغمبر) يھودين ۽ مشرڪن کي مؤمنن لاءِ ٻـين ماڻھن کان بلڪل وڌيڪ دشمني ڪرڻ وارو ضرور ڏسندين، ۽ جيڪي چون ٿا ته اسين نصارىٰ آھيون تن کي مسلمانن سان دوستي ڪرڻ ۾ ڏاڍو ويجھو ڏسندين، اِھو ھن سببان آھي جو منجھانئن ڪي عالم ۽ ڪي فقير آھن ۽ بيشڪ اُھي وڏائي نه ڪندا آھن.
752 - ۽ جيڪي پيغمبر ڏانھن لاٿو ويو سو جڏھن ٻڌندا آھن تڏھن سندين اکين کي انھيءَ سببان جو سچ کي سڃاتائون ڳوڙھا ڳاڙيندو ڏسندين، چوندا آھن ته اي اسان جا پالڻھار ايمان آندوسين تنھنڪري اسان کي شاھدن ۾ لِک.
753 - ۽ اسان کي ڇا (ٿيو) آھي؟ جو الله کي ۽ جيڪي اسان وٽ سچ (يعني قرآن) آيو تنھن کي ھن ھوندي به نه مڃيون جو اُميد ٿا رکون ته اسان جو پالڻھار اسان کي صالحن جي ٽوليءَ سان (گڏي بھشت ۾) گھيريندو.
754 - پوءِ جيڪي چيائون تنھن سببان الله کين بھشت ڏنو جنھن جي ھيٺان واھيون وھنديون آھن منجھس سدائين رھڻ وارا آھن، ۽ اِھو ڀلارن جو بدلو آھي.
755 - ۽ جن ڪفر ڪيو ۽ اسان جي آيتن کي ڪوڙو ڀانيو اُھي دوزخي آھن.
756 - اي ايمان وارؤ جيڪي پاڪ شيون الله اوھان لاءِ حلال ڪيون آھن سي حرام نه بڻايو ۽ نڪي حد کان لنگھو، بيشڪ الله حد کان لنگھندڙن کي دوست نه رکندو آھي.
757 - ۽ جيڪي الله اوھان کي پاڪ حلال رزق ڏنو آھي تنھن مان کائو، ۽ اُن الله کان ڊڄو جنھن کي مڃيندڙ آھيو.
758 - الله اوھان جي اجاين قسمن کڻڻ ۾ اوھان کي نه پڪڙيندو پر جيڪي قسم اوھان پڪي نيت سان کنيا تنھن سببان اوھانکي وَٺ ڪندو، پوءِ ان جي ڪفارت وچٿرو (کاڌو) جيڪي پنھنجي عيال کي کارائيندا آھيو تنھن مان ڏھن مسڪينن کي کاڌو ڏيڻ آھي يا کين ويس ڍڪائڻ يا ٻانھون آجو ڪرڻ (جڳائي)، پوءِ جيڪو نه لھي ته ٽي ڏينھن روزو رکڻ لازم آھي، جڏھن اوھين قسم کڻو (۽ ڀڃو تڏھن) اِھا ڪفارت اوھان جي قسمن جي آھي، ۽ پنھنجي قسمن کي (ڀڃڻ کان) سوگھو رکو، اھڙي طرح الله اوھان لاءِ پنھنجا حڪم بيان ڪندو آھي مانَ اوھين شڪرانو ڪريو.
760 - شيطان جو ارادو شراب (پيارڻ) ۽ جؤا (کيڏائڻ) ۾ ھن کانسواءِ نه آھي ته اوھان جي وچ ۾ دشمني ۽ بغض وجھي ۽ الله جي ياد ڪرڻ کان ۽ نماز کان اوھان کي جھلي، پوءِ (ھاڻي به) اوھين (نه) جھلبؤ ڇا؟
761 - ۽ الله جي فرمانبرداري ڪريو ۽ پيغمبر جي فرمانبرداري ڪريو ۽ ڊڄو، پوءِ جيڪڏھن اوھين ڦرندؤ ته (پڪ) ڄاڻو ته اسان جي پيغمبر تي رڳو پڌرو پيغام پھچائڻ آھي.
762 - جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن تي جيڪي (اڳ) کاڌائون تنھن ۾ گناہ نه آھي جڏھن پرھيزگاري ڪيائون ۽ ايمان آندائون ۽ چڱا ڪم ڪيائون وري پرھيزگاري ڪيائون ۽ ايمان آندائون وري پرھيزگاري ڪيائون ۽ چڱائي ڪيائون، ۽ الله ڀلارن کي دوست رکندو آھي.
763 - اي ايمان وارؤ الله ڪنھن شڪار (جي حڪم) سان جنھن کي اوھان جا ھٿ يا اوھان جا تير پھچن اوھان کي ھن لاءِ ضرور پرکيندو ته الله نکيڙي ته ڪير کانئس پرپُٺ ڊڄندو آھي، پوءِ جيڪو ھن کانپوءِ حد کان لنگھندو تنھن لاءِ ڏکوئيندڙ عذاب آھي.
764 - اي ايمان وارؤ اوھين احرام (جي حالت) ۾ شڪار نه ڪريو، ۽ اوھان مان جنھن ڄاڻي واڻي ان کي ماريو پوءِ جيڪي ماريو اٿس تنھن جھڙو جانور جنھن لاءِ اوھان مان ٻه معتبر حُڪم ڪن سزا لازم آھي اھا قرباني ڪعبي وٽ پھچڻي آھي يا (سزا) مسڪينن جو کاڌو ڪفارت آھي يا ان جي برابر روزا رکي ھن لاءِ ته پنھنجي ڪم جي سزا چکي، جيڪي اڳي گذريو سو اَلله معاف ڪيو، ۽ جنھن موٽي ڪيو تنھن کان الله بدلو وٺندو، ۽ الله غالب بدلي وٺڻ وارو آھي.
765 - درياءَ جو شڪار اوھان لاءِ حلال ڪيو ويو ۽ ان جو کائڻ اوھان لاءِ ۽ مسافرن لاءِ نفعي وارو آھي، ۽ جھنگ جو شڪار جيستائين اوھين احرام وارا ھجو تيستائين اوھان تي حرام ڪيو ويو، ۽ اُن الله کان ڊڄو جنھن ڏانھن گڏ ڪيا ويندؤ.
766 - الله تعظيم واري گھر ڪعبه تعظيم واري مھيني ۽ (ڪعبي ڏانھن موڪليل) قرباني ۽ قلائد کي ماڻھن لاءِ بيھڪ جو سبب ڪيو، اِھو (ھن لاءِ) ته اوھين ڄاڻو ته جيڪي آسمانن ۽ جيڪي زمين ۾ آھي سو بيشڪ الله ڄاڻندو آھي ۽ الله سڀڪنھن شيء کي ڄاڻندڙ آھي.
767 - ڄاڻو ته الله سخت سزا ڏيندڙ آھي ۽ (ھيءبه ته) الله بخشڻھار مھربان آھي.
769 - (اي پيغمبر) چؤ ته پليت ۽ پاڪ برابر نه آھن جيتوڻيڪ پليت جي گھڻائي توکي زيادہ وڻي، پوءِ اي ڌيان وارؤ الله کان ڊڄو ته مانَ اوھين ڇٽو.
812 - وري سندن ڪوئي عذر ھن چوڻ کان سواءِ نه رھندو ته پنھنجي پالڻھار الله جو قسم اٿئون ته اسين شريڪ ڪندڙ نه ھئاسون.
770 - اي ايمان وارؤ انھن شين بابت سوال نه ڪريو جن جي حقيقت جيڪڏھن اوھان تي پڌري ڪئي وڃي ته اوھان کي ڏکي لڳي، ۽ جيڪڏھن قرآن لھڻ مھل ان بابت سوال ڪريو ته اوھان لاءِ پڌرو ڪيو ويندو، انھن (سوالن) کان الله اوھان کي معافي ڏني، ۽ الله بخشڻھار بردبار آھي.
771 - بيشڪ ھڪ قوم اوھان کان اڳ اھڙين (ڳالھين) جو سوال ڪيو ھو (پر) سمجھائڻ تي وري اُن جا ڦري مُنڪر ٿيا.
772 - الله نڪي بحيرہ ۽ نڪي سائبہ ۽ نڪي وصيلہ ۽ نڪي حام مُقرّر ڪيو آھي پر ڪافر الله تي ڪوڙ ٻڌندا آھن، ۽ منجھانئن گھڻا نٿا سمجھن.
773 - ۽ جڏھن کين چئبو آھي ته جيڪي الله لاٿو آھي تنھن ڏانھن ۽ پيغمبر ڏانھن اچو (تڏھن) چوندا آھن ته جنھن تي پنھنجن ابن ڏاڏن کي (ھلندو) ڏٺوسون سو اسان کي بس آھي، جيتوڻيڪ سندن ابا ڏاڏا ڪجھ نه ڄاڻندا ھئا ۽ نڪي ھدايت وارا ھئا.
774 - اي مؤمنؤ اوھين پنھنجن نفسن جي ڪريو، جڏھن اوھين ھدايت وارا ٿيؤ تڏھن اُھو اوھان کي ضرر نه رسائيندو جيڪو ڀُلو، الله ڏانھن اوھان مڙني جو موٽڻ آھي پوءِ جيڪي اوھين ڪندا آھيو تنھنجي اوھان کي سُڌ ڏيندو.
775 - اي ايمان وارؤ جڏھن اوھان مان ڪنھن کي موت ويجھو ٿئي ته وصيّت ڪرڻ مھل ٻه معتبر وصّي ڪريو جي اوھان (مسلمانن) مان ھجن يا اوھان کانسواءِ ٻيا (يعني غيرقوم جا) ھجن (ھي تڏھن) جيڪڏھن اوھين مُلڪ ۾ مسافر ھجو پوءِ اوھان کي موت جو واقعو پُھچي، جيڪڏھن (اوھين سندن گواھي ڏيڻ ۾ ڪو) شڪ رکو ٿا ته (وچينءَ) نماز کانپوءِ اوھين ٻنھي کي جھليو پوءِ اُھي (ٻئي) الله جو قسم کڻي چون ته توڻيڪ مائٽ ھوندا ته به اسين قسم جي عوض ڪا بھا نه وٺنداسون ۽ نڪي الله جي (حڪم واري) شاھدي لڪائينداسون (جي لڪائي سون) ته اُتي جو اُتي ضرور گنھگارن مان ٿينداسون.
776 - پوءِ جيڪڏھن معلوم ٿئي ته اُھي ٻئي گنھگار ٿيا ته جن جي مال تي ٻئي حق رکيو آھي تن جي ويجھي مائٽي وارن مان ٻيا ٻه ڄڻا انھن جي بجاءِ کڙا ٿين پوءِ الله جو قسم کڻي چون ته ٻنھي جي شاھديءَ کان اسان جي شاھدي ڏاڍي سچي آھي ۽ حد کان نه لنگھنداسون، نه ته اتي جو اتي ضرور ظالمن مان ٿينداسون.
777 - اِھو (حُڪم ھن ڳالھ کي) ويجھو آھي ته اُھي (وصّي ماڻھو) سچي ڳالھه جي شاھدي ڏيڻ يا پنھنجن قسمن کڻڻ کانپوءِ قسم جي رد ٿيڻ کان ڊڄن، ۽ الله کان ڊڄو ۽ ھي (حُڪم دل سان) ٻڌو، ۽ الله بي دين قوم کي سڌو رستو نه ڏيکاريندو آھي.
778 - (ياد ڪر) جنھن ڏينھن الله سڀني پيغمبرن کي گڏ ڪندو (تنھن ڏينھن) چوندو ته اوھان کي ڇا جواب ڏنو ويو، چوندا ته اسان کي (ماڻھن جي دلين جي) خبر نه آھي، ڇوته تون ئي ڳجھن جو وڏو ڄاڻندڙ آھين.
1521 - چيو ويو ته اي نوحؑ اسان جي طرف کان سلامتي ۽ برڪتن سان لھ جي توتي ھجن ۽ انھن ٽولين تي (به) جيڪي توساڻ آھن، ۽ (ٻيون ڪي) جماعتون ھونديون جن کي آسودو ڪنداسون وري انھن (مان ڪافرن) کي اسان وٽان ڏکوئيندڙ عذاب پھچندو.
779 - جڏھن (اُن ڏينھن) الله عيسىٰ پٽ مريم جي کي چوندو ته پاڻ تي ۽ پنھنجي ماءُ تي مُنھنجي نعمت ياد ڪر، جڏھن توکي پاڪ رُوح سان مدد ڏنم، (جو) ماڻھن سان پينگھي ۾ (خاص طرح) ۽ وڏي وھيءَ ۾ ڳالھايُئي ٿي، ۽ جڏھن توکي ڪتاب ۽ دانائي ۽ توريت ۽ انجيل سيکاريم، ۽ جڏھن منھنجي حڪم سان مٽيءَ مان پکيءَ جي شڪل جھڙو بڻايئي پوءِ منجھس ڦوڪيئي ته مُنھنجي حڪم سان پکي ٿيو ۽ مُنھنجي حُڪم سان ڄاول انڌي ۽ ڪوڙھي کي ڇٽايئي ٿي، ۽ جڏھن مئل کي منھنجي حُڪم سان (جيئرو ڪري) ڪڍيئي ٿي، ۽ جڏھن بني اسرائيلن (جي شر) کي توکان جھليم جڏھن وٽم معجزن سان آئين تڏھن منجھانئن ڪافرن چيو ته ھيءُ رڳو پڌرو جادو آھي.
780 - ۽ جڏھن حوارين ڏانھن الھام ڪيم ته مون تي ۽ مُنھنجي پيغمبر تي ايمان آڻيو، چيائون ته ايمان آندوسون ۽ (اي عيسى) شاھد ھج ته اسان مسلمان آھيون.
781 - (ياد ڪر) جڏھن حوارين چيو ته اي عيسىٰ پُٽ مريم جا تنھنجو پالڻھار اسان تي آسمان کان ڪو (طعام جو) خونچو لاھي سگھندو ڇا؟ (عيسى) چيو ته جيڪڏھن مؤمن آھيو ته الله کان ڊڄو.
820 - جن الله جي ملڻ کي ڪوڙ ڀانيو سي بيشڪ ڇيئي وارا ٿيا، ايتري قدر جڏھن اوچتو انھن تي قيامت ايندي (تڏھن) چوڻ لڳندا ته اسان اُن (قيامت) بابت جيڪا ڪوتاھي ڪئي تنھن تي اسان کي افسوس آھي ۽ اُھي پنھنجو بار پنھنجي پٺين تي کڻندا، خبردار جيڪي کڻندا سو بڇڙو آھي.
822 - بيشڪ ڄاڻون ٿا ته جيڪي (اُھي) چوندا آھن سو توکي ضرور غمگين ڪندو پوءِ اُھي نه (رڳو) توکي ڪوڙو چوندا آھن پر ظالم الله جي آيتن جو انڪار ڪندا آھن.
823 - ۽ بيشڪ توکان اڳ (گھڻا) پيغمبر ڪوڙا سمجھيا ويا ھئا پوءِ پنھنجي ڪوڙي ڀائنجڻ ۽ پنھنجي ڏکوئجڻ تي ايسين صبر ڪندا رھيا جيسين کين اسان جي مدد پُھتي، ۽ الله جي ڳالھين (يعني انجامن) کي (ڪوبه) ڦيريندو نه آھي، ۽ بيشڪ تو وٽ پيغمبرن جي ڪُجھ خبر آئي آھي.
824 - ۽ جيڪڏھن سندن منھن موڙڻ توکي ڏکيو لڳي ٿو ته جيڪڏھن زمين ۾ ڪا سُرنگ ھڻي سگھين يا آسمان تي ڪا ڏاڪڻ ٺاھي سگھين يا وٽن ڪو معجزو آڻين ته آڻي انھن کي ڏيکار، ۽ جيڪڏھن الله گھري ھا ته مڙني کي ھدايت تي گڏ ڪري ھا پوءِ اڻ ڄاڻن مان نه ھُج.
825 - جيڪي (حق طلبيندڙ ٿي حق ڳالھ کي) ٻڌندا آھن سي ئي (اسلام جي دعوت) قبول ڪندا آھن (اُنھن کي الله ھدايت ڪندو آھي)، ۽ مئلن (يعني ڪافرن) کي الله قيامت جي ڏينھن کڙو ڪندو وري ڏانھس موٽايا ويندا.
826 - ۽ چون ٿا ته سندس پالڻھار وٽان اُن (پيغمبر) تي ڪا نشاني ڇونه لاٿي وئي؟ (اي پيغمبر) کين چؤ ته الله نشاني جي لاھڻ تي وس وارو آھي پر منجھانئن گھڻا (ماڻھو) نه ڄاڻندا آھن.
827 - ۽ نڪو زمين ۾ ڪوئي چرندڙ آھي ۽ نڪو پکي آھي جو پنھنجين کنڀڙاٽين سان اُڏامي ٿو پر اوھان جھڙيون ئي ٽوليون آھن، (سڀ) ڪا شيء ڪتاب (يعني لَوح مَحفُوظ) ۾ لکڻ کانسواءِ نه ڇڏي سون وري پنھنجي پالڻھار ڏانھن گڏ ڪيون وينديون.
828 - ۽ جن اسان جي آيتن کي ڪُوڙو ڄاتو سي گونگا ۽ ٻوڙا اونداھين ۾ (پيل) آھن، الله جنھن کي گھُري تنھن کي ڀلائيندو آھي، ۽ جنھن کي گھُري تنھن کي سڌي واٽ تي بيھڪ ڏيندو آھي.
829 - (اي پيغمبر کين) چؤ ته (اوھين) ڏسو جيڪڏھن الله جو عذاب اوھان کي پُھچي يا قيامت اوھان وٽ اچي ته جيڪڏھن اوھان سچا آھيو ته الله کانسواءِ ڪنھن کي سڏيندؤ؟
830 - (نه!) بلڪ خاص ان کي سڏيندا پوءِ جيڪڏھن گھري ته جنھن (مصيبت جي لاھڻ) لاءِ اوھين کيس سڏيندا آھيو سا لاھي ڇڏي ۽ جنھن کي الله سان شريڪ ڪندا آھيو (سو انھيءَ مھل) وساريندا آھيو.
840 - ۽ (اي پيغمبر) جيڪي (ماڻھو) پنھنجي پالڻھار وٽ گڏ ٿيڻ کان ڊڄندا آھن تن کي ھن قرآن سان ڊيڄار الله کان سواءِ انھن جو نڪو سنڀاليندڙ ۽ نڪو سفارش ڪندڙ آھي مانَ اُھي پرھيزگاري ڪن.
841 - ۽ جيڪي پنھنجي پالڻھار کي صُبح ۽ سانجھيءَ جو سندس رضامندي گھرندڙ ٿي سڏيندا آھن تن کي نه تَڙ، توتي سندن ڪجھ به حساب نه آھي ۽ نڪي مٿن تنھنجو ڪُجھ به حساب آھي جو انھن کي تڙيندين (جي کين تڙيندين) ته نامناسب ڪم ڪندڙن مان ٿيندين.
842 - ۽ اھڙي طرح منجھانئن ڪن کي ڪن سان پرکيوسون ته چون ته ھيءَ ٽولي اُھا آھي ڇا جن تي اسان منجھان الله احسان ڪيو آھي، الله شڪر ڪندڙن کي نه ڄاڻندو آھي ڇا؟
843 - ۽ جيڪي اسان جي آيتن کي مڃيندا آھن سي جڏھن تو وٽ اچن ته (انھن کي) چؤ ته اَلسَّلاَمُ عَلَيۡڪُمۡ اوھان جي پالڻھار پاڻ تي ٻاجھ لازم ڪئي آھي ته اوھان مان جيڪو بي علمي سان ڪا بڇڙائي ڪندو وري اُن کانپوءِ توبه ڪيائين ۽ سُڌريو ته اُھو (الله) بخشڻھار مھربان آھي.
844 - ۽ اھڙي طرح آيتون بيان ڪندا آھيون (ته عمل ڪريو) ۽ (ھن لاءِ) ته گنھگارن جو رستو (ماڻھن کي) پڌرو ٿئي.
845 - (اي پيغمبر کين) چؤ ته الله کانسواءِ جن کي سڏيو ٿا تن جي عبادت ڪرڻ کان مون کي منع ڪئي وئي آھي، ۽ چؤ ته آءٌ اوھانجي سَڌن جي تابعداري نه ڪندس (نه ته) بيشڪ اُنھي مھل گمراہ ٿيندس ۽ آءٌ ھدايت وارن مان نه ھوندس.
846 - چؤ ته آءٌ پنھنجي پالڻھار جي پڌري حُجّت تي آھيان ۽ اوھان ان کي ڪوڙ ڀانيو آھي، جنھن شيء جي اٻھر ڪندا آھيو سا مون وٽ نه آھي، (اھڙو) حُڪم الله کانسواءِ ٻئي ڪنھن جي اختيار ۾ نه آھي، اُھو سچ کي بيان ڪندو آھي ۽ اُھو (سڀني) فيصلي ڪندڙن کان ڀلو آھي.
847 - چؤ ته جنھن جي اٻھر ڪندا آھيو سا جيڪڏھن مون وٽ ھجي ھا ته منھنجي ۽ اوھان جي وچ ۾ فيصلو ٿي وڃي ھا، ۽ الله ظالمن کي چڱي طرح ڄاڻندڙ آھي.
848 - ۽ وٽس ڳُجھ جون ڪنجيون آھن ان (ڳجھ جي ڪنجين) کي الله کانسواءِ (ٻيو ڪوبه) ڪونه ڄاڻندو آھي، ۽ جيڪي پٽن ۽ دريائن ۾ آھي سو (به اُھو) ڄاڻندو آھي، ۽ ڪوئي پَن نه ڪرندو آھي پر اُن کي اُھو ڄاڻندو آھي ۽ نڪي ڪو داڻو زمين جي اونداھين ۾ ۽ نڪي ڪا آلي ۽ نڪي ڪا سُڪي شيء پڌري ڪتاب ۾ (لکيل ھُجڻ) کانسواءِ آھي.
849 - ۽ اُھو (الله) آھي جيڪو اوھان کي رات جو (ڄڻڪ) ماري ٿو ۽ جيڪي اوھين ڏينھن جو ڪمايو ٿا سو (به) ڄاڻندو آھي وري اوھان کي ان مان ھن لاءِ (جاڳائي) اٿاريندو آھي ته ٺھرايل مُدّت پوري ڪرائي وڃي، وري اوھان (سڀني) جو ڏانھس موٽڻ آھي وري جيڪي اوھين ڪندا آھيو تنھنجي اوھان کي سُڌ ڏيندو.
850 - ۽ اُھو پنھنجن ٻانھن تي غالب آھي ۽ اوھان تي پنھنجا نگھبان موڪليندو آھي، ته جڏھن اوھان منجھان ڪنھن ھڪ کي موت اچي تڏھن اسان جا قاصد (ملائڪ) ان کي ماريندا آھن ۽ اُھي ڪوتاھي نه ڪندا آھن.
851 - وري (سڀ مئل) سندن سچي ڌڻي الله ڏانھن موٽايا ويندا، خبردار ان جو حُڪم (غالب) آھي، ۽ اُھو جلد حساب وٺندڙ آھي.
852 - (اي پيغمبر) چؤ ته اوھان کي پَٽن ۽ دريائن جي اونداھين کان ڪير ڇڏائيندو آھي (جڏھن) کيس زاريءَ سان ۽ ڳجھو سڏيندا آھيو؟ (۽ چوندا آھيو) ته جيڪڏھن اسان کي ھن (ڏُک) کان الله ڇڏايو ته شڪر ڪندڙن مان ضرور ٿينداسون.
853 - (اي پيغمبر کين) چؤ ته الله اوھان کي ان کان ۽ سڀڪنھن ڏک کان ڇڏائيندو آھي وري به اوھين (ان سان) شرڪ ڪندا آھيو.
854 - (اي پيغمبر کين) چؤ ته اُھو (الله) اوھان تي اوھان جي مٿان يا اوھان جي پيرن جي ھيٺان عذاب موڪلڻ لاءِ وس وارو آھي يا اوھان کي ٽولي ٽولي ڪري وِڇڙائي ۽ اوھان مان ڪن کي ڪن جي لڙائي (جو مزو) چکائي، ڏس ته اسين ڪھڙي طرح (طرحين طرحين) دليل بيان ٿا ڪريون ته مانَ اُھي سمجھن.
855 - ۽ تنھنجي قوم اُن (قرآن) کي ڪوڙ ڀانيو ۽ (حقيقت ڪري) اُھو بلڪل سچ آھي، (اي پيغمبر کين) چؤ ته آءٌ اوھان جو ذمي وار نه آھيان.
857 - ۽ جيڪي اسان جي آيتن بابت اجايو بحث ڪندا آھن تن کي جڏھن ڏسين ته کانئن مُنھن موڙ جيستائين اُن ڌاران ٻيءَ ڪنھن ڳالھه ۾ بحث ڪن، ۽ جيڪڏھن شيطان توکي وسارائي ته ياد اچڻ کانپوءِ ظالم ٽوليءَ سان نه ويھ.
858 - ۽ جيڪي پرھيزگاري ڪندا آھن تن تي اُنھن (ظالمن) جي حساب جي ڪجھ به (ڇڪ تاڻ) نه آھي پر (انھن تي) نصيحت ڪرڻ لازم آھي مانَ اُھي ڊڄن.
859 - ۽ (اي پيغمبر) جن پنھنجي دين کي راند ۽ تماشو بڻايو آھي ۽ کين دُنيا جي حياتيءَ ٺڳيو آھي تن کي ڇڏي ڏي ۽ قرآن سان نصيحت ڪر متان (قيامت جي ڏينھن) ڪوئي پنھنجي ڪئي جي سببان (ھلاڪت ۾) ڦاسي، الله کانسواءِ ان جو نڪو مددگار ۽ نڪو سفارش ڪندڙ آھي، ۽ جيڪڏھن سڀڪا شيء عوض ڏيندو ته کانئس نه ورتو ويندو، اِھي اُھي آھن جو جيڪي ڪيائون تنھن سببان (ھلاڪت ۾) ڦاسي ويا، اُنھن لاءِ ٽھڪندڙ پاڻي مان پيڻ ۽ ڏکوئيندڙ عذاب انھيءَ ڪري آھي جو ڪُفر ڪندا ھوا.
860 - (اي پيغمبر کين) چؤ ته الله کانسواءِ اھڙي کي سڏيون ڇا جيڪو اسان کي نڪي سُک ڏيندو آھي ۽ نڪي ڏُک ڏيندو آھي ۽ اُنھيءَ کان پوءِ جو الله اسان کي ھدايت ڪئي انھيءَ وانگر پنھنجين کڙين (ڀرپوءِ) تي موٽايا وڃون ڇا جنھن کي شيطانن جھنگ ۾ ڀلائي ڇڏيو ھجي اھو حيران پيو ڦري، سندس ڪيئي دوست ھُجن جي ان کي سڌي رستي ڏانھن پيا سڏين ته اسان ڏانھن اچ (۽ اھو اچي ئي نه، اي پيغمبر کين) چؤ ته الله جي ڏسيل واٽ اھائي سڌي واٽ آھي، ۽ اسان کي حڪم ڏنو ويو آھي ته جھانن جي پالڻھار جي فرمانبرداري ڪريون.
877 - اھا الله جي ھدايت آھي پنھنجن ٻانھن مان جنھن لاءِ گھري تنھن کي ان رستي لائي، ۽ جيڪڏھن (اھي ماڻھو) شرڪ ڪن ھا ته جيڪي ڪمايائون سو کانئن ضرور ناس ٿئي ھا.
1074 - ۽ جادوگر سجدي ۾ ڪري پيا.
878 - اِھي اُھي آھن جن کي ڪتاب ۽ حِڪمت ۽ پيغمبري ڏني سون، پوءِ جيڪڏھن ھي ماڻھو (قرآن جي انھن) ڳالھين کي نه مڃين ته بيشڪ اسان ھڪ قوم کي مقرّر ڪيو آھي جي (قرآن جي انھن) ڳالھين جا انڪار ڪندڙ نه ٿيندا.
879 - اِھي اُھي آھن جن کي الله ھدايت ڪئي آھي پوءِ تون به سندن طريقي جي پيروي ڪر، چؤ ته اوھان کان اُن (پيغام پُھچائڻ) تي ڪو اجورو نٿو گھُران، اِھو قرآن خاص جھانن لاءِ نصيحت آھي.
880 - ۽ اُنھن (يھودين) الله جو سندس شان مطابق قدر نه ڪيو ھن ڪري جو چيائون ته الله ڪنھن ماڻھوءَ تي ڪُجھ نه لاٿو آھي، (اي پيغمبر کين) چؤ ته اُھو ڪتاب ڪنھن لاٿو جيڪو موسىٰ آندو ھو؟ جو ماڻھن لاءِ نُور ۽ ھدايت ھو جنھن کي اوھين جزون جزون ڪريو ٿا اُن جي ڪنھن ڀاڱي کي پڌرو ڪندا آھيو ۽ گھڻو لڪائيندا آھيو، ۽ جيڪي (ڳالھيون) نڪي اوھين ۽ نڪي اوھان جا پيءُ ڏاڏا ڄاڻندا ھئا سي اوھان کي سيکاريون ويون، چؤ ته الله (ڪتاب لاٿو آھي) وري انھن کي سندن اجائي بحث ۾ راند ڪندو ڇڏي ڏي.
881 - ۽ ھي ڪتاب آھي جو ان کي برڪت وارو جيڪي اُن کان اڳ آھن تن کي سچو ڪندڙ لاٿوسون ھن لاءِ ته (تون) مڪّي وارن ۽ سندس آس پاس وارن کي ڊيڄارين، ۽ جيڪي آخرت کي مڃيندا آھن سي اُن (قرآن) کي مڃيندا آھن ۽ اُھي پنھنجي نمازن جي سنڀال ڪندا آھن.
882 - ۽ اُن کان وڌيڪ ظالم ڪير آھي جيڪو الله تي ڪوڙو ٺاھ ٺاھي يا چوي ته مون ڏانھن وحي ڪيو ويو آھي ۽ ڏانھنس ڪُجھ به وحي نه ڪيو ويو ھجي يا چوي ته جئن الله (ڪتاب) نازل ڪيو آھي تئن آءٌ (به) ڪتاب نازل ڪندس، ۽ (اي پيغمبر) جيڪڏھن ڏسين (ته جيڪر عجب لڳيئي) جڏھن ظالم موت جي سڪراتين ۾ ھوندا ۽ ملائڪ پنھنجن ھٿن کي ڊگھو ڪندا، (۽ چوندا ته) پنھنجن ساھن کي ٻاھر ڪڍو، اڄ اوھان کي خواري واري عذاب جي سزا انھيءَ سببان ڏني ويندي جو اوھين الله تي ناحق چوندا ھيؤ ۽ سندس آيتن کان وڏائي ڪندا ھيؤ.
883 - ۽ بيشڪ اسان وٽ (ائين) ھڪ ھڪ ٿي آيؤ جئن اوھان کي پھرين ڀيري پيدا ڪيو ھوسون ۽ جيڪي اوھان کي عطا ڪيو ھوسون سو اوھان پنھنجين پٺين پوءِ تان ڇڏي ڏنو، ۽ اوھان جا سفارش ڪندڙ اوھان سان نه ٿا ڏسون جن کي اوھين پنھنجن (احتياجن پوري ڪرڻ) ۾ (الله سان) شريڪ ڀائيندا ھيؤ، بيشڪ اوھان جو پاڻ ۾ ڳانڍاپو ڇنو ۽ جن کي اوھين ڀائيندا ھيؤ سي اوھان کان ڀُلجي ويا.
884 - الله ٻج ۽ ڪڪڙيءَ کي ڦٽائيندڙ آھي، مُئي مان جيئرو ڪڍندو آھي ۽ جيئري مان مُئو ڪڍندڙ آھي، اُھو (ئي) الله آھي پوءِ اوھين ڪيڏانھن ڀلايا ويندا آھيو.
885 - پرھ کي ڦٽائيندڙ آھي، ۽ رات کي آرام ۽ سج ۽ چنڊ کي (وقتن جي) حساب لاءِ (پيدا) ڪيائين، اھو اندازو (الله) غالب ڄاڻندڙ ٺاھيو آھي.
889 - ۽ (ڪافرن) جنن کي الله سان شريڪ بڻايو آھي ھن ھوندي جو کين (الله) خلقيو آھي ۽ اُن لاءِ بي علميءَ سان پُٽ ۽ ڌيئرون ٺاھيون اٿن، اھو پاڪ آھي ۽ جيڪي بيان ڪندا آھن تنھن کان مٿاھون آھي.
890 - آسمانن ۽ زمين جو بڻائيندڙ آھي، انھيءَ کي اولاد جو احتياج ڪئن ٿيندو؟ ۽ اُن کي زال (جو احتياج) نه آھي، ۽ سڀڪا شي (پاڻ) خلقيائين، ۽ اُھو سڀڪنھن شي کي ڄاڻندڙ آھي.
891 - اھو اوھان جو پالڻھار آھي، اُن کانسواءِ ڪو عبادت جو لائق نه آھي، سڀڪنھن شي کي پيدا ڪندڙ آھي تنھنڪري سندس عبادت ڪريو، ۽ اُھو سڀڪنھن شي کي سنڀاليندڙ آھي.
892 - (دنيا ۾) اکيون کيس ڏسي نه سگھنديون ۽ اُھو اکين کي ڏسندو آھي، ۽ اُھو باريڪ بين خبر رکندڙ آھي.
893 - بيشڪ اوھان جي پالڻھار کان اوھان وٽ نشان آيا آھن، پوءِ جنھن ڏٺو (يعني سمجھيو) تنھن پاڻ لاءِ (نفع) ڪمايو، ۽ جيڪو انڌو ٿيو تنھن تي ان جو نقصان آھي، ۽ (اي پيغمبر چؤ ته) آءٌ اوھان تي نگھبان نه آھيان.
894 - ۽ اھڙي طرح طرحين طرحين دليل بيان ڪريون ٿا ۽ ھن لاءِ متان چون ته تون پڙھيو آھين ۽ ھن لاءِ ته ھن (دين) کي اُنھيءَ قوم لاءِ پڌرو ڪريون جي ڄاڻن ٿا.
896 - ۽ جيڪڏھن الله گُھري ھا ته شرڪ نه ڪن ھا، ۽ توکي مٿن نگھبان نه ڪيو اٿئون، ۽ نڪي تون مٿن ڪو نظر ڪندڙ آھين.
897 - (اي مسلمانؤ) جن کي (مُشرڪ) الله کانسواءِ سڏيندا آھن تن کي گاريون نه ڏيو جي متان (اُھي) بي سمجھائي جي ڪري دشمنيءَ کان الله کي ڳالھائين، اھڙي طرح ھر ٽوليءَ لاءِ سندن ڪم سينگارياسون، وري سندن پالڻھار ڏانھن سندن موٽڻ آھي پوءِ جيڪي ڪندا آھن تنھن جي کين سُڌ ڏيندو.
898 - ۽ ڪافر پنھنجي سخت سُنھن سان الله جو قسم کڻندا آھن ته وٽن جيڪڏھن ڪو معجزو اچي ته ان کي ضرور مڃيندا، چؤ ته مُعجزا ته (خاص) الله وٽ آھن (اي مسلمانؤ) اوھان کي ڪنھن سمجھايو آھي ته اُھي مڃيندا (سو معجزا وٽن) جڏھن آيا ته به نه مڃيندا؟
899 - ۽ سندن دلين کي ۽ سندن اکين کي ڦيرائينداسون جئن ان کي پھرين ڀيري نه مڃيائون ۽ کين سندين گُمراھي ۾ حيران ٿيل ڇڏينداسون.
900 - ۽ جيڪڏھن انھن تي اسين ملائڪ لاھيون ھا ۽ ساڻن مُئا (به) ڳالھائين ھا ۽ ھر شيء سندن آمھون سامھون ڪري گڏ (به) ڪريون ھا ته به الله جي گھُر کانسواءِ ڪڏھن ايمان نه آڻين ھا پر اُنھن مان گھڻا بي سمجھائي ڪن ٿا.
901 - ۽ اھڙي طرح ھر ڪنھن پيغمبر لاءِ ماڻھن ۽ جنن مان شيطان ويري بڻاياسون (ته پاڻ ۾) ھڪ ٻئي کي وسوسو وجھي ڳالھ جي مُلَمَّعۡ سان ٺڳين، ۽ جيڪڏھن تنھنجو پالڻھار گھُري ھا ته اھو ڪم نه ڪن ھا تنھنڪري کين ۽ جيڪي ٺاہ ٺاھيندا تنھن کي ڇڏي (ڏي).
902 - ۽ (ھن لاءِ وسوسو وجھندا آھن) ته جيڪي آخرت کي نه مڃيندا آھن تن جون دليون ڏانھس لڙن ۽ ان کي پسند ڪن ۽ (ھن لاءِ) ته اُھي جيڪي ڪم ڪندڙ آھن سي ڪندا رھن.
903 - (اي پيغمبر چؤ ته) الله ڌاران ٻيو فيصلو ڪندڙ ھن ھوندي ڇو گُھران؟ جو اُنھيءَ اوھان ڏانھن کولي بيان ڪندڙ ڪتاب لاٿو آھي، ۽ جن کي ڪتاب (توريت) ڏنوسون سي (چڱي طرح) ڄاڻندا آھن ته اُھو تنھنجي پالڻھار کان جائي لاٿل آھي تنھنڪري تون شڪ ڪندڙن مان مور نه ٿج.
904 - ۽ تنھنجي پالڻھار جو سخن سچائي ۽ انصاف ۾ پورو آھي، سندس سخنن کي ڪو مٽائيندڙ نه آھي، ۽ اُھو ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آھي.
905 - ۽ جيڪڏھن زمين وارن (ماڻھن) مان گھڻن (يعني ڪافرن) جو چيو مڃيندين ته توکي الله جي واٽ کان ڀُلائيندا، (اُھي) رڳو گمان تي ھلندا آھن ۽ اُھي رڳو اٽڪل ھڻندا آھن.
907 - پوءِ جيڪڏھن اوھين سندس آيتن کي مڃيندا آھيو ته جنھن تي الله جو نالو ياد ڪجي تنھن مان کائو.
908 - ۽ اوھان کي ڇا (ٿيو) آھي جو جنھن (شيء) تي الله جو نالو ياد ڪجي تنھن مان نه کائيندا آھيو ھن ھوندي جو جيڪي (شيون) الله اوھان تي حرام ڪيون آھن سي اوھان لاءِ بيشڪ بيان ڪيون اٿس؟ پر جنھن (حرام جي کائڻ) لاءِ اوھين لاچار ٿيو (سو به روا آھي) ۽ گھڻا اڻ ڄاڻائيءَ سان پنھنجن سَڌن سببان ضرور ڀلائين ٿا، ڇوته تنھنجو پالڻھار حد کان لنگھندڙن کي چڱي طرح ڄاڻندڙ آھي.
910 - ۽ جنھن (شيء) تي الله جو نالو ياد نه ڪجي تنھن مان نه کائو جو اُھو (کائڻ) ضرور گُناہ آھي، ۽ شيطان پنھنجن يارن کي ھن لاءِ وسوسو وجھندا آھن ته اوھان سان جھيڙو ڪن، ۽ جيڪڏھن سندن چيو مڃيندؤ ته اوھين (به) ضرور مشرڪ ٿيندؤ.
911 - جيڪو مئل ھو تنھن کي جياريوسون ۽ اُن لاءِ سوجھرو ڪيوسون جنھن سان ماڻھن ۾ گھُمي ٿو اُھو اُن جي مثال جھڙو آھي ڇا جيڪو اونداھين ۾ آھي منجھانئس نڪرڻ وارو نه آھي، اھڙي طرح ڪافر جيڪي ڪندا آھن سو انھن لاءِ سينگاريو ويو آھي.
912 - ۽ اھڙي طرح ھر ڳوٺ ۾ اُنھي (ڳوٺ) جا وڏيرا ھن لاءِ بدڪار ڪياسون ته اُن (ڳوٺ) ۾ فساد وجھندا رھن، ۽ (اُھي) پاڻ کانسواءِ ٻئي ڪنھن لاءِ فساد نه ڪندا آھن ۽ نه ڄاڻندا آھن.
913 - ۽ جڏھن وٽن ڪا آيت ايندي آھي (ته) چوندا آھن ته جھڙي (پيغمبري) الله جي پيغمبرن کي ڏني وئي آھي تھڙي جيستائين اسان کي (نه) ڏني ويندي تيسين ڪڏھن نه مڃينداسون، الله جنھن ھنڌ پنھنجي پيغمبري کي موڪلي (سو ھنڌ) چڱو ڄاڻندڙ آھي، جن ڏوہ ڪيو تن کي الله وٽان خواري ۽ سخت عذاب انھي ڪري سگھو پھچندو جو شرارتون ڪندا آھن.
914 - پوءِ الله جنھن کي گھرندو آھي ته ھدايت ڪري تنھن جو سينو اسلام لاءِ ڪشادو ڪندو آھي، ۽ جنھن کي ڀلائڻ گھرندو آھي تنھن جي سيني کي اھڙو سخت سوڙھو ڪندو آھي جو ڄڻڪ آسمان تي چڙھي ٿو، جيڪي نه مڃيندا آھن تن تي الله اھڙي پليتي رکندو آھي.
919 - (۽) اي جنّن ۽ ماڻھن جون ٽوليون اوھان مان اوھان وٽ پيغمبر نه آيا ھئا ڇا؟ جو منھنجون آيتون اوھان تي پڙھيائون ٿي ۽ ھن ڏينھن جي آڏي ٿيڻ کان اڳ اوھان کي ڊيڄاريائون ٿي، چوندا ته پاڻ تي شاھدي ڏنيسون ۽ کين دنيائي حياتيءَ ٺڳيو ھو ۽ (ھاڻي) پاڻ تي شاھدي ڏنائون ته پاڻ ڪافر ھوا.
920 - اھو (پيغمبر جو موڪلڻ) ھن سببان آھي ته تنھنجو پالڻھار ڪنھن ڳوٺ کي ھن حالت ۾ ظُلم سان ڪڏھن ناس ڪرڻ وارو نه آھي جو سندس رھاڪو بيخبر ھجن.
921 - ۽ ھر ڪنھن جيڪي عمل ڪيا تنھن مان انھن لاءِ درجا آھن، ۽ جيڪي ڪندا آھن تنھن کان تنھنجو پالڻھار بي خبر نه آھي.
922 - ۽ تنھنجو پالڻھار بي پرواہ ٻاجھ وارو آھي، جيڪڏھن گھري ته اوھان کي ناس ڪري ۽ اوھان کان پوءِ جنھن لاءِ گھري تنھن کي (اُن ھنڌ) پيڙھيءَ تي وھاري جئن اوھان کي ٻي قوم جي نسل مان پيدا ڪيائين.
923 - بيشڪ جيڪو انجام اوھان سان ڪجي ٿو سو ضرور اچڻو آھي اوھين ٿڪائڻ وارا نه آھيو.
924 - (اي پيغمبر) چؤ ته اي منھنجي قوم اوھين پنھنجي ھنڌ عمل ڪريو آءٌ (به) عمل ڪندڙ آھيان، پوءِ سگھو ڄاڻندؤ ته آخرت ۾ ڪنھن جي عاقبت چڱي ھوندي، سچ آھي ته ظالم نه ڇٽندا.
925 - ۽ جيڪي پوک ۽ ڍورن مان الله پيدا ڪيو آھي تنھن مان ھڪ حصّو (ڪافر) الله جو مقرّر ڪندا آُھن ۽ پنھنجي گمان سان چوندا آھن ته ھيءُ الله جو آھي ۽ ھي اسان جي بتن جو آھي، وري جيڪا (شيء) سندن بتن جي ھوندي آھي سا الله وٽ پھچي نه سگھندي آھي، ۽ جيڪا (شيء) الله جي ھوندي آھي سا سندن بتن ڏانھن وڃي سگھندي آھي، جيڪي فيصلو ڪندا آھن سو بڇڙو آھي.
926 - ۽ اھڙي طرح گھڻن مشرڪن لاءِ سندن شريڪن (جن کي خدا ڪري مڃيندا آھن) پنھنجي اولاد جو مارڻ سينگاريو آھي ته کين ھلاڪ ڪن ۽ سندن دين مٿن رلائي ملائي ڇڏين، ۽ جي الله گھُري ھا ته اُھو نه ڪن ھا تنھنڪري کين ۽ جيڪي ٺاھ ٺاھيندا آھن تنھن کي ڇڏي ڏي.
927 - ۽ پنھنجي خيال سان ھي (به) چوندا آھن ته ھيءُ ڍور ۽ پوک حرام آھن جنھن لاءِ گھرون تنھن کانسواءِ ان کي ڪوئي نه کائي ۽ (چوندا آھن) ته ھڪڙن ڍورن جي پُٺي (سواريءَ لاءِ) حرام ڪئي ويئي آھي ۽ (ٻـين) ڍورن تي (ذبح وقت) الله جو نالو ياد نه ڪندا آھن (اھي ڳالھيون) الله تي ڪوڙي ٺاہ ٺاھڻ سان (ڪندا آھن) جيڪي ٺاہ ٺاھيندا آھن تنھنجي کين سگھو سزا ڏيندو.
928 - ۽ چوندا آھن ته جيڪي ھِنن ڍورن جي پيٽن ۾ آھي سو خلاصو اسان جي مڙسن لاءِ آھي ۽ اسان جي زالن تي حرام ڪيل آھي، ۽ جيڪڏھن مُئل ھوندو ته اُھي (سڀ) اُن ۾ ڀائيوار آھن، سندن تقرير جي کين سگھي سزا ڏيندو، بيشڪ الله حڪمت وارو ڄاڻندڙ آھي.
929 - جن پنھنجي اولاد کي بي سمجھائي ڪري ڄاڻپ کانسواءِ ڪُٺو ۽ جيڪي الله سندن رزق ڪيو سو الله تي ڪوڙي ٺاہ ٺاھڻ سان حرام ڪيائون سي بيشڪ ڇيئي وارا ٿيا، (اُھي) بيشڪ ڀُلا ۽ ھدايت وارا نه آھن.
930 - ۽ اُھو (الله) آھي جنھن ڇَٽئي وارا ۽ ريء ڇَٽئي وارا باغ ۽ کجيون ۽ پوکون جن جا ڦر قسم قسم ۽ زيتون ۽ ڏاڙھون ھڪ جھڙا ۽ جُدا جُدا قسم جا پيدا ڪيا، جڏھن ڦر جھلين تڏھن سندن ڦر مان کائو ۽ سندن لاباري وقت الله جو حق (سندن زڪوٰة) ڏيو، ۽ اجايو نه وڃايو، ڇوته الله وڃائيندڙن کي دوست نه رکندو آھي.
931 - ۽ ڍورن مان بار کڻڻ وارا ۽ زمين سان لڳل (ننڍا پيدا ڪيائين)، الله جيڪا اوھان جي روزي ڪئي آھي تنھن مان کائو ۽ شيطان جي وکن تي نه ھلو، ڇوته اُھو اوھان جو پڌرو ويري آھي.
932 - (ڍور) اَٺ قسم آھن، رڍن مان ٻه ۽ ٻڪرين مان ٻه (نر ۽ ماديون) آھن، (اي پيغمبر کانئن) پُڇ ته الله ٻنھي نرن کي حرام ڪيو آھي يا مادين کي يا جنھن کي مادين جي ٻنھي قسمن جي ڳڀيرڻين لپيٽيو آھي؟ جيڪڏھن اوھين سچا آھيو ته مون کي دليل سان خبر ڏيو.
933 - ۽ اُٺن مان ٻه قسم ۽ ڳونئين مان ٻه قسم، (اي پيغمبر کانئن) پُڇ ته نرن کي الله حرام ڪيو آھي يا مادين کي يا جنھن کي مادين جي ٻنھي قسمن جي ڳڀيرڻين لپيٽيو آھي، يا جنھن مھل الله اوھان کي اھا وصيت ڪئي ته (اُوھين) اُن وقت حاضر ھيؤ؟ پوءِ جيڪو الله ڪوڙو ٺاہ ھن لاءِ ٺاھي ته ڄاڻپ کانسواءِ ماڻھن کي ڀُلائي تنھن کان وڌيڪ ظالم ڪير آھي؟ بيشڪ الله ظالم قوم کي سڌو رستو نه ڏيکاريندو آھي.
937 - مشرڪ سگھو چوندا ته جي الله گھري ھا ته نڪي اسين شرڪ ڪريون ھا ۽ نڪي اسان جا اَبا ڏاڏا (شرڪ ڪن ھا) ۽ نڪي اسين ڪا شيء حرام ڪريون ھا، اھڙي طرح کانئن جيڪي اڳ ھوا تن به ڪوڙ ڀانيو ايتري قدر جو اسان جي سزا (جو مزو) چکيائون، (اي پيغمبر کين) چؤ ته اوھان وٽ ڪو دليل آھي ته اُھو اسان لاءِ ڪڍي آڻين، (اوھين) رڳو گمان تي ھلندا آھيو ۽ اوھين رڳو اٽڪل ھڻندا آھيو.
938 - (اي پيغمبر کين) چؤ ته الله جي حُجّت مُحڪم آھي، جيڪڏھن گھري ھا ته ضرور اوھان مڙني کي سڌو رستو ڏيکاري ھا.
939 - (اي پيغمبر کين) چؤ ته پنھنجن شاھدن کي سڏيو جيڪي شاھدي ڏين ته (تون) انھن سان شاھدي نه ڏي، ۽ جن اسان جي آيتن کي ڪُوڙ ڄاتو ۽ جيڪي آخرت کي نه مڃيندا آھن تن جي چوڻ تي نه ھل ۽ اُھي پنھنجي پالڻھار سان ٻـين کي برابر ڪن ٿا.
940 - (اي پيغمبر کين) چؤ ته اوھان جي پالڻھار اوھان تي جيڪي حرام ڪيو آھي سو اچو ته آءٌ پڙھي ٻُڌايان (اُھو ھيء آھي ته) اوھين ڪنھن شيء کي ساڻس شريڪ نه ڪريو ۽ ماءُ پيءُ سان چڱائي ڪريو، ۽ اوھين پنھنجي اولاد کي سڃائي سببان نه ڪُھو، اسين اوھانکي (به) ۽ خاص انھن کي (به) روزي ڏيندا آھيون، ۽ بي حيائي جي ڪمن مان جيڪي پڌرو ھجي ۽ جيڪي ڳجھو ھجي تنھن (سڀ) کي (اوھين) ويجھا نه وڃو، ۽ نڪي (اھڙي) ماڻھوءَ کي ماريو جنھنجو مارڻ حق (شرعي قانون) کانسواءِ الله حرام ڪيو ھجي، اِھو (حُڪم) آھي جيڪو الله اوھان کي ڏنو آھي ته اوھين سمجھو.
941 - ۽ جيڪا (واٽ) بلڪل چڱي ھجي تنھن کانسواءِ ٻيءَ طرح سان يتيم جي مال کي ويجھا نه وڃو جيسين اُھو پنھنجي جوانيءَ کي پھچي، ۽ ماپ ۽ تور انصاف سان پُوري ڏيو وٺو، اسين ڪنھن ماڻھوءَ کي سندس وس کان (وڌيڪ) تڪليف نه ٿا ڏيون، ۽ جڏھن اوھين (پاڻ ۾) ڳالھايو تڏھن انصاف سان ھلو جيتوڻيڪ مائٽي وارو ھجي، ۽ الله جو انجام پاڙيو، اھو (حُڪم) اوھان کي ڏنو اٿس ته مانَ اوھين نصيحت وٺو.
942 - ۽ ھيءَ ته اِھا مُنھنجي سِڌي واٽ آھي تنھنڪري اُن تي ھلو، ۽ ٻـين واٽن تي نه ھلو جو اُھي واٽون اوھان کي سندس واٽ کان جدا ڪنديون، اھو اوھان کي حُڪم فرمايو اٿس مانَ اوھين پرھيزگاري ڪريو.
943 - وري مُوسىٰ کي ڪتاب اُنھيءَ ماڻھو تي پنھنجي نعمت جي پوري ڪرڻ لاءِ جو ڀلارو ھجي ۽ سڀڪنھن شيء جي چٽائيءَ لاءِ ۽ ھدايت ۽ ٻاجھ لاءِ ڏنوسون ته مانَ اُھي پنھنجي پالڻھار جي ديدار کي مڃين.
944 - ھيءُ برڪت وارو ڪتاب (يعني قرآن) لاٿوسون تنھنڪري ان جي تابعداري ڪريو ۽ ڊڄو ته اوھان تي ٻاجھ ڪئي وڃي.
946 - يا چوڻ لڳو ته جيڪڏھن اسان تي ڪو ڪتاب نازل ٿئي ھا ته (اسين) ضرور اُنھن کان وڌيڪ ھدايت وارا ٿيون ھا، پوءِ بيشڪ اوھان جي پالڻھار کان (روشن) دليل ۽ ھدايت ۽ ٻاجھ اوھان وٽ آئي آھي، پوءِ اُن کان کان وڌيڪ ظالم ڪير آھي جو الله جي آيتن کي ڪُوڙ چوي ۽ کانئن مُنھن موڙي؟ جيڪي اسان جي آيتن کان مُنھن موڙيندا تن کي انھيءَ سببان بُڇڙي عذاب جي سزا ڏينداسون جو مُنھن موڙيندا ھوا.
947 - ھن کانسواءِ انتظار نه ڪندا آھن ته وٽن ملائڪ اچن يا تنھنجو پالڻھار اچي يا تنھنجي پالڻھار جون ڪي نشانيون اچن، جنھن ڏينھن تنھنجي پالڻھار جون ڪي نشانيون اينديون (تنھن ڏينھن) اھڙي ڪنھن ماڻھو کي سندس ايمان آڻڻ فائدو نه ڏيندو جنھن اڳ ايمان نه آندو ھوندو يا پنھنجي ايمان ۾ چڱائي نه ڪئي ھوندي، (اي پيغمبر کين) چؤ ته انتظار ڪريو اسين به انتظار ڪندڙ آھيون.
948 - جن پنھنجي دين کي ڌاروڌار ڪري ڇڏيو ۽ ٽوليون ٽوليون ٿي ويا تن سان تُنھنجو ڪو واسطو نه آھي، سندن ڪم الله جي ئي حوالي آھي وري جيڪي ڪندا آھن تنھن جي کين سُڌ ڏيندو.
949 - جيڪو ڪا چڱائي (الله جي حضور ۾) آڻيندو تنھن لاءِ اُن جھڙيون ڏھوڻيون آھن، ۽ جيڪو بڇڙائي آڻيندو تنھن کي اُن جھڙي کانسواءِ (ٻي) سزا نه ڏبي ۽ اُنھن تي ظلم نه ڪبو.
1075 - چيائون ته جھانن جي پالڻھار تي ايمان آندوسون.
1076 - (جو) مُوسىٰ ۽ ھارون جو پالڻھار (آھي).
1523 - ۽ عادين ڏانھن سندن ڀاءُ ھود کي (موڪليوسون)، چيائين ته اي منھنجي قوم الله جي عبادت ڪريو اُن (الله) کانسواءِ اوھان جو ڪو معبود نه آھي، اوھين رڳو ٺاھ ٺاھيندڙ آھيو.
953 - چؤ الله کانسواءِ ٻيو پالڻھار ڇو گھران؟ ۽ اُھو ھر شيء جو پالڻھار آھي، ۽ سڀڪو ماڻھو جيڪي ڪندو سو (بار) رڳو مٿس ھوندو، ۽ ڪو کڻندڙ ٻئي جو بار نه کڻندو، وري اوھان کي پنھنجي پالڻھار ڏانھن موٽڻ جو ھنڌ آھي پوءِ جنھن ڳالھ بابت اوھين تڪرار ڪندا آھيو تنھنجي اوھان کي سُڌ ڏيندو.
954 - ۽ اُھو (الله) آھي جنھن اوھان کي زمين جو بادشاہ ڪيو آھي ۽ اوھان مان ڪن جا درجا ڪن کان ھن لاءِ بلند ڪيائين ته جيڪي اوھان کي ڏنو اٿس تنھن ۾ اوھان کي پرکي، ڇوته تنھنجو پالڻھار جلد سزا ڏيندڙ (به) آھي، ۽ بيشڪ اُھو بخشڻھار مھربان (به) آھي.
955 - الٓمّٓصٓ.
956 - (اي پيغمبر ھيء) ڪتاب توڏانھن لاٿو ويو ته ساڻس (ماڻھن) کي ڊيڄارين تنھنڪري ان بابت تنھنجي سيني ۾ ڪا اوکائي ٿيڻ نه گھرجي ۽ مؤمنن لاءِ نصيحت آھي.
957 - جيڪي اوھان ڏانھن اوھان جي پالڻھار کان لاٿو ويو تنھن جي پيروي ڪريو ۽ اُن (الله) کانسواءِ ٻـين دوستن جي پيروي نه ڪريو، اوھان (تمام) ٿوري نصيحت وٺندا آھيو.
958 - ۽ گھڻا ئي ڳوٺ ھئا جي ويران ڪياسون پوءِ (يا) راتوواہ (سمھڻ مھل) اُنھن کي اسان جو عذاب پُھتو يا اُھي منجھند جو ننڊ ڪرڻ وارا ھوا.
959 - پوءِ جڏھن کين اسان جو عذاب پھتو (تڏھن) سندن پڪار ھن چوڻ کانسواءِ نه ھئي ته اسين پاڻ تي ظلم ڪندا ھواسون.
980 - اي آدم جي اولاد تحقيق اوھان تي ھڪ پوشاڪ بيشڪ لاٿي سون جا اوھان جي اوگھڙن کي ڍڪيندي ۽ سينگار جا ڪپڙا، ۽ پرھيزگاري جي پوشاڪ اھا (سڀني کان) ڀلي آھي، اھا الله جي نشانين مان آھي مانَ اُھي نصيحت وٺن.
981 - اي آدم جا اولاد شيطان اوھان کي اھڙيءَ طرح خرابيءَ ۾ نه وجھي جھڙي طرح اوھان جي ماءُ پيءُ کي بھشت مان ٻاھر ڪڍيائين جو سندين پوشاڪ کانئن ھن لاءِ ڇڪي لاٿائين ٿي ته کين سندين اوگھڙ ڏيکاري، سچ آھي ته اُھو پاڻ ۽ سندس لشڪر جتان اوھين انھن کي نه ڏسي سگھندا آھيو (تِتان اُھي) اوھان کي ڏسندا آھن، جيڪي نه مڃيندا آھن تن جو اسان شيطانن کي دوست بڻايو آھي.
982 - ۽ (پڻ انھن جا دوست جي) جڏھن ڪو بي حيائي جو ڪم ڪن ٿا (ته) چون ٿا ته اُن (واٽ) تي اسان جا ابا ڏاڏا (ھلندا) ڏٺاسون ۽ الله اسانکي اُنھن (جي ڪرڻ) جو حُڪم ڪيو آھي، (اي پيغمبر کين) چؤ ته بيشڪ الله بيحيائيءَ جي ڪمن جو حُڪم نه ڪندو آھي، اوھين الله تي (اھو ڪوڙ) ڇو چوندا آھيو جنھن جي (سند) اوھين نه ڄاڻندا آھيو.
984 - ھڪ ٽوليءَ کي ھدايت ڪيائين ۽ ٻي ٽوليءَ تي گمراھي لازم ٿي چڪي آھي، ڇوته اُنھن الله کانسواءِ شيطانن کي مددگار ڪري ورتو آھي ۽ ڀائيندا آھن ته پاڻ ھدايت وارا آھن.
985 - اي آدم جا اولاد سڀڪنھن نماز مھل پنھنجي زينت (جي پوشاڪ) ڍڪيو ۽ کائو ۽ پيئو ۽ اجايو نه وڃايو، ڇوته الله اجائي وڃائيندڙن کي دوست نه رکندو آھي.
986 - (اي پيغمبر) چؤ ته الله جي (بڻايل) زينت جيڪا جيڪا پنھنجن ٻانھن لاءِ پيدا ڪئي اٿس ۽ روزيءَ مان سٺيون شيون ڪنھن حرام ڪيون آھن؟ چؤ ته اُھي (شيون) دُنيا جي حياتي ۾ (۽) خلاصيون قيامت جي ڏينھن مؤمنن لاءِ آھن، اھڙيءَ طرح جا قوم ڄڻندي آھي تنھن لاءِ نشانيون بيان ڪندا آھيون.
987 - (اي پيغمبر) چؤ ته منھنجي پالڻھار بي حيائيءَ جي ڪمن مان جيڪي پڌرو ھجي ۽ جيڪي ڳجھو ھجي ۽ (سڀ) گناہ ۽ ناحق حد کان لنگھڻ ۽ اھڙي شيء کي اوھان جو الله سان شريڪ ڪرڻ جنھن بابت ڪا حُجّت نه لاٿي اٿس ۽ جيڪي نه ڄاڻندا آھيو سو اوھان جو الله تي چوڻ اھي ئي حرام ڪيون آھن.
988 - ۽ ھر ڪنھن اُمّت جو ھڪ وقت ٺھرايل آھي، پوءِ جڏھن سندن مُدّت پھچندي (ته) ھڪ گھڙي نڪي دير ڪندا ۽ نڪي اڳڀرو ويندا.
989 - (چيو ويو ته) اي آدم جا اولاد جيڪڏھن اوھان وٽ اوھان مان پيغمبر اچن (جي) اوھان کي منھنجون آيتون پڙھي ٻڌائين ته جيڪي ڊڄندا ۽ پاڻ سڌاريندا تن کي نڪي ڀؤ آھي ۽ نڪي اُھي غمگين رھندا.
990 - ۽ جن اسان جي آيتن کي ڪوڙ ڀانيو ۽ ان جي (قبولڻ) کان وڏائي ڪئي سي دوزخي آھن، اُھي اُن ۾ سدائين رھڻ وارا آھن.
991 - جنھن الله تي ڪوڙو ٺاھ ٺاھيو يا سندس آيتن کي ڪوڙ ڀانيو تنھن کان وڌيڪ ظالم ڪير آھي؟ اُنھن کي (لوح محفوظ ۾) لکيل مان سندن حِصّو (سُک ۽ ڏُک جو) ملندو رھندو، ايتري قدر جو جنھن مھل اسان جا قاصد (ملائڪ) سندن رُوح ڪڍڻ لاءِ ايندا چوندا ته اوھين الله کانسواءِ جن کي سڏيندا ھيؤ سي ڪٿي آھن؟ (تنھن مھل چوندا) ته اسان کان لڪي ويا ۽ پاڻ تي شاھدي ڏيندا ته پاڻ ڪافر ھوا.
992 - (الله) چوندو ته اُنھي ٽولي سان دوزخ ۾ گھڙو جيڪي اوھان کان اڳ جنن ۽ ماڻھن مان گذري ويا، جنھن مھل ھڪ ٽولي پئي گھڙندي تنھن مھل پنھنجي سنگت تي لعنت پئي ڪندي، تان جو جڏھن منجھس مڙئي گھڙندا ته (اُن وقت) سندين پوئين ٽولي پنھنجي پھرين ٽوليءَ لاءِ چوندي ته اي اسانجا پالڻھار ھنن اسان کي گمراہ ڪيو ھو تنھنڪري اُنھن کي باھ جو ٻيڻو عذاب ڏي، (الله) چوندو ته سڀڪنھن لاءِ ٻيڻو عذاب آھي پر اوھين نه ٿا ڄاڻو.
993 - ۽ منجھانئن پھرين (ٽولي) اُنھن مان پوئينءَ لاءِ چوندي ته اسان تي اوھان جي ڪا وڏائي نه آھي تنھنڪري جيڪي ڪمايو ھيؤ تنھن سببان عذاب (جو مزو) چکو.
994 - جن اسان جي حُڪمن کي ڪوڙ ڀانيو ۽ کانئن وڏائي ڪئي تن لاءِ آسمان جا دروازا نه کوليا ويندا ۽ نڪي ايستائين بھشت ۾ گھڙندا جيستائين اُٺ سُئي جي پاکي مان لنگھي، ۽ اھڙي طرح ڏوھارين کي سزا ڏيندا آھيون.
995 - اُنھن لاءِ وڇاڻو (به) دوزخ جو ھوندو ۽ سندن مٿان پوش (به دوزخ جو) رھندو، ۽ اھڙي طرح ظالمن کي سزا ڏيندا آھيون.
1021 - چيائين ته اي منھنجي قوم مونکي ڪابه بي سمجھي ڪونھي پر آءٌ جھانن جي پالڻھار جو موڪليل آھيان.
998 - ۽ بھشتي دوزخين کي سڏيندا (۽ چوندا) ته اسان جي پالڻھار اسان سان جيڪي انجام ڪيو ھو سو بيشڪ سچو لڌوسون پوءِ اوھان جي پالڻھار اوھان سان جيڪو انجام ڪيو ھو سو سچو (نه) لڌوَ ڇا؟ چوندا ته ھائو! پوءِ سڏيندڙ سندن وچ ۾ سڏيندو ته اُنھن ظالمن تي الله جي لعنت آھي.
999 - جيڪي الله جي واٽ کان (ماڻھن کي) جھليندا رھيا ۽ ان جي واٽ جي ڏنگائي گھرندا رھيا، ۽ اُھي آخرت کي نه مڃيندڙ ھوا.
1000 - ۽ سندن وچ ۾ پردو ڪيو ويندو، ۽ اَعراف ۾ اھڙا ماڻھو ھوندا جو سڀڪنھن کي سندين پيشانين مان سڃاڻندا، ۽ بھشتين کي سڏي اَلسّلَامُ عَلَيۡڪُمۡ چوندا، (اڃا) اُن ۾ (پاڻ) نه گھڙيا ھوندا ۽ اُھي اميدوار ھوندا.
1001 - ۽ جڏھن سندن اکيون دوزخين ڏانھن ڦيرايون وينديون (ته) چوندا اي اسان جا پالڻھار اسان کي ظالم ٽوليءَ سان گڏ نه ڪر.
1002 - ۽ اَعراف وارا جن مُڙسن کي سندين پيشانين مان سڃاڻندا تن کي سڏيندا چوندا ته اوھان جيڪي گڏ ڪيو ھو سو ۽ جيڪا وڏائي ڪندا ھيؤ تنھن اوھان کان ڪجھ به نه ٽاريو.
1003 - ھيءُ اُھي (ماڻھو) آھن ڇا جن لاءِ اوھين (دنيا ۾) قسم کڻندا ھيؤ ته الله مٿن ٻاجھ نه ڪندو، (کين چئبو ته) بھشت ۾ گھڙو اوھان کي ڪو ڀؤ نه آھي ۽ نڪي اوھين غمگين رھندؤ.
1004 - ۽ دوزخي بھشتين کي سڏيندا (چوندا) ته ڪجھ پاڻي اسان تي پلٽيو يا الله اوھان کي جيڪي رزق ڏنو آھي تنھن مان (ڪجھ ڏيو)، چوندا ته اُھي ٻئي ڪافرن تي الله حرام ڪيا آھن.
1005 - جن پنھنجي دين کي کِل ۽ راند ڪري ورتو ۽ انھن کي دُنيا جي حياتي ٺڳيو، پوءِ اُنھن کي اڄ ايئن وساريوسون جئن (اُنھن) منھنجي ھن ڏينھن جي ملڻ کي وساريو ھو ۽ (جئن) اسان جي آيتن جو انڪار ڪندا ھوا.
1006 - ۽ بيشڪ انھن کي ھڪ ڪتاب ڏنوسون جنھن کي دانائيءَ سان کولي بيان ڪيوسون (۽) اُنھيءَ قوم لاءِ ھدايت ۽ ٻاجھ آھي جي مڃيندا آھن.
1007 - (ڪافر) ھن کانسواءِ انتظار نه ڪندا آھن ته اُن (جي وعدہ) جي مُراد اچي، جنھن ڏينھن سندس مراد ايندي (تنھن ڏينھن) جن ان کي اڳي وساريو سي چوندا ته بيشڪ اسان جي پالڻھار جا پيغمبر سچ سان آيا، پوءِ (اڄ) اسان لاءِ ڪي سفارش ڪرڻ وارا آھن؟ جو اسان لاءِ پارت ڪن يا وري موٽايا وڃون ته جيڪي (عمل) ڪياسون تن کانسواءِ ٻيا (چڱا) عمل ڪريون، بيشڪ پاڻ کي ڇيئو لاتائون ۽ جيڪو ٺاھ ٺاھيندا ھوا سو کانئن ڀلجي ويو.
1008 - اوھان جو پالڻھار اھو الله آھي جنھن آسمانن ۽ زمين کي ڇھن ڏينھن ۾ بڻايو وري عرش ڏي متوجه ٿيو، رات کي ڏينھن سان ڍڪيندو آھي ۽ سج ۽ چنڊ ۽ تارا سندس حُڪم سان نوايل آھن، خبردار پيدا ڪرڻ ۽ حُڪم ڪرڻ اُن جو (ڪم) آھي، جھانن جو پالڻھار وڏي برڪت وارو آھي.
1009 - پنھنجي پالڻھار کي زاري ڪندڙ ۽ ڳجھا ٿي سڏيو، ڇوته اُھو حد کان لنگھندڙن کي دوست نه رکندو آھي.
1010 - ۽ اوھين مُلڪ ۾ ان جي سڌاري کانپوءِ فساد نه وجھو ۽ اُن (الله) کي (کانئس) ڊڄي ۽ طمع رکي سڏيو، بيشڪ الله جي ٻاجھ ڀلارن کي ويجھي آھي.
1011 - ۽ اُھو (الله) آھي جو ھوائن کي پنھنجي رحمت (واريءَ برسات) جي اڳيان خوشخبري ڏيندڙ ڪري گھلائيندو آھي، ايتري قدر جو جنھن مھل (اُھي) ڳرن ڪڪرن کي کڻن ٿيون ته انھن کي ڪنھن غير آباد ٿيل ڏيہ ڏانھن روانو ڪريون ٿا پوءِ انھن (ڪڪرن) مان پاڻي وسايون ٿا پوءِ اُن سان ھر جنس جا ميوا ڄمايون ٿا، اھڙي طرح اسين مُئن کي (قبرن مان) ٻاھر ڪڍنداسون ته مانَ اوھين نصيحت وٺو.
1012 - ۽ (جا) سٺي زمين (آھي تنھن) جا سَلا سندس پالڻھار جي حُڪم سان ڄمندا آھن، ۽ جيڪا اَدنىٰ آھي (تنھن جا سَلَا) خراب سَلَن کان سواءِ ٻيا نه ڄمندا آھن، اھڙي طرح جيڪا قوم شُڪرانو ڪندڙ آھي تنھن لاءِ نشانيون طرحين طرحين بيان ڪندا آھيون.
1013 - بيشڪ نوح کي سندس قوم ڏانھن پيغمبر ڪري موڪليوسون پوءِ چيائين ته اي منھنجي قوم الله جي عبادت ڪريو اُن (الله) کانسواءِ ڪو اوھان جو خدا نه آھي، آءٌ اوھان تي وڏي ڏينھن جي عذاب (اچڻ) کان ڊڄان ٿو.
1015 - چيائين ته اي منھنجي قوم مون کي ڪا گمراھي ڪانه آھي پر آءٌ جھانن جي پالڻھار جو پيغمبر آھيان.
1016 - اوھان کي پنھنجي پالڻھار جو پيغام پھچائيندو آھيان ۽ اوھان کي نصيحت ڪندو آھيان ۽ الله (جي پار) کان اُھو ڄاڻندو آھيان جيڪي اوھين نه ڄاڻندا آھيو.
1017 - اوھان کي (ھن ڳالھ جو) عجب لڳو ڇا ته اوھان جي پالڻھار کان ھڪ سمجھاڻي اوھان مان ھڪ مڙس جي ھٿان اوھان وٽ ھِن لاءِ آئي ته اوھان کي ڊيڄاري ۽ تان ته اوھين پرھيزگار ٿيو ۽ ته اوھان تي ٻاجھ ڪئي وڃي.
1018 - پوءِ کيس ڪوڙو ڀانيائون پوءِ اُن کي ۽ جيڪي ساڻس ھُيا تن کي ٻيڙيءَ ۾ بچايوسون ۽ اسان جي آيتن کي جن ڪُوڙ ڄاتو تن کي ٻوڙيوسون، ڇوته اُھا انڌي قوم ھُئي.
1019 - ۽ عاد (قوم) ڏانھن سندن ڀاءُ ھود (پيغمبر ڪري موڪليوسون) چيائين ته اي منھنجي قوم الله جي عبادت ڪريو اُن (الله) کانسواءِ ڪو ٻيو اوھان جو خُدا نه آھي، پوءِ ڇونه ڊڄندا آھيو؟
1023 - (ھِن ڳالھ جو) عجب لڳو ڇا جو اوھان جي پالڻھار کان اوھان مان ھڪ مڙس جي ھٿان سمجھاڻي ھن لاءِ اوھان وٽ آئي ته اوھان کي ڊيڄاري؟ ۽ (اوھين اُھو وقت به) ياد ڪريو جڏھن اوھان کي نُوح جي قوم کان پوءِ (سندن) پيڙھي تي وھاريائين ۽ اوھان جي جُسن ۾ سگھ وڌايائين، تنھنڪري الله جون نعمتون ياد ڪريو ته مانَ اوھين ڇٽو.
1024 - چيائون ته (تون) ھن لاءِ اسان وٽ آيو آھين ڇا؟ ته رڳو ھڪ الله جي عبادت ڪريون ۽ اسانجا ابا ڏاڏا جن کي پوڄيندا ھئا تن کي ڇڏي ڏيون؟ جيڪڏھن تون سچو آھين ته جنھن (عذاب) کان اسانکي ڊيڄارين ٿو سو آڻ.
1025 - چيائين ته بيشڪ اوھان تي اوھان جي پالڻھار وٽان عذاب ۾ ڏمر لازم ٿي چڪو آھي، اوھين مون ساڻ رڳو (انھن) نالن ۾ ڇو جھيڙو ڪندا آھيو جن تي اوھان ۽ اوھان جي ابن ڏاڏن ڇڙو نالو رکيو آھي جن جي مڃڻ بابت الله ڪو دليل نه لاٿو آھي؟ پوءِ انتظار ڪريو بيشڪ آءٌ (به) اوھان سان گڏ انتظار ڪندڙ آھيان.
1026 - پوءِ ان کي ۽ جيڪي ساڻس ھوا تن کي پنھنجي ٻاجھ سان بچايوسين ۽ جن اسان جي آيتن کي ڪوڙ ڄاتو تن جي پاڙ پٽي ڇڏي سون ۽ اُھي مؤمن نه هُئا.
1027 - ۽ ثمودين ڏانھن سندن ڀاءُ صالِح (پيغمبر ڪري موڪليوسون)، چيائين ته اي منھنجي قوم الله جي عبادت ڪريو اوھان جو الله کانسواءِ ٻيو ڪو خُدا نه آھي، بيشڪ اوھان وٽ اوھان جي پالڻھار کان ھڪ مُعجزو آيو آھي، ھيءَ الله جي ڏاچي اوھان لاءِ نشاني آھي تنھنڪري اُنھيءَ کي ڇڏي ڏيو (ته) الله جي زمين ۾ چَرندي رھي ۽ اُن کي ڪو ايذاءُ نه پُھچائجو نه ته اوھان کي ڏکوئيندڙ عذاب وٺندو.
1028 - ۽ جڏھن اوھان کي عادين کانپوءِ پيڙھيءَ تي وھاريائين (سو احسان به) ياد ڪريو ۽ اوھان کي مُلڪ ۾ جاءِ ڏنائين (۽) اُن جي پٽن مان ماڙيون بڻائيندا آھيو ۽ ٽڪرن کي ٽُڪي گھر بڻائيندا آھيو، تنھنڪري الله جو نعمتون ياد ڪريو ۽ (اوھين) مُلڪ ۾ فسادي ٿي بگيڙو نه وجھو.
1033 - پوءِ (صالِح) کانئن مُنھن موڙيو ۽ چيائين ته اي منھنجي قوم بيشڪ اوھان کي پنھنجي پالڻھار جو پيغام پھچايم ۽ اوھان کي نصيحت ڪيم پر اوھين نصيحت ڪندڙن کي دوست نه رکندا آھيو.
1034 - ۽ لُوط کي (پيغمبر ڪري موڪليوسون) جڏھن پنھنجي قوم کي چيائين ته اوھين اھڙي بي حيائي ڇو ڪندا آھيو جا اوھان کان اڳ ساري جھان (جي ماڻھن) مان ڪنھن ھڪ به نه ڪئي آھي؟
1035 - جو اوھين زالن کي ڇڏي مڙسن ڏانھن شھوت سان ويندا آھيو، بلڪ اوھين حد کان لنگھندڙ قوم آھيو.
1036 - ۽ سندس قوم جي ورندي ھن کانسواءِ نه ھُئي ته اُنھن کي (لُوط سميت) پنھنجن ڳوٺن مان لوڌي ڇڏيو، ڇوته اُھي ماڻھو پاڪ بڻبا آھن.
1037 - پوءِ اسان لُوط کي ۽ سندس گھر وارن کي سندس زال کانسواءِ بچايوسون (اُھا) رھيلن مان ھُئي.
1525 - ۽ اي منھنجي قوم پنھنجي پالڻھار کان بخشش گھرو وري سندس اڳيان توبه ڪريو ته اوھان تي لڳولڳ وسندڙ ڪڪر موڪليندو ۽ اوھان جي سگھ تي سگھ وڌائيندو ۽ اوھين ڏوھي ٿي منھن نه ڦيريو.
1039 - ۽ مَدين (وارن) ڏانھن سندن ڀاءُ شعيب کي (پيغمبر ڪري موڪليوسون)، چيائين ته اي منھنجي قوم الله جي عبادت ڪريو اوھان جو الله کان سواءِ ٻيو ڪو خُدا ڪونه آھي، بيشڪ اوھان وٽ اوھان جي پالڻھار کان (چٽيون) نشانيون آيون آھن تنھنڪري ماڻ ۽ تور پوري ڏيو وٺو ۽ ماڻھن کي سنديون شيون گھٽ نه ڏيو ۽ مُلڪ ۾ اُن جي سُڌاري کان پوءِ فساد نه وجھو، جيڪڏھن اوھين مؤمن آھيو ته اِھو اوھان لاءِ ڀلو آھي.
1040 - ۽ سڀ ڪنھن رستي تي ھن لاءِ نه وھو ته جيڪو الله کي کي مڃي تنھن کي ڌمڪايو ۽ الله جي واٽ کان جھليو ۽ اُن (واٽ) جي ڏنگائي گھرو، ۽ ياد ڪريو جڏھن اوھين ٿورڙا ھيؤ تڏھن اوھان کي وڌايائين، ۽ ڏسو ته فساد وجھندڙن جي پڇاڙي ڪھڙي (بڇڙي) ٿي.
1041 - ۽ جيڪڏھن اوھان مان ھڪ ٽوليءَ انھن کي مڃيو آھي جنھن سان موڪليو ويو آھيان ۽ ٻي ٽوليءَ نه مڃيو آھي ته (اوھان کي جڳائي ته ايستائين) صبر ڪريو جيسين اسان جي وچ ۾ الله حُڪم ڪري، ۽ اُھو چڱو حُڪم ڪندڙ آھي.
1042 - سندس قوم مان ھٺيلن سردارن چيو ته اي شعيب توکي ۽ جن توکي مڃيو آُھي تن کي پنھنجي شھر مان ضرور لوڌيندا سون يا ته اوھين اسان جي پر ۾ موٽي اچو، (شعيب) چيو ته جيتوڻيڪ اسان اوھانجي دين کي بُڇان ڀائيندڙ آھيون (ته به موٽنداسون ڇا؟)
1182 - الله وٽ (سڀني) جاندارن مان تمام بڇڙا ٻوڙا ۽ گونگا آھن جي (ڪُجھ به) نه سمجھندا آھن.
1043 - جيڪڏھن اسين اوھان جي پر ۾ اُنھيءَ کانپوءِ جو الله اسان کي کانئس ڇڏايو موٽي اچون ته بيشڪ الله تي ڪُوڙ چيوسون، ۽ اسان جي پالڻھار الله جي گھُر کان سواءِ اسان کي منجھس موٽڻ نه جڳائيندو آھي، اسان جي پالڻھار جي علم سڀني شيئن کي سمايو آھي، اسين الله تي ڀروسو ڪريون ٿا، اي اسانجا پالڻھار اسان جي ۽ اسان جي قوم جي وچ ۾ انصاف سان فيصلو ڪر ۽ تون چڱو فيصلو ڪندڙ آھين.
1044 - ۽ سندس قوم مان ڪافرن جي ٽوليءَ (پنھنجي يارن کي) چيو ته جيڪڏھن اوھين شعيب جي تابعداري ڪندؤ ته اوھين اُتي جو اُتي ڇيئي وارا ٿيندؤ.
1051 - ڳوٺن وارا جنھن حال ۾ سمھيل ھجن تنھن مھل راتوواہ پاڻ تي اسانجي عذاب پھچڻ کان ڇو بي پرواہ ٿيا آھن؟
1052 - يا ڳوٺن وارا ڇو بي ڀوا ٿيا آھن؟ جو اسان جو عذاب ڏينھن چڙھي مھل وٽن اچي ۽ اُھي راند ۾ مشغول ھجن؟
1053 - الله جي رٿ کان ڇو بي ڀوا ٿيا آھن؟ جو ڇيئي واريءَ قوم کانسواءِ (ٻيو) ڪو الله جي رٿ کان بي ڀئو نه ٿيندو آھي.
1054 - جيڪي مُلڪ جي رھندڙن کانپوءِ وارث ٿين ٿا تن کي پڌرو نه ٿيو آھي ڇا ته جيڪڏھن گھرون ھا ته کين سندن گناھن سببان سزا ڏيون ھا، ۽ سندين دلين تي مُھر ھئين ان کان جنھنڪري اُھي نٿا ٻُڌن.
1055 - (اي پيغمبر) اُھي ڳوٺ آھن جن جون خبرون توکي بيان ڪريون ٿا، ۽ بيشڪ وٽن سندن پيغمبر پڌرن معجزن سان آيا، پوءِ اُنھيءَ سببان جو اڳي ڪُوڙ ڀانيائون اُھي ڪڏھن به نه مڃيندا ھئا، اھڙي طرح الله ڪافرن جي دلين تي مُھر ھڻندو آھي.
1056 - ۽ منجھائن گھڻن کي انجام پاڙيندڙ نه ڏٺوسون، ۽ منجھائن گھڻن کي بي دين ڏٺوسون.
1057 - وري کائن پوءِ مُوسىٰ کي فرعون ۽ سندس سردارن ڏانھن پنھنجن مُعجزن سان پيغمبر ڪري موڪليوسون پوءِ اُنھن (نه مڃڻ سببان) آيتن تي ظلم ڪيو، (اي پيغمبر) ڏس ته فساد ڪندڙن جي پڇاڙي ڪھڙي طرح ٿي.
1058 - ۽ موسىٰ (فرعون کي) چيو ته اي فرعون آءٌ جھانن جي پالڻھار جو پيغمبر آھيان.
1059 - ھن (ڳالھ) تي قائم آھيان ته الله تي سچ کانسواءِ ڪي ڪين چوان، بيشڪ اوھان وٽ اوھان جي پالڻھار کان چٽي مُعجزي سان آيو آھيان تنھنڪري بني اسرائيلن کي مون سان (ھلڻ جي) موڪل ڏي.
1080 - ۽ تون رڳو ھن ڪري اسان سان وير ٿو رکين ته اسان جي پالڻھار جا حُڪم جڏھن اسان وٽ آيا (تڏھن) اسان مڃيا آھن، اي اسان جا پالڻھار اسان تي صبر پلٽ ۽ اسان کي مسلمان ڪري مار.
1094 - مُوسىٰ چيو ته الله کانسواءِ اوھان لاءِ ٻيو معبود ڇو گھران؟ جنھن اوھان کي جھانن جي ماڻھن کان ڀلو ڪيو آھي.
1095 - ۽ (ياد ڪر) جڏھن اوھان کي فرعون جي ماڻھن کان ڇڏايوسين جن اوھان کي بڇڙو عذاب چکايو ٿي، جو اوھان جا پٽ ڪُھندا ھوا ۽ اوھان جو ڌيئر جيئريون ڇڏيندا ھوا، ۽ اُن ۾ اوھان جي پالڻھار کان اوھان لاءِ وڏي پرک ھُئي.
1096 - ۽ مُوسىٰ کي ٽيھن راتين جو انجام ڏنوسون ۽ انھي کي (ٻـين) ڏھن سان پورو ڪيوسون پوءِ سندس پالڻھار جو انجام چاليھن راتين جو پورو ٿيو، ۽ مُوسىٰ پنھنجي ڀاءُ ھارون کي چيو ته منھنجي قوم ۽ منھنجي پوئتان خليفو ٿي ۽ سڌارو ڪج ۽ فسادين جي واٽ تي نه ھلج.
1139 - آسمانن ۽ زمين جي بادشاھيءَ (۾) ۽ الله ھر جنس مان جيڪي پيدا ڪيو آھي تنھن ۾ نه نھاريندا آھن ڇا؟ ۽ ته متان سندن (موت جي) ٺھرايل مُدّت پوري ٿيڻ تي ھجي، پوءِ قرآن پڄاڻا ڪھڙي ڳالھ تي ايمان آڻيندا.
1140 - جنھن کي الله گمراہ ڪندو آھي تنھن کي ڪو ھدايت ڪرڻ وارو ڪونھي، ۽ الله اُنھن کي سندن گمراھيءَ ۾ حيران ٿيل ڇڏي ڏيندو آھي.
1141 - (اي پيغمبر) توکان قيامت بابت پُڇن ٿا ته ڪھڙي مھل اچڻي آھي؟ چؤ ته انھيء جي خبر رڳو منھنجي پالڻھار وٽ آھي، الله کانسواءِ کيس سندس وقت تي ڪو پڌرو نه ڪندو، (اُنجي اچڻ جي مھل جي ڄاڻپ) آسمانن ۽ زمين ۾ ڳري ٿي آھي (يعني ڪو سمجھي نه ٿو سگھي)، اُھا ته اوھان وٽ اوچتو ئي ايندي، (اي پيغمبر) توکان (ائين) پڇن ٿا جو ڄڻڪ تون اُنھن جو کوٽيندڙ (يعني جاچي معلوم ڪندڙ) آھين، چؤ ته اُن جي خبر الله کانسواءِ ٻئي ڪنھن وٽ نه آھي پر گھڻا ماڻھو نه ڄاڻندا آھن.
1142 - چؤ ته الله جي گھُر ڌاران آءٌ پاڻ کي نڪي فائدو ۽ نڪي نقصان پھچائي سگھان ٿو، ۽ جيڪڏھن ڳُجھ ڄاڻان ھا ته گھڻيون چڱايون گڏ ڪريان ھا، ۽ مون کي ڪو ڏک نه پھچي ھا، آءٌ ته قوم مؤمنن لاءِ رڳو ڊيڄاريندڙ ۽ خوشخبري ڏيندڙ (پيغمبر) آھيان.
1143 - اُھو (الله) آھي جنھن اوھان کي ھڪ وجود مان بڻايو ۽ منجھانئس سندس زال ھن لاءِ بڻايائين ته ساڻس آرام وٺي، پوءِ جنھن مھل (اُھو) گڏ ٿيندو آھي ته اُھا ھلڪي بار سان ڳورھاري ٿيندي آھي ۽ اُن سان گھمندي رھندي آھي، وري جنھن مھل ڏاڍي ڳري ٿيندي آھي (تنھن مھل) ٻئي پنھنجي پالڻھار کي سڏيندا آھن (ته قسم آھي) ته جيڪڏھن اسان کي صحيح سالم ٻار ڏيندين ته ضرور شڪر ڪندڙن مان ٿينداسون.
1144 - پوءِ جنھن مھل انھن کي صحيح سالم ٻار ڏيندو آھي (ته) جيڪي اُنھن کي ڏنائين تنھن ۾ الله سان شريڪ مقرر ڪندا آھن، ۽ جنھن شيء کي الله سان شريڪ بڻائيندا آھن تنھن کان الله جو شان مٿاھون آھي.
1145 - (ھي مشرڪ) اھڙن کي ڇو ٿا شريڪ بڻائين جي ڪجھ بڻائي نه سگھندا آھن ۽ اُھي پاڻ خلقيل آھن.
1146 - ۽ نڪي انھن کي ڪا مدد ڏيئي سگھندا آھن ۽ نڪي پاڻ کي (ئي) مدد ڏيئي سگھندا آھن.
1147 - ۽ (اي پيغمبر) جيڪڏھن اُنھن کي ھدايت ڏانھن سڏيندؤ ته اوھان جي تابعداري نه ڪندا، اوھان تي ھڪ جھڙو آھي ته انھن کي سڏيو يا اوھين ماٺ ڪريو.
1148 - الله کان سواءِ جن کي سڏيندا آھيو سي اوھان جھڙا ئي ٻانھا آھن تنھنڪري جيڪڏھن (اوھين) سچا آھيو ته انھن کي سڏيو ته ڀلي اوھان کي ورندي ڏين.
1149 - اُنھن (بتن) کي ڪي پير آھن ڇا جن سان گھمندا آھن، يا انھن کي ڪي ھٿ آھن ڇا جن سان وٺندا آھن، يا انھن کي ڪي اکيون آھن ڇا جن سان ڏسندا آھن، يا اُنھن کي ڪي ڪن آھن ڇا جن سان ٻڌندا آھن؟ چؤ ته (اوھين) پنھنجن بتن کي سڏيو پوءِ مون لاءِ جيڪا رٿ اچيو سا رٿيو ۽ مون کي مُھلت نه ڏيو.
1150 - بيشڪ منھنجو مددگار اُھو الله آھي جنھن ڪتاب نازل ڪيو، ۽ اُھو نيڪن کي مدد ڏيندو آھي.
1151 - ۽ ان (الله) کان سواءِ جن کي سڏيندا آھيو سي اوھان کي ڪا مدد ڏيئي نه سگھندا آھن ۽ نڪي پاڻ کي مدد ڏيئي سگھندا آھن.
1152 - ۽ جيڪڏھن اوھين انھن کي ھدايت ڏانھن سڏيو ته ڪين ٻڌندا، کين ڏسندو آھين (ته ڄڻ) ته توڏانھن تڪين ٿا مگر اُھي ڏسندا ئي نه آھن.
1167 - ۽ (ياد ڪريو) ته جڏھن الله اوھان سان انجام ڪيو ته (ڪافرن جي) ٻن ٽولين مان ھڪ اوھان کي ھٿ لڳندي ۽ اوھان گھريو ٿي ته بي ھٿيار (ٽولي) اوھان لاءِ ھُجي ۽ الله گھريو ٿي ته پنھنجي حُڪم سان حق کي ثابت ڪري ۽ ڪافرن جي پاڙ ھِنَ لاءِ وڍي.
1168 - ته حق کي ثابت ڪري ۽ باطل کي باطل ڪري توڻيڪ گنھگار ناراض رھن.
1169 - جڏھن جو پنھنجي پالڻھار کي فرياد ٿي ڪيوَ ته (اُھا) اوھانجي (فرياد) قبول ڪيائين (فرمايائين) ته آءٌ لڳولڳ ھڪ ٻئي پٺيان ايندڙن ھڪ ھزار ملائڪن سان اوھان جي مدد ڪندڙ آھيان.
1170 - الله ان (مدد) کي رڳو خوشخبري ڪيو ھو ۽ ته اُن سان اوھان جون دليون تسلّي واريون ٿين، ۽ الله (جي پار کان) سواءِ (ٻئي ھنڌان) مدد ملڻي نه آھي، ڇوته الله غالب حڪمت وارو آھي.
1171 - (ياد ڪر) جنھن مھل پنھنجي طرف کان امن ڏيڻ لاءِ اوھان کي اوجھراڪي ڍڪايائين ۽ اوھان تي آسمان مان پاڻي ھِن لاءِ وسايائين ته اُن سان اوھان کي پاڪ ڪري ۽ اوھان کان شيطان جي پليتي نئي ۽ اوھان جي دلين کي مُحڪم رکي ۽ ان سان (اوھان جي) قدمن کي مُحڪم ڪري.
1172 - (ياد ڪر) جڏھن تنھنجي پالڻھار ملائڪن ڏانھن وحي ڪيو ته آءٌ اوھان سان آھيان تنھنڪري مؤمنن کي ھمٿايو، ڪافرن کي دل ۾ سگھو دھشت وجھندس پوءِ (اي مؤمنؤ) گردنين تي ڌڪ ھڻونِ ۽ اُنھن جي آڱرين جا سنڌ ڀڃو.
1173 - اِھو (حُڪم) ھن سببان آھي جو انھن الله ۽ سندس پيغمبر جي مخالفت ڪئي، ۽ جيڪو الله ۽ سندس پيغمبر جي مُخالفت ڪندو ته بيشڪ الله سخت سزا ڏيندڙ آھي.
1174 - اھا (سزا اٿو) پوءِ ان کي چکو ۽ پڪ ڄاڻو ته ڪافرن لاءِ باھ جو عذاب آھي.
1175 - اي مؤمنؤ جڏھن (ويڙھ ۾) ڪافرن جي مُچي سان آمھون سامھون ٿيو تڏھن اُنھن کي پٺي ڏئي نه ڦرو.
1176 - ۽ اُنھيءَ ڏينھن لڙائيءَ جي کيڏاريءَ يا (پنھنجي لشڪر جي) ڪنھن ٽوليءَ ڏانھن ڀر وٺندڙ کانسواءِ جيڪو انھن کي پٺي ڏئي ڦِرندو سو بيشڪ الله جي ڏمر ھيٺ آيو ۽ سندس جاءِ دوزخ آھي، ۽ اُھا بڇڙي جاءِ آھي.
1177 - پوءِ کين اوھان نه ڪُٺو پر الله کين ڪٺو آھي، ۽ (اي پيغمبر) جڏھن تو (ڌوڙ جي مُٺ) اُڇلي ته (اُھا) تو نه اُڇلي پر الله اڇلي، ۽ (ھن لاءِ) ته پاڻ وٽان مؤمنن کي (نعمت ڏيڻ سان) چڱي طرح آزمائي، بيشڪ الله ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آھي.
1178 - اِھو (حال) آھي ۽ الله ڪافرن جي مڪر کي سُست ڪندڙ آھي.
1179 - (اي ڪافرؤ) جڏھن (بدر جي لڙائيءَ جي سنبرڻ مھل ڪُفر ۽ اسلام جي سچائي پرکڻ لاءِ) سوڀ گھريوَ ته بيشڪ اوھان جي آڏو (اسلام کي) سوڀ آئي، ۽ جيڪڏھن اوھين (اسلام جي سچائي سمجھي ڪفر کان) بس ڪندؤ ته اھو اوھان لاءِ چڱو آھي ۽ جيڪڏھن ٻيھر (ويڙھ لاءِ) ايندؤ ته وري (اسلام کي فتح) ڏينداسون، ۽ اوھانجو لشڪر جيتوڻيڪ گھڻو ھوندو ته به اوھان کان ڪُجھ ٽاري نه سگھندو ۽ بيشڪ الله مؤمنن سان (ساڻ آھي.
1180 - اي ايمان وارؤ الله ۽ سندس پيغمبر جي فرمانبرداري ڪريو ۽ اُن کان منھن نه موڙيو حالانڪ اوھين (قُرآن) ٻُڌو ٿا.
1181 - ۽ انھن (ڪافرن ۽ منافقن) جھڙا نه ٿيو جن چيو ته ٻُڌوسون ۽ اُھي نه ٿا ٻڌن.
1184 - اي مسلمانؤ الله ۽ پيغمبر جو حُڪم قبول ڪريو جڏھن (پيغمبر) اوھان کي ھن لاءِ سڏي ٿو ته اوھانکي جيئرو ڪري، ۽ ڄاڻو ته الله آدمي جي ۽ سندس دل جي وچ ۾ اوٽ ھوندو آھي ۽ ڏانھس گڏ ڪبؤ.
1185 - ۽ اُنھيءَ فتني کان ڊڄو جو اوھان مان جن ظلم ڪيو تن کي خلاصو نه پھچندو (بلڪ عام ھوندو)، ۽ ڄاڻو ته الله سخت سزا ڏيندڙ آھي.
1192 - ۽ (ياد ڪريو) جڏھن (ڪافرن) چيو ته اي الله جيڪڏھن ھي (قرآن) تو وٽان حق آھي ته اسان تي آسمان کان پَھڻ وساءِ يا ڪو ڏکوئيندڙ عذاب اسان تي آڻ.
1193 - ۽ الله کي نه جڳائيندو آھي جو منجھن تنھنجي ھوندي کين عذاب ڪري، ۽ الله کي (ھي به) نه جڳائيندو آھي جو کين ھن ھوندي عذاب ڪري جو اُھي بخشش گھرندا ھجن.
1194 - ۽ کين ڇا (ٿيو) آھي جو الله کين (پيغمبر جي ھجرت کانپوءِ) عذاب نه ڪري ھن ھوندي جو اُھي تعظيم واريءَ مسجد کان (ماڻھن کي) جھلن ٿا ۽ اُن جا مُتولّي نه آھن، پرھيزگارن کانسواءِ ٻيو ڪو اُن جو متولّي نه آھي پر انھن مان گھڻا نه ڄاڻندا آھن.
1195 - ۽ سندين نماز الله جي گھر وٽ سيٽين ۽ تاڙين ھڻڻ کانسواءِ (ڪُجھ) نه آھي، پوءِ انھيءَ سببان جو ڪفر ڪندا آھيو عذاب چکو.
1204 - ۽ (ياد ڪريو) جڏھن اوھين ھڪٻئي جي سامھون ٿيؤ تڏھن (الله) اوھان جي اکين ۾ اُھي ٿورڙا ڪري ڏيکاريا ٿي ۽ انھن (ڪافرن) جي نگاھن ۾ اوھانکي ٿورڙا ڪري ڏيکاريائين ٿي ھن لاءِ ته الله اھو پورو ڪري جيڪو ڪرڻو ھو، ۽ الله ڏانھن (سڀ) ڪم موٽايا ويندا.
1205 - اي ايمان وارؤ! جڏھن ڪنھن (ڪافر) ٽوليءَ سان (جنگ ۾) مقابلو ڪريو تڏھن ثابت قدم رھو ۽ الله کي گھڻو ياد ڪريو ته مانَ اوھين ڇُٽو.
1206 - ۽ الله ۽ سندس پيغمبر جي فرمانبرداري ڪريو ۽ پاڻ ۾ تڪرار نه ڪريو نه ته سست ٿيندؤ ۽ اوھان جي ((اتفاق جي) بوءِ ھلي ويندي ۽ صبر ڪريو، بيشڪ الله صابرن سان آھي.
1207 - ۽ اوھين اُنھن (بدر وارن ڪافرن) وانگر نه ٿيو جيڪي پنھنجي ديس مان تڪبر سان ۽ ماڻھن جي ڏيکاري لاءِ نڪتا ۽ (ماڻھن کي) الله جي واٽ کان جھلڻ لڳا، ۽ جيڪي ڪندا آھن تنھن کي الله گھيروڪندڙ آھي.
1208 - ۽ جڏھن شيطان سندن ڪرتوت اُنھن لاءِ سينگاريا ۽ (ڪافرن کي) کي چيائين ته اڄ ماڻھن مان ڪوبه اوھان تي غالب (ٿيڻو) نه آھي ۽ بيشڪ آءٌ اوھان جو واھرو آھيان، پوءِ جڏھن ٻئي لشڪر آمھون سامھون ٿيا ته (شيطان) پنھنجين کڙين (ڀرپوءِ) تي ڀڳو ۽ چيائين ته آءٌ اوھان کان بيزار آھيان تحقيق جيڪي مان ڏسان ٿو سو اوھين نٿا ڏسو تحقيق آءٌ الله کان ڊڄان ٿو، ۽ الله سخت سزا ڏيندڙ آھي.
1209 - (اُھو وقت ياد ڪريو) جنھن مھل منافقن ۽ جن جي دلين ۾ بيماري ھئي تن چيو ته ھنن (مسلمانن) کي سندن دين ٺڳيو آھي، ۽ جيڪو الله تي ڀروسو ڪندو آھي ته بيشڪ الله غالب حڪمت وارو آھي.
1211 - اِھو ھن سببان آھي جو جيڪي اوھان جي ھٿن اڳي موڪليو آھي ۽ بيشڪ الله ٻانھن تي ظلم ڪندڙ نه آھي.
1212 - (انھن جو حال) فرعونين ۽ انھن جھڙو آھي جيڪي کانئن اڳ ھوا، (جو) الله جي آيتن کي نه مڃيائون پوءِ الله سندن گناھن سببان کين پڪڙيو، بيشڪ الله سگھارو سخت سزا ڏيندڙ آھي.
1213 - اھو ھن سببان آھي جو الله جا نعمت ڪنھن قوم کي عطا ڪندو آھي تنھن کي (اُھو) ايستائين ڪڏھن نه مٽائيندو آھي جيسين جيڪي سندن دلين ۾ آھي سو (پاڻ نه) مٽائيندا آھن ۽ الله ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آھي.
1214 - (انھن جو حال) فرعونين ۽ پڻ جيڪي کانئن اڳ ھوا تن جھڙو آھي، (جو) پنھنجي پالڻھار جي آيتن کي ڪوڙ ڄاتائون تنھنڪري انھن کي سندن گناھن سببان ھلاڪ ڪيوسون ۽ فرعونين کي ٻوڙيوسون، مڙئي ظالم ھوا.
1215 - جاندارن مان (سڀ کان) بڇڙا الله وٽ ڪافر آھن پوءِ اُھي ايمان نه ٿا آڻين.
1216 - انھن مان جن سان (صلح جو) انجام ڪيو اٿيئي پوءِ وري ھر ڀيري پنھنجو انجام ڀڃيندا آھن ۽ اُھي نه ڊڄندا آھن.
1217 - پوءِ جيڪڏھن لڙائيءَ ۾ کين لھين ته (انھن کي اھڙي سزا ڏي جنھن جي ڪري) جيڪي سندن پوئتان ھجن تن کي ڀڄاءِ ته مانَ اھي ياد ڪن.
1218 - ۽ جيڪڏھن ڪنھن قوم جي (انجام ڀڃڻ جي) خيانت کان ڊڄين ته اُنھن ڏانھن (سندن انجام) پوري ٿيڻ مھل بيزاريءَ جو اطلاع موڪل، ڇوته الله خيانت ڪندڙن کي دوست نه رکندو آھي.
1219 - ۽ ڪافر (ايئن) نه ڀائين ته (ڪو) اڳرائي ڪيائون، بيشڪ اُھي نه ٿڪائيندا.
1220 - ۽ انھن لاءِ (لڙائي جي ھٿيارن جي) سگھ مان ۽ گھوڙن جي تيار رکڻ مان جيڪي ٿي سگھيوَ سو الله جي ويرين ۽ پنھنجن ويرين کي دھشت ڏيڻ لاءِ تيار رکو ۽ انھي کانسواءِ ٻي قوم کي (به) کين نه ڄاڻندا آھيو، اُنھن کي الله ڄاڻندو آھي، ۽ جيڪي ڪنھن شيء مان الله جي واٽ ۾ خرچيو سو اوھان کي پورو ڏبو ۽ اوھان کي گھٽ نه ڏبو.
1230 - اي پيغمبر، قيدين مان جيڪي اوھان جي ھٿن ۾ آھن تن کي چؤ ته جيڪڏھن الله اوھان جي دلين ۾ ڪا چڱائي ڄاتي ته جيڪي اوھان کان ورتو ويو تنھن کان چڱو اوھان کي ڏيندو ۽ اوھان کي بخشيندو، ۽ الله بخشڻھار مھربان آھي.
1231 - ۽ جيڪڏھن توسان خيانت ڪرڻ گھرندا ته بيشڪ الله سان (به) اڳ خيانت ڪئي ھوائون پوءِ (اوھان کي) انھن تي سگھارو ڪيائين، ۽ الله ڄاڻندڙ حڪمت وارو آھي.
1232 - جن ايمان آندو ۽ حجرت ڪئي ۽ پنھنجن مالن ۽ پنھنجن جندن سان الله جي واٽ ۾ جھاد ڪيو ۽ جن جاءِ ڏني ۽ مدد ڪئي اھي ھڪ ٻئي جا دوست آھن، ۽ جن ايمان آندو ۽ ھجرت نه ڪئي اوھان تي انھن جي دوستيءَ جو ڪو حق نه آھي جيسين ھجرت ڪن، ۽ جيڪڏھن دين (جي ڪم) ۾ اوھان کان مدد گھُرن ته اوھان کي انھيءَ قوم کانسواءِ ٻي قوم تي مدد ڏيڻ لازم آھي جن جو اوھانجي ۽ ھنن جي وچ ۾ انجام ٿيل ھجي، ۽ جيڪي ڪندا آھيو سو الله ڏسندڙ آھي.
5545 - ڄڻ ته اُھي ٽھندڙ گڏھ آھن.
1233 - ۽ جيڪي ڪافر آھن تن مان ھڪڙا ٻين جا سنگتي آھن، پر (اي مسلمانؤ) جيڪڏھن اوھين (ائين) نه ڪندؤ ته مُلڪ ۾ فتنو ۽ وڏو فساد ٿيندو.
1234 - ۽ جن ايمان آندو ۽ ھجرت ڪئي ۽ الله جي واٽ ۾ جھاد ڪيو ۽ جن جاءِ ڏني ۽ مدد ڪئي اِھي ئي سچا مؤمن آھن، اُنھن لاءِ بخشش ۽ سڳوري روزي آھي.
1235 - ۽ جن (انھن کان) پوءِ ايمان آندو ۽ ھِجرت ڪئي ۽ اوھان سان گڏ جھاد ڪيو سي به اوھان مان آھن، ۽ مائٽيءَ وارا الله جي حُڪم موجب (پاڻ ۾) ھڪ ٻئي جا وڌيڪ حقدار آھن، ڇوته الله سڀڪنھن شيء کي ڄاڻندڙ آھي.
1236 - جن مشرڪن سان اوھان انجام ڪيو تن ڏانھن الله ۽ سندس پيغمبر جي پاران (انجام کان) بيزاري آھي.
1237 - (اي مشرڪؤ) مُلڪ ۾ چار مھينا سير ڪريو ۽ ڄاڻو ته اوھين الله کي ٿَڪائڻ وارا نه آھيو ۽ (ڄاڻو) ته الله ڪافرن کي خراب ڪرڻ وارو آھي.
1238 - ۽ وڏي حَج جي ڏينھن الله ۽ سندس پيغمبر جي طرفان ماڻھن ڏانھن پڙھو آھي ته الله ۽ سندس پيغمبر مشرڪن کان بيزار آھي، پوءِ (اي مشرڪؤ) جيڪڏھن (شرڪ کان) توبه ڪندؤ ته اُھا اوھان لاءِ ڀلي آھي، ۽ جيڪڏھن اوھين مُنھن ڦيرائيندؤ ته ڄاڻو ته اوھين الله کي ٿَڪائڻ وارا نه آھيو، ۽ (اي پيغمبر) ڪافرن کي ڏکوئيندڙ عذاب جي خبر ڏي.
1239 - پر مشرڪن مان جن انجام ڪيو ھيوَ وري (انھن) اوھان سان (انجام ۾) ڪُجھ قُصور نه ڪيو ۽ نڪي اوھان جي خلاف ڪنھن کي مدد ڏنائون تن جو انجام سندين مدت تائين ساڻن پورو ڪريو، ڇوته الله پرھيزگارن کي دوست رکندو آھي.
1240 - پوءِ (جن مھينن ۾ لڙائي) حرام (ڪئي ويئي آھي سي) مھينا جڏھن پورا ٿين ته (عرب جي) مشرڪن کي جتي لھو تتي انھن کي ماريو ۽ انھن کي پڪڙيو ۽ انھن کي بند رکو ۽ سڀني گھَٽن تي انھن لاءِ ويھو، پوءِ جيڪڏھن توبه ڪن ۽ نماز پڙھن ۽ زڪوٰة ڏين ته سندن واٽ بند نه ڪريو، ڇوته الله بخشڻھار مھربان آھي.
1241 - ۽ جيڪڏھن مشرڪن مان ڪو ھڪڙو توکان امانَ گھُري ته کيس امانَ ڏي جيستائين (ھو) ڪلام الله ٻڌي پوءِ کيس سندس امن جي ھنڌ پھچاءِ، اِھو ھن ڪري آھي جو اُھا قوم اھڙي آھي جو نه ڄاڻندي آھي.
1242 - الله وٽ ۽ سندس پيغمبر وٽ مشرڪن لاءِ اَنجام ڪئن ٿيندو سواءِ انھن جي جن سان تعظيم واريءَ مسجد وٽ انجام ڪيو ھُيوَ، پوءِ اُھي جيستائين اوھان جي انجام تي بيھڪ ڪن ته اوھين انھن لاءِ بيھڪ وٺو، بيشڪ الله پرھيزگارن کي دوست رکندو آھي.
1243 - ڪئن (سندن انجام رھندو) ۽ جيڪڏھن اوھان تي غالب ٿين ته اوھان بابت نڪي مائٽي جو ۽ نڪي انجام جو خيال رکن، اوھان کي پنھنجين (مِٺين) زبانن سان راضي ڪندا آھن ۽ سندن دليون انڪاري آھن، ۽ منجھانئن گھڻا بي دين آھن.
1244 - الله جي آيتن کي ٿوري مُلھ تي وڪيائون پوءِ (ماڻھن کي) سندس واٽ کان جھليائون، اُھي جيڪي ڪندا آھن سو بڇڙو آھي.
1245 - ڪنھن مؤمن بابت نڪي مائٽي ۽ نڪي انجام جو خيال رکندا آھن، ۽ اھي ئي حد کان لنگھيل آھن.
1247 - ۽ جيڪڏھن پنھنجن انجامن ٻَڌڻ کانپوءِ پنھنجا قسم ڀڃن ۽ اوھانجي دين ۾ طعنو ھڻن ته ڪفر جي سرڪردن سان جنگ ڪريو ڇو ته اُنھن جو قسم (اعتبار جوڳو) نه آھي مان اُھي جھلجن.
1248 - اھڙي قوم سان ڇونه ٿا وڙھو جن پنھنجن قسمن کي ڀڳو ۽ جي پيغمبر جي ڪڍي ڇڏڻ لاءِ سنبريا ۽ منڍئون اوھان سان (دشمني) اوّل ۾ ڪرڻ لڳا؟ کائن ڇو ٿا ڊڄو؟ جيڪڏھن مؤمن آھيو ته الله (ھن لاءِ) وڌيڪ حقدار آھي ته کانئس ڊڄو.
1249 - انھن سان وڙھو ته الله اوھان جي ھٿان کين سزا ڏيندو ۽ کين خوار ڪندو ۽ اوھانکي مٿن سوڀ ڏيندو ۽ مؤمنن جي قوم جي سينن کي شفا بخشيندو (ٺاريندو).
1250 - ۽ سندين دلين جي ڪاوڙ وڃائيندو، ۽ الله جنھن لاءِ گھرندو تنھن تي ٻاجھ سان موٽندو، ۽ الله ڄاڻندڙ حِڪمت وارو آھي.
1251 - ڀائيندا آھيو ڇا ته اوھان کي (جھاد جي تڪليف کان) ڇڏيو ويندو؟ حقيقت ڪري اوھان مان جن جھاد ڪيو ۽ نڪي الله ۽ نڪي پيغمبر ۽ نڪي مؤمنن کانسواءِ (ٻيو) ڪو ڳجھو دوست ورتو تن کي الله اڃا نه نکيڙيو آھي، ۽ جيڪي ڪندا آھيو تنھنجي الله خبر رکندڙ آھي.
1252 - پاڻ تي ڪفر جو اقراري ٿي مشرڪن کي الله جي مسجدين جو آباد ڪرڻ روا نه آھي، اِھي اُھي آھن جن جا عمل چٽ ٿي ويا، ۽ اُھي باھ ۾ سدائين رھڻ وارا آھن.
1253 - الله جي مسجدين کي آباد ڪرڻ رڳو انھي کي جڳائيندو آھي جنھن الله ۽ قيامت جي ڏينھن کي مڃيو ۽ نماز پڙھي ۽ زڪوٰة ڏني ۽ الله کانسواءِ (ٻئي ڪنھن کان) نه ڊنو، پوءِ اُميد آھي ته اُھي ھدايت وارن مان آھن.
1254 - اوھان حاجين کي پاڻي پيارڻ ۽ تعظيم واري مسجد کي آباد رکڻ اُن (جي عملن) جھڙو ڪيو آھي ڇا جنھن الله ۽ قيامت جي ڏينھن کي مڃيو ۽ الله جي واٽ ۾ جھاد ڪيو، الله وٽ (ھي ۽ اُھو) برابر نه آھن، الله ظالم قوم کي ھدايت نه ڪندو آھي.
1255 - جن مڃيو ۽ ھجرت ڪئي ۽ الله جي واٽ ۾ پنھنجين مالن ۽ پنھنجين جانين سان جھاد ڪيو سي الله وٽ مرتبي ۾ بلڪل وڏا آھن، ۽ اُھي مُراد ماڻڻ وارا آھن.
1256 - انھن کي سندن پالڻھار پاڻ وٽان ٻاجھ ۽ راضپي ۽ انھن باغن جي خوشخبري ڏئي ٿو جن ۾ انھن لاءِ سدائين نعمتون آھن.
1258 - اي مؤمنؤ پنھنجن پئرن ۽ پنھنجن ڀائرن کي دوست نه وٺو جيڪڏھن (اُھي) ڪفر کي ايمان کان پيارو رکن (ته)، ۽ جيڪي اوھان مان انھن سان دوستي ڪندا سي ئي ظالم آھن.
1259 - (اي پيغمبر) چؤ ته جيڪڏھن اوھان جا پيئر ۽ اوھان جو اولاد ۽ اوھان جا ڀائر ۽ اوھان جون زالون ۽ اوھان جا مائٽ ۽ اُھي مال جي اوھان ڪمايا آھن ۽ واپار جنھن جي بند ٿيڻ کان ڊڄو ٿا ۽ جايون جن کي پسند ڪريو ٿا سي اوھان کي الله ۽ سندس پيغمبر ۽ سندس واٽ ۾ جھاد ڪرڻ کان وڌيڪ پيارا آھن ته (ايسين) ترسو جيسين الله پنھنجو عذاب آڻي، ۽ الله بي دين قوم کي (سڌو) رستو نه ڏيکاريندو آھي.
1260 - بيشڪ الله اوھان کي گھڻن ھنڌن ۾ سوڀ ڏني ۽ (پڻ جنگ) حُنين جي ڏينھن جو جڏھن اوھان جي گھڻائي اوھانکي عجب ۾ وڌو ۽ اوھان کان اوھان جي گھڻائي ڪجھ به ٽاري نه سگھي ۽ زمين پنھنجي ويڪرائي ھوندي (به) اوھان تي سوڙھي ٿي ويئي پوءِ اوھين پُٺيرا ٿي ڦريؤ.
1261 - موٽي الله پنھنجي پار کان آرام پنھنجي پيغمبر تي ۽ مؤمنن تي لاٿو ۽ (ملائڪن جو) لشڪر لاٿائين جن کي نه ٿي ڏٺوَ، ۽ ڪافرن کي سزا ڏنائين، ۽ اِھا ڪافرن جي سزا آھي.
1262 - موٽي اُن کانپوءِ الله جنھن لاءِ وڻيس تنھن تي ٻاجھ سان موٽندو، ۽ الله بخشڻھار مھربان آھي.
1263 - اي مؤمنؤ مشرڪ رڳو پليت آھن تنھنڪري ھن ورہ پڄاڻا تعظيم واريءَ مسجد جي ويجھو نه وڃن، ۽ جيڪڏھن (اوھين) سڃائيءَ کان ڊڄندا آھيو ته جيڪڏھن الله گھريو ته پنھنجي فضل سان اوھانکي سگھوئي آسودو ڪندو، ڇوته الله ڄاڻندڙ حڪمت وارو آھي.
1264 - جن کي ڪتاب ڏنو ويو تن مان جيڪي نڪي الله کي ۽ نڪي قيامت جي ڏينھن کي مڃيندا آھن ۽ نڪي الله ۽ سندس پيغمبر جي حرام ڪيل شيء کي حرام ڪري ڄاڻندا آھن ۽ نڪي سچو دين قبول ڪندا آھن تن سان ايستائين وڙھو جيسين (اُھي) رعيتي پنھنجي ھٿان جزيو ڏين.
1265 - ۽ يَھُودين چيو ته عُزير الله جو پُٽ آھي ۽ نصارن چيو ته عيسىٰ الله جو پُٽ آھي، اِھو سندن واتن سان آھي، اڳين ڪافرن جي چوڻ جھڙي رِيس ڪندا آھن، الله مٿن لعنت ڪري، ڪيڏي جو ڪيڏي ڀُلايا ويندا آھن.
1266 - (۽) پنھنجن عالمن ۽ پنھنجن فقيرن ۽ عيسىٰ پُٽ مريم جي کي الله کانسواءِ پالڻھار ڪري ورتائون، ۽ ھڪ الله جي عبادت ڪرڻ کانسواءِ کين ٻيو حڪم نه ڪيو ويو آھي، اُن کانسواءِ ڪو عبادت جو لائق نه آھي، جيڪي ساڻس شريڪ ڪندا آھن تنھن کان ھو پاڪ آھي.
1267 - (۽) پنھنجن واتن سان الله جي نُور کي وسائڻ گھرندا آھن ۽ الله پنھنجي نُور کي پوري ڪرڻ کانسواءِ نه رھندو جيتوڻيڪ ڪافر ارھا ٿين.
1268 - اُھو (الله) اھي جنھن پنھنجي پيغمبر کي ھدايت ۽ سچي دين سان ھن لاءِ موڪليو ته ان کي سڀني دينن تي غالب ڪري جيتوڻيڪ مشرڪ رنج ٿين.
1269 - اي ايمان وارؤ ڪتاب وارن عالمن ۽ فقيرن مان گھڻا ماڻھن جو مال ٺڳيءَ سان کائيندا آھن ۽ الله جي واٽ کان (ماڻھن کي) جھليندا آھن، ۽ جيڪي سون ۽ رپي جو خزانو گڏ ڪندا آھن ۽ اُھو الله جي واٽ ۾ نه خرچيندا آھن تن کي ڏکوئيندڙ عذاب جي خبر ڏي.
1291 - ۽ الله جو قسم کڻندا آھن ته اُھي اوھان منجھان آھن، ۽ (حقيقت ڪري) اُھي اوھان منجھان نه آھن پر اُھا ڊڄڻي قوم آھي.
1271 - بيشڪ مھينن جو ڳاڻيٽو يقيناً ڪتاب الاھي ۾ الله وٽ ٻارھن مھينا آھن جنھن ڏينھن کان آسمانن ۽ زمين کي بڻايائين منجھانئس چار (مھينا) تعظيم وارا آھن، اِھو پڪو دين آھي، تنھنڪري اوھين پاڻ کي منجھن نقصان نه لايو، ۽ سڀني مشرڪن سان وڙھو جھڙي طرح اوھان سان سڀيئي وڙھن ٿا، ۽ ڄاڻو ته الله پرھيزگارن سان گڏ آھي.
1527 - اسين توکي رڳو (ھي ڳالھ) چئون ٿا ته اسان جي ڪِن بُتن توکي ڪي ايذايو آھي، (ھود) چيو بيشڪ آءٌ الله کي شاھد ڪريان ٿو ۽ اوھين به شاھد ھُجو تحقيق آءٌ انھن کان بيزار آھيان جن کي (الله سان) شريڪ بڻائيندا آھيو.
1528 - اُن (الله) ڌاران پوءِ مون سان سڀئي مدائي ڪريو وري مون کي مُھلت نه ڏيو.
1272 - تعظيم وارن مھينن جو اڳي پوءِ ڪرڻ رڳو ڪفر ۾ واڌارو آھي اُن سان ڪافر ڀُلايا ويندا آھن اُن (مھيني) کي ھڪ سال حلال ڳڻين ٿا ۽ ٻئي سال اُن کي حرام ڀائين ٿا ھن لاءِ ته الله جي حرام ڪيلن مھينن جي ڳاڻيٽي جي پورائي ڪن پوءِ جن کي الله حرام ڪيو آھي تن کي حلال ٿا ڪن، اُنھن لاءِ سندن بڇڙا ڪرتوت سينگاريا ويا، ۽ الله ڪافر ٽوليءَ کي ھدايت نه ڪندو آھي.
1273 - اي ايمان وارؤ اوھان کي ڇا (ٿيو) آھي جو جڏھن اوھان کي چئبو آھي ته الله جي واٽ ۾ (جھاد لاءِ) نڪرو ته زمين ڏانھن ڳرا ٿي ڪرندا آھيو، آخرت جي بدران دنيا جي حياتي سان راضي ٿيا آھيو، دنيا جي حياتي جو سامان آخرت (جي مقابلي) ۾ ٿورڙي کانسواءِ نه آھي.
1274 - جيڪڏھن نه نڪرندؤ ته اوھان کي ڏکوئيندڙ عذاب جي سزا ڏيندو، ۽ اوھان کانسواءِ ٻي قوم مٽائي آڻيندو ۽ اوھين کيس ڪُجھ ضرر نه رسائيندؤ، ۽ الله سڀڪنھن شيء تي وس وارو آھي.
1275 - جيڪڏھن پيغمبر کي مدد نه ڏيندؤ ته بيشڪ کيس الله مدد ڏني آھي جنھن مھل ڪافرن (مڪي مان) کيس ڪڍي ڇڏيو ٻن مان ھڪڙو پاڻ ھو جڏھن اُھي غار ۾ ھوا تڏھن پنھنجي سنگتيءَ کي چيائين ته اُلڪو نه ڪر تحقيق الله اسان سان (گڏ) آھي، پوءِ الله مٿس پنھنجو آرام لاٿو ۽ کيس اھڙي لشڪر سان مدد ڪيائين جو اُن کي اوھان نه ڏٺو ۽ ڪافرن جي ڳالھ کي ھيٺ ڪيائين، الله جي ڳالھ (ھميشه) مٿاھين آھي، ۽ الله غالب حڪمت وارو آھي.
1276 - (ھر حال جنگ جي) ٿوري سامان ۽ گھڻي سامان سوڌا (جھاد لاءِ) نڪرو ۽ پنھنجن مالن ۽ پنھنجين جِندن سان الله جي واٽ ۾ جھاد ڪريو، اھو اوھان لاءِ ڀلو آھي جيڪڏھن ڄاڻندا آھيو.
1277 - جيڪڏھن سامان سولو ۽ سفر ھلڪو ھجي ھا ته ضرور تنھنجي پٺيان لڳن ھا پر مٿن پنڌ پري ٿيو، ۽ الله جو قسم سگھوئي کڻندا (چوندا ته) جيڪڏھن اسين توفيق ساريون ھا ته اوھان سان گڏ نڪرون ھا، پاڻ کي (منافقيءَ سببان) ھلاڪ ڪن ٿا، ۽ الله ڄاڻي ٿو ته اُھي ڪوڙا آھن.
1278 - الله توکي معاف ڪيو، کين تو ڇالاءِ موڪل ڏني جيسين توکي سچا پڌرا ٿين ھا ۽ (تون) ڪوڙن کي ڄاڻين ھا.
1279 - جن الله ۽ قيامت جي ڏينھن کي مڃيو آھي سي پنھنجن مالن ۽ پنھنجين جِندن سان جھاد ڪرڻ ۾ توکان موڪل نٿا گھرن، ۽ الله پرھيزگارن کي ڄاڻندڙ آھي.
1280 - انھن کان سواءِ ٻيو ڪو توکان موڪل نه گھرندو جيڪي الله ۽ قيامت جي ڏينھن کي نه مڃيندا آھن ۽ سندن دلين ۾ شڪ پيل آھن پوءِ اُھي پنھنجي شڪ ۾ حيران آھن.
1281 - ۽ جيڪڏھن ٻاھر نڪرڻ گھرن ھا ته ان لاءِ تياريءَ جو سامان تيار ڪن ھا پر الله سندن (جھاد تي) وڃڻ پسند نه ڪيو تنھنڪري کين توفيق نه ڏنائين ۽ چيو ويونِ ته وھندڙن سان گڏجي وِھو.
1282 - جيڪڏھن اوھان ۾ (گڏجي) نڪرن ھا ته اوھان ۾ شرارت کانسواءِ ٻيو ڪُجھ نه وڌائين ھا ۽ ضرور اوھانجو ٻگيٿرو گھرندڙ ٿي اوھان جي وچ ۾ فساد وجھڻ لاءِ ڊوڙن ھا، ۽ اوھان ۾ اُنھن جا (ڪي) جاسوس آھن، ۽ الله ظالمن کي ڄاڻندڙ آھي.
1283 - اُھي اڳ بيشڪ فساد جي فڪر ۾ ھوا ۽ تولاءِ بڇڙيون صلاحون ڪندا رھيا ايتري تائين جو مدد آئي ۽ الله جو حُڪم غالب ٿيو ۽ اُھي ناراض ھوا.
1284 - ۽ منجھائن ڪو آھي جو چوي ٿو ته مون کي موڪل ڏي ۽ مونکي فتني ۾ نه وجھ، خبردار (اُھي پاڻ) فتني ۾ پيل آھن، ۽ بيشڪ دوزخ ڪافرن کي گھيرو ڪندڙ آھي.
1294 - ۽ الله ۽ سندس پيغمبر جيڪي کين ڏنو آھي تنھن تي جيڪڏھن راضي ٿين ھا ۽ چون ھا ته اسان کي الله ڪافي آھي اسان کي الله پنھنجي فضل سان ڏيندو ۽ سندس پيغمبر (به ڏيندو) اسين الله ڏانھن اميدوار آھيون (ته اُنھن لاءِ ڀلو ھجي ھا).
1295 - صدقا رڳو فقيرن ۽ مسڪينن ۽ ان جي اُڳاڙي ڪندڙن ۽ جن جون دليون (اسلام ڏانھن) ميلاپ ڪرايل آھن (تن لاءِ) ۽ ٻانھن جي آجي ڪرڻ ۽ قرضين ۽ الله جي واٽ ۾ (جھاد ڪرڻ) ۽ مسافرن لاءِ آھن، (اِھو) الله (جي پار) کان حُڪم ٿيل آھي، ۽ الله ڄاڻندڙ حڪمت وارو آھي.
1296 - ۽ منجھائن ڪي اھڙا آھن جي پيغمبر کي ايذائيندا آھن ۽ چوندا آھن ته پر ٻڌڙيو آھي، چؤ ته اوھان لاءِ پر ٻڌڙيو ڀلو آھي الله کي مڃيندو آھي ۽ مؤمنن (جي صلاح) کي (به) مڃيندو آھي ۽ اوھان مان ايمان وارن لاءِ ٻاجھارو آھي، ۽ جيڪي الله جي پيغمبر کي ايذائيندا آھن تن لاءِ ڏکوئيندڙ عذاب آھي.
1297 - اوھان لاءِ الله جو قسم کڻندا آھن ته اوھان کي راضي ڪن، ۽ جيڪڏھن مؤمن آھن ته الله ۽ سندس پيغمبر وڌيڪ حقدار آھن جو اُن کي راضي ڪن.
1298 - نه ڄاڻندا آھن ڇا ته جيڪي الله ۽ سندس پيغمبر جي مخالفت ڪندو تنھن لاءِ بيشڪ دوزخ جي باھ آھ؟ منجھس سدائين رھڻ وارو آھي، اِھا وڏي خواري آھي.
1299 - منافق مسلمانن تي ڪنھن سورة جي لھڻ کان ڊڄن ٿا ته جيڪي سندن دلين ۾ آھي سو متان مسلمانن کي ڄاڻائي، (اي پيغمبر کين) چؤ ته اوھين پيا ٺـٺولي ڪريو، ڇوته جنھن کان ڊڄندا آھيو سو الله پڌرو ڪندڙ آھي.
1305 - کانئن اڳين جي خبر نه پھتي اٿن ڇا جي نُوح ۽ عاد ۽ ثمود جي قوم، ۽ ابراھيم جي قوم ۽ مَدين وارا ۽ اونڌن ٿيلن ڳوٺن وارا ھوا، جو اُنھن ڏانھن سندن پيغمبر پڌرن مُعجزن سان آيا (ته نه مڃيائون)، پوءِ الله جو شان نه ھو جو مٿن ظلم ڪري پر پاڻ تي ظُلم ڪيائون ٿي.
1306 - ۽ مؤمن ۽ مؤمنياڻيون (پاڻ ۾) ھڪ ٻئي جا مددگار آھن، چڱن ڪمن جو حُڪم ڪندا آھن ۽ خراب ڪمن کان جھليندا آھن ۽ نماز کي قائم ڪندا آھن ۽ زڪوٰة ڏيندا آھن ۽ الله ۽ سندس پيغمبر جي فرمانبرداري ڪندا آھن، اُنھن تي الله سگھوئي ٻاجھ ڪندو، تحقيق الله غالب حڪمت وارو آھي.
1307 - الله مؤمنن ۽ مؤمنياڻين سان بھشت جو انجام ڪيو آھي جنھن جي ھيٺان واھيون آھن منجھس سدائين رھڻ وارا آھن ۽ (پڻ) ھميشه رھڻ وارن باغن ۾ چڱين جاين جو (انجام اٿن)، ۽ الله جو راضپو (سڀ کان) تمام وڏو آھي، اھا وڏي مراد ماڻڻ آھي.
1419 - خبردار بيشڪ جيڪي آسمانن ۽ زمين ۾ آھي سو الله جو آھي، خبردار الله جو انجام سچو آھي پر اُنھن مان گھڻا نه ڄاڻندا آھن.
1312 - پوءِ الله سندن دلين ۾ کين سندن ملڻ جي ڏينھن تائين انھي سببان منافقي لاڳو ڪري ڇڏي جو الله سان اُھو انجام نه پاريائون جيڪو ساڻس ڪيائون ۽ اُنھي سببان جو ڪوڙ چوندا رھيا.
1313 - نه ڄاڻندا آھن ڇا ته الله سندن ڳجھا ۽ سندن پڌرا (سخن) ۽ سندن ڳجھيون صلاحون ڄاڻندو آھي ۽ تحقيق الله وڏو ڳُجھ ڄاڻندڙ آھي.
1314 - اِھي اھڙا آھن جو صدقي ڏيندڙن مؤمنن جي صدقي ڏئڻ ۾ طعنا ھڻندا آھن ۽ انھن کي (به طعنا ھڻندا آھن) جيڪي (مزدوري ڪرڻ جي) اوکائي کانسواءِ ڪي نه لھندا آھن ۽ انھن سان مسخريون ڪندا آھن، الله (به) سندن مسخرين جو کين بدلو ڏيندو ۽ انھن لاءِ ڏکوئيندڙ عذاب آھي.
1315 - انھن لاءِ بخشش گھُرين يا انھن لاءِ بخشش نه گھُرين، جيڪڏھن اُنھن لاءِ ستر ڀيرا بخشش گھُرين ته به الله انھن کي ڪڏھن نه بخشيندو، اھو ھن سببان آھي جو اُنھن الله ۽ سندس پيغمبر کي نه مڃيو، ۽ الله بي دين قوم کي ھدايت نه ڪندو آھي.
1316 - الله جي پيغمبر جي (جھاد تي) وڃڻ کانپوءِ پٺ تي رھندڙ پنھنجي (رھجي) وھڻ تي خوش ٿيا ۽ پنھنجن مالن ۽ پنھنجن جِندن سان الله جي واٽ ۾ جِھاد ڪرڻ ناپسند ڪيائون ۽ (پاڻ ۾) چيائون ته گرميءَ ۾ (جھاد لاءِ) نه نڪرو، (اي پيغمبرکين) چؤ ته دوزخ جي باھ ڏاڍي گرم آھي، جيڪڏھن سمجھن ھا (ته ايئن نه ڪن ھا).
1317 - پوءِ ٿورو کلڻ گھرجين ۽ گھڻو روئڻ گھرجين، اُنھن (اعمالن) جي بدلي ۾ جو جيڪي ڪندا آھن.
1318 - پوءِ جيڪڏھن الله توکي منجھائن ڪنھن ٽوليءَ ڏانھن موٽائي نئي ته نڪرڻ لاءِ توکان موڪلائيندا پوءِ چؤ ته مون سان ڪڏھن نه نڪرندؤ ۽ مون سان گڏجي ڪنھن دشمن سان ڪڏھن نه وڙھندؤ، بيشڪ اوھين پھريون ڀيرو وھڻ سان راضي ٿيؤ تنھنڪري (ھاڻي به) پوئتي وھندڙن سان گڏجي ويھو.
1319 - ۽ منجھائن جيڪو مري تنھن تي بلڪل نماز نه پڙھ ۽ نڪي سندس قبر تي بيھ، بيشڪ انھن الله ۽ سندس پيغمبر کي نه مڃيو ۽ اُھي بي دين ٿي مُئا.
1320 - ۽ تون سندن مال ۽ سندن اولاد تي عجب نه ڪر، الله گھرندو آھي ته ان جي سببان دنيا ۾ ئي کين عذاب ڪري ۽ سندن ساھ ڪفر جي ئي حالت ۾ نِڪرن.
1321 - ۽ جيڪڏھن ڪا سُورة (ھِن لاءِ) نازل ڪئي ويندي آھي ته الله کي مڃيو ۽ سندس پيغمبر سان گڏجي جھاد ڪريو ته منجھائن آسودا توکان موڪلائيندا آھن ۽ چوندا آھن ته اسان کي ڇڏ ته ويٺلن سان گڏ رھون.
1322 - ويٺلن زالن سان گڏ ھُجڻ ۾ راضي ٿيا ۽ سندين دلين تي مُھر ھنئي وئي پوءِ اُھي نه سمجھندا آھن.
1323 - پر پيغمبر ۽ جن ساڻس ايمان آندو تن پنھنجن مالن ۽ پنھنجين جِندن سان جھاد ڪيو، ۽ اِھي اُھي آھن جن لاءِ چڱايون آھن، ۽ اُھي ئي ڇٽل آھن.
1324 - انھن لاءِ الله اھڙا باغ تيار ڪيا آھن جن جي ھيٺان واھيون وھنديون آھن منجھس سدائين رھڻ وارا آھن، اھا وڏي مراد ماڻڻ آھي.
1325 - ۽ بَدوِين مان بھاني ڪرڻ وارا آيا ته کين موڪل ڏني وڃي ۽ جن الله ۽ سندس رسول کي ڪوڙو ڄاتو سي ويھي رھيا، منجھائن ڪافرن کي ڏکوئيندڙ عذاب سِگھو ئي پھچندو.
1326 - نڪي عاجزن تي ۽ نڪي بيمارن تي ۽ نڪي اُھي جو جيڪي خرچين سو نه ٿا لھن تن تي ڪو گناھ آھي جڏھن ته الله ۽ سندس پيغمبر جا خيرخواھ ھجن، ڀلارن تي ڪو ڏوراپو نه آھي، ۽ الله بخشڻھار مھربان آھي.
1327 - ۽ نڪي اُنھن تي (ڪو گناھ آھي) جي جڏھن تو وٽ اچن ته کين (وھٽ تي) چاڙھين (۽ تون) چوين ته (ڪو وھٽ) نه ٿو لھان جنھن تي اوھان کي چاڙھيان، تڏھن اُھي موٽن ۽ ھن ڏُک کان سندن اکيون ڳوڙھا ھاريندڙ ھجن ته جيڪي (الله جي واٽ ۾) خرچين سو نه ٿا لھن،
1328 - ڏوراپي جي واٽ انھن کانسواءِ ٻـين تي نه آھي جن توکان موڪلايو ۽ اُھي شاھوڪار ھوا، رھيلن زالن سان گڏ ھجڻ ۾ راضي ٿيا ۽ الله سندين دلين تي مُھر ھنئي پوءِ اُھي نه ڄاڻندا آھن.
1329 - جڏھن (اوھين) اُنھن ڏانھن موٽندؤ (تڏھن) اوھان وٽ بھانو ڪندا، (انھن کي) چؤ ته بھانو نه ڪريو اوھان (جي ڳالھ) کي ڪڏھن نه مڃينداسون بيشڪ اوھان جي حال کان الله اسان کي خبر ڏني آھي، ۽ الله ۽ سندس پيغمبر اوھان جا عمل سِگھو ئي ڏسندو وري ڳجھ ۽ ظاھر جي ڄاڻندڙ (الله) ڏانھن موٽايا ويندؤ (۽) پوءِ جيڪي ٿي ڪيؤ تنھنجي اوھان کي سُڌ ڏيندو.
1330 - جڏھن انھن ڏانھن موٽندؤ (ته) ستت ئي اوھان جي آڏو الله جو قسم ھِن لاءِ کڻندا ته (اوھين) کائن مڙي وڃو، پوءِ کائن مڙي وڃو، بيشڪ اُھي پليت آھن، ۽ جيڪي ٿي ڪمايائون تنھن جي عوض ۾ سندين جاءِ دوزخ آھي.
1331 - اوھان وٽ ھن لاءِ قسم کڻندا ته (اوھين) کائن راضي ٿيو، پوءِ جيڪڏھن (اوھين) کائن راضي ٿيندؤ ته (به) الله بي دين ماڻھن کان راضي نه ٿيندو.
1332 - بَدوي ڪُفر ۽ منافقيءَ ۾ تمام سخت آھن ۽ ھن (عادت) جوڳا آھن ته الله پنھنجي پيغمبر تي جيڪي حُڪم لاٿا تنھن جون (شرعي) حدون نه ڄاڻن، ۽ الله ڄاڻندڙ حڪمت وارو آھي.
1333 - ۽ ڳوٺاڻن مان ڪي اھڙا آھن جو خرچ ڪن ٿا سو چَٽي ڄاڻندا آھن ۽ اوھان تي زماني جي ڦيرگھير (اچڻ) جا منتظر آھن، زماني جو بڇڙو ڦيرو مٿن ھجي (شال)، ۽ الله ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آھي.
1334 - ۽ ٻھراڙي وارن مان ڪي اھڙا آھن جي الله ۽ قيامت جي ڏينھن کي مڃيندا آھن ۽ جيڪي خرچيندا آھن تنھن کي الله وٽ ويجھائي جو ۽ پيغمبر جي دُعا حاصل ڪرڻ جو وسيلو ڪري وٺندا آھن، بيشڪ اھا انھن لاءِ ويجھائيءَ (جو سبب) آھي الله کين پنھنجي رحمت ھيٺ سگھوئي داخل ڪندو، بيشڪ الله بخشڻھار مھربان آھي.
1339 - نه ڄاڻندا آھن ڇا ته الله ئي پنھنجن ٻانھن جي توبه قبول ڪندو آھي ۽ (سندين) خيراتون قبول ڪندو آھي ۽ بيشڪ الله ئي توبه قبول ڪندڙ مھربان آھي.
1340 - ۽ چؤ ته عمل ڪريو پوءِ الله ۽ سندس پيغمبر ۽ مؤمن (سڀئي) اوھان جا عمل ڏسندا، ۽ ڳُجھ ۽ ظاھر جي ڄاڻندڙ (الله) ڏانھن سگھو موٽايا ويندؤ پوءِ جيڪي ڪندا آھيو تنھن جي اوھان کي سُڌ ڏيندو.
1341 - ۽ ٻيا الله جي حُڪم لاءِ رھايل آھن ته يا ته کين عذاب ڪري يا کين معاف ڪري، ۽ الله ڄاڻندڙ حڪمت وارو آھي.
1342 - ۽ (انھن مان اھڙا به آھن) جن نقصان پُھچائڻ ۽ ڪفر ڪرڻ ۽ مسلمانن جي وچ ۾ ڏڦيڙ وجھڻ ۽ جن (ماڻھن) الله ۽ سندس پيغمبر سان اڳ ويڙھ ڪئي آھي تن واسطي گھٽ ٺاھڻ لاءِ (ھڪ) مسجد بڻائي آھي، ۽ (اُھي) ضرور قسم کڻندا ته چڱائيءَ کانسواءِ اسانجو (بڻائڻ ۾) ٻيو ڪو ارادو نه آھي، ۽ الله شاھدي ڏئي ٿو ته اُھي ڪوڙا آھن.
1343 - منجھس اصلي نه بيھ، جا مسجد پھرين ڏينھن پرھيزگاريءَ تي اڏائي ويئي آھي تنھن ۾ توکي بيھڻ (يعني نماز پڙھڻ ۽ پڙھائڻ) وڌيڪ لائق آھي، جنھن ۾ اھڙا مڙس آھن جي پاڪ رھڻ پسند ڪندا آُھن، ۽ الله پاڪ رھڻ وارن کي پسند ڪندو آھي.
1344 - ڀلا جنھن پنھنجي اڏاوت الله جي ڊڄ ۽ (سندس) رضامنديءَ تي اڏي سو ڀلو آھي يا اُھو جنھن پنھنجي اڏاوت نئن جي ڪرندڙ ڀر تي اَڏي؟ پوءِ اُھا اڏيندڙ سميت دوزخ جي باھ ۾ ڪري، ۽ الله ظالمن جي قوم کي ھدايت نه ڪندو آھي.
1345 - جو بُڻياد بڻايائون سو سدائين سندين دلين ۾ شڪ (جو سبب) رھندو سندن دلين جي وڍڻ کانسواءِ نه ويندو، ۽ الله ڄاڻندڙ حڪمت وارو آھي.
1346 - الله مؤمنن کان سندن سر ۽ مال ھِن ڪري ڳڌا جو پڪ بھشت انھن لاءِ آھي، (اِھي) اُن (انجام) تي الله جي واٽ ۾ وڙھندا آھن پوءِ ماريندا (به) آھن ۽ ماربا (به) آھن، جو انجام توريت ۽ انجيل ۽ قرآن ۾ پڪي طرح ٿيل آھي، ۽ الله کان وڌيڪ پنھنجي انجام کي پورو ڪندڙ ڪير آھي؟ پوءِ جنھن سودي جو اوھان واپار ڪيو آھي تنھن تي خوش ٿيو، ۽ اِھا ئي وڏي مُراد ماڻڻ آھي.
1347 - اِھي توبه ڪندڙ عبادت ڪندڙ ساراھ ڪندڙ (خُدا جي واٽ ۾) مُسافري ڪندڙ رُڪوع ڪندڙ سجدو ڪندڙ چڱائيءَ جو حُڪم ڪندڙ ۽ مدائيءَ کان جھليندڙ ۽ الله جي حدن کي نگاہ ۾ رکندڙ آھن، ۽ (اھڙن) مؤمنن کي خوشخبري ڏي.
1349 - ۽ ابراھيم جو پنھنجي پيءُ لاءِ بخشش گھرڻ انجام کانسواءِ نه ھو جو اُن ساڻس انجام ڪيو ھو، پوءِ جنھن دم کيس پڌرو ٿيو ته اُھو الله جو ويري آھي (ته ھڪدم) کانئس بيزار ٿيو، بيشڪ ابراھيم بلڪل ڪئنري دل وارو بُردبار ھو.
1350 - ۽ الله جو ڪم نه آھي جو ڪنھن قوم کي سڌي رستي ڏيکارڻ کانپوءِ گمراہ ڪري جيسين اُھي (ڳالھيون) اُنھن لاءِ پڌريون (نه) ڪري جن کان انھن کي بچڻ گھرجي بيشڪ الله ھر شيء ڄاڻندڙ آھي.
1351 - بيشڪ آسمانن ۽ زمين جي بادشاھي الله جي ئي آھي، (اُھو) جياري ٿو ۽ ماري ٿو، ۽ الله کانسواءِ اوھان جو نڪو دوست ۽ نڪو مدد ڏيندڙ آھي.
1352 - پيغمبر ۽ انھن مھاجرن ۽ انصارن تي بيشڪ الله ٻاجھ سان موٽيو جن سوڙھ جي وقت ۾ پيغمبر جي تابعداري ڪئي اُن کانپوءِ جو منجھائن ھڪ ٽوليءَ جون دليون لڏي وڃڻ تي ويجھيون ھيون وري (الله) مٿن ٻاجھ سان موٽيو، ڇوته اُھو مٿن شفقت ڪندڙ مھربان آھي.
1392 - ۽ جنھن ڏينھن انھن مڙني کي گڏ ڪنداسون وري مشرڪن کي چونداسون ته اوھين ۽ اوھان جا (الله سان ٺھرايل) شريڪ پنھنجي ھنڌ بيھو، پوءِ سندن وچ ۾ جدائي وجھنداسون ۽ سندن شريڪ چوندا ته (اوھين) اسان کي نه پوڄيندا ھيؤ.
1353 - ۽ انھن ٽن تي (به) جيڪي پوئتي رھايل، ايتري قدر جو زمين ايتري ويڪرائي ھوندي به مٿن سوڙھي ٿي وئي ھئي ۽ سندن ساہ مٿن منجھيا ھوا ۽ ڀانيائون ته (ھاڻي) الله کانسواءِ ڪا جاءِ پناھ جي نه آھي، وري مٿن ھِن لاءِ ٻاجھ سان موٽيو ته توبه ڪن، تحقيق الله توبه قبول ڪندڙ مھربان آھي.
1354 - اي ايمان وارؤ الله کان ڊڄو ۽ سچن سان گڏ ھجو.
1355 - مديني وارن ۽ سندس آس پاس وارن بدوين کي نڪي الله جي پيغمبر کان (جھاد ۾) پوءِ تي رھڻ ۽ نڪي سندس وجود کان پاڻ کي پيارو رکڻ جڳائي، اھو ھن ڪري جو کين نڪي اُڃ ۽ نڪي ڏُک ۽ نڪي بُک الله جي واٽ ۾ پھچندي آھي ۽ نڪي اھڙي ھنڌ ويندا آھن جتي ڪافر ڪاوڙجن ۽ نڪي دشمن کي (ڪو) اھنج پھچائيندا آھن پر انھن لاءِ ھر ھڪ (ڳالھ) بابت چڱو عمل لکيو ويندو آھي، تحقيق الله ڀلارن جو اَجر نه وڃائيندو آھي.
1356 - ۽ ڪوبه خرچ ٿورو يا گھڻو نه ڪندا آھن ۽ نڪو ڪو ميدان لنگھندا آھن پر انھن لاءِ (چڱو عمل) ھن لاءِ لکيو ويندو آھي ته جيڪو تمام چڱو ڪم ڪندا آھن تنھنجو الله کين بدلو ڏئي.
1357 - ۽ مؤمنن کي نه جڳائيندو آھي جو مڙيئي (گڏ) نڪرن، پوءِ ٽوليءَ مان ڪي ڄڻا منجھائن ھن لاءِ ڇونه نڪرندا آھن ته دين ۾ عالِم ٿين ۽ جڏھن پنھنجي قوم ڏانھن موٽي وڃن ته ان کي ڊيڄارين ته مانَ اُھي ڊڄن.
1358 - اي مؤمنو ڪافرن مان جيڪي اوھان جي آس پاس آھن تن سان وڙھو ۽ ڀَلي ته (اُھي) اوھان ۾ ڪا ڏاڍائي ڏسن، ۽ ڄاڻو ته الله پرھيزگارن سان گڏ آھي.
1359 - ۽ جڏھن ڪابه سُورة لاھبي آھي ته منجھائن ڪو اھڙو آھي جو چوندو آھي ته ھن سورة اوھان مان ڪھڙي جو ايمان وڌايو آھي؟ پوءِ جن ايمان آندو آھي تن جي ايمان کي وڌايو اٿس ۽ اُھي خوش ٿيندا آھن.
1360 - ۽ جن جي دلين ۾ بيماري آھي تن کي پليتي تي پليتي وڌائي اٿس ۽ اُھي ڪافر ٿي مُئا.
1361 - نه ڏسندا آھن ڇا ته ھر سال ھڪ ڀيرو يا ٻه ڀيرا سزا ڏني ويندي اٿن؟ وري نڪي توبه ڪندا آھن ۽ نڪي اُھي نصيحت وٺندا آھن.
1395 - چؤ ته اوھان کي آسمان ۽ زمين مان ڪير روزي ڏيندو آھي؟ ڪنن ۽ اکين جو ٻيو ڪير مالڪ آھي ڇا؟ ۽ ڪير جيئري کي مُئي مان ڪڍندو آھي؟ ۽ ڪير مُئي کي جيئري مان ڪڍندو آھي؟ ۽ ڪير ڪمن کي رٿيندو آھي، پوءِ سُتت ئي چوندا ته الله، پوءِ چؤ ته ڇونه ڊڄندا آھيو؟
1396 - پوءِ اُھو ئي اوھان جو سچو پالڻھار الله آھي، پوءِ سچ کانپوءِ گمراھيءَ کانسواءِ (ٻيو) ڇا آھي، پوءِ ڪيڏي جو ڪيڏي ڦيرايا وڃو ٿا؟
1397 - اھڙي طرح تنھنجي پالڻھار جو حُڪم انھن بدڪارن تي لازم ٿيو آھي جو اُھي ايمان نه آڻيندا.
1398 - چؤ ته اوھان جي معبودن مان ڪو آھي ڇا جو خلق کي نئي سر بڻائي وري کين (ماري) موٽائي جياري؟ چؤ ته الله نئي سر خلق کي بڻائي ٿو وري کيس موٽائي جياريندو پوءِ اوھين ڪيڏي جو ڪيڏي ڦيرايا ويندا آھيو.
1399 - چؤ ته اوھان جي معبودن مان ڪو آھي جو حق ڏانھن سِڌو رستو ڏيکاريندو آھي، چؤ ته الله سِڌو رستو ڏيکاريندو آھي، پوءِ جيڪو حق ڏانھن سِڌو رستو ڏيکاري سو تابعداري ڪرڻ جو وڌيڪ حقدار آھي يا اُھو جيڪو (پاڻ) رستي ڏيکارڻ کانسواءِ رستو نه لھندو ھُجي؟ پوءِ اوھان کي ڇا ٿيو، ڪھڙو نبيرو ڪريو ٿا؟
1400 - ۽ اُنھن مان گھڻا رڳو گُمان تي ھلندا آھن، بيشڪ گُمان سچ جي پورائي ڪجھ به نه ڪندو آھي، تحقيق جيڪي ڪندا آھن سو الله ڄاڻندڙ آھي.
1401 - ۽ ھي قُرآن الله کان سواءِ پاڻون ٺھيل نه آھي پر کانئس اڳ جيڪي ڪتاب آھن تن جو سچو ڪندڙ آھي ۽ حُڪمن کي کولي بيان ڪندڙ آھي منجھس ڪو شڪ نه آھي جھانن جي پالڻھار کان آھي.
1402 - يا چوندا آھن ته (ﷴ ﷺ) اُھو پاڻون ٺاھيو آھي، چؤ ته جيڪڏھن سچا آھيو ته جھڙيس ڪا سورة آڻيو ۽ الله کان سواءِ جنھن کي (سڏي) سگھو تنھن کي سڏيو.
1403 - بلڪ جنھن علم کي پھچي نه سگھيا تنھن کي ڪوڙ ڀانيائون ۽ اڃا وٽن سندس وعدن جي سچائي نه آئي آھي، جيڪي کائن اڳ ھوا تن به اھڙي طرح ڪوڙ ڀانيو ھو پوءِ ڏس ته ظالمن جي پڇاڙي ڪھڙي طرح ٿي؟
1404 - ۽ منجھائن ڪو اُن (قرآن) تي ايمان آڻيندو آھي ۽ منجھائن ڪو اُن تي ايمان نه آڻيندو آھي، تنھنجو پالڻھار فساد ڪندڙن کي چڱو ڄاڻندڙ آھي.
1422 - چؤ ته الله جي فضل سان ۽ سندس ٻاجھ سان (نازل ٿيو آھي) پوءِ اُن سان خوش ٿيڻ گھرجين، جو گڏ ڪندا آھن تنھن کان اُھو ڀلو آھي.
1423 - چؤ ته ڪي ڏسو ٿا ته الله روزيءَ مان جيڪي اوھان ڏانھن لاٿو آھي پوءِ منجھانئس اوھان (پاڻ) ڪُجھ حرام ۽ ڪُجھ حلال ڪيو آھي، چؤ ته الله اوھان کي موڪل ڏني آھي ڇا؟ يا الله تي ٺاھ ٺاھيندا آھيو؟
1424 - ۽ جيڪي الله تي ڪوڙ ٺاھيندا آھن تن کي قيامت جي ڏينھن ڪھڙو گمان آھي (ته کين) عذاب نه ڪندو ڇا؟ بيشڪ الله ماڻھن تي ضرور وڏي فضل ڪرڻ وارو آھي پر اُنھن مان گھڻا شڪرانو نه ڪندا آھن.
1425 - ۽ ڪنھن حال ۾ نه ھوندو آھين ۽ الله جي طرف کان آيل قرآن مان جيڪي نه پڙھندو آھين ۽ ڪوبه ڪم اوھين نه ٿا ڪريو جڏھن منجھس لڳا رھندا آھيو ته اسين ئي اوھان وٽ حاضر آھيون، ۽ تنھنجي پالڻھار کان ذري جيترو نڪي زمين ۾ نڪي آسمان ۾ ڳجھو رھندو آھي ۽ نڪي اُن کان ٿورو ۽ نڪي گھڻو پر (سڀ) پڌري ڪتاب ۾ (لکيل) آھي.
1426 - خبردار! الله جي پيارن کي نڪي ڀؤ آھي ۽ نڪي اُھي غمگين رھندا.
1427 - جن ايمان آندو ۽ پرھيزگاري ڪئي اٿن.
1428 - تن لاءِ دُنيا جي حياتي ۽ آخرت ۾ خوشخبري آھي، الله جي حُڪمن کي ڪا ڦير گھير ڪانھي، اھائي وڏي مُراد ماڻڻ آھي.
1429 - ۽ سندن چوڻ توکي نه ڏکوئي، بيشڪ سڀ غلبو الله جو ئي آھي، اُھو ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آھي.
1430 - خبردار بيشڪ جيڪي آسمانن ۾ آھي ۽ جيڪي زمين ۾ آھي سو الله جو آھي، ۽ جيڪي الله کانسواءِ ٻـين شريڪن جي عبادت ڪندا آھن سي (حقيقت ۾) گمان کانسواءِ ٻئي جي تابعداري نه ڪندا آھن ۽ اُھي رڳو اٽڪلون ڪندا آھن.
1435 - ۽ نُوح جو قصو کين پڙھي ٻُڌاءِ، جڏھن پنھنجي قوم کي چيائين ته اي منھنجي قوم جيڪڏھن منھنجو رھڻ ۽ الله جي آيتن سان منھنجي نصيحت ڏيڻ اوھان تي ڳوري ٿي آھي ته الله تي ڀروسو ڪيم پوءِ پنھنجي ڪم ۽ پنھنجن شريڪن جي مدد سان گڏجي صلاح ڪريو پوءِ اوھان جو ڪم اوھان کان ڳجھو رھجي نه وڃي ته پوءِ مون سان ڪري گذرو ۽ مون کي ڍر نه ڏيو.
1436 - پوءِ جيڪڏھن (منھنجي چوڻ کان) ڦريؤ (ته ڇا ٿيو) مون اوھان کان ڪو اجورو نه گھريو ھو، منھنجو اُجورو الله کانسواءِ ٻئي تي نه آھي ۽ مون کي حُڪم ڪيو ويو آھي ته مُسلمانن مان ھجان.
1437 - پوءِ کيس ڪوڙو ڀانيائون پوءِ کيس ۽ جيڪي ٻيڙي ۾ ساڻس ھوا تن کي بچايوسون ۽ کين انھن (ڪافرن) جو جانشين ڪيوسون ۽ جن اسان جي آيتن کي ڪوڙو ڀانيو تن کي ٻوڙيوسون، پوءِ ڏس ته جن کي ڊيڄاريو ويو تن جي پڇاڙي ڪھڙي طرح ٿي.
1438 - پوءِ اُن (نوح) کانپوءِ (گھڻا) پيغمبر سندن قوم ڏانھن موڪلياسون پوءِ وٽن پڌرن مُعجزن سان آيا پوءِ اھڙا نه ھوا جو جنھن شيء کي پھريائين ڪوڙ ڀانيو ھئائون تنھن تي ايمان آڻين، اھڙي طرح حد کان لنگھندڙن جي دلين تي مھر ھڻندا آھيون.
1452 - ۽ مُوسىٰ چيو ته اي اسان جا پالڻھار تو فرعون ۽ سندس سردارن کي سينگار ۽ (گھڻو) مال دنيا جي حياتيءَ ۾ (ھن لاءِ) ڏنو آھي ته اي اسان جا پالڻھار تنھنجي واٽ کان ماڻھن کي ڀُلائين، اي اسان جا پالڻھار سندن مال کي ناس ڪر ۽ سندين دلين مُھر ھَڻ جو جيستائين ڏکوئيندڙ عذاب (نه) ڏسن تيسين ايمان نه آڻين.
1453 - (الله) چيو ته بيشڪ اوھان (ٻنھي) جي دُعا قبول ڪئي وئي پوءِ ٻئي قائم رھو ۽ جيڪي نه ڄاڻندا آھن تن جي واٽ جي تابعداري نه ڪريو.
1454 - ۽ بني اسرائيلن کي سمنڊ کان (پار) لنگھايوسون پوءِ سندن پويان فرعون ۽ سندس لشڪر ظلم ۽ سرڪشي ڪرڻ لاءِ ايتري قدر سندن پُٺيان پيا جيسين ٻُڏا (فرعون) چيو ته ايمان آندم سچ آھي ته جنھن تي بني اسرائيلن ايمان آندو آھي تنھن کانسواءِ ڪوئي عبادت جو لائق نه آھي ۽ آءٌ مسلمانن منجھان آھيان.
1464 - ۽ ڪنھن ماڻھوءَ کي الله جي گھُر کانسواءِ مؤمن ٿيڻ جو اختيار نه آھي، ۽ جيڪي نه ڄاڻندا آھن تن تي (ڪفر جي) پليتي رکندو آھي.
1465 - چؤ ته نھاريو ته آسمانن ۽ زمين ۾ ڪھڙيون (سندن قدرتون) آُھن؟ ۽ نه مڃيندڙ قوم کي نشانيون ۽ ڊيڄارڻ فائدو نه ڏيندا آھن.
1466 - پوءِ اُنھن جھڙين مُصيبتن کانسواءِ انتظار نه ڪندا آھن جيڪي کانئن اڳ گذري ويون، (کين) چؤ ته انتظار ڪريو آءٌ به اوھان سان گڏ انتظار ڪندڙن مان آھيان.
1467 - وري اسين پيغمبرن کي ۽ جن ايمان آندو تن کي بچائيندا آھيون اھڙي طرح اسان تي حق آھي ته مؤمنن کي بچايون.
1468 - چؤ ته اي ماڻھؤ جيڪڏھن منھنجي دين کان شڪ ۾ آھيو ته (ٻُڌو ته) الله کانسواءِ جن کي پوڄيندا آھيو تن کي نه پوڄيندس پر اُن الله کي پوڄيندس جيڪو اوھان کي ماريندو آھي، ۽ مُون کي حڪم ڪيو ويو آھي ته مؤمنن مان ھجان.
1469 - ۽ (ھيءَ) ته پنھنجي مھاڙ کي حنيف دين لاءِ بيھڪ وٺاءِ، ۽ مُشرڪن مان نه ھُج.
1484 - پر جن صبر ڪيو ۽ چڱا ڪم ڪيا، تن لاءِ بخشش ۽ وڏو اجر آھي.
1485 - پوءِ (اي پيغمبر) جيڪي توڏانھن وحي ڪجي ٿو تنھن مان متان ڪي ڇڏي ڏئين ۽ (پڻ) متان دل تنگ ڪرين ڪافرن جي ھن چوڻ تي ته مٿس خزانو ڇونه لاٿو ويو يا ملائڪ ساڻس ڇونه آيو، (نه ڇڏ ۽ نه دل تنگ ڪر) ڇوته تون ڊيڄاريندڙ ئي آھين ۽ الله ھر شيء جو سنڀاليندڙ آھي.
1486 - بلڪ (ائين) به چون ٿا ته اُھو (قرآن) پاڻ ٺاھيو اٿس، چؤ ته جيڪڏھن سچا آھيو ته (اوھين به) اُن جھڙيون ڏہ سورتون پاڻون ٺاھيل آڻيو ۽ الله کانسواءِ (ٻـين) جن کي سڏي سگھو تن کي سڏيو.
1487 - پوءِ جيڪڏھن اوھان جو (اھو چوڻ) قبول نه ڪن ته ڄاڻو ته (اُھو قرآن) رڳو الله جي علم سان لاٿو ويو آھي ۽ (ڄاڻو) ته ان کانسواءِ ٻيو ڪو عبادت جو لائق نه آھي، پوءِ اوھين اسلام تي (مُحڪم) ڇونه رھندؤ.
1488 - جيڪو دنيا جي حياتي ۽ سندس سينگار گھرندو ھجي تن کي دنيا ۾ (ئي) سندن عملن جو اجورو پورو ڏينداسون ۽ انھن کي اُن ۾ گھٽ نه ڏبو.
1490 - (اُھو ماڻھو گمراھن جھڙو نه آھي) جيڪو پنھنجي پالڻھار (جي طرف) کان پڌري حجت تي ھجي ۽ الله کان اُن لاءِ شاھد (يعني قرآن پڙھندو) ھجي ۽ اُن (قرآن) کان اڳ موسىٰ جو ڪتاب (توريت) امام ۽ رحمت (به گواہ ھجي)، اِھي (ماڻھو) اُن (قرآن) تي ايمان آڻين ٿا، (پوءِ انھن جي سڀني) ٽولين مان جيڪو اُن (قرآن) جو انڪار ڪندو تنھن جي رھڻ جو ھنڌ باھ آھي، تنھنڪري (تون) کانئس شڪ ۾ نه ھُج، اُھو تنھنجي پالڻھار جي پار کان حق (لٿو) آھي پر گھڻا ماڻھو ايمان نه ٿا آڻين.
1491 - ۽ جيڪو الله تي ڪوڙو ٺاھ ٺاھي تنھن کان وڌيڪ ظالم ڪير آھي، اھي پنھنجي پالڻھار جي آڏو ڪيا ويندا ۽ شاھد چوندا ته اھي آھن جن پنھنجي پالڻھار تي ڪوڙ چيو، خبردار (انھن) ظالمن تي الله جي لعنت آھي.
1492 - جيڪي الله جي واٽ کان جھليندا آھن ۽ ان جي ڏنگائي گھرندا آھن، ۽ اُھي ئي آخرت کي نه مڃيندا آھن.
1493 - اُھي مُلڪ ۾ ڪڏھن عاجز ڪرڻ وارا نه آھن ۽ الله کانسواءِ (ٻيا ڪي) انھن جا مددگار نه آھن، انھن کي ٻيڻو عذاب ڪيو ويندو، جو ٻُڌي نه ٿي سگھيا ۽ نه ٿي ڏٺائون.
1494 - اِھي اُھي آھن جن پاڻ کي ڇيئو لاتو ۽ جيڪو ٺاھ ٺاھيندا ھوا سو کانئن ڀلجي ويو.
1507 - ۽ جيڪڏھن آءٌ اوھان کي نصيحت ڏيڻ گھران ته جيڪڏھن الله اوھان جو ڀُلائڻ گھرندو ته منھنجي نصيحت اوھان کي ڪو نفعو نه ڏيندي، اُھو اوھان جو پالڻھار آھي، ۽ ڏانھس موٽايا ويندؤ.
1530 - پوءِ جيڪڏھن ڦرندؤ ته (مون کي ڇا ٿيندو) بيشڪ جنھن پيغام سان اوھان ڏانھن موڪليو ويو آھيان سو اوھان کي پھچايم، ۽ منھنجو پالڻھار اوھان کانسواءِ ٻيءَ قوم کي اوھان جي جاءِ تي وھاريندو، ۽ اوھين کيس ڪُجھ ذرو نقصان پھچائي نه سگھندؤ، بيشڪ منھنجو پالڻھار سڀني شين تي نگھبان آھي.
1531 - ۽ جنھن مھل اسان جو عذاب پھتو (تنھن مھل) ھود کي ۽ جن ساڻس ايمان آندو تن کي پنھنجي ٻاجھ سان بچايوسون، ۽ کين سخت عذاب کان ڇڏايوسون.
1532 - ۽ اھو حال عادين جو آھي جو پنھنجي پالڻھار جي نشانين جو انڪار ڪيائون ۽ پنھنجي پيغمبرن جي نافرماني ڪيائون ۽ سڀڪنھن ھٺيلي فساديءَ جي حُڪم جا تابعدار ٿيا.
1533 - ۽ ھن دُنيا ۾ (به) ۽ قيامت جي ڏينھن (به) پويان لعنت لاتي وين، خبردار تحقيق عادين پنھنجي پالڻھار جو انڪار ڪيو، خبردار عادين کي لعنت ھجي جو ھود جي قوم ھوا.
1534 - ۽ ثمود جي قوم ڏانھن سندن ڀاءُ صالحؑ کي موڪليوسون، چيائين ته اي منھنجي قوم الله جي عبادت ڪريو ان کانسواءِ (ڪو ٻيو) معبود نه آھي، اُنھيءَ اوھان کي زمين مان پيدا ڪيو ۽ منجھس اوھان کي آباد ڪيائين تنھنڪري کانئس بخشش گھرو وري سندس اڳيان توبه ڪريو، بيشڪ منھنجو پالڻھار ويجھو (۽) قبول ڪندڙ آھي.
1535 - چيائون ته اي صالح ھن کان اڳ بيشڪ اسين تو ۾ (ڪيئي) اُميدون رکندا ھواسون (جي ھاڻي بند ٿيون) اسان جي ابن ڏاڏن جن کي پوڄيو تن جي پوڄڻ کان اسان کي ڇو ٿو جھلين؟ ۽ جنھن ڏانھن اسان کي سڏين ٿو تنھن کان اسين بلڪل شڪ ۾ پيل آھيون.
1536 - (صالح) چيو ته اي منھنجي قوم (مون کي اوھين) ڏسو ته سھين ته جيڪڏھن آءٌ پنھنجي پالڻھار کان چٽيءَ حُجت تي ھجان ۽ پنھنجي طرف کان مون تي ٻاجھ ڪئي ھجيس ته جيڪڏھن (آءٌ اوھان جو چيو مڃي) سندس نافرماني ڪريان ته الله کان مون کي ڪير ڇڏائيندو؟ پوءِ اوھان مون لاءِ رڳو نقصان وڌايو؟
1537 - ۽ اي منھنجي قوم ھيءَ الله جي ڏاچي اوھان لاءِ نشاني (مُعجزو) آھي پوءِ ان کي ڇڏيو ته الله جي زمين ۾ (جتي وڻيس اُتي) چَري ۽ ان کي ڪو ايذاءُ نه پھچايو نه ته پوءِ اوھان کي ستت ئي عذاب اچي وٺندو.
1539 - پوءِ جنھن مھل اسان جو عذاب آيو (تنھن مھل) صالح ۽ جن ساڻس ايمان آندو ھو تن کي پنھنجي ٻاجھ سان بچايوسون ۽ قيامت جي ڏينھن جي خواري کان (به) تحقيق تنھنجو پالڻھار طاقت وارو ۽ غالب آھي.
1552 - چيائون ته تون پڪي طرح ڄاڻي چڪو آھين ته اسان کي تنھنجي ڌيئرن ۾ ڪا احتياجي ڪانه آھي، ۽ توکي ته معلوم آھي جو اسين گھرون ٿا.
1553 - (لُوط) چيو ته جيڪڏھن مون کي اوھان سان مقابلي جي سگھ ھجي ھا يا ڪنھن ڏاڍي اوٽ جي پناھ وٺان ھا (ته جيڪي ڪرڻو ھو سو ڪريان ھا).
1554 - (ملائڪن) چيو ته اي لُوط اسين تنھنجي پالڻھار جا موڪليل آھيون (اُھي) تو وٽ ڪڏھن نه پھچي سگھندا پوءِ (تون) پنھنجي گھر وارن سوڌو ڪجھ رات ڏئي نِڪر ۽ اوھان کي جڳائي ته ڪو ھڪڙو پوءِ تي ڪافرن جي عذاب ڏانھن نه واجھائي پر تنھنجي زال (واجھائيندي)، ھن ڪري ته جو (عذاب) اُن (ڪافرن جي) قوم کي پھچندو سو اُن کي (به) پھچڻو آھي، سندن (عذاب پھچڻ جي) انجام جي مھل صبح آھي، صُبح ويجھو نه آھي ڇا؟
1555 - پوءِ جنھن مھل اسان جو حُڪم پھتو ته اُن (ڳوٺ) کي ھيٺ مٿي ڪيوسون ۽ اُن تي پڪي مٽيءَ جا ڳوڙھا لڳولڳ وسايا سون.
1556 - جو تنھنجي پالڻھار وٽان نشان ٿيل ھوا، ۽ اُھا (سزا) ظالمن کان پري نه ھئي.
1557 - ۽ مدين (جي قوم) ڏانھن سندن ڀاءُ شعيبؑ کي موڪليوسون، (شعيب) چيو ته اي منھنجي قوم الله جي عبادت ڪريو اُن کانسواءِ اوھان جو ڪو معبُود ڪونھي، ۽ ماڻ ۽ تور گھٽائي نه ڏيو آءٌ اوھان کي آسودو ڏسان ٿو آءٌ اوھان تي وڪوڙيندڙ ڏينھن جي عذاب (پھچڻ) کان ڊڄان ٿو.
1558 - ۽ اي منھنجي قوم ماڻ ۽ تور انصاف سان پوري ڏيو وٺو ۽ ماڻھن کي سندين شيون گھٽائي نه ڏيو ۽ نڪي مُلڪ ۾ فسادي ٿي بگيڙو وجھو.
1559 - جيڪڏھن اوھين مؤمن آھيو ته الله جي بچايل بچت اوھان لاءِ ڀلي آھي، ۽ آءٌ اوھان تي نگھبان نه آھيان.
1560 - چيائون ته اي شعيب تنھنجي نماز توکي حڪم ڪيو آھي ڇا ته جنھن کي اسان جا ابا ڏاڏا پوڄيندا ھوا تنھن کي يا پنھنجن مالن ۾ جيڪي ڪرڻ گھرندا آھيون سو ڇڏي ڏيون، (چٿر ڪري چيائون) ته بيشڪ بردبار سنئين رستي وارو آھين.
1561 - (شعيبؑ) چيو ته اي منھنجي قوم (اوھين ڏسو ته سھي ته آءٌ) جيڪڏھن پنھنجي پالڻھار کان چِٽي حُجّت تي ھجان ۽ پنھنجي پار کان چڱي روزي مون کي ڏني ھجيس (ته اوھان جو چيو ڪئن مڃيندس) ۽ جنھن کان اوھان کي جھليان ٿو تنھن کان اوھان (کي جھلڻ) جي ابتڙ ھلڻ نٿو گھران، جيڪي ٿي سگھيم سو سڌارڻ کانسواءِ نه گھرندس، ۽ الله (جي فضل) کانسواءِ مون کي ڪا سگھ نه آھي، مٿس ڀروسو ڪيم ۽ ڏانھس موٽان ٿو.
1562 - ۽ اي منھنجي قوم اوھان کي مون سان دشمني ڪرڻ اھڙي عذاب جو سبب نه بڻجي جھڙو عذاب نوح جي قوم يا ھود جي قوم يا صالح جي قوم کي پُھتو، ۽ لُوط جي قوم اوھان کان ڪا پري نه آھي.
1564 - چيائون ته اي شعيب جيڪي تون چوين ٿو تنھن مان گھڻو نٿا سمجھون ۽ توکي پاڻ مان بلڪل ھيڻون ڏسون ٿا، ۽ جيڪڏھن تنھنجو ڪڙم نه ھجي ھا ته توکي پٿرن سان ماريون ھا، ۽ تون اسان تي ڪو سردار نه آھين.
1565 - (شعيب) چيو ته اي منھنجي قوم اوھان وٽ منھنجو ڪڙم الله کان وڌيڪ پيارو آھي ڇا؟ ۽ اُن (الله جي حُڪم) کي پنھنجي پٺيءَ پويان اُڇلي ڇڏيو اٿوَ، تحقيق جيڪي ڪندا آھيو سو منھنجي پالڻھار جي قابو ۾ آھي.
1566 - ۽ اي منھنجي قوم اوھين پنھنجي پر تي عمل ڪريو آءٌ (به) عمل ڪندڙ آھيان، سگھوئي ڄاڻندؤ ته ڪنھن کي عذاب پھچي ٿو جو کيس خوار ڪندو ۽ جيڪو ڪوڙو آھي تنھن کي به، ۽ انتظار ڪريو آءٌ (به) اوھان سان گڏ انتظار ڪندڙ آھيان.
1567 - ۽ جنھن مھل اسان جو عذاب آيو تنھن مھل شعيبؑ کي ۽ جن ساڻس ايمان آندو ھو تن کي پنھنجي ٻاجھ سان بچايوسون، ۽ ظالمن کي سخت ڪڙڪي (اچي) پڪڙيو پوءِ پنھنجن گھرن ۾ گوڏن ڀر مري ويا.
1568 - ڄڻڪ منجھن رھيا ئي نه ھوا، خبردار مدين وارن تي ڦِٽ ھجي جھڙي ثمود قوم تي لعنت ٿي.
1569 - ۽ بيشڪ موسىٰ کي پنھنجين نشانين ۽ پڌري حُجّت سان موڪليوسون.
1570 - فرعون ۽ سندس سردارن ڏانھن پوءِ (سڀ ماڻھو) فرعون جي حُڪم جي پويان لڳا، ۽ فرعون جو حُڪم سڌو نه ھو.
1572 - ۽ ھن (دنيا) ۾ (به) لعنت انھن کي پويان لڳائي ويئي ۽ قيامت جي ڏينھن (به) جيڪو (لعنت جو) انعام ملين سو بڇڙو آھي.
1573 - (اي پيغمبر) اھي ڳوٺن جون خبرون آھن جي توتي بيان ڪريون ٿا انھن مان (ڪي) قائم (آھن) ۽ (ڪي) ناس ٿيل.
1574 - ۽ اسان انھن تي ظلم نه ڪيو پر ھنن پاڻ تي (پاڻھين) ظلم ڪيو پوءِ جنھن مھل تنھنجي پالڻھار جو حُڪم پھتو (ته) سندن معبودن جن کي الله کان سواءِ سڏيندا ھوا کائن ڪُجھ به نه ٽاريو، ۽ ھلاڪي کانسواءِ (ٻيو ڪي) کين نه وڌايائون.
1575 - ۽ ائين تنھنجي پالڻھار جو اُن مھل ڳوٺن (وارن) کي اُن حالت ۾ پڪڙڻ ٿيندو آھي جڏھن اُھي ظُلم ڪندڙ ٿيندا آھن، بيشڪ سندس پڪڙ سخت ڏکوئيندڙ آھي.
1576 - بيشڪ ان (ڳالھ) ۾ انھيءَ لاءِ نشاني آھي جو آخرت جي عذاب کان ڊنو، اِھو اُھو ڏينھن آھي جنھن ۾ ماڻھن کي ميڙبو ۽ اِھو اُھو ڏينھن آھي جنھن ۾ (سڀ) حاضر ٿيندا.
1577 - ۽ مُقرّر مُدت کانسواءِ ان کي نه ٿا ڍر ڏيون.
1611 - پوءِ جنھن مھل کيس نيائون (ته) اُن کي کوھ جي تري ۾ اڇلڻ جي پڪ ڪيائون، ۽ ڏانھس وحي ڪيوسون ته سندن ھن واقعي جي کين ضرور سڌ ڏيندين ۽ اُھي (توکي) نه ڄاڻندا.
1612 - ۽ پنھنجي پيءُ وٽ رات جو روئيندا آيا.
1613 - چيائون ته اي بابا اسين ڊڪون پورائڻ وياسون ۽ يُوسف کي پنھنجي وسلن تي ڇڏيوسون پوءِ اُن کي بگھڙ کاڌو ۽ توڻي اسين سچا آھيون ته به تون اسان کي وسھندڙ نه ٿيندين.
1614 - ۽ سندس پھراڻ تي ڪوڙو رت لائي آندائون، (يعقوب) چيو ته (ائين نه آھي) بلڪ اوھان جي نفسن اوھان لاءِ (اُن) ٺاھ کي ٺاھيو آھي، تنھنڪري (مون کي) چڱو صبر ڪرڻ گھرجي، ۽ جيڪي اوھين بيان ڪندا آھيو تنھن تي الله کان مدد گھري وڃي ٿي.
1616 - ۽ کيس (ڀائرن) ھلڪيءَ بھا سان وڪيو جو ڪي ٿورا پئسا ھوا، سندس حق ۾ بيزاري ڪندڙ ھوا.
1617 - ۽ مصر وارن مان جنھن کيس ڳڌو تنھن پنھنجي زال (زليخا) کي چيو ته ھن جي چڱي تعظيم ڪج مانَ اسان کي ڪو فائدو ڏئي يا کيس پٽيلو ڪري رکون، ۽ ا ھڙي طرح يُوسفؑ کي مصر ۾ جاءِ ڏني سون، ۽ ھن لاءِ ته کيس خوابن جو تعبير سيکاريون، ۽ الله پنھنجي ڪم تي غالب آھي پر گھڻا ماڻھو نه ڄاڻندا آھن.
1618 - ۽ جنھن مھل (يُوسفؑ) پنھنجي جوانيءَ کي پھتو (ته) حِڪمت ۽ علم ڏنوسون، ۽ اھڙي طرح ڀلارن کي بدلو ڏيندا آھيون.
1619 - ۽ جنھن زال جي گھر ۾ اُھو ھو تنھن سندس نفس کي راڻيو ٿي ۽ دروازا بند ڪيائين ۽ چيائين ته اوري آءُ، (يوسف) چيائين ته الله جي پناھ گھريم انھي منھنجي نپائيندڙ (يعني عزيز) مون کي چڱي ھنڌ رکيو آھي، ھيءَ (ڳالھ) سچي آھي ته ظالم نه ڇٽندا.
1620 - ۽ بيشڪ (اُھا) ان ڏانھن لڙي ۽ (يُوسفؑ) به اُن ڏانھن لڙيو، جيڪڏھن پنھنجي پالڻھار جو دليل نه ڏسي ھا (ته جيڪي ٿيڻو ھو سو ٿئي ھا)، اھڙي طرح (انھي ڪري ٿيو) ته بڇڙائي ۽ بي حيائي کانئس ٽاري سون، سچ آھي ته اھو اسان جي خالص ٻانھن مان ھو.
5776 - (ڌيان ڪري ته الله) ڪھڙي شيءَ مان پيدا ڪيس.
1621 - ۽ ٻئي دروازي ڏانھن ڊوڙيا ۽ زال ان (يُوسف) جو پھراڻ پٺيءَ کان ڦاڙيو ۽ سندس مڙس کي دروازي وٽ مليا، (زليخا) چيو ته جيڪو تنھنجي گھر واريءَ سان مدائي ڪرڻ جو ارادو ڪري تنھنجي سزا قيد ڪرڻ يا ڏکوئيندڙ عذاب کانسواءِ (ٻي ڪا) نه آھي.
1628 - (زليخا) چيو اِھو اُھو آھي جنھن (جي محبت) ۾ اوھين مون کي ٽوڪينديون ھُيؤ، ۽ بيشڪ سندس نفس کان کيس راڻيم ٿي پوءِ پاڻ بچايائين، ۽ کيس جيڪي حُڪم ڪريان ٿي سو جيڪڏھن نه ڪندو ته ضرور قيد ڪيو ويندو ۽ ضرور بي فرمانن مان ٿيندو.
1629 - (يُوسفؑ) چيو اي منھنجا پالڻھار جنھن (ڪم) ڏانھن مون کي سڏين ٿيون تنھن کان مون کي قيد پسند آھي، ۽ جيڪڏھن سندن مڪر مون کان نه ٽاريندين ته انھن ڏانھن لڙندس ۽ جاھلن مان ٿيندس.
1630 - پوءِ سندس پالڻھار ان جي دُعا قبول ڪئي ۽ کانئس اُنھن جو مڪر ٽاريائين، ڇوته اُھو ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آھي.
1631 - وري به نشانين جي ڏسڻ کان پوءِ کين ھيءَ (ڳالھ) نظر آئي ته ڪجھ وقت تائين کيس ضرور قيد وجھن.
1632 - ۽ ساڻس ٻه جوان قيد ۾ گھڙيا، انھن مان ھڪ چيو ته مون پاڻ کي (ننڊ ۾) ڏٺو ته شراب نپوڙيان ٿو، ۽ ٻئي چيو ته مون پاڻ کي مٿي تي ماني کڻندو ۽ منجھانئس پکين کي کائيندو ڏٺو، اسان کي اُن جي تعبير جي خبر ڏي، بيشڪ اسين توکي ڀلارن مان ڏسون ٿا.
1633 - (يُوسفؑ) چيو ته جيڪو طعام اوھين کائيندا آھيو سو اوھان وٽ ايندو ئي نه پر اوھان وٽ ان جي اچڻ کان اڳيئي سندس تعبير آءٌ اوھان کي ڏسيندس، اِھو (تعبير ڪرڻ) انھن (ڳالھين) مان آھي جي منھنجي رب مونکي سيکاريون آھن، بيشڪ مون اُن قوم جي پر ڦٽي ڪئي آھي جيڪي الله کي نه مڃيندا آھن ۽ اُھي آخرت جا به مُنڪر آھن.
1634 - ۽ پنھنجي پيءُ ڏاڏن ابراھيمؑ ۽ اسحاقؑ يعقوبؑ جي دين جي پيروي ڪئي اٿم، ڪنھن شيءِ کي الله سان شريڪ ڪرڻ اسان کي نه جڳائيندو آھي، اھو اسان تي ۽ ٻـين ماڻھن تي الله جو فضل آھي پر گھڻا ماڻھو شڪرانو نه ڪندا آھن.
1635 - اي منھنجا سنگتي قيدي (ھيءَ ڳالھ سمجھندا آھيو ته) ڌارو ڌار گھڻا رب چڱا آھن يا اڪيلو غالب الله (چڱو آھي)؟
1636 - الله کانسواءِ جن جي اوھين پوڄا ڪندا آھيو اُھي رڳو نالا آھن جي اوھان ۽ اوھان جي پيءُ ڏاڏن نالا رکيا آھن انھن جي بابت الله ڪا سندَ نازل نه ڪئي آھي، الله کانسواءِ ٻئي ڪنھن جي حڪومت نه آھي، حُڪم ڪيائين ته خاص اُن (الله) کانسواءِ ڪنھن جي عبادت نه ڪريو، اُھو دين قائم آھي پر گھڻا ماڻھو نه ڄاڻندا آھن.
1646 - ۽ بادشاھ چيو ته يُوسفؑ کي مون وٽ آڻيو، جنھن مھل وٽس قاصد آيو (ته ان وقت يُوسفؑ) چيو ته پنھنجي بادشاھ ڏانھن موٽ پوءِ کانئس پُڇ ته انھن زالن جو ڪھڙو حال ھو جن پنھنجا ھٿ وڍيا، ڇوته منھنجو پالڻھار سندن مِڪر کي ڄاڻندڙ آھي.
1647 - (بادشاھ عورتن کان) پڇيو ته اوھان جو ڇا حال ھو جڏھن يُوسفؑ کي سندس نفس کان راڻيوَ ٿي، چيائون ته الله پاڪ آھي ڪا بُڇڙائي مٿس نه ڄاتي سون، عزيز جي زال چيو ته ھاڻي حق پڌرو ٿيو، مون کيس سندس نفس کان راڻڻ گھريو ھو ۽ اُھو بيشڪ سچن مان آھي.
1648 - (يُوسفؑ چيو ته) اِھو ھن لاءِ ھو ته (عزيز) ڄاڻي ته مون پرپٺ سندس خيانت نه ڪئي ھئي ۽ الله خيانت ڪندڙن جو فريب پورو ٿيڻ نه ڏيندو آھي.
1649 - ۽ (آءٌ) پنھنجي نفس کي پاڪ نٿو ڀانيان، تحقيق نفس بڇڙائيءَ ڏانھن ڇڪيندو آھي پر جنھن تي مُنھنجو رب رحم ڪري، بيشڪ منھنجو پالڻھار بخشڻھار مھربان آھي.
1660 - (يعقوب کين) چيو ته ھن جي نسبت اوھان تي اھڙو ئي اعتبار ٿو ڪريان جھڙو اڳ سندس ڀاءُ جي به نسبت اوھان تي اعتبار ڪيو ھوم، پوءِ الله چڱو نگھبان آھي، ۽ اُھو ٻاجھارن کان کان وڏو ٻاجھارو آھي.
1661 - پوءِ جنھن مھل پنھنجو سامان کوليائون (ته اُن وقت) پنھنجي موڙي پاڻ وٽ موٽايل ڏٺائون، چيائون ته اي اسان جا ابا (ٻيو) اسان کي ڇا گھرجي، (جو) ھي اسان جي موڙي اسان ڏانھن وري موٽايل آھي (ته موٽي وڃون)، ۽ پنھنجن گھر وارن لاءِ اَن آڻيون ۽ پنھنجي ڀاءُ جي نگھباني ڪنداسون ۽ ھڪ اُٺ جو بار وڌيڪ به وٺنداسون، اِھو (جيڪي اَن آندو اٿئون سو) ماڻ ٿورو آھي.
1662 - (يعقوب کين) چيو ته (آءٌ) اوھان سان ان کي (ايسين) ڪڏھن نه موڪليندس جيسين مون وٽ انجام ڪري الله جو سُنھن (نه) کڻندؤ ته اوھين ڪنھن اوکائي پوڻ کانسواءِ ان کي مون وٽ ضرور آڻيندؤ، پوءِ جنھن مھل کيس پنھنجو پڪو انجام ڏنائون (ته يعقوب) چيو ته جيڪي اسين چئون ٿا تنھن تي الله نگھبان آھي.
1663 - ۽ چيائين ته اي پٽؤ اوھين ھڪ دروازي کان نه گھِڙجو ۽ الڳ الڳ دروازن مان گھڙجو، ۽ آءٌ اوھان کان الله جي تقدير مان ڪابه شيء ٽاري نه ٿو سگھان، الله کانسواءِ (ٻئي) ڪنھن جو حُڪم نه آھي، مٿس ڀروسو ڪيم، ۽ سڀڪنھن ڀروسي ڪندڙ کي مٿس ڀروسو ڪرڻ گھرجي.
1664 - ۽ جھڙي طرح سندن پيءُ کين حُڪم فرمايو ھو تھڙي طرح جنھن مھل (مصر جي دروازن کان) گھڙيا، (تنھن مھل جيڪا سختي پھچين ھا) ته سندن پيءُ الله جي تقدير مان کائن ڪجھ به ٽاري نه ٿي سگھيو (اھو حُڪم ڪرڻ) يعقوب جي دل ۾ رڳو ھڪ خيال ھو جو اُن کي پورو ڪيائين، ۽ جيڪي کيس سيکاريو ھوسون تنھن سببان (اُھو) علم وارو ھو پر گھڻا ماڻھو نه ڄاڻندا آھن.
1671 - چيائون ته اُن جي سزا (ھيء) آھي ته جنھنجي مڏيءَ مان اُھو لڌو سو (پاڻ) ان جو بدلو آھي، اھڙي طرح اسين ظالمن کي سزا ڏيندا آھيون.
1672 - پوءِ (يُوسف) پنھنجي ڀاءُ جي ٻوري (ڳولڻ) کان اڳ انھن (ٻـين) جون ٻوريون ڳولڻ شروع ڪيون وري اُھو (پيالو) پنھنجي ڀاءُ جي ٻوري مان ڪڍيائين، اھڙي طرح يُوسف کي تجويز سيکاري سون، جو بادشاہ جي قانون موجب پنھنجي ڀاءُ کي الله جي گھُر کانسواءِ وٺي نٿي سگھيو، جنھن کي گھرندا آھيون تنھن کي درجن ۾ مٿاھون ڪندا آھيون، ۽ ھر ڪنھن سياڻي جي مٿان سياڻو آھي.
1676 - جنھن مھل کانئس نا اميد ٿيا (تنھن مھل) نويڪلا ٿي صلاح ڪندڙ ٿيا، سندن وڏي (ڀاءُ) چيو ته نه ڄاڻندا آھيو ڇا؟ ته اوھان جي پيءُ اوھان کان الله جو پڪو انجام قسم تي ورتو آھي ۽ اڳ اوھان يوسف جي نسبت ۾ ڪجھ نه گھٽايو ھو، تنھنڪري (جيسين) منھنجو پيءُ مون کي موڪل (نه) ڏيندو يا الله مون لاءِ حُڪم نه ڪندو تيسين آءٌ ھن مُلڪ مان ڪڏھن نه نڪرندس، ۽ اُھو چڱو حُڪم ڏيڻ وارو آھي.
1677 - اوھين پنھنجي پيءُ وٽ موٽي وڃو پوءِ چئو ته اي ابا تنھنجي پُٽ چوري ڪئي، ۽ جيڪو ڄاتوسون ان کانسواءِ ٻئي (ڳالھ) جي شاھدي نه ڏنيسون ۽ ڳُجھ (جي خبر) نه ڄاڻندا ھواسون.
1681 - (۽ سندس گھراڻي وارن) چيو ته الله جو قسم آھي ته تون سدائين يوسف کي ساريندو آھين جيسين بيمار ٿئين يا مري وڃين.
1682 - چيائين ته آءٌ پنھنجو ڏک ۽ بيقراري الله جي جناب ۾ بيان ڪندو آھيان ۽ الله جي طرف کان اھو ڄاڻندو آھيان جو اوھين نه ڄاڻندا آھيو.
1683 - اي منھنجا پٽؤ وڃو ۽ يُوسف ۽ سندس ڀاءُ جي ڳولا ڪريو ۽ الله جي رحمت کان نا اميد نه ٿيو، ڇوته الله جي ٻاجھ کان ڪافرن جي قوم کانسواءِ (ٻيو) ڪو (به) نا اميد نه ٿيندو آھي.
1684 - پوءِ جنھن مھل يوسف وٽ آيا (تنھن مھل) چيائون ته اي عزيز اسان کي ۽ اسان جي گھر وارن کي ڏک پھتو آھي ۽ نڪمو سامان کڻي آيا آھيون پوءِ اسان کي پوري مئپ ڏي ۽ اسان کي (ڪجھ) خيرات (به) ڏي، ڇوته الله خيرات ڪندڙن کي چڱو بدلو ڏيندو آھي.
1695 - جنھن مھل يُوسف وٽ پُھتا (ته اُن وقت) پنھنجي ماءُ پيءُ کي پاڻ وٽ جاءِ ڏنائين ۽ چيائين جيڪڏھن الله گھريو ته مصر ۾ بي ڀوا ٿي گِھڙو.
1696 - ۽ پنھنجي ماءُ پيءُ کي تخت تي وھاريائين ۽ اُھي ڏانھس سجدو ڪندي ڪريا، ۽ (يُوسف) چيو ته اي منھنجا ابا ھيءُ منھنجي اڳين خوابن جو تعبير آھي، بيشڪ منھنجي پالڻھار ان کي سچو ڪيو، ۽ (الله) مون سان تڏھن بيشڪ احسان ڪيو جڏھن مون کي قيد مان ٻاھر ڪڍيائين ۽ منھنجي ۽ منھنجي ڀائرن جي وچ ۾ شيطان جھيڙو وڌو تنھن کانپوءِ اوھان کي ٻھراڙيءَ کان (شھر) ۾ آندائين، ڇوته منھنجو پالڻھار جنھن لاءِ وڻيس تنھن تي احسان ڪندڙ آھي، سچ آھي ته اُھو ڄاڻندڙ حڪمت وارو آھي.
1697 - (يُوسف چيو ته) اي منھنجا پالڻھار بيشڪ مون کي بادشاھي ڏني اٿئي ۽ مون کي خوابن جو تعبير سيکاريو اٿئي، اي آسمانن ۽ زمين جا بڻائيندڙ، تون دُنيا ۽ آخرت ۾ منھنجو وارث آھين، مون کي مسلمان ڪري مار ۽ مون کي صالحن سان شامل ڪر.
1732 - ۽ جيڪي الله جو انجام ان جي پڪي ڪرڻ کان پوءِ ڀڃندا آھن ۽ الله جن ڪمن جي ڳنڍڻ جو حُڪم ڪيو آھي سو ڇنندا آھن ۽ زمين ۾ فساد وجھندا آھن، انھن تي لعنت آھي ۽ انھن لاءِ بڇڙو گھر آھي.
1715 - سڀڪا مادي (پنھنجي پيٽ ۾) جيڪو (حمل) کڻندي آھي سو الله ڄاڻندو آھي ۽ ڳڀيرڻيون جيڪي گھٽائينديون آھن ۽ جيڪي وڌائينديون آھن (سو به ڄاڻندو آھي)، ۽ سڀڪا شيء وٽس اندازي سان آھي.
1716 - ڳجھ ۽ ظاھر جو ڄاڻندڙ وڏو مٿاھون آھي.
1717 - اوھان مان جيڪو ڳالھ ھوريان ڪري ۽ جيڪووڏي سڏ ڳالھائي ۽ جيڪو رات جو لِڪي ۽ ڏينھن جو پڌرو ٿي گھمي (سي سندس علم ۾) ھڪ جھڙا آھن.
1718 - اُن (ماڻھوءَ) لاءِ (ملائڪ پھريدار) ھڪ ٻئي پٺيان ايندڙ سندس پويان (مقرر) آھن جو الله جي حُڪم سان اُن جي نگھباني ڪندا آھن، بيشڪ الله ڪنھن قوم جي حالت کي (ايستائين) نه ڦيرائيندو آھي جيسين اُھي جيڪي سندين دلين ۾ آھي سو (پاڻ) نه ڦيرائين، ۽ جڏھن الله ڪنھن قوم جي مدائيءَ جو ارادو ڪندو آھي ته اُن کي ڪو ٽَرڻ ڪونه آھي، ۽ نڪي انھن جو الله کانسواءِ ڪو مددگار آھي.
1721 - کيس (ھر حال ۾) سڏڻ حق آھي، ۽ (ڪافر) الله کانسواءِ جن کي سڏيندا آھن سي (ٻي) ڪنھن (به) طرح ورندي ڏئي نه سگھندا (انھن سڏيندڙن جو مثال) رڳو انھيءَ (ماڻھوءَ) وانگر آھي جو پنھنجو ٻُڪ پاڻيءَ ڏانھن ھن لاءِ ڊگھيڙيندڙ ھجي ته پاڻي سندس وات ۾ پوي ۽ اُھو پاڻي سندس وات ۾ پوڻ وارو نه آھي، ۽ ڪافرن جو سڏڻ رڳو گمراھيءَ ۾ ھجڻ آھي.
1722 - ۽ جيڪي آسمانن ۽ زمين ۾ آھي سي سَرھا ٿي ۽ ارھا ٿي الله کي سجدو ڪندا آھن ۽ سندن پاڇا (به) صبح جو ۽ سانجھيءَ جو (سجدو ڪندا آھن).
1723 - (اي پيغمبر کانئن) پُڇ ته آسمانن ۽ زمين جو پالڻھار ڪير آھي، (سندن پاران) چؤ ته الله، (وري کانئن) پڇا ڪر ته پوءِ الله کانسواءِ ٻيا اھڙا مددگار ڇو ورتا اَٿو جي پنھنجي جيئن کي نڪي سُک ۽ نڪي ڏک پھچائي سگھندا آھن؟ (۽ اي پيغمبر کين) چؤ ته انڌو ۽ سڄو ڪو برابر آھي ڇا؟ يا اونداھيون ۽ سوجھرو برابر آھن ڇا؟ الله لاءِ (اھڙا) شريڪ مُقرر ڪيا اٿن ڇا جو (انھن) الله جي مخلوقات جھڙي (خلق) خلقي ھجي جو (اُھا) خلق مٿن ھڪ جھڙي ٿي پئي آھي، (اي پيغمبر کين) چؤ ته سڀڪنھن جو خلقڻھار الله آھي ۽ اُھوئي اڪيلو غالب آھي.
1724 - (جنھن) آسمان کان پاڻي وَسايو پوءِ نيون پنھنجي قدر سارو وھيون پوءِ ڇَر اُڀامندڙ گجيءَ کي کنيو، ۽ جيڪا شيء زيورن يا سامان جي طلب ڪرڻ لاءِ باھ ۾ ڳاريندا آھن اُن تي اُن جھڙي گجي (ٿيندي) آھي، اھڙي طرح الله کَري ۽ کوٽي جو مثال ڏيندو آھي، پر گجي ته گُم ٿي ويندي آھي، ۽ جا شيء ماڻھن کي نفعو ڏيندي آھي سا زمين ۾ رھندي آھي، اھڙي طرح الله مثال ڏيندو آھي.
1725 - جن پنھنجي پالڻھار جو حُڪم قبول ڪيو تن لاءِ ڀلائي آھي، ۽ جيڪي سندس (حُڪم) قبول نه ٿا ڪن سي جيڪي زمين ۾ آھي سو سڀ ۽ پڻ اوترو ساڻس (ٻيو) انھن کي ھجي جيڪڏھن عوض ڏين (ته به قبول نه ڪبو)، انھن لاءِ حساب جي سختي آھي، ۽ سندين جاءِ دوزخ آھي، ۽ اُھا بڇڙي جاءِ آھي.
1738 - ۽ جيڪڏھن سچ پچ قرآن اھڙو ھجي ھا جو اُن سان جبل ھلائجن ھا يا اُن سان زمين ٽڪر ٽڪر ڪجي ھا يا اُن سان مئلن کي ڳالھرائجي ھا (ته به اُھي ايمان نه آڻين ھا) بلڪ سڀ ڪم الله جي وس ۾ آھن، اڃا مؤمنن نه ڄاتو آھي ڇا ته جيڪڏھن الله گھُري ھا ته سڀني ماڻھن کي ھدايت ڪري ھا، ۽ ڪافرن کي سندن ڪرتوتن سببان سدائين سزا پھچندي آھي يا ايستائين سندن گھرن جي آس پاس پئي پھچندي جيسين الله جو انجام ايندو، بيشڪ الله پنھنجي انجام کي نه ڦيرائيندو آھي.
1740 - سڀڪنھن ماڻھو جيڪي ڪمايو تنھن جي جيڪو خبر رکندڙ ھجي (سو بيخبر بتن جھڙو آھي) ڇا؟ ۽ (ڪافرن) الله جا شريڪ مقرّر ڪيا آھن، (اي پيغمبر کين) چؤ ته اُنھن (جي وصفن) جا نالا بيان ڪريو، يا کيس اُھو جتائيندا آھيو ڇا جيڪي (ھو) زمين ۾ نه ڄاڻندو آھي؟ يا (بنا حقيقت جي الله سان شريڪ ڪرڻ اِھي) ڇڙيون ڳالھيون آھن، بلڪ ڪافرن کي سندن بڇڙو خيال سھڻو ڪري ڏيکاريو ويو آھي ۽ اُھي سنئين واٽ کان روڪيا ويا آھن، ۽ جنھن کي الله گمراھ ڪري تنھن کي ڪو ھدايت ڪرڻ وارو ڪونه آھي.
1741 - اُنھن لاءِ دنيا جي حياتيءَ ۾ عذاب آھي ۽ بيشڪ آخرت جي سزا ته بلڪل سخت آھي، ۽ کين الله (جي عذاب) کان ڪو بچائڻ وارو نه آھي.
1742 - جنھن بھشت جو پرھيزگارن سان انجام ڪيو ويو آھي تنھن جو بيان (ھيءُ) آھي، ته ان جي ھيٺان واھيون وھنديون آھن، (۽) اُن جا ميوا ھميشہ آھن ۽ اُن جي ڇانوَ (سدائين رھندڙ آھي) پرھيزگارن جي اھا پڇاڙي آھي، ۽ ڪافرن جي پڇاڙي باھ آھي.
1743 - ۽ جن کي ڪتاب ڏنو اٿئون سي جيڪي توڏانھن نازل ڪيو ويو آھي تنھن سان سرھا ٿيندا آھن ۽ (انھن) جماعتن مان ڪو اھڙو آھي جو ان جي ڪن (ڳالھين) جو انڪار ڪندو آھي، (اي پيغمبر کين) چؤ مون کي انھيءَ کانسواءِ ٻيو حُڪم نه ڪيو ويو آھي ته الله جي عبادت ڪريان ۽ ساڻس ڪنھن کي شريڪ نه ڪريان، ڏانھس (ماڻھن کي) سڏيان ٿو ۽ ڏانھس منھنجو موٽڻ آھي.
1744 - ۽ اھڙي طرح اُن (قرآن) کي (ھڪ) حُڪم (ڪندڙ) عربي (ٻوليءَ) ۾ موڪليوسون، ۽ (اي پيغمبر) جيڪڏھن تو پاڻ وٽ علم جي اچڻ کان پوءِ سندن سَڌن جي تابعداري ڪندين ته الله وٽان نڪو سنڀاليندڙ ۽ نڪو بچائيندڙ لھندين.
1745 - ۽ بيشڪ توکان اڳ (ڪيترائي) پيغمبر موڪلياسون ۽ کين زالون ۽ اولاد ڏنوسون، ۽ ڪنھن پيغمبر کي الله جي حُڪم کان سواءِ ڪو مُعجزو آڻڻ نه جڳائيندو آھي، ھر ڪنھن مُدّت لاءِ لکيل حُڪم آھي.
1746 - جيڪي الله کي وڻندو آھي سو ميٽيندو آھي ۽ قائم رکندو آھي، ۽ وٽس اصل ڪتاب آھي.
1747 - ۽ (اي پيغمبر) جيڪو انجام ساڻن ڪريان ٿو (تنھن مان) جيڪڏھن توکي ڪجھ ڏيکاريان يا توکي ماريان ته (بھرحال) توتي پيغام پھچائڻ ۽ اسان تي حساب وٺڻ کانسواءِ (ٻيو ڪي) نه آھي.
1748 - اڃا نه ڏسندا آھن ڇا ته اسين زمين کي سندس چوڌاري گھٽائيندا آھيون، ۽ الله جو به حُڪم ڪندو آھي ته سندس حُڪم کي ڪو روڪڻ وارو نه آھي، ۽ اُھو (الله) سگھو حساب وٺندڙ آھي.
1898 - جي الله سان ٻيو معبود مُقرّر ڪندا آُھن، پوءِ سگھوئي ڄاڻندا.
1753 - جيڪي دنيا جي حياتيءَ کي آخرت جي حياتيءَ کان وڌيڪ پيارو رکندا آھن ۽ (ماڻھن کي) الله جي واٽ کان جھليندا آھن ۽ ان جي ڏنگائي گھرندا آھن، اھي وڏيءَ گمراھي ۾ آھن.
1754 - ۽ ڪنھن پيغمبر کي سندس قوم جي ٻوليءَ کانسواءِ ٻيء (ٻوليءَ) سان نه موڪليوسون (ھن لاءِ) ته انھن کي (پڌرو) بيان ڪري، پوءِ الله جنھن کي گھري ٿو تنھن کي ڀُلائي ٿو ۽ جنھن لاءِ وڻيس تنھن کي ھدايت ٿو ڪري، ۽ اُھو غالب حڪمت وارو آھي.
1755 - ۽ بيشڪ موسىٰ کي پنھنجن معجزن سان موڪليوسون (چيوسون) ته پنھنجي قوم کي اونداھين مان سوجھري ڏانھن ڪڍ، ۽ کين الله (جي ڏمر) وارا ڏينھن ياد ڏيار، بيشڪ اُن ۾ ھر ڪنھن صابر شاڪر لاءِ نشانيون آھن.
1756 - ۽ (ياد ڪر) جڏھن موسىٰ پنھنجي قوم کي چيو ته پاڻ تي الله جون نعمتون ياد ڪريو جڏھن ته فرعون جي (انھن) ماڻھن کان اوھان کي بچايائين جيڪي اوھان کي سخت عذاب چکائيندا ھوا، ۽ اوھان جي پُٽ ڪُھندا ھوا ۽ اوھان جون ڌيئرون جيئريون ڇڏيندا ھوا، ۽ ھن ۾ اوھان جي پالڻھار کان اوھان لاءِ وڏي آزمائش ھُئي.
1757 - ۽ جڏھن اوھان جي پالڻھار اوھان کي خبردار ڪيو ته جيڪڏھن اوھين (منھنجو) شڪرانو ڪندؤ ته اوھان کي ضرور وڌيڪ ڏيندس ۽ جيڪڏھن بي شُڪري ڪندؤ ته بيشڪ منھنجو عذاب سخت آھي.
1758 - ۽ موسىٰؑ چيو ته اوھان جو ۽ سڀني جھان وارن جو انڪار ڪرڻ (الله کي ڪجھ نقصان لائي نه سگھندو) ڇوته الله بي پرواھ ساراھيل آھي.
1759 - اوھان کي انھن جي سُڌ نه پھتي آھي ڇا جيڪي اوھان کان اڳ نوح ۽ عاد جي قوم جا ھوا، ۽ جيڪي کانئن پوءِ ھوا، جن کي الله کان سواءِ ڪو ڪونه ڄاڻندو ھو، سندن پيغمبر وٽن پڌرن مُعجزن سان آيا پوءِ پنھنجا ھٿ واتن ۾ ورايائون ۽ چيائون ته جنھن شيء سان اوھان کي موڪليو ويو آھي تنھن جا اسين مُنڪر آھيون ۽ جنھن ڏانھن اوھين اسان کي سڏيندا آھيو تنھن کان اسين سخت شڪ ۾ پيل آھيون.
1760 - سندن پيغمبر چيو ته (اوھان کي) آسمانن ۽ زمين جي بڻائيندڙ الله جي بابت ڪو شڪ آھي ڇا؟ (اُھو) اوھان کي ھن لاءِ سڏيندو آھي ته اوھان جا گناھ اوھان کي بخشي ۽ ٺھرايل مُدّت تائين اوھان کي مُھلت ڏئي، چيائون ته اوھين به رڳو اسان جھڙا ماڻھو آھيو (تنھنڪري اوھانجي چوڻ تي ڪئن لڳون)، جن کي اسان جا ابا ڏاڏا پوڄيندا ھوا تن کان اسان کي جھلڻ جو ارادو رکندا آھيو (جي سچا آھيو) ته اسان وٽ ڪو پڌرو دليل آڻيو.
1761 - سندن پيغمبر کين چيو ته اسين اوھان جھڙا ئي ماڻھو آھيون پر الله پنھنجي ٻانھن مان جنھن لاءِ گھرندو آھي تنھن تي احسان ڪندو آھي، ۽ الله جي حُڪم کانسواءِ اوھان وٽ ڪنھن دليل جي آڻڻ جي اسان کي ڪا سگھ نه آھي، ۽ مؤمنن کي جڳائي ته الله تي ڀروسو ڪن.
1762 - ۽ اسان کي ڇا (ٿيو) آھي ته الله تي ڀروسو نه ڪريون ۽ بيشڪ اسان کي اسانجي سِڌن رستن جي ھدايت ڪيائين، ۽ جيڪي اسان کي ڏکوئيندا آھيو تنھن تي ضرور صبر ڪنداسون، ۽ ڀروسي ڪندڙن کي الله تي ڀروسو ڪرڻ گھرجي.
1763 - ۽ ڪافرن پنھنجن پيغمبرن کي چيو ته اوھان کي پنھنجي مُلڪ مان ڪڍي ڇڏينداسون يا اسان جي مذھب ڏانھن ضرور موٽي اچو، پوءِ سندن پالڻھار انھن ڏانھن وحي ڪيو ته ظالمن کي ضرور ناس ڪنداسون.
1766 - ان جي پويان دوزخ آھي ۽ اُن کي پُونءَ جو پاڻي پياريو ويندو.
1767 - ان کي ڍُڪ ڍُڪ ڪري پيئندو ۽ اُن کي ڳيت ڏئي پي نه سگھندو ۽ سڀڪنھن پاسي کان موت ايندس ۽ ھو مُئل نه ھوندو، ۽ ان جي پويان سخت عذاب آھي.
1768 - جن پنھنجي پالڻھار کان انڪار ڪيو تن جي ڪرتوتن جو مثال انھيءَ ڪيريءَ جھڙو آھي جنھن کي آنڌيءَ واري ڏينھن ۾ واءُ اڏائي، جيڪي ڪمايائون تنھن جي ذري تي پُھچي نه سگھندا، اھا ئي وڏي گمراھي آھي.
1769 - (اي پيغمبر) نه ڏٺو اٿئي ڇا ته الله آسمانن ۽ زمين کي رِٿ سان بڻايو آھي، جيڪڏھن وڻيس ته اوھان کي نئي ۽ ٻي نئين خلق آڻي.
1770 - ۽ اِھو (ڪرڻ) الله تي اوکو نه آھي.
1771 - ۽ مڙيئي الله جي اڳيان حاضر ٿيندا پوءِ ھيڻا ھٺيلن کي چوندا ته اسين اوھان جي پٺيان لڳا ھئاسون پوءِ اوھين الله جي عذاب مان ڪجھ اسان کان ٽارڻ وارا آھيو ڇا؟ (ھٺيلا) چوندا ته الله اسان کي ھدايت ڪري ھا ته اسين به اوھان کي ھدايت ڪريون ھا، (ھاڻي) اسان جو رئڻ رڙڻ يا اسان جو صبر ڪرڻ اسان لاءِ ھڪ جھڙو آھي اسان کي ڪا واہ ڪانه آھي.
1796 - ۽ بيشڪ انھن پنھنجو وڏو مڪر ڪيو ۽ الله وت سندن مڪر (جي سزا) آھي، ۽ سندن مڪر ڪو اھڙو نه آھي جنھن سان جبل ٽري وڃن.
1797 - پوءِ (اي پيغمبر) الله کي پنھنجن پيغمبرن سان پنھنجي وعدي جي خلافي ڪندڙ ھرگز نه ڀانءِ، ڇوته الله غالب (اُن ڏينھن) بدلي وٺڻ وارو آھي.
1772 - ۽ جڏھن ڪم فيصل ڪيو ويندو تڏھن شيطان چوندو الله اوھان سان سچو انجام ڪيو ھو ۽ مون اوھان سان (ڪوڙو) وعدو ڪيو ھو پوءِ اوھان سان نه پاڙيم، مون کي اوھان تي اوھان جي سڏڻ کانسواءِ (ٻيو ڪو) زور نه ھو پوءِ اوھان منھنجو چيو قبول ڪيو، تنھنڪري مون کي ڦٺ جٺ نه ڪريو ۽ (ھاڻي) پاڻ کي ڦٺ جٺ ڪريو، آءٌ اوھان جي دانھن ورنائڻ وارو نه آھيان ۽ نڪي اوھين منھنجي دانھن ٻڌڻ وارا آھيو، اوھان اڳي مون کي (الله) جو شريڪ بڻايو ھو تنھن کان آءٌ بيزار آھيان، ڇوته ظالمن لاءِ ڏکوئيندڙ عذاب آھي.
1773 - ۽ جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا سي (انھن) باغن ۾ داخل ڪيا ويندا جن جي ھيٺان واھيون وھنديون آھن پنھنجي پالڻھار جي موڪل سان منجھن سدائين رھندڙ آھن، منجھس سندين کيڪار سلام آھي.
1774 - (اي پيغمبر) توکي معلوم نه آھي ڇا؟ ته الله ڪھڙو مثال بيان ڪيو آھي پاڪ ڪلمون پاڪ وڻ وانگر آھي سنديس پاڙ مُحڪم آھي جنھن جون ٽاريون آسمان آھن.
1775 - پنھنجي پالڻھار جي حُڪم سان سڀ ڪنھن وقت پنھنجا ميوا پچائيندو آھي، ۽ الله ماڻھن لاءِ مثال بيان ڪندو آھي مانَ اُھي نصيحت وٺن.
1776 - ۽ بڇڙي ڳالھ جو مثال بڇڙي وڻ وانگر آھي جو زمين تان پٽيو ويو اُن کي ڪو ٽِڪاءُ نه آھي.
1777 - جن ايمان آندو تن کي الله دُنيا جي حياتيءَ ۾ ثابت قول سام مُحڪم رکندو آھي ۽ آخرت ۾ به، ۽ الله ظالمن کي ڀُلائيندو آھي، ۽ الله جيڪي گھرندو آھي سو ڪندو آھي.
1778 - (اي پيغمبر) توکي اُھي معلوم نه آھن ڇا؟ جن بي شُڪريءَ سببان الله جي نعمتن کي مٽايو ۽ پنھنجي قوم کي ھلاڪيءَ جي گھر ۾ وڌو.
1784 - ۽ جيڪا شيءِ کانئس گھريوَ تنھن سڀ مان ڪي اوھان کي ڏنائين، ۽ جيڪڏھن الله جي نعمتن کي ڳڻيندؤ ته اُھي ڳڻي نه سگھندؤ، بيشڪ ماڻھو ضرور بي انصاف بي شڪر آھي.
1785 - ۽ (ياد ڪر) جڏھن ابراھيم چيو ته اي منھنجا پالڻھار ھن شھر (مڪي) کي امن وارو ڪر ۽ مون کي ۽ منھنجي اولاد کي بُتن جي پوڄڻ کان پاسي ڪر.
1921 - ۽ جن کي الله کانسواءِ سڏيندا آھن سي ڪا شيء خلقي نه سگھندا آھن ۽ اُھي (پاڻ) خلقيا ويا آھن.
1922 - بي جان مُردا آھن، ۽ نه ڄاڻندا آھن ته ڪڏھن کڙا ڪيا ويندا.
1923 - اوھان جو معبود ھڪڙو خُدا آھي، پوءِ جيڪي آخرت کي نه مڃيندا آھن تن جون دليون مڃڻ واريون نه آھن ۽ اُھي وڏائي ڪندڙ آھن.
1924 - (ڪافر) جيڪي لڪائيندا آھن ۽ جيڪي (ھو) پڌرو ڪندا آھن سو بلاشڪ الله ڄاڻندو آھي، بيشڪ اُھو وڏائي ڪندڙن کي پيار نه ڪندو آھي.
1925 - ۽ جڏھن اُنھن کي چئبو آھي ته اوھان جي پالڻھار ڇا نازل ڪيو آھي؟ (تڏھن) چوندا آھن ته اڳين جون اکاڻيون.
1926 - (اھو سندن چوڻ) ھن لاءِ آھي جو قيامت جي ڏينھن پنھنجو پورو بار کڻندا ۽ جن کي اڻ ڄاڻائيءَ سان گمراہ ڪندا آھن تن جو (به) ڪجھ بار کڻندا، خبردار جيڪو (به) بار کڻندا سو بڇڙو آھي.
1927 - جيڪي کائن اڳ ھوا تن بيشڪ فريب ڪيو پوءِ الله جو حُڪم سندن اڏاوتن کي پيڙھي کان پٽيو ۽ انھن تي مٿانئن ڇت اچي ڪري ۽ کين عذاب اُتان پُھتو جتان ڄاتائون ئي نه ٿي.
1928 - وري قيامت جي ڏينھن کين خوار ڪندو ۽ چوندو ته (اوھان جا) مون سان ٺھرايل شريڪ جن جي بابت اوھين تڪرار ڪندا ھيؤ سي ڪٿي آھن؟ جن کي عِلم ڏنو ويو سي چوندا ته اَڄ انھن ڪافرن تي خواري ۽ بڇڙائي آھي.
1929 - جن جو ملائڪ اھڙيءَ حالت ۾ ساہ ڪڍندا آھن جو پاڻ تي ظالم ھوا، اُھي صُلح پيش ڪندا (۽ چوندا ته) اسان ڪا بڇڙائي نه ڪئي ھئي، (ملائڪ چوندا ته) ھائو! جيڪي اوھين ڪندا ھيؤ سو الله ڄاڻندڙ آھي.
1930 - پوءِ دوزخ جي دروازن مان گھڙو منجھس سدائين رھندڙ ھجو، پوءِ وڏائي ڪندڙن جي جاءِ بڇڙي آھي.
1931 - ۽ پرھيزگارن کي چيو ويندو ته ته اوھان جي پالڻھار ڇا نازل ڪيو آھي، چوندا ته چڱائي، جن ھن دنيا ۾ چڱائي ڪئي تن لاءِ چڱائي آھي، ۽ آخرت جو گھر ضرور ڀلو آھي، ۽ پرھيزگارن جو گھر ضرور ڀلو آھي.
1932 - جو ھميشه جي رھڻ وارا باغ آھن اُن ۾ گھڙندا انھن جي ھيٺان واھيون وھنديون آھن جيڪي گھرندا سو انھن لاءِ منجھس آھي، اھڙي طرح الله پرھيزگارن کي بدلو ڏيندو.
1933 - (اِھي اُھي آھن) جن کي ملائڪ پاڪ حالت ۾ ماريندا آھن (ملائڪ) چوندا آھن اَلسّلامُ عليڪم جيڪي ڪندا ھيؤ تنھن سببان بھشت ۾ گھِڙو.
1934 - ڪافر (موت جي) ملائڪن جي پاڻ وٽ اچڻ يا تنھنجي پالڻھار (جي عذاب) جي حُڪم اچڻ کانسواءِ (ٻيو) ڪو انتظار نه ڪندا آھن، جيڪي کائن اڳ ھوا تن به اھڙي طرح ڪيو ھو، ۽ الله مٿن ظلم نه ڪيو پر اُھي پاڻ تي ظلم ڪندا ھوا.
1936 - ۽ مُشرڪ چوندا آھن ته جيڪڏھن الله گھري ھا ته اُن ڌاران ڪا شيء نڪي اسين پوڄيون ھا ۽ نڪي اسان جا ابا ڏاڏا (پوڄين ھا) ۽ نڪي اُن جي حُڪم کانسواءِ ڪا شيء حرام ڪريون ھا، اھڙي طرح جيڪي کائن اڳ ھوا تن به ڪيو ھو، پوءِ پيغمبرن تي پڌري (پيغام) پھچائڻ کانسواءِ (ٻيو ڪي لازم) نه آھي.
1937 - ۽ بيشڪ سڀڪنھن ٽولي ۾ (ھڪ) پيغمبر موڪليوسون ته الله جي عبادت ڪريو ۽ بتن (جي پوڄا) کان پري ٿيو، پوءِ منجھائن ڪي اھڙا آھن جن کي الله ھدايت ڪئي ۽ منجھائن ڪي اھڙا آھن جن تي گمراھي ثابت ٿي، پوءِ مُلڪن ۾ گھُمو وري ڏسو ته ڪوڙن جي پڇاڙي ڪيئن ٿي؟
1938 - (اي پيغمبر) جيڪڏھن ھنن کي ھدايت ڪرڻ لاءِ حرص ڪندين (ته منجھائن ڪوبه فائدو نه آھي) ڇوته الله جنھن کي گمراھ ڪندو آھي تنھن کي ھدايت نه ڪندو آھي ۽ انھن جو ڪوبه مددگار نه آھي.
1939 - ۽ الله جو پڪي طرح قسم کنيائون ته جيڪو مرندو تنھن کي الله وري نه جياريندو، ھائو! (وري جياريندو) اُن ڳالھ تي پڪ وعدو ٿي چڪو آھي مگر گھڻا ماڻھو نه ڄاڻندا آھن.
1970 - وري ھر ڪنھن جنس جي ميون مان کاءُ پوءِ پنھنجي پالڻھار جي واٽن تي عاجزيءَ سان ھل، سندس پيٽن مان رنگارنگ پئڻ جي شيء (يعني ماکي) نڪرندي آھي منجھس ماڻھن لاءِ شفا آھي، بيشڪ اُن ۾ سوچ ڪندڙ قوم لاءِ عبرت آھي.
1971 - ۽ الله اوھان کي خلقيو ۽ وري اوھان کي ماريندو ۽ اوھان مان نڪميءَ عُمر ڏانھن ھن لاءِ موٽايو ويندو آھي ته ڄاڻڻ کانپوءِ ڪُجھ نه ڄاڻي، ڇوته الله ڄاڻندڙ وس وارو آھي.
1972 - ۽ الله اوھان مان ھڪڙن کي ٻـين کان وڌيڪ روزي ڏني آھي، پوءِ اُھي وڌ ڏنل روزيءَ وارا پنھنجي روزيءَ کي پنھنجن ٻانھن تي موٽائڻ وارا نه آھن ته اُھي (سڀ) منجھس برابر ھُجن، پوءِ الله جي نعمتن جو ڇو انڪار ڪندا آھن؟
1973 - ۽ الله اوھان لاءِ اوھان جي جنس مان زالون پيدا ڪيون ۽ اوھان جي زالن مان پُٽ ۽ پوٽا پيدا ڪيائين ۽ اوھان کي سٺين شين مان روزي ڏنائين، پوءِ ڇو ڪوڙ کي مڃيندا آھن ۽ اُھي ڇو الله جي نعمتن جو انڪار ڪندا آھن.
1974 - ۽ الله ڌاران انھن جي عبادت ڪندا آھن جيڪي آسمانن ۽ زمين مان کين روزي ڏيڻ جو ڪجھ اختيار نه رکندا آھن ۽ نڪي (ڪجھ ڪري) سگھندا آھن.
1975 - پوءِ الله لاءِ (بڇڙا) مثال بيان نه ڪريو، ڇوته الله ڄاڻندڙ آھي ۽ اوھين نه ڄاڻندا آھيو.
1976 - الله ھڪ خريد ٿيل ٻانھي جو مثال بيان ڪري ٿو جنھن جو ڪنھن شيءِ تي وس نه ھُجي ۽ (ٻيو) اُھو جنھن کي پاڻ وٽان چڱي روزي ڏنيسون پوءِ اُھو اُن سان (اسان جي واٽ ۾) ڳجھو ۽ پڌرو خرچ ڪري، (اھي ٻئي پاڻ ۾) برابر آھن ڇا؟ سڀ ساراھ الله کي جڳائي، پر انھن مان گھڻا نه ڄاڻندا آھن.
1977 - ۽ الله ٻن مڙسن جو (ٻيو) مثال بيان ڪري ٿو جن ٻنھي مان ھڪڙو گنگو ھجي ڪنھن شيء تي وس ڪونه ھجيس ۽ اُھو پنھنجي مالڪ تي بار ھجي جيڏانھن موڪليس اُتان ڪا ڀَلائي نه آڻي اُھو اُنھيءَ جي برابر آھي ڇا جيڪو انصاف جو حُڪم ڏئي ۽ اُھو سڌيءِ واٽ تي ھُجي.
1978 - ۽ آسمانن ۽ زمين جو ڳُجھ الله کي (معلوم) آھي، ۽ قيامت (آڻڻ) جو ڪم (سندس اڳيان) رڳي اک ڇنڀ (جي دير) جھڙو آھي بلڪ اُھو انھيءَ کان به وڌيڪ نزديڪ آھي، ڇوته الله سڀڪنھن شيء تي وس وارو آھي.
1979 - ۽ الله اوھان کي اوھان جي مائن جي پيٽن مان ڪڍيو جو ڪُجھ نه ڄاڻندا ھيؤ ۽ اوھان جا ڪنّ ۽ اکيون ۽ دليون بڻايائين ته مانَ اوھين شڪرانو ڪريو.
1980 - آسمانن جي ھوا ۾ تابع ڪيل پکين ڏانھن نه ڏسندا آھن ڇا؟ انھن کي الله کانسواءِ ڪونه جھليندو آھي، بيشڪ اُن ۾ ايمان واريءَ قوم لاءِ نشانيون آھن.
1981 - ۽ الله اوھان جي گھرن مان اوھان لاءِ آرام (جو ھنڌ) بڻايو ۽ ڍورن جي چمڙن مان اوھان لاءِ گھر بڻايائين جن کي اوھين پنھنجي مسافريءَ جي ڏينھن ۽ پنھنجي ھڪ ھنڌ رھڻ جي ڏينھن ۾ ھلڪو ڄاڻندا آھيو ۽ سندين اُنّن ۽ سندين ملسن ۽ سندين ڏاسن مان (گھر جو) اسباب ۽ فائدي جو سامان بڻايو ٿا (جوڳچ) مُدّت تائين (ڪم ڏئي ٿو).
1982 - ۽ الله پنھنجين خلقيل شين مان اوھان لاءِ ڇانئون بڻايون ۽ جبلن مان اوھان لاءِ چُرون بڻايائين ۽ اوھان لاءِ ڪپڙا بڻايائين جي اوھان کي گرميءَ (۽ سرديءَ) کان بچائيندا آھن، اھڙي طرح اوھان تي پنھنجي نعمت پوري ڪندو آھي ته مانَ اوھين فرمانبرداري ڪريو.
1991 - بيشڪ الله انصاف ۽ ڀلائي (ڪرڻ) ۽ مائٽي وارن کي ڏيڻ جو حُڪم ڪري ٿو ۽ بي حيائي ۽ مدائي ۽ زبردستي کان جھلي ٿو، اوھان کي نصيحت ڏئي ٿو ته مانَ اوھين نصيحت وٺو.
1992 - ۽ جڏھن اوھين (الله جو نالو وٺي) پاڻ ۾ انجام ڪريو (تڏھن) الله جو انجام پاڙيو ۽ اوھين قَسمن کي سندن پڪي ڪرڻ کانپوءِ نه ڀڃو جو بيشڪ الله کي پاڻ تي نگھبان ڪيو اٿوَ، بيشڪ جيڪي ڪندا آھيو سو الله ڄاڻندو آھي.
1993 - ۽ اُن زال وانگر نه ٿيو جنھن پنھنجو سُٽ ڪتيل پڪي ڪرڻ کانپوءِ ڇني ٽُڪر ٽُڪر ڪري ڇڏيو، اوھين قسمن کي ھن لاءِ پاڻ ۾ حيلو بڻايو ٿا ته (ھڪ) ٽولي ٻي ٽوليءَ کان وڌيڪ ٿئي، الله ته اوھان کي رڳو اُن سان پرکيندو آھي، ۽ جنھن بابت اوھين تڪرار ڪندا آھيو سو قيامت جي ڏينھن اوھان جي لاءِ ضرور بيان ڪندو.
1994 - ۽ جيڪڏھن الله گھري ھا ته اوھان کي ھڪ ٽولي ڪري ھا پر جنھن لاءِ وڻندو اٿس تنھن کي گمراھ ڪندو آھي ۽ جنھن لاءِ وڻندو اٿس تنھن کي ھدايت ڪندو آھي، ۽ جيڪي ڪندا آھيو تنھن بابت اوھين ضرور پُڇبؤ.
1995 - ۽ اوھين پنھنجن قسمن کي پاڻ ۾ ٺڳي نه بڻايو نه ته اُنھن جي پڪي ڪرڻ کانپوءِ اوھان جا پيرَ ترڪندا ۽ (ماڻھن کي) الله جي واٽ کان جھلڻ سببان سزا چکندؤ، ۽ اوھان کي وڏو عذاب ٿيندو.
1996 - ۽ الله جي انجام کي ٿوري مُلھ سان نه وِڪڻو، ڇوته جيڪڏھن اوھين ڄاڻندا آھيو ته جيڪي الله وٽ آھي سو اوھان جي لاءِ چڱو آھي.
1997 - جيڪي اوھان وٽ آھي سو کپي ويندو ۽ جيڪي الله وٽ آھي سو ھميشہ رھڻ وارو آھي، ۽ جن صبر ڪيو تن کي سندن عملن جو بلڪل چڱي طرح بدلو ڏينداسون.
1998 - جنھن چڱو عمل ڪيو (پوءِ) اُھو مڙس ھُجي يا زال ۽ اُھو مؤمن ھوندو ته ضرور کيس چڱي حياتي ڏئي جيئرو ڪنداسون، ۽ جيڪي ڪندا ھوا تنھنجو بدلو کين تمام چڱيءَ طرح ڏينداسون.
1999 - پوءِ (اي پيغمبر) جڏھن قرآن پڙھين تڏھن تڙيل شيطان (جي شر) کان الله جي سام پؤ.
2000 - ان کي ايمان وارن تي ۽ جي پنھنجي پالڻھار تي ڀروسو ڪندا آھن تن تي ڪو غلبو نه آھي.
2001 - سندس غلبو رڳو اُنھن تي آھي جيڪي کيس دوست رکندا آھن ۽ (انھن تي به) جيڪي الله سان شريڪ (مقرّر) ڪندا آھن.
2002 - ۽ جڏھن ھڪڙي آيت جي جاءِ تي ٻي آيت مٽائي آڻيندا آھيون ۽ الله جيڪي نازل ڪندو آھي سو چڱي طرح ڄاڻندڙ آھي (تڏھن) چوندا آھن ته تون رڳو پاڻون بڻائيندڙ آھين، (نه!) بلڪ اُنھن مان گھڻا نه ڄاڻندا آھن.
2311 - ھميشه جا باغ آھن جن لاءِ الله پنھنجي ٻانھن سان پرپٺ انجام ڪيو آھي، بيشڪ سندس انجام پھچڻو آھي.
2004 - ۽ بيشڪ ڄاڻندا آھيون ته اُھي چوندا آھن ته اُن (پيغمبر) کي ڪو ماڻھو سيکاريندو آھي، جنھن ڏانھن اھا نسبت ڪندا آھن تنھن جي ٻولي عجمي آھي ۽ ھي (قرآن) پڌري عربي ٻوليءَ ۾ آھي.
2005 - بيشڪ جيڪي الله جي آيتن کي نه مڃيندا آھن تن کي الله سڌو رستو نه ڏيکاريندو آھي ۽ اُنھن لاءِ ڏکوئيندڙ عذاب آھي.
2006 - ڪوڙو ٺاھ انھن کان سواءِ ڪونه ٺاھيندو آھي جيڪي الله جي آيتن کي نه مڃيندا آھن، ۽ اُھي (پاڻ) ڪُوڙا آھن.
2007 - جنھن کي (ايمان کان ڦرڻ جو) زور ڪيو وڃي (اُھو زبان سان ڪي چوي) ۽ سندس دل ايمان سان آراميل ھجي اُن کانسواءِ جيڪو پنھنجي ايمان آڻڻ کانپوءِ الله جو انڪار ڪري بلڪ ڪُفر سان سينو ويڪرو ڪري (يعني راضي ٿئي) اھڙن تي الله جو ڏمر آھي، ۽ انھن تي وڏو عذاب آھي.
2008 - اھو ھن ڪري آھي جو انھن دنيا جي حياتيءَ کي آخرت کان زيادہ پسند ڪيو آھي ۽ (انھيءَ ڪري) ته الله ڪافرن جي قوم کي ھدايت نه ڪندو آھي.
2009 - اِھي اُھي آھن جو سندين دلين ۽ سندن ڪَنن ۽ سندن اکين تي الله مُھر ھنئي، ۽ اُھي بي خبر آھن.
2010 - بلاشڪ اُھي ئي آخرت ۾ ڇيئي وارا آھن.
2011 - وري بيشڪ تنھنجو پالڻھار انھن کي (بخشي ٿو) جيڪي (ڪفر جي ڪلمي چوڻ لاءِ ڪافرن جي ھٿان) ايذايا ويا پوءِ وطن ڇڏيائون وري جھاد ڪيائون ۽ صبر ڪيائون بيشڪ تنھنجو پالڻھار ان کانپوءِ ضرور بخشڻھار مھربان آھي.
2012 - انھيءَ ڏينھن سڀڪو جيءُ پنھنجي طرفان جھيڙو ڪندو ايندو ۽ سڀڪنھن نفس جيڪي ڪمايو تنھنجو کيس پورو بدلو ڏبو ۽ انھن سان ظلم نه ڪبو.
2013 - ۽ الله ھڪ ڳوٺ جو (ھڪ) قِصو بيان ڪيو جو بي ڀئو آراميل ھو ان کي سندس روزي سڀڪنھن ھنڌان سوکائيءَ سان ايندي ھئي پوءِ الله جي نعمتن جي بي شڪرائي ڪيائون پوءِ جيڪي ڪندا ھوا تنھن سببان الله کين بُک ۽ ڀؤ جي پوشاڪ چکائي.
2015 - پوءِ الله اوھان کي جيڪا حلال (۽) سُٺي روزي ڪري ڏني تنھن مان کائو، ۽ جيڪڏھن اُھين خاص الله جي عبادت ڪندا آھيو ته سندس نعمتن جو شڪرانو ڪريو.
2016 - مئل ڍور ۽ رت ۽ سوئر جو ماس ۽ جنھن شيء کي الله جي نالي کانسواءِ ٻئي جي نالي سان سڏيو وڃي تنھن کانسواءِ ٻيو (ڪي به) اوھان تي حرام نه ڪيائين، پوءِ جيڪو نافرماني ڪندڙ نه ھجي ۽ نڪي حد کان لنگھندڙ ٿي لاچار ٿئي (۽ کائي) ته بيشڪ الله بخشڻھار مھربان آھي.
2017 - ۽ جن شين کي اوھان جون زبانون ڪوڙ سان بيان ڪنديون آھن تن لاءِ (ھنڪري) نه چئو ته ھي حلال آھي ۽ ھيءُ حرام آھي ته الله تي ڪُوڙو ٺاھ ٺاھيو، بيشڪ جيڪي الله تي ڪُوڙو ٺاھ ٺاھيندا آھن سي (ڪڏھن) نه ڇٽندا.
2059 - تنھنجو پالڻھار جنھن لاءِ گھرندو آھي تنھنجي روزي ڪشادي ڪندو آھي ۽ گھٽ به ڪندو آھي، تحقيق اھو پنھنجن ٻانھن جي خبر رکندڙ ڏسندڙ آھي.
2060 - ۽ پنھنجن ٻارن کي سُڃائيءَ جي ڊپ کان نه ڪُھو، اسين کين ۽ (خود) اوھان کي روزي ڏيندا آھيون، بيشڪ انھن کي ڪُھڻ وڏو ڏوھ آھي.
2061 - ۽ زنا کي ويجھا نه وڃو ڇوته اھا بي حيائي آھي، ۽ اِھا واٽ بُڇڙي آھي.
2062 - ۽ اھڙي جيءَ کي نه ڪُھو جنھن جو (شرعي) حق کانسواءِ ڪُھڻ الله حرام ڪيو آھي، ۽ جيڪو ناحق ماريو وڃي ان جي وارث کي (قصاص جو) اختيار ڏنوسون پوءِ جڳائي ته مارڻ ۾ زيادتي نه ڪري، ڇوته اھو مدد ڏنل ٿيو آھي.
2063 - ۽ نڪي ڪنھن ڇوري ٻار جي مال کي چڱي نيت کانسواءِ ويجھا وڃو جيستائين ھو بلوغت کي پھچي، ۽ پنھنجو انجام پاڙيو، تحقيق انجام بابت بلڪل پڇا ٿيندي.
2073 - ست آسمان ۽ زمين ۽ جيڪي منجھن آھي سي ان جي پاڪائي بيان ڪندا آھن، ۽ ڪا (به) شيء سندس ساراھ سان گڏ پاڪائي بيان ڪرڻ کانسواءِ نه آھي پر (اوھين) سندس تسبيح نه سمجھندا آھيو، بيشڪ اُھو بُردبار بخشڻھار آھي.
2074 - ۽ جڏھن (تون) قرآن پڙھندو آھين (تڏھن) تنھنجي وچ ۾ ۽ جيڪي آخرت کي نه مڃيندا آھن تن جي وچ ۾ (اسين) لڪل پردو ڪندا آھيون.
2075 - ۽ ان جي سمجھڻ کان سندن دلين ۾ پردو ۽ سندن ڪَنن ۾ گھٻرائي وجھندا آھيون، ۽ جڏھن پنھنجي ھڪڙي پالڻھار کي قرآن ۾ ياد ڪرين ٿو تڏھن نفرت ڪري پنھنجين پُٺين (ڀرپوءِ) تي موٽندا آھن.
2083 - اوھان جو پالڻھار اوھان کي چڱي طرح ڄاڻندو آھي، جيڪڏھن وڻيس ته اوھان تي ٻاجھ ڪري ۽ جيڪڏھن وڻيس ته اوھان کي عذاب ڪري، ۽ اسان توکي مٿن وڪيل ڪري نه موڪليو آھي.
2084 - ۽ جيڪي آسمانن ۽ زمين ۾ آھي سو تنھنجو پالڻھار چڱي طرح ڄاڻندو آھي، ۽ بيشڪ ھڪڙن نبين کي ٻـين کان وڌيڪ ڪيوسون ۽ داؤد کي زبور ڏنوسون.
2085 - (اي پيغمبر) چؤ ته الله کانسواءِ ٻـين جن کي (الله جھڙو) ڀائيندا آھيو تن کي سڏيو پوءِ (اھي) اوھان کان نڪي ڪنھن اھنج لاھڻ جو ۽ نڪي ڦيرائڻ جو اختيار رکندا آھن.
2086 - ھي (ڪافر خُدا کانسواءِ) جن کي سڏيندا آھن سي پاڻ پنھنجي پالڻھار ڏانھن وسيلو ڳوليندا آھن ته انھن مان ڪير ڏاڍو ويجھو آھي؟ ۽ سندس ٻاجھ جي اميد رکندا آھن ۽ سندس عذاب کان ڊڄندا آھن، ڇوته تنھنجي پالڻھار جو عذاب ڊڄڻ جھڙي شيء آھي.
2087 - ۽ ڪوبه ڳوٺ نه آھي مگر (جنھن جي رھڻ وارن) کي (سندن بڇڙن ڪرتوتن سبب) قيامت جي ڏينھن کان اڳ اسين ناس ڪرڻ وارا آھيون يا ان کي سخت عذاب ڏيندڙ آھيون، اِھو حُڪم ڪتاب ۾ لکيل آھي.
2088 - ۽ اسان کي مُعجزن موڪلڻ کان انھيءَ ڳالھ کانسواءِ ٻئي ڪنھن نه روڪيو جو اڳين (ماڻھن) انھن کي ڪوڙ ڄاتو ھو، ۽ ثمود (جي قوم) کي ڏاچي مُعجزہ لاءَ ڏني سون ته اُن کي نه مڃيائون، ۽ اسين رڳو ڊيڄارڻ لاءِ مُعجزا موڪليندا آھيون.
2089 - ۽ (اي پيغمبر ياد ڪر) جنھن مھل توکي چيوسون ته تنھنجي پالڻھار ماڻھن کي (پنھنجي قدرت سان) لپيٽيو آھي، ۽ اسان جيڪو توکي نظارو ڏيکاريوسون جو لعنت ڪيل وڻ قرآن ۾ بيان ڪيو ويو آھي سو ماڻھن جي پرک کانسواءِ نه آھي، ۽ اسين جو کين ڊيڄاريندا آھيون سو انھن بابت وڏي شرارت کانسواءِ (ٻيو ڪي) نه وڌائيندو آھي.
2090 - ۽ جڏھن ملائڪن کي چيوسون ته آدم کي سجدو ڪريو پوءِ ابليس کانسواءِ (ٻـين) سجدو ڪيو، (ابليس) چيو ته جنھن کي مٽيءَ مان پيدا ڪيئي تنھن کي ڇو سجدو ڪريان؟
2091 - (وري ابليس) چيو ته ڏس ھي شخص جنھن کي تو مون تي شرف ڏنو، جيڪڏھن مون کي قيامت جي ڏينھن تائين مُھلت ڏيندين ته ٿورڙن کان سواءِ سندس (ٻئي) اولاد کي پاڙئون پٽيندس.
2096 - ۽ جڏھن اوھان کي درياءَ ۾ ڪا اوکائي پھچندي آھي تڏھن خاص ان (الله) کانسواءِ ٻـين جن کي اوھين سڏيندا آھيو سي وسري ويندا آھن، پوءِ جنھن مھل اوھان کي سُڪي ڏي بچائيندو آھي (تنھن مھل) مُنھن موڙيندا آھيو، ۽ ماڻھو ڏاڍو بي شڪر آھي.
2097 - (اوھين) پاڻ کي سڪيءَ ۾ گھائڻ کان يا پاڻ تي (پھڻن جي) آنڌي اچڻ کان بي ڀوا ٿيا آھيو ڇا؟ وري اوھين پاڻ لاءِ ڪو واھرو نه لھندؤ.
2098 - يا ٻئي ڀيري ان (درياء) ۾ موٽائڻ کان بي ڀَوَا ٿيا آھيو ڇا؟ پوءِ اوھان تي واءُ جو طوفان موڪلي پوءِ اوھان کي اوھان جي انڪار سببان ٻوڙي وري انھي (ٻوڙڻ جي) ڪري پاڻ لاءِ اسان تي ڪو پيڇي ڪرڻ وارو نه لھندؤ.
2139 - (اي پيغمبر) چؤ ته (الله کي) الله (جي نالي سان) سڏيو يا رحمان (جي نالي سان) سڏيو، جنھن نالي سان (اوھين) سڏيو انھي جا (سڀ) نالا چڱا آھن، ۽ پنھنجي نماز ۾ نڪي تمام ڏاڍيان پڙھ ۽ نڪي تمام ھوريان پڙھ ان جي وچ واري واٽ اختيار ڪر.
2140 - ۽ چؤ ته سڀ ساراھ انھي الله کي جڳائي جنھن (پاڻ لاءِ) ڪو اولاد نه ورتو آھي ۽ نڪي سندس مُلڪ ۾ ڪو ڀائيوار آھي ۽ نڪي ڪنھن ھيڻائي سببان ان جو ڪو مددگار آھي ۽ ھن جي گھڻي قدر وڏائي بيان ڪر.
2141 - سڀ ساراھ انھي الله کي جڳائي جنھن پنھنجي ٻانھي (ﷴ ﷺ) تي ڪتاب لاٿو ۽ ان ۾ ڪو ڏِنگ نه رکيائين.
2159 - ۽ اھڙي طرح کين ھن لاءِ کڙو ڪيوسون ته پاڻ ۾ پڇن، منجھانئن چوندڙ چيو ته (اوھين ھتي) ڪيترو ٽڪيؤ، چيائون ته ھڪ ڏينھن يا ڏينھن کان گھٽ رھياسون، (ڪن) چيو ته جيڪي اوھين رھيا آھيو سو اوھان جو پالڻھار چڱو ڄاڻندڙ آھي، پوءِ مان پاڻ مان ھڪ کي ھِن پنھنجي رپئي سان شھر ڏانھن موڪليو پوءِ ڀلي ڏسي ته اُن (ڳوٺ) جو ڪھڙو طعام سٺو آھي پوءِ ان مان ڪجھ تعام اوھان وٽ آڻي ۽ جڳائي ته نرمي ڪري ۽ اوھان جو حال ڪنھن ھڪڙي کي نه ڄاڻائي.
2160 - ڇوته جيڪڏھن اھي اوھان تي غالب ٿيندا ته اوھان کي سنگسار ڪندا يا پنھنجي مذھب ۾ اوھان کي موٽائيندا ۽ اُن مھل اوھين ھرگز نه ڇٽندؤ.
2185 - ۽ (اي پيغمبر) انھن کي دُنيا جي حياتيءَ جو مثال بيان ڪر جا انھي پاڻيءَ وانگر آھي جنھن کي آسمان کان وسايوسون پوءِ اُن سان زمين جا اوڀڙ گھاٽا ڄميا پوءِ ڦري ڀُريل ڪک ٿيا اُنھن کي وائن اُڏايو، ۽ الله سڀڪنھن شيءِ تي وس وارو آھي.
2161 - ۽ اھڙي طرح (تڏھن) ماڻھن کي ھن لاءِ مٿن خبردار ڪيوسون ته ڄاڻن ته الله جو انجام سچو آھي ۽ بيشڪ قيامت (ٿيڻي) آھي ان ۾ ڪو شڪ نه آھي، تڏھن انھن جي ڳالھ بابت پاڻ ۾ جھڳڙو ڪرڻ لڳا پوءِ چيائون ته انھن جي (غار) تي ڪا اڏاوت اڏيو، سندن پالڻھار کين ڄاڻندڙ آھي، جيڪي پنھنجي ڳالھ ۾ غالب ٿيا تن چيو ته انھن (جي غار) تي مسجد ضرور بڻائينداسون.
2187 - ۽ (ياد ڪر) جنھن ڏينھن جبلن کي ھلائينداسون ۽ زمين کي صفا پٽي ڏسندين ۽ ماڻھن کي گڏ ڪنداسون پوءِ منجھانئن ڪنھن ھڪ کي نه ڇڏينداسون.
2188 - ۽ (اُھي) تنھنجي پالڻھار وٽ صفون ڪري پيش ڪيا ويندا (چونداسون ته) جھڙي طرح اوھان کي پھريون ڀيرو پيدا ڪيوھوسون (تھڙي طرح) اسان وٽ آيا آھيو، بلڪ ڀائيندا ھيؤ ته اوھان جي لاءِ انجام جو ھنڌ نه ڪنداسون.
2189 - ۽ اعمالنامون رکيو ويندو پوءِ جيڪي منجھس ھوندو تنھن کان ڏوھارين کي ڊڄندڙ ڏسندين ۽ چوندا ته اسان لاءِ ارمان آھي ھن اعمالنامي جو ڇا حال آھي جو نڪي ننڍي (گناھ) ۽ نڪي وڏي کي ڳاڻيٽي کانسواءِ ڇڏيو اٿس، ۽ جيڪي ڪيائون سو حاضر لھندا، ۽ تنھنجو پالڻھار ڪنھن ھڪڙي تي به ظلم نه ڪندو.
2190 - ۽ جڏھن ملائڪن کي چيوسون ته آدم کي سجدو ڪريو تڏھن ابليس کانسواءِ ٻـين سجدو ڪيو، اھو جِنّن مان ھو پوءِ پنھنجي پالڻھار جي حُڪم جي نافرماني ڪيائين، پوءِ اوھين کيس ۽ سندس اولاد کي مون کانسواءِ ڇو دوست وٺندا آھيو حالانڪ اُھي اوھان جا ويري آھن، (شيطان) ظالمن لاءِ بڇڙو بدلو آھي.
2191 - نڪي آسمانن ۽ زمين جي بڻائڻ مھل اُنھن (شيطانن) کي حاضر ڪيو ھوم ۽ نڪي سندن جيئن بڻائڻ مھل به، ۽ نڪي گمراھن کي مددگار وٺندڙ آھيان.
2192 - ۽ جنھن ڏينھن الله چوندو ته (اي مشرڪؤ!) اوھين انھن کي سڏيو جن کي منھنجا شريڪ ڄاڻندا ھيؤ ۽ پوءِ انھن کي سڏيندا ۽ اُھي کين ورندي نه ڏيندا ۽ سندن وچ ۾ ھلاڪت جو ھنڌ ڪنداسون.
2193 - ۽ ڏوھاري باھ کي ڏسندا پوءِ ڀائيندا ته اُھي اُن ۾ ڪرندا ۽ کانئس موٽڻ جي واھ نه لھندا.
2194 - ۽ بيشڪ ھن قرآن ۾ ھر طرح جا مثال ماڻھن لاءِ بيان ڪياسون، ۽ ماڻھو سڀ شيء کان گھڻو جھيڙاڪار آھي.
2195 - ۽ ماڻھن وٽ جڏھن ھدايت آئي تڏھن کين ايمان آڻڻ ۽ پنھنجي پالڻھار کان بخشش گھرڻ کان ھن ڌاران ڪنھن نه جھليو جو اڳين جي رسم (جھڙي پاڙ پَٽ سزا) وٽن اچي يا وٽن سامھون عذاب پُھچي.
2196 - ۽ پيغمبرن کي رڳو خوشخبري ڏيندڙ ۽ ڊيڄاريندڙ ڪري موڪليون ٿا، ۽ ڪافر ڪوڙو جھڳڙو ھن لاءِ ڪندا آھن ته ان سان سچ کي ٿيڙين ۽ منھنجين نشانين کي ۽ جنھن سان ڊيڄاريا ويا تنھنکي ٺـٺولي ڪري ورتائون.
2197 - ۽ اُن کان وڌيڪ ظالم ڪير آھي جنھن کي سندس پالڻھار جي نشانين سان نصيحت ڏني وڃي ته اُن کان مُنھن موڙي ۽ جيڪي سندس ھٿن اڳي ڪري موڪليو سو وساري؟ اسان ان جي سمجھڻ کان سندين دلين تي پردا ڪيا ۽ سندن ڪنن ۾ گھٻرائي (وڌي سون) ۽ جيڪڏھن تون کين ھدايت ڏانھن سڏين ته اُن وقت سِڌو رستو ڪڏھن به نه لھندا.
2218 - (خضرؑ) چيو ته ھاڻي منھنجي ۽ تنھنجي وچ ۾ جُدائي پئي، ھاڻي توکي انھن ڳالھين جي حقيقت جي سُڌ ڏيان ٿو جن تي تون صبر نه ڪري سگھين.
2219 - پر ٻيڙي (جا ڀڳي ويئي سا) مسڪينن جي ھئي (جنھن تي) ھو درياءَ ۾ پورھيو ڪندا (وتندا) ھوا پوءِ اُن کي عيب دار ڪرڻ گھريم جو سندن پوئتان اھڙو بادشاھ ھو جنھن سڀڪا ٻيڙي بيگر ۾ ٿي ورتي.
2220 - ۽ نينگر (جو ماريو ويو) تنھن جا ماءُ پيءُ مؤمن ھوا تنھنڪري ڊناسون ته نافرمانيءَ ۽ ڪفر ڪرڻ سان ٻنھي کي عاجز ڪندو.
2221 - پوءِ گھُريوسون ته سندن پالڻھار کين اُن کان به چڱو بدلو سُٺائي جي ڪري ۽ ٻاجھ جي ڪري تمام ويجھو ڏئي.
2222 - ۽ جا ڀِت (ٺاھي وئي) سا شھر ۾ ٻن ڇورن ٻارن جي ھُئي ۽ ان جي ھيٺان سندن خزانون ھو ۽ سندن ماءُ پيءُ نيڪ ھوا، پوءِ تنھنجي پالڻھار گھريو ته ٻئي پنھنجي جوانيءَ کي پھچن ۽ پنھنجو خزانو تنھنجي پالڻھار جي ٻاجھ سان ڪڍن، ۽ اُھو پنھنجي راءِ سان نه ڪيم، اِھا اُن جي حقيقت آھي جنھن تي تون صبر نه ٿي ڪري سگھئين.
2223 - ۽ (اي پيغمبر) توکان ذُوالۡقَرۡنَيۡن بابت پڇن ٿا، چؤ ته اوھان کي ان جو (ڪُجھ) بيان ڪري ٻڌايان ٿو.
2224 - بيشڪ اسان ان کي زمين ۾ ھٿ پھچ ڏني ۽ سڀڪنھن شيء جو سان کيس ڏنوسون.
2225 - پوءِ سامان (جي مدد) سان ھليو.
2226 - ايترو (سير ڪيائين) جو سچ لھڻ جي ھنڌ پھتو اُن کي گپڙاٺي تلاءُ ۾ لھندو ڏٺائين ۽ اُن (تلاءُ) وٽ ھڪ قوم کي ڏٺائين، چيوسون ته اي ذوالقرنين انھن کي سزا ڏئين يا منجھن ڪو چڱائيءَ جو سڌارو ڪرين (ته توکي اختيار آھي).
2230 - ايترو (سير ڪيائين) جو جڏھن سج اُڀرڻ جي ھنڌ پھتو ته اُھو ھڪ اھڙي قوم تي اُڀرندو ڏٺائين جنھن لاءِ سج کانسواءِ ڪا اوٽ نه بڻائي ھئي سون.
2231 - اھڙي طرح (سندس قِصّوآھي)، ۽ بيشڪ اسان وٽ ان جي ساري خبر آھي.
2232 - وري سامان (جي مدد) سان ھليو.
2233 - ايترو جوجڏھن ٻن جبلن جي وچ ۾ پھتو ته انھن جي ھُن پاسي اھڙي قوم ڏٺائين جا ڪابه ڳالھ سمجھي نه ٿي سگھي.
2234 - چيائون ته اي ذوالقرنين بيشڪ ياجوج ۽ ماجوج مُلڪ ۾ فساد وجھندڙ آھن تنھن ڪري تو لاءِ اسين ھن شرط تي ڏن مُقرّر ڪريون ته تون اسان جي ۽ سندن وچ ۾ اَڙ بڻاءِ.
2235 - (ذوالقرنين) چيو ته منھنجي پالڻھار جيڪا مون کي ان بابت سگھ ڏني آھي سا ڀلي آھي پوءِ اوھين مون سان زور بار جي مدد ڪريو ته اوھان جي ۽ سندن وچ ۾ اَڙ بڻايان.
2236 - لوھ جا ٽُڪر مون وٽ آڻيو، جنھن دم ٻنھي جبلن جي وچ ۾ (ڀري) پورائي ڪيائين (تنھن دم) چيائين ته ڌنئون، تان جو جڏھن ان کي (تپائي) باھ ڪيائين (تڏھن) چيائين ته مون وٽ آڻيو ته مٿس پگھاريل ٽامون پلٽيان.
2237 - پوءِ (ياجوج ماجوج) نڪي ان تي چڙھي سگھيا ۽ نڪي اُن کي ڪا سرنگھ ھڻي سگھيا.
2238 - چيائين ته ھي منھنجي پالڻھار جي (ھڪڙي) ٻاجھ آھي، جنھن مھل منھنجي پالڻھار جو انجام ايندو (تنھن مھل) ان کي سنئون ڪري ڇڏيندو ۽ منھنجي پالڻھار جو انجام سچو آھي.
2308 - جن تي الله فضل ڪيو سي آدم جي اولاد منجھان پيغمبرن مان آھن، ۽ جن کي نوح سان (ٻيڙي ۾) کنيوسون، ۽ ابراھيم ۽ يعقوب جي اولاد مان، ۽ جن کي ھدايت ڪئي سون ۽ چونڊيوسون تن مان آھن، جڏھن الله جون آيتون کين پڙھي ٻڌائبيون ھيون تڏھن سجدو ڪندڙ ۽ روئيندڙ ٿي ڪري پوندا ھوا.
2309 - پوءِ سندن پوئتان ڪيترا (ندورا) پيڙھيءَ تي ويٺا (جو) نماز ڇڏي ڏنائون ۽ سڌن جي پٺيان لڳا پوءَ سگھو گمراھيءَ جي سزا لھندا.
2310 - پر جن توبه ڪئي ۽ ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا سي بھشت ۾ گھڙندا ۽ مٿن ڪجھ ظلم نه ڪبو.
2388 - جڏھن تنھنجي ڀيڻ گھمي ٿي تڏھن چيائين ٿي جيڪو ان کي سنڀالي تنھنجو اوھان کي ڏس ڏيان، پوءِ توکي تنھنجي ماءُ ڏانھن موٽايوسون ته اُن جا نيڻ ٺرن ۽ غمگين نه رھي، ۽ ھڪڙو ماڻھو ماريئي پوءِ توکي ڏک کان ڇڏايوسين ۽ توکي پرکڻ طرح پرکيوسون، پوءِ مدين وارن ۾ ڪيترائي ورھ رھين، وري اي موسىٰ تون تقدير (الٰھي) موافق آئين.
2389 - ۽ (اي موسى) توکي خلاصو پاڻ لاءِ بڻايم.
2390 - تون ۽ تنھنجو ڀاءُ منھنجين نشانين سميت (فرعون ڏانھن) وڃو ۽ منھنجي ياد ڪرڻ ۾ ڍرائي نه ڪجو.
2391 - فرعون ڏانھن وڃو جو اُھو نافرمان ٿيو آھي.
2392 - پوءِ اُن سان نرميءَ سان ڳالھائجو ته مانَ اُھو سوچ ڪري يا ڊڄي.
2393 - چيائون ته اي اسان جا پالڻھار اسين ڊڄون ٿا ته متان اسان تي ڏاڍ ڪري يا زيادتي ڪري.
2394 - (الله) چيو ته نه ڊڄو بيشڪ آءٌ اوھان سان گڏ آھيان ٻڌان ٿو ۽ ڏسان ٿو.
2395 - پوءِ وٽس وڃو ۽ چئو ته اسين پنھنجي پالڻھار جا موڪليل آھيون پوءِ بني اسرائيلن کي اسان سان (ھلڻ) جي موڪل ڏي، ۽ کين نه ڏکوءِ بيشڪ تو وٽ تنھنجي پالڻھار (جي طرف) کان نشانيءَ سان آيا آھيون، ۽ جيڪو سڌي رستي تي ھلي تنھن تي سلامتي آھي.
5843 - ۽ بيشڪ گنھگار دوزخ ۾ ھوندا.
2396 - بيشڪ اسان ڏانھن وحي موڪليو ويو آھي ته جيڪو الله جي حُڪمن کي ڪُوڙ ڀانئي ۽ منھن موڙي تنھن تي عذاب (مقرر ٿيل) آھي.
2397 - (فرعون) چيو ته پوءِ اي مُوسىٰ اوھان جو پالڻھار ڪير آھي؟
2398 - (موسى) چيو ته اسان جو پالڻھاراُھو آھي جنھن ھر شيء کي (پاڻو داڻي) رُؤاني بخشي وري ھدايت ڪيائين.
2399 - (فرعون) چيو ته پھرين ٽولين جو ڪھڙو حال آھي؟
2409 - مُوسىٰ جادوگرن کي چيو ته اوھان تي خرابي ھجي الله تي ڪوڙو ٺاھ نه ٺاھيو نه ته اوھان کي ڪنھن آفت سان کپائيندو، ۽ جنھن ٺاھ ٺاھيو سو بيشڪ مراد کي نه پھتو.
2427 - ۽ فرعون پنھنجي قوم کي گمراھ ڪيو ۽ سڌي رستي نه لاتو.
3013 - ۽ اُھو آھي جو مون کي ماريندو ۽ وري مون کي جياريندو.
2428 - اي بني اسرائيلؤ بيشڪ اوھان کي اوھان جي ويريءَ کان بچايوسون ۽ طور (جبل) جي سڄي پاسي کان اوھان کي (توريت ڏئڻ جو) انجام ڪيوسون ۽ مَنّ ۽ سَلوىٰ اوھان تي لاٿاسون.
2429 - (۽ چيوسون ته) سٺين (شين) مان جيڪا اوھان جي روزي ڪئي سون سا کائو ۽ منجھس نافرماني نه ڪريو نه ته اوھان تي منھنجو ڏمر نازل ٿيندو، ۽ جنھن تي منھنجو ڏمر نازل ٿيو سو بيشڪ اُجڙيو.
2434 - پوءِ مُوسىٰ پنھنجي قوم ڏانھن ڪاوڙجي ارمان ۾ موٽيو، چيائين ته اي منھنجي قوم اوھان جي پالڻھار اوھان کي چڱو انجام نه ڏنو ھو ڇا؟ پوءِ اوھان تي مُدو ڊگھو ٿي پيو ڇا يا پنھنجي پالڻھار جو ڏمر پاڻ تي نازل ٿيڻ گھريوَ؟ تنھنڪري منھنجي انجام جي ابتڙائي ڪيوَ.
2435 - چيائون ته پنھنجي وس کان تنھنجي انجام جي برخلافي نه ڪئي سون پر (فرعون جي) قوم جي زيورن مان بار کڻايا وياسون پوءِ اُھي (باھ ۾) وڌاسون پوءِ اھڙي طرح سامري وڌا.
2436 - پوءِ انھن لاءِ گابي جو بوتو ڪڍيائين جنھن کي رنڀ ھئي پوءِ چيائون ته ھيءُ اوھان جو معبود ۽ موسىٰ جو معبود آھي، ۽ (مُوسى) ڀلجي ويو.
2461 - ۽ اھڙي طرح اِھو عربي قرآن لاٿوسون ۽ منجھس عذاب جو انجام طرحين طرحين بيان ڪيوسون ته مانَ اُھي ڊڄن يا (اُھو) اُنھن لاءِ نصيحت پيدا ڪري.
2462 - پوءِ الله سچو بادشاھ مٿاھون آھي، ۽ قرآن (جي پڙھڻ) ۾ اُن کان اڳ جو توڏانھن ان جو لھڻ پورو ڪجي تڪڙ نه ڪر، ۽ چؤ ته اي منھنجا پالڻھار منھنجو علم وڌاءَ.
2463 - ۽ بيشڪ آدم کي اڳ حُڪم ڪيوھوسون پوءِ وساريائين ۽ سندس ڪا پڪي نيت نه لڌي سون.
2477 - ۽ (اي پيغمبر) جيڪڏھن تنھنجي پالڻھار جو حُڪم آڳاٽو نه ٿئي ھا ۽ (پڻ) مدت مقرر ٿيل نه ھجي ھا ته ضرور (عذاب) لازم ٿئي ھا.
2478 - پوءِ جيڪي چوندا آھن تنھن تي صبر ڪر ۽ سج اُڀرڻ کان اڳ ۽ ان جي لھڻ کان اڳ پنھنجي پالڻھار جي پاڪائي ساراھ سان گڏ بيان ڪر، ۽ رات جي (پھرين) گھڙين ۾ ۽ ڪجھ گھڙيون ڏينھن جون پاڪائي بيان ڪر ته مانَ تون راضي ٿئين.
2479 - ۽ (اي پيغمبر) تون پنھنجي اکين کي انھن ڏانھن نه کول جنھن سان منجھائن (ڪافرن جي) ٽولين کي دنيا جي حياتي جي سينگار سان ھن لاءِ آسودو ڪيوسون ته منجھس کين پرکيون، ۽ تنھنجي پالڻھار جو رزق ڀلو ۽ سدائين رھڻ وارو آھي.
2530 - ۽ قيامت جي ڏينھن عدل جي ترازي رکندسون پوءِ ڪنھن جيءُ تي ڪجھ ظلم نه ڪبو، ۽ جيڪڏھن عمل اَھر جي داڻي جي تور ھوندو ته به اُن کي آڻينداسون، ۽ اسين حساب ڪندڙ بس آھيون.
2560 - ۽ کيس اھڙي قوم تي سوڀارو ڪيوسون جنھن اسان جي آيتن کي ڪوڙ ڀانيو، بيشڪ اُھي بڇڙي قوم ھوا تنھنڪري انھن مڙني کي ٻوڙيوسون.
2561 - ۽ دائود ۽ سليمان (جي قصي) کي (ياد ڪر) جڏھن پوک بابت فيصلو ڪيائون جو ھڪ قوم جي ڌڻ رات جو منجھس ڀيل ڪئي ھئي، ۽ سندن حُڪم ڪرڻ وقت حاضر ھواسون.
2562 - تڏھن اُھو سليمان کي سمجھايوسون، ۽ ھر ھڪ کي حڪمت ۽ علم ڏنوسون، ۽ دائود کي جبل ۽ پکي تابع ڪري ڏناسون جو (ساڻس) تسبيح چوندا ھوا، ۽ (اسين ايئن) ڪرڻ وارا ھواسون.
2563 - ۽ دائود کي اوھان لاءِ زرھ بڻائڻ ھن لاءِ سيکاري سون ته اوھان کي اوھان جي لڙائي (جي نقصان) کان بچائي، پوءِ اوھين ڪي شڪر ڪندڙ آھيو ڇا؟
2564 - ۽ سُليمان کي تِکو واءُ (تابع ڪري ڏنوسون) جو سندس حُڪم سان اھڙي زمين ڏانھن ھلندو ھو جنھن ۾ برڪت رکي سون، ۽ سڀڪنھن شيء کي ڄاڻندڙ آھيون.
2586 - کين تمام وڏو خوف ملول نه ڪندو ۽ کين مَلائڪ گڏبا، (۽ چوندن ته) ھيءُ اُھو ڏينھن آھي جنھن جو اوھان کي وعدو ڏنو ويندو ھو.
2587 - جنھن ڏينھن آسمان کي ڪاغذ جي ويڙھيءَ وانگي ويڙھينداسون، جئن پھريون بڻايوسون (تئن) ان کي وري بڻائينداسون، اھو انجام اسان تي لازم آھي، اسين ڪرڻ وارا آھيون.
2588 - ۽ بيشڪ توريت کان پوءِ زبور ۾ لکيوسون ته منھنجا صالح ٻانھان زمين جا وارث ٿيندا.
2609 - بيشڪ جن ايمان آندو ۽ چڱا عمل ڪيا تن کي الله اھڙن باغن ۾ داخل ڪندو جن جي ھيٺان واھيون وھنديون آھن، بيشڪ الله جيڪي گھرندو آھي سو ڪندو آھي.
2610 - جيڪو ڀائيندو آھي ته الله پيغمبر کي دنيا ۽ آخرت ۾ ڪڏھن مدد نه ڪندو تنھن کي گھرجي ته آسمان ڏانھن رسيءَ سان چڙھي وري گھرجيس ته ڇني پوءِ نھاري ته اُنھي جي حيلي اُن کي وڃايو (يا نه) جنھن اُن کي ڪاوڙايو.
2611 - ۽ اھڙي طرح اُن (قرآن) کي پڌريون آيتون ڪري نازل ڪيوسون ۽ الله جنھن کي گھرندو آھي تنھن کي ھدايت ڪندو آھي.
2612 - بيشڪ جن ايمان آندو ۽ جيڪي يھودي ۽ صابي ۽ نصارىٰ ۽ مجوسي ۽ مشرڪ آھن تن (سڀني) جي وچ ۾ الله قيامت جي ڏينھن نبيرو ڪندو، ڇوته الله سڀڪنھن شيء تي حاضر آھي.
2613 - (اي پيغمبر) نه ڏٺئي ڇا ته جيڪي آسمانن ۾ آھن ۽ جيڪي زمين ۾ آھن سي ۽ سج ۽ چنڊ ۽ تارا ۽ جبل ۽ وڻ ۽ ڍور ۽ ماڻھن مان گھڻا الله کي سجدو ڪندا آھن، ۽ گھڻا (ماڻھو) آھن جن تي عذاب لازم ٿيو آھي، ۽ جنھن کي الله خوار ڪري تنھن کي ڪو مانُ ڏيڻ وارو ڪونھي، ڇو ته الله جيڪي گھرندو آھي سو ڪندو آھي.
2618 - بيشڪ جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن کي الله اھڙن باغن ۾ داخل ڪندو جن جي ھيٺان واھيون پيون وھنديون منجھن سون جا زيور ۽ موتي پارائبا، ۽ منجھن سندين پوشاڪ پَٽَ جي ھوندي.
2629 - ۽ سڀڪنھن ٽوليءَ لاءِ قرباني جي طرح ھن لاءِ مقرر ڪئي سون ته کين ڍورن مان جيڪي روزي الله ڏني تنھن تي الله جو نالو ياد ڪن، پوءِ اوھان جو معبود ھڪ خُدا آھي تنھنڪري سندس حُڪم مڃيو، ۽ انھن عاجزي ڪندڙن کي خوشخبري ڏي.
2630 - جن جون دليون جڏھن الله کي ياد ڪبو آھي (تڏھن) ٿَڙڪنديون آھن ۽ (پڻ انھن ماڻھن کي جو) جيڪي مٿانِ آيو تنھن تي صبر ڪندڙ آھن ۽ نماز پڙھندڙ آھن ۽ کين جيڪا روزي ڏني سون تنھن مان خرچيندا آھن.
2631 - ۽ قربانيءَ وارن اُٺن کي اوھان لاءِ الله جي عبادت جي نشانين مان ڪيوسون منجھس اوھان لاءِ ڀلائي آھي، پوءِ قطاري مٿن الله جو نالو ياد ڪريو (يعني ذبح ڪريو)، پوءِ جڏھن اُھي پاسي ڀر ليٽن تڏھن منجھائن کائو ۽ (فقيرن) نه سوال ڪندڙ ۽ سوال ڪندڙ کي کارايو، اھڙي طرح اوھان کي اُھي تابع ڪري ڏناسون ته مانَ اوھين شڪرانو ڪريو.
2632 - نڪي اُنھن (قربانين) جو گوشت ۽ نڪي اُنھن جو رتُ الله کي پھچندو آھي پر اوھان جي پرھيزگاري الله کي پھچندي آھي، اھڙي طرح ھو اوھان کي تابع ڪري ڏنائين ته اوھين الله جي وڏائي (ھن شڪراني سببان) بيان ڪريو جو اوھان کي ھدايت ڪيائين، ۽ ڀلارن کي خوشخبري ڏي.
2633 - بيشڪ الله مؤمنن کان (سندن ويري) ٽاريندو آھي، ڇوته الله سڀڪنھن خيانت ڪندڙ بي شڪر کي دوست نه رکندو آھي.
2634 - جن سان (ڪافر) وڙھندا آھن تن کي (جھاد لاءِ) انھيءَ ڪري موڪل ڏني وئي جو انھن تي ظلم ڪيو ويو آھي، ۽ بيشڪ الله کين مدد ڏيڻ تي وس وارو آھي.
2662 - سڀڪنھن ٽوليءَ لاءِ ھڪ شريعت مقرر ڪئي سون جنھن تي اُھي عمل ڪندڙ آھن پوءِ جڳائين ته ھِن ڪم ۾ جھڳڙو نه ڪن ۽ (تون) پنھنجي پالڻھار ڏانھن (ماڻھن کي) سڏيندو رھ، بيشڪ تون سڌيءَ واٽ تي آھين.
2635 - جن کي پنھنجن ديسن مان ناحق لوڌيو ويو تن (ھن) چوڻ کانسواءِ (ٻيو) نه چيو ته اسانجو پالڻھار الله آھي، ۽ جيڪڏھن ڪن ماڻھن سان ڪن کي الله نه ٽاري ھا ته (جيڪر) خانقاھون ۽ گرجائون ۽ ڪليسا ۽ مسجدون جن ۾ الله جو نالو گھڻو ياد ڪبو آھي سي ضرور ڊاٺيون وڃن ھا، ۽ جيڪو الله (جي دين) جي مدد ڪندو آھي تنھنکي الله ضرور مدد ڏيندو آھي، ڇو ته الله ضرور ڏاڍو ۽ غالب آھي.
2636 - انھن ماڻھن کي جو جيڪڏھن کين زمين ۾ غلبو ڏينداسون ته نماز پڙھندا ۽ زڪوٰة ڏيندا ۽ چڱن ڪمن جو حُڪم ڪندا ۽ مدن ڪمن کان منع ڪندا، ۽ سڀني ڪمن جي پڇاڙي الله لاءِ آھي.
2641 - پوءِ مُلڪ ۾ نه گھميا آھن ڇا؟ ته کين (اھڙيون) دليون ھجن جن سان اُھي سمجھن يا کين (اھڙا) ڪن ھجن جن سان ٻُڌن، بيشڪ ھي (حالت) آھي ته سندن اکيون انڌيون نه آھن پر دليون انڌيون اٿن جيڪي سندن سينن ۾ آھن.
2642 - ۽ (اي پيغمبر) توکان عذاب جو جلد اچڻ گھرندا آھن ۽ الله پنھنجو انجام ڪڏھن اُبتڙ نه ڪندو، ۽ تنھنجي پالڻھار وٽ ھڪ ڏينھن اوھان جي ڳاڻيٽي جي ھزار ورھ جي برابر آھي.
2673 - ۽ الله (جي دين) ۾ اھڙو جھاد ڪريو جھڙو اُن جي جھاد جو حق آھي، اُنھيءَ اوھان کي پسند ڪيو ۽ اوھان تي دين ۾ ڪا اوکائي نه ڪيائين، اوھان جي پيءُ ابراھيم جو دين (اوھان جو دين ڪيائين)، الله اوھان جو نالو ھن کان اڳ ۽ ھن (قرآن) ۾ مسلمان ھن لاءِ رکيو آھي ته پيغمبر (ﷴ رسُول ﷺ) اوھان تي شاھد ھجي ۽ اوھين ماڻھن تي شاھد ھجو، پوءِ نماز پڙھو ۽ زڪوٰة ڏيو ۽ الله کي چنبڙي وٺو، (جو) اُھو اوھان جو سائين آھي، پوءِ چڱو سائين ۽ چڱو مددگار آھي.
2674 - بيشڪ اُھي مؤمن ڇٽا.
2675 - جيڪي پنھنجي نماز ۾ عاجزي ڪندڙ آھن.
2676 - ۽ جيڪي اجائي ڳالھ کان منھن موڙيندڙ آھن.
2677 - ۽ جي زڪوٰة ادا ڪندڙ آھن.
2678 - ۽ جي پنھنجين اُگھڙن کي (زنا کان) بچائيندڙ آھن.
2679 - رڳو پنھنجين زالن يا پنھنجين ٻانھين سا (گڏ ٿيندا آھن) پوءِ بيشڪ اُھي ملامت ڪيل نه آھن.
2680 - پوءِ جيڪي اُنھن (پنھنجين زالن يا پنھنجين ٻانھين) کانسواءِ طلبيندا سي ئي حد کان لنگھندڙ آھن.
2681 - ۽ جيڪي پنھنجين امانتن کي ۽ پنھنجي انجام کي سنڀاليندڙ آھن.
2793 - زنا ڪندڙ زال ۽ زنا ڪندڙ مڙس سو ٻنھيءَ مان ھر ھڪ کي سؤ دُرا ھڻو، ۽ جيڪڏھن اوھين الله ۽ قيامت جي ڏينھن کي مڃيندا آھيو ته الله جي دين ۾ اوھان کي انھي ٻنھي تي نرمي ڪرڻ نه جڳائي، ۽ مؤمنن مان ھڪ ٽوليءَ کي انھن ٻنھي جي سزا تي حاضر ٿيڻ گھرجي.
2794 - زنا ڪندڙ مرد زنا ڪندڙ زال يا مشرڪياڻيءَ کانسواءِ ٻي نه پرڻبو، ۽ زنا ڪندڙ زال کيس زنا ڪندڙ مڙس يا مشرڪ کانسواءِ ٻيو نه پرڻبو، ۽ اِھو (زنا ڪندڙ زال سان نڪاح ڪرڻ) مؤمنن تي حرام ڪيو ويو.
2795 - ۽ جيڪي پاڪدامن عورتن کي تھمت لائين وري چار شاھد نه آڻين ته کين اسي دُرا ھڻو ۽ انھن جي گواھي اصلي قبول نه ڪريو، ۽ اُھي بي دين آھن.
2796 - پر ھن کان پوءِ جن توبه ڪئي ۽ پاڻ سُڌاريو، ته الله بخشڻھار مھربان آھي.
2797 - ۽ جيڪي پنھنجي زالن کي تُھمت لائين ۽ کين پاڻ کانسواءِ ڪي شاھد نه ھجن ته اھڙي ھر ھڪ جي (سچي) شاھدي چار ڀيرا (ھيئڻ ڏيڻ) آھي ته الله جو قسم ته بيشڪ پاڻ سچ چوندڙن مان آھي.
2798 - ۽ پنجون ڀيرو چوي ته جيڪڏھن ڪوڙن مان ھوندو ته مٿس الله جي لعنت ھجي.
2799 - ۽ اُن زال کان (ھيءَ ڳالھ) سزا ٽاريندي جو چار ڀيرا شاھدي ڏئي ته الله جو قسم ته بيشڪ اُھو مُڙس ڪُوڙ چوندڙن مان آھي.
2800 - ۽ پنجون ڀيرو (ھيءَ شاھدي ڏئي) ته جيڪڏھن اُھو مڙس سچن مان آھي ته اُن (زال) تي الله جو ڏمر ھُجي.
2801 - ۽ جيڪڏھن اوھان تي الله جو فضل ۽ سندس ٻاجھ نه ھجي ھا (ته عذاب ٿئيوَ ھا) ۽ بيشڪ الله توبه قبول ڪندڙ حِڪمت وارو آھي.
2804 - اِن (ڳالھ) تي چار شاھد ڇونه آندائون؟ پوءِ جڏھن شاھد نه آندائون تڏھن اُھي ئي الله وٽ ڪُوڙا آھن.
2805 - ۽ جيڪڏھن الله جو فضل ۽ سندس ٻاجھ دنيا ۽ آخرت ۾ اوھان تي نه ھجي ھا ته جنھن (ڳالھ) بابت چرچو مچايوَ (تنھن بابت) اوھان کي (تڏھن ئي) وڏو عذاب پھچي ھا.
2806 - جڏھن ان کي پنھنجن زبانن سان ٻاڦيندا رھيؤ ۽ جنھن (ڳالھ جي حقيقت) جي اوھان کي ڪا خبر نه ھئي سا پنھنجن واتن سان چوندا رھيؤ ۽ اُن کي ھلڪو ٿي ڀانيوَ، ۽ (حقيقت ڪري) اُھو الله وٽ وڏو (گناہ) ھو.
2808 - الله اوھان کي نصيحت ٿو ڪري ته جيڪڏھن مؤمن آھيو ته (ٻيھر) وري اصلي اھڙو (ڪم) نه ڪجو.
2809 - ۽ الله اوھان لاءِ آيتون بيان ٿو ڪري، ۽ الله ڄاڻندڙ حڪمت وارو آھي.
2810 - بيشڪ جيڪي (ماڻھو) مؤمنن (جي نسبت) ۾ بدڪاريءَ (جي تھمت) جي پڌري ٿيڻ کي دوست رکندا آھن تن لاءِ دنيا ۽ آخرت ۾ ڏکوئيندڙ عذاب آھي، ۽ الله ڄاڻندو آھي ۽ اوھين نه ڄاڻندا آھيو.
2811 - ۽ جيڪڏھن اوھان تي الله جو فضل ۽ سندس ٻاجھ نه ھجي ھا (ته ضرور خراب ٿيو ھا) ۽ الله بخشڻھار مھربان آھي.
2812 - اي ايمان وارؤ اوھين شيطان جي وِکن تي نه ھلو، ۽ جيڪو شيطان جي وِکن تي ھلندو ته شيطان ته بيحيائي (جون ڳالھيون) ۽ مندا ڪم ڏسيندو آھي، ۽ جيڪڏھن اوھان تي الله جو فضل ۽ سندس ٻاجھ نه ھجي ھا ته اوھان مان ڪو ھڪ ڪڏھن نه سُڌري ھا پر الله جنھن کي گھرندو آھي تنھن کي پاڪ ڪندو آھي، ۽ الله ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آھي.
2813 - ۽ اوھان مان فضل وارا ۽ آسودا مائٽي وارن ۽ مسڪينن ۽ الله جي واٽ ۾ وطن ڇڏيندڙن کي (ڪي به) نه ڏيڻ جو قسم نه کڻن، ۽ جڳائي ته معاف ڪن ۽ ٽارو ڪن، اوھين نه گھرندا آھيو ڇا ته الله اوھان کي بخشي؟ ۽ الله بخشڻھار مھربان آھي.
2814 - بيشڪ جيڪي (ماڻھو) پاڪدامن بي خبر مؤمنياڻن زالن کي تُھمت لائيندا آھن تن تي دنيا ۽ آخرت ۾ لعنت آھي، ۽ اُنھن لاءِ (اُنھيءَ ڏينھن) وڏو عذاب آھي.
2818 - اي ايمان وارؤ پنھنجن گھرن کانسواءِ ٻـين (ماڻھن جي) گھرن ۾ (ايسين) نه گھڙو جيسين (نه) موڪلايو ۽ اُن جي رھڻ وارن تي سلام (نه) ڏيو، اِھو اوھان لاءِ چڱو آھي مانَ اوھين نصيحت وٺو.
2819 - پوءِ جيڪڏھن منجھس ڪنھن کي نه ڏسو ته اُن ۾ (ايسين) نه گھڙو جيسين اوھان کي موڪل (نه) ڏجي، ۽ جيڪڏھن اوھان کي چئجي ته موٽي وڃو ته موٽي وڃو اِھو اوھان لاءِ تمام سٺو آھي، ۽ جيڪي اوھين ڪندا آھيو سو الله ڄاڻندڙ آھي.
2820 - اھڙن گھرن ۾ گھڙڻ کان اوھان تي ڪو گناھ ڪونھي جنھن ۾ ڪوئي نه رھندو ھجي منجھس اوھان جو سامان (رکيل) ھجي، ۽ جيڪي پڌرو ڪندا آھيو ۽ جيڪي لڪائيندا آھيو سو الله ڄاڻندو آھي.
2821 - مؤمن مڙسن کي چؤ ته پنھنجين اکين کي ھيٺ ڪن ۽ پنھنجن اُگھڙن کي بچائيندا رھن، اھو انھن لاءِ تمام سٺو آھي، جيڪي ڪندا آھن تنھنجي بيشڪ الله خبر رکندڙ آھي.
5233 - (اي پيغمبر جون زالون) جيڪڏھن اوھين ٻئي الله وٽ توبه ڪنديون ته بيشڪ اوھان جي دلين لاڙو ڪيو آھي، ۽ جيڪڏھن پيغمبر (جي ايذائڻ تي ٻئي گڏجي ڏاڍ ڪنديون ته بيشڪ الله سندس ڀرجھلو آھي ۽ جبرئيل ۽ سُڌريل مؤمن (به)، ۽ ھن کانپوءِ ملائڪ (به) مددگار آھن.
2822 - ۽ مؤمن زالن کي چؤ ته پنھنجيون اکيون جھڪيون ڪن ۽ پنھنجن اوگھڙن کي بچائينديون رھن ۽ پنھنجي سينگار (يعني زيوتن جي جاين) کي پڌرو نه ڪن پر اُنھن مان جيڪي ظاھر (ضروري) آھن (جھڙا ھٿ پير) ۽ جڳائين ته پنھنجين چادرن کي پنھنجي گريبانن تي لاھي ڇڏين، ۽ پنھنجن مڙسن يا پنھنجن پين يا پنھنجن سُھرن يا پنھنجن پُٽن يا پنھنجن مڙسن جي پُٽن يا پنھنجن ڀائرن يا پنھنجن ڀائيٽن يا پنھنجن ڀاڻيجن يا پنھنجن زالن يا پنھنجن ٻانھن يا خدمت گار مڙسن مان (زالن ڏانھن) اڻ خواھش وارن يا جن ٻارن کي زالن جي اوگھڙ جو سماءُ نه پوي تن ڌاران ٻـين (سڀني) جي اڳيان پنھنجو سينگار پڌرو نه ڪن، ۽ پنھنجن پيرن سان (زيور) ھن لاءِ نه ڇمڪائين ته سندن سينگار مان جيڪي ڳجھو آھي سو ڄاتو وڃي، ۽ اي مسلمانؤ اوھين مڙيئي الله جي اڳيان توبه ڪريو ته مانَ اوھين ڇُٽو.
2823 - ۽ پنھنجيءَ (قوم) مان رنن زالن کي پرڻايو ۽ پنھنجن ٻانھن ۽ پنھنجين ٻانھين مان نيڪن کي (به پرڻايو)، جيڪڏھن (ھو) غريب ھوندا ته الله پنھنجي فضل سان کين آسُودو ڪندو، ۽ الله (مھربانيءَ ۾) ڪشادگيءَ وارو ڄاڻندڙ آھي.
2844 - ۽ الله جا وڏا وڏا قسم پڪيءَ طرح کڻندا آھن ته جيڪڏھن کين حُڪم ڪرين ته ضرور (سڀ ڦٽي ڪري پنھنجي ديس مان) نڪرندا، (اي پيغمبر کين) چؤ ته قسم نه کڻو، دستوري فرمانبرداري (ڪريو)، ڇوته جيڪي ڪندا آھيو تنھنجي الله خبر رکندڙ آھي.
2824 - ۽ جيڪي پرڻجي نٿا سگھن تن کي ايسين پاڪدامن رھڻ گھرجي جيسين کين الله پنھنجي فضل سان آسودو ڪري، ۽ اوھان جي ٻانھن مان جيڪي (آزاديءَ لاءِ عوض ڏيڻ جو) لکيل انجام گھرن تن ۾ جيڪڏھن ڪا چڱائي ڄاڻو ته کين لکيل انجام ڏيو، ۽ جيڪو مال الله اوھان کي ڏنو آھي تنھن مان کين ڏيو، ۽ اوھان جون ٻانھيون جيڪڏھن پاڪدامن رھڻ جو ارادو ڪن ٿيون ته انھن کي اوھين دُنيا جي حياتيءَ جي سامان حاصل ڪرڻ لاءِ زنا تي زور نه ڪريو، ۽ جيڪو کين زنا تي زور ڪندو ته زور ڪرڻ کانپوءِ انھن (ٻانھين) کي الله بخشڻھار مھربان آھي.
2826 - الله آسمانن ۽ زمين کي روشن کي ڪندڙ آھي، سندس نُور جو مثال انھيءَ جاري وانگر آھي جنھن ۾ ڏيو ھجي، ڏيو قنديل ۾ ھجي، اُھو قنديل ڄڻڪ چمڪندڙ ستارو آھي جو انھيءَ برڪت واري زيتون جي وڻ (جي تيل) مان ٻارجي جو نڪي اوڀر ۽ نڪي اولھ (ڄمندو) آھي سندس تيل جيتوڻيڪ باھ نه پھتي ھجيس ته به سوجھري ڪرڻ کي ويجھو آھي، نُور تي نُور آھي، الله جنھن کي گھرندو آھي تنھنکي پنھنجي نُور سان سِڌو رستو ڏيکاريندو آھي، ۽ الله ماڻھن لاءِ مثال بيان ڪندو آھي، ۽ الله سڀڪنھن شيء کي ڄاڻندڙ آھي.
2827 - (اُنھي نُور جو ھنڌ) اُنھن گھرن ۾ (آھي) جن لاءِ الله حُڪم ڪيو آھي ته انھن جي تعظيم ڪجي ۽ انھن ۾ سندس نالو ياد ڪجي انھن ۾ صبح ۽ سانجھيءَ جو الله جي پاڪائي بيان ڪندا آھن.
2828 - (يعني اھڙا) مڙس جو انھن کي واپار ۽ نڪي سودو الله جي ياد ڪرڻ ۽ نماز پڙھڻ ۽ زڪوٰة ڏيڻ کان جھليندو آھي، انھي ڏينھن کان ڊڄندا آھن جنھن ۾ دليون ۽ اکيون اُبتيون ٿينديون.
2829 - ھن لاءِ ته جيڪي تمام چڱا عمل ڪيائون تن جوالله کين بدلو ڏئي ۽ کين پنھنجي فضل سان وڌيڪ به ڏئي، ۽ الله جنھن کي گھرندو آھي (تنھن کي) اَڻ ڳڻي روزي ڏيندو آھي.
2830 - ۽ جن ڪُفر ڪيو تن جا اعمال رڻ پَٽ جي رُڃ وانگر آھن اُڃو اُن کي پاڻي ڀانئي، تان جو جڏھن اُن وٽ پُھچي (تڏھن) اُن کي ڪا شيء نه لھي ۽ الله کي ئي پاڻ وٽ لھي پوءِ اُھو کيس سندس حساب پورو پُھچائي ڏئي، ۽ الله جلد حساب وٺندڙ آھي.
2831 - يا (ڪافر جي عملن جو مثال) اونداھين وانگر آھي جو اُونھيءَ درياءَ ۾ لھر جي مٿان لھر ويڙھيس مٿانئس جھُڙ ھُجي، ھڪ ٻئي جي مٿان (اُھي) اونداھيون ھُجن، جڏھن پنھنجو ھٿ ڪڍي (تڏھن) اُن کي ڏسي نه سگھي، ۽ جنھن کي الله سوجھرو نه ڏنو تنھن کي ڪو سوجھرو ڪونھي.
2832 - نه ڏٺو اٿئي ڇا ته جيڪي آسمانن ۽ زمين ۾ آھن سي ۽ کليل پرن وارا پکي الله جي پاڪائي بيان ڪندا آھن، بيشڪ سڀئي پنھنجي نماز ۽ پنھنجي تسبيح (پڙھڻ جي طرح) کان واقف آھن، ۽ جيڪي ڪندا آھن سو الله ڄاڻندڙ آھي.
2833 - آسمانن ۽ زمين جي بادشاھت الله جي آھي، ۽ الله ڏانھن ورڻو آھي.
2834 - (اي پيغمبر) نه ڏٺو اٿئي ڇا ته الله ڪڪرن کي ھلائيندو آھي وري انھن کي پاڻ ۾ گڏيندو آھي وري کين کين تھن تي تھ ڪندو آھي پوءِ ڏسندو آھين ته ڦڙي سندس وچ مان نڪرندي آھي، ۽ آسمان کان اُتي جي ڳڙن جي ٽڪرن مان ڳڙو وسائيندو آھي پوءِ جنھن کي وڻيس تنھن کي اُھو پُھچائيندو ۽ جنھن کان وڻيس تنھن کان اُھو ٽاريندو آھي، اُن (ڪڪر) جي وِڄ جو چمڪاٽ (ڄڻ ته) اجھو اکيون ٿو نئي.
2835 - الله رات ۽ ڏينھن کي مٽائيندو آھي، بيشڪ اُن ۾ ڏسڻ وارن لاءِ عبرت آھي.
2836 - ۽ الله سڀڪو جاندار پاڻيءَ مان بڻايو آھي، پوءِ منجھائن ڪي پيٽ ڀر ھلندا آھن، ۽ منجھائن ڪي ٻن پيرن تي ھلندا آھن، ۽ منجھائن ڪي چئن (پيرن) تي ھلندا آھن، الله جيڪي گھرندو آھي سو پيدا ڪندو آھي، ڇوته الله سڀڪنھن شيء تي وس وارو آھي.
2837 - بيشڪ پڌريون آيتون نازل ڪيوسون، ۽ الله جنھن کي گھري تنھن کي سڌو رستو ڏيکاريندو آھي.
2838 - ۽ (منافق) چوندا آھن ته الله تي ۽ جنھن پيغمبر تي ايمان آندوسون ۽ فرمانبرداري ڪئي سون وري اُن کانپوءِ منجھانئن ھڪ ٽولي ڦري وڃي ٿي، ۽ اُھي اِيمان وارا نه آھن.
2845 - چؤ ته الله جي فرمانبرداري ڪريو ۽ پيغمبر جي فرمانبرداري ڪريو، پوءِ جيڪڏھن ڦرندؤ ته جيڪي پيغمبر تي (الله جي حُڪمن پُھچائڻ جو حق) رکيو ويو تنھن جو ذمو مٿس ئي آھي ۽ جيڪي اوھان تي رکيو ويو تنھن تي عمل ڪرڻ جو حق اوھان تي ئي آھي، ۽ جيڪڏھن سندس چيو مڃيندؤ ته ھدايت وارا ٿيندؤ، ۽ پيغمبر تي رڳو پڌرو پيغام پُھچائڻ لازم آھي.
2846 - اوھان مان جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن کي الله انجام ڏنو آھي ته مُلڪ ۾ ضرور کين خليفو ڪندو جئن کانئن اڳين کي حاڪم ڪيائين، ۽ سندن انھيءَ دين کي جو انھن لاءِ پسند ڪيو اٿس انھن لاءِ ضرور پختو ڪندو ۽ سندس ڊڄ کان پوءِ کين مٽائي اَمن ڏيندو، (اُھي) منھنجي عبادت ڪندا رھندا، (۽) مون سان ڪنھن شيء کي شريڪ نه ڪندا، ۽ جيڪي ان کانپوءِ ناشڪري ڪندا سي ئي بي دين آھن.
2847 - ۽ نماز پڙھو ۽ زڪوٰة ڏيو ۽ پيغمبر جي فرمانبرداري ڪريو ته مانَ اوھان تي رحم ڪيو وڃي.
2848 - ڪافرن کي نه ڀانءِ ته زمين ۾ ٿَڪائيندڙ آھن، ۽ سندين جاءِ دوزخ آھي، البت اُھو موٽڻ جو ھنڌ بڇڙو آھي.
2849 - اي ايمان وارؤ اوھان جي ٻانھن ۽ جيڪي اوھان مان بلوغت کي نه پُھتا آھن تن کي ٽي وقت (گھرن ۾ اچڻ لاءِ) اوھان کان موڪلائڻ گھرجي، فجر جي نماز کان اڳ ۽ منجھند کي جو اوھين ڪپڙا لاھي رکندا آھيو ۽ سومھاڻي جي نماز کان پوءِ، (جو اھي) اوھان لاءِ ٽي اُگھڙ جا وقت آھن، انھن کان پوءِ ھڪ ٻئي وٽ اوھان جي اچڻ وڃڻ کان نڪي اوھان تي ۽ نڪي اُنھن تي گناھ آھي، اھڙي طرح الله اوھان لاءِ حُڪم بيان ڪري ٿو، ۽ الله ڄاڻندڙ حڪمت وارو آھي.
2850 - ۽ جڏھن اوھان مان ٻار بلوغت کي پھچن تڏھن کين اھڙي طرح موڪل وٺڻ گھرجي جھڙي طرح انھن (ڇوڪرن) کان اڳيان (وڏا) موڪل وٺندا آھن، اھڙي طرح الله اوھان لاءِ پنھنجا حُڪم بيان فرمائي ٿو، ۽ الله ڄاڻندڙ حڪمت وارو آھي.
2851 - ۽ جيڪي ٻڍيون زالون پرڻي جو ڪو آسرو نه رکنديون ھجن سي جيڪڏھن سينگارجي پڌري نه ڪرڻ جي ارادي سان پنھنجون چادرون نه ڍڪين ته مٿن گناھ ڪونھي، ۽ جيڪڏھن (اُن کان به) بچن ته اُنھن لاءِ ڀلو آھي، ۽ الله ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آھي.
2852 - انڌي تي ڪا اوکائي نه آھي ۽ نڪي منڊي تي اوکائي ۽ نڪي بيمار تي ڪا اوکائي ۽ نڪي خود اوھان (ماڻھن) تي (ڪا اوکائي) آھي جي اوھين پنھنجن گھرن (مان) يا پنھنجن پيُن جي گھرن يا پنھنجن مائرن جي گھرن يا پنھنجي ڀائرن جي گھرن يا پنھنجن ڀينرن جي گھرن يا پنھنجن چاچن جي گھرن يا پنھنجن پڦين جي گھرن يا پنھنجن مامن جي گھرن يا پنھنجي ماسين جي گھرن يا جن جي گھرن جون ڪنجيون اوھان جي ھٿ آھن تن ۽ پنھنجن دوستن جي گھرن مان کائو، گڏجي (کائڻ) يا ڌار ڌار ٿي کائڻ ۾ اوھان تي ڪو گناھ ڪونھي، پوءِ جڏھن گھرن ۾ گھڙو تڏھن پنھنجن ماڻھن تي سلام ڏيو جو (اھا) الله وٽان برڪت واري سٺي دُعا آھي، اھڙي طرح الله اوھان لاءِ حُڪم بيان ڪندو آھي ته مانَ اوھين سمجھو.
3348 - ۽ ماڻھوءَ کي پنھنجي ماءُ پيءُ سان چڱائي ڪرڻ جو حُڪم ڪيوسون، ۽ (اي ماڻھو) جيڪڏھن (اُھي) مون سان ڪنھن کي شريڪ ڪرڻ جي توکي ڪوشش ڪن جنھن (جي حقيقت) جي توکي ڪا ڄاڻپ نه آھي ته اُنھن جو چيو نه مڃ، اوھان جو مون ڏانھن موٽڻ آھي تنھنڪري جيڪي ڪندا ھيؤ تنھنجي اوھان کي سُڌ ڏيندس.
5845 - ۽ اُن کان اُھي لڪل نه ھوندا.
2853 - مؤمن رڳا اُھي آھن جن الله ۽ سندس پيغمبر تي ايمان آندو آھي ۽ جڏھن گڏ ڪَرڻ واري ڪنھن ڪم ۾ ساڻس ھوندا آھن (تڏھن) ايسين ڪيڏي نه ويندا آھن جيسين کانئس موڪل (نه) وٺندا آھن، بيشڪ (اي پيغمبر) جيڪي توکان موڪلائيندا آھن سي اُھي آھن جي الله ۽ سندس پيغمبر کي مڃيندا آھن، پوءِ جڏھن پنھنجن ڪن ڪمن لاءِ توکان موڪلائين تڏھن انھن مان جنھن لاءِ گھرين تنھن کي موڪل ڏي ۽ اُنھن لاءِ الله کان بخشش گُھر، ڇوته الله بخشڻھار مھربان آھي.
2854 - اوھين پاڻ ۾ پيغمبر کي سڏڻ اھڙي طرح نه ڀانيو جھڙيءَ طرح اوھان جو ھڪ ٻئي کي سڏڻ آھي بيشڪ الله انھن کي ڄاڻندو آھي جيڪي اوھان مان ٻي جي اوٽ ڪري کسڪي ويندا آھن، پوءِ جيڪي سندس حڪم جي ابتڙ ھلندا آھن تن کي پاڻ تي بلا پھچڻ کان يا پاڻ تي ڪنھن ڏکوئيندڙ عذاب پھچڻ کان ڊڄڻ گھرجي.
2855 - خبردار ھجو جيڪي آسمانن ۽ زمين ۾ آھي سو بيشڪ الله جو آھي، جنھن (حال) تي اوھين آھيو تنھن کي بيشڪ الله ڄاڻندو آھي، ۽ جنھن ڏينھن ڏانھس موٽايا ويندا (تنھن ڏينھن) جيڪي ڪمايائون تنھنجي کين سُڌ ڏيندو، ۽ الله سڀڪنھن شيء کي ڄاڻندڙ آھي.
2875 - ۽ توکان اڳ پيغمبرن مان جيترا به موڪلياسون سي (به تو ئي وانگر) طعام کائيندا ھوا ۽ بازارين ۾ گھمندا ھوا، ۽ اوھان کي (پاڻ ۾) ھڪ ٻئي لاءِ پرک ڪيو اٿئون، (ته ڏسون ته) صبر ڪريو ٿا (يا نه)؟ ۽ تنھنجو پالڻھار ڏسندڙ آھي.
2876 - ۽ جيڪي اسان جي ملڻ جي اُميد نه رکندا آھن سي چوندا آھن ته اسان تي ڇو نه ملائڪ نازل ڪيا ويا يا پنھنجي پالڻھار کي (ڇو نه ٿا) ڏسون؟ بيشڪ اُنھن پنھنجن جيئن ۾ وڏائي ڪئي ۽ تمام وڏو ھٺ ڪيائون.
3173 - ۽ بي انصافي ۽ وڏائيءَ کان اُنھن (نشانين) جو انڪار ڪيائون حالانڪ سندين دلين انھن کي پڪ ڄاتو ھو (ته الله جي طرف کان آيل آھن)، پوءِ ڏس ته فسادين جي پڇاڙي ڪھڙي طرح ٿي.
3174 - ۽ بيشڪ داؤد ۽ سليمان کي علم ڏنوسون، ۽ ھنن چيو ته سڀ ساراھ اُنھي الله کي جڳائي جنھن پنھنجن گھڻن مؤمن ٻانھن تي اسان کي ڀلائي ڏني آھي.
3175 - ۽ سليمان داؤد جو وارث ٿيو ۽ چيائين ته اي ماڻھؤ اسان کي پکين جي ٻولي سيکاري وئي آھي ۽ اسان کي سڀڪا نعمت ڏني وئي آھي، بيشڪ اھا پڌري ڀلائي آھي.
3177 - تان جو جڏھن ڪِوۡلين جي ميدان تي پھتا (تڏھن) ھڪ ڪِوۡل چيو ته اي ڪيوۡليون اوھين پنھنجي ٻرڙن ۾ گھڙو، ته سليمان ۽ سندس لشڪر پنھنجي بي خبريءَ ۾ اوھان کي نه لتاڙين.
3178 - پوءِ (سليمان) اُن جي ڳالھائڻ کان مُرڪي کِليو ۽ چيائين ته اي منھنجا پالڻھار مون کي توفيق ڏي ته تنھنجي اُنھن نعمتن جو شڪر ڪريان جي مون تي ۽ منھنجي ماءُ پيءُ تي ڪيون اٿيئي ۽ (توفيق ڏيم) ته اھڙا چڱا ڪم ڪريان جن کان تون راضي ٿئين ۽ مون کي پنھنجي ٻاجھ سان پنھنجي صالح ٻانھن ۾ داخل ڪر.
3179 - ۽ پکين جو حال احوال معلوم ڪيائين پوءِ (ھُد ھُد کي نه ڏسي ڪري) چيائين ته مون کي ڇا (ٿيو) آھي جو ھُد ھُد نه ٿو ڏسان، يا ھو غير حاضر آھي؟
3180 - ضرور سخت سزا ڏيندوسانس يا ضرور ڪُھندوسانس يا مون وٽ ڪو پڌرو دليل آڻي.
3203 - اُن کي چيو ويو ته محلات ۾ گھِڙ پوءِ اُھا جنھن مھل ڏٺائين (تنھن مھل) اُن کي پاڻيءَ جو تلاءُ ڀانيائين ۽ پنھنجن پنين تان ڪپڙو لاٿائين، (سليمانؑ) چيو ته اھا محلات شيشن سان جڙاء ٿيل آھي، چيائين ته اي منھنجا پالڻھار مون پاڻ تي ظلم ڪيو ۽ (ھاڻي) جھانن جي پالڻھار الله کي سُليمان سميت مڃيم.
3204 - ۽ بيشڪ ثمود (قوم) ڏانھن سندن ڀاءُ صالح موڪليوسون ته الله جي عبادت ڪريو پوءِ اُھي اُن مھل ٻه ٽوليون ٿي جھڳڙو ڪنديون رھيون.
3205 - (صالح) چيو ته اي منھنجي قوم اوھين چڱائيءَ کان اڳ تڪڙو عذاب ڇو گھرندا آھيو؟ الله کان بخشش ڇونه ٿا گھرو ته مانَ اوھان تي رحم ڪيو وڃي.
3206 - چيائون ته توکي ۽ تنھنجي سنگت کي نڀاڳو سمجھيوسون، (صالح) چيو ته اوھان جو نڀاڳ الله وٽ آھي بلڪ اوھين قوم پرکبؤ.
3207 - ۽ (اُن) شھر ۾ نَو ڄڻا ھوا جي مُلڪ ۾ ڏڦير وجھندا ھوا ۽ سُڌارو نه ڪندا ھوا.
3208 - اُنھن الله جو قسم کڻي پاڻ ۾ کڻي چيو ته صالح ۽ سندس گھر وارن کي راتاھو ھڻي ماريون وري سندس وارث کي ضرور چونداسون ته (اسين) سندس گھر وارن جي ھلاڪ ٿيڻ مھل حاضر نه ھواسون ۽ بيشڪ اسين سچا آھيون.
3209 - ۽ ھنن ھڪڙي قسم جو فريب ڪيو ۽ اسان (به) ھڪڙي قسم جي رٿ رٿي ۽ اُھي بي خبر ھوا.
3210 - پوءِ (اي پيغمبر) نھار ته سندن فريب جي پڇاڙي ڪھڙي طرح ٿي جو اسان کين ۽ سندن ساري قوم کي ناس ڪيو.
3218 - (اي پيغمبر) چؤ ته سڀ ساراہ الله کي جڳائي ۽ سندس انھن ٻانھن تي سلام ھجي جن کي پسند ڪيائين، الله ڀلو آھي يا اُھو جنھن کي (اُھي الله جو) شريڪ بڻائيندا آھن؟
3219 - (نه بلڪ پڇون ٿا) اُھو ڪير آھي جنھن آسمانن ۽ زمين کي بڻايو ۽ اوھان لاءِ آسمان مان پاڻي وسايو؟ پوءِ ان سان (ھر طرح جا) رونق وارا باغ ڄماياسون، اُنھن (باغن) جي وڻن جي ڄمائڻ جي اوھان کي ڪا سگھ نه ھئي الله سان ڪو ٻيو معبود آھي ڇا؟ بلڪ اُھي (اھڙي قوم آھن جي سڌي رستي کان) ڏنگو ھلندا آھن.
3220 - (نه بلڪ پڇون ٿا ٿه) زمين کي ٽڪاءَ وارو ڪنھن ڪيو ۽ اُن جي وچ ۾ نھرون (ڪنھن) پيدا ڪيون ۽ مٿس جبل (ڪنھن) پيدا ڪيا ۽ ٻن دريائن جي وچ ۾ (ڪنھن) اوٽ بڻائي؟ الله سان ڪو ٻيو معبود آھي ڇا؟ بلڪ اُنھن مان گھڻا نه ڄاڻندا آھن.
3221 - (نه بلڪ پُڇون ٿا ته) عاجز جي دُعا ڪير قبول ڪندو آھي جڏھن (ھو) الله کي سڏيندو آھي؟ ۽ (ڪير) ڏک لاھيندو آھي؟ ۽ اوھان کي زمين ۾ (ڪير اڳين جو) وارث ڪندو آھي، الله سان ڪو ٻيو معبود آھي ڇا؟ اوھين ٿوري نصيحت وٺندا آھيو.
3252 - ۽ چؤ ته سڀ ساراھ الله کي جڳائي (اُھو) اوھان کي پنھنجون نشانيون سگھو ڏيکاريندو پوءِ جنکي اوھين سُڃاڻندؤ، ۽ جيڪي ڪندا آھيو تنھن کان اوھان جو پالڻھار بي خبر نه آھي.
3222 - (نه بلڪ پڇون ٿا ته) اوھان کي بر ۽ بحر جي اونداھين ۾ ڪير (سڌو) رستو ڏيکاريندو آھي؟ ۽ پنھنجي ٻاجھ (مينھن) کان اڳ خوشخبري ڏيندڙ وائن کي ڪير گھلائيندو آھي؟ الله کانسواءِ ڪو ٻيو معبود آھي ڇا؟ (ڪافر) جيڪي شريڪ مقرر ڪندا آھن تن کان الله تمام مٿاھون آھي.
3223 - ڀلا نئين سر مخلوق ڪير بڻائيندو آھي وري ٻيھر اُن کي بڻائيندو؟ ۽ اوھان کي آسمان ۽ زمين مان ڪير روزي ڏيندو آھي؟ الله سان ڪو ٻيو معبود آھي ڇا؟ (اي پيغمبر کين) چؤ ته جيڪڏھن اوھين سچا آھيو ته پنھنجي حُجت آڻيو.
3224 - (اي پيغمبر کين) چؤ ته آسمانن ۽ زمين ۾ جيڪي به آھن سي الله کانسواءِ ڳجھ نه ڄاڻندا آھن، ۽ نڪي ڄاڻندا آھن ته ڪڏھن وري اُٿاربن.
3260 - پوءِ فرعون جي گھراڻي وارن اُن کي جھٽيو ته (نيٺ) اُنھن لاءِ ويري ۽ ڏک جو سبب ٿئي، ڇوته فرعون ۽ ھامان ۽ سندن لشڪر خطا ڪندڙ ھوا.
3261 - ۽ فرعون جي زال چيو ته (ھيءُ ڇوڪر) منھنجي لاءِ ۽ تنھنجي لاءِ اکين جو ٺار آھي، اُن کي نه ڪُھو، مانَ اسان کي نفعو ڏئي يا کيس پُٽ ڪريون ۽ اُھي (اُن جي حال جي حقيقت) نه ڄاڻندا ھوا.
3262 - ۽ مُوسىٰ جي ماءُ جي دِل بي قرار ٿي، بيشڪ ان ڳالھ کي ستت ئي پڌرو ڪري ھا جيڪڏھن سندس دل تي اسين بندش نه ڪريون ھا ھِن لاءِ ته وسھندڙن مان ٿئي.
3263 - ۽ مُوسىٰ جي ڀيڻ کي چيائين ته سندس پيرو کڻ، پوءِ (اُھا) اُن کي پري کان ڏسندي رھي ۽ اُنھن نه ٿي ڄاتو.
3264 - ۽ (ڀيڻس جي پھچڻ کان) اڳ مٿس دائين جو کير حرام ڪيوسون پوءِ ڀيڻس چيو ته (آءٌ) اوھان کي اھڙو گھراڻو ڏسيان جو (اُھي) اوھان جي پاران اُن جي سنڀال ڪن؟ ۽ اُھي اُن جا گھڻ گھرا ھجن.
3265 - پوءِ کيس سندس ماءُ ڏانھن وري پھچايوسين ته سندس اکيون ٺرن ۽ غمگين نه ٿئي ۽ (ھيء به) ڄاڻي ته بيشڪ الله جو انجام سچو آھي پر گھڻا ماڻھو نه ڄاڻندا آھن.
3266 - ۽ جنھن مھل پنھنجي جوانيءَ کي پھتو ۽ پختو ٿيو (تنھن مھل) کيس دانائي ۽ عِلم ڏنوسون، ۽ اھڙي طرح ڀلارن کي چڱو بدلو ڏيندا آھيون.
3267 - ۽ (موسى) شھر ۾ اُتي جي رھاڪن جي غفلت جي وقت داخل ٿيو پوءِ اتي ٻه مڙس پاڻ ۾ وڙھندي ڏٺائين، ھي (ھڪڙو) سندس قوم مان ھو ۽ ھي (ٻيو) سندس ويريءَ (فرعون جي قوم) مان ھو، پوءِ جيڪو سندس قوم مان ھو تنھن اُنھيءَ تي ھمراھي گھري جيڪو سندس ويريء (جي قوم) مان ھو پوءِ مُوسىٰ ان کي مُڪ ھنئي ۽ اُن کي پورو ڪيائين، چيائين ته ھي شيطان جي ڪم مان آھي، بيشڪ اُھو پڌرو گمراھ ڪندڙ ويري آھي.
3268 - چيائين ته اي منھنجا پالڻھار بيشڪ مون پاڻ تي ظلم ڪيو تنھنڪري مون کي بخش پوءِ کيس بخشيائين، بيشڪ اُھو بخشڻھار مھربان آھي.
3269 - چيائين ته اي منھنجا پالڻھار جيڪو مون تي فضل ڪيو اٿئي تنھن سببان ڏوھارين جو مددگار ڪڏھن نه ٿيندس.
3297 - پر ڪيترائي جُڳ (مُوسىٰ کانپوءِ) پيدا ڪياسون پوءِ مٿن مُدت ڊگھي گذري، ۽ نڪي (تون) مدين وارن ۾ رھندڙ ھئين جو اسان جون کين آيتون پڙھي ٻڌايئي ٿي پر اسين (پيغمبرن) کي موڪليندا رھياسون.
3298 - ۽ نڪي (تون ڪوہ) طور جي پاسي ھُئين جڏھن موسىٰ کي سڏيوسون پر تنھنجي پالڻھار جي ٻاجھ توتي (ھن لاءِ ٿيل) آھي ته تون اُنھي قوم کي ڊيڄارين جن وٽ توکان اڳ ڪو ڊيڄاريندڙ نه آيو ته مانَ اُھي نصيحت وٺن.
3324 - چؤ ته ڏسو ته سھين ته جيڪڏھن الله اوھان تي قيامت جي ڏينھن توڻي ھميشہ ڏينھن (قائم) ڪري ته الله کانسواءِ (ٻيو) ڪھڙو معبود آھي جو اوھان وٽ رات آڻيندو جنھن ۾ اوھين آرام وٺو، پوءِ اوھين نه ٿا ڏسو ڇا؟
3299 - ۽ جيڪڏھن ائين نه ھجي ھا ته سندن ھٿن جيڪي اڳي موڪليو آھي تنھنجي سبب اُنھن تي جڏھن مُصيبت پھچي تڏھن (متان) چون ته اي اسان جا پالڻھار اسان ڏانھن ڪو پيغمبر ڇونه موڪليئي ته تنھنجن آيتن جا تابعدار بڻجون ھا ۽ مؤمنن مان ھجون ھا (ته توکي نه موڪليون ھا).
3300 - پوءِ جنھن مھل اسان وٽان اُنھن وٽ سچو (وحي) آيو (تنھن مھل) چوڻ لڳا ته جھڙو (معجزو) مُوسىٰ کي ڏنو ويو تھڙو ھن پيغمبر کي ڇونه ڏنو ويو آھي، جيڪي اڳي مُوسىٰ کي ڏنو ويو تنھن جو انڪار نه ڪيو اٿن ڇا؟ (ھاڻي) چون ٿا ته (توريت ۽ قرآن) ٻئي ھڪ جھڙا جادو آھن، ۽ چون ٿا ته اسين ھر ھڪ جا مُنڪر آھيون.
3301 - (کين) چؤ ته جيڪڏھن سچا آھيو ته الله وٽان ڪو ڪتاب آڻيو جو انھن ٻنھي کان وڌيڪ سڌو رستو ڏيکاريندڙ ھجي ته اُن جي تابعداري ڪريان.
3302 - پوءِ جيڪڏھن تنھنجي ڳالھ قبول نه ڪن ته ڄاڻ ته اُھي رڳو پنھنجن سَڌن تي ھلندا آھن، ۽ جيڪو الله جي رستي ڏيکارڻ کانسواءِ پنھنجي سَڌ تي ھلي تنھن کان وڌيڪ گمراھ ڪير آھي، بيشڪ الله ظالمن جي قوم کي سِڌو رستو نه ڏيکاريندو آھي.
3306 - اِھي اُھي آھن جن کي سندن اَجر ٻه ڀيرا ڏبو انھي ڪري جو صبر ڪيائون ۽ مدائي کي چڱائي سان ٽاريندا آھن ۽ جيڪا کين روزي ڏني اٿون تنھن مان خرچيندا آھن.
3307 - ۽ جڏھن ڪا بيھودي ڳالھ ٻڌندا آھن (تڏھن) اُن کان مُنھن موڙيندا آھن ۽ چوندا آھن ته اسان جا ڪم اسان لاءِ آھن ۽ اوھان جا ڪم اوھان لاءِ آھن، اوھان تي سلام ھجي، اسين جاھلن (جي سنگت) کي نه ٿا گھرون.
3308 - (اي پيغمبر) بيشڪ تون جنھن کي گھرين تنھن کي ھدايت ڪري نه ٿو سگھين پر الله جنھن کي گھرندو آھي تنھن کي ھدايت ڪندو آھي، ۽ اُھو ھدايت وارن کي چڱي طرح ڄاڻندڙ آھي.
3309 - ۽ (ڪي) چوندا آھن ته جيڪڏھن توساڻ ھدايت جي تابعداري ڪنداسون ته پنھنجي مُلڪ مان تڙجي وينداسون، کين حرم ۾ امن سان نه ٽڪاياسون ڇا؟ جو اُن ڏانھن سڀڪنھن جنس جو ميوو پاڻ وٽان روزيءَ طرح پھچائبو آھي پر اُنھن مان گھڻا (ماڻھو) نه ڄاڻندا آھن.
3310 - ۽ ڳوٺن مان ڪيترائي ويران ڪياسون جي پنھنجي گذران ۾ حد کان لنگھيا ھوا، پوءِ اُھي سندين رھڻ جون جايون آھن اُنھن کانپوءِ ڪن ٿورڙن (وقتن) کانسواءِ (اُتي) رھيوئي ڪونه آھي، ۽ آخر اسين (ئي) وارث ھواسون.
3311 - ۽ (اي پيغمبر) تنھنجو پالڻھار ڳوٺن کي (ايسين) ڪڏھن به ناس ڪرڻ وارو نه آھي جيسين اُن جي ڪنھن وڏي شھر ۾ ڪو پيغمبر (نه) موڪلي جو اسان جون آيتون کين پڙھي ٻڌائي، ۽ ڳوٺن کي ڪڏھن به ناس ڪرڻ وارا نه آھيون سواءِ ان حالت جي جو سندن رھڻ وارا ظالم ھجن.
3312 - ۽ ھر ھڪ جنس مان جيڪي اوھان کي ڏنو ويو آھي سو دُنيا جي حياتيءَ جو سامان ۽ ان جو سينگار آھي، ۽ جيڪي الله وٽ آھي سو ڀلو ۽ سدائين رھڻ وارو آھي، پوءِ ڇونه سمجھ رکندا آھيو؟
3313 - ڀلا جنھن کي چڱو انعام ڏنوسون اُھو ھو لھڻ وارو آھي سو اُنھي جھڙو آھي ڇا جنھن کي دنيا جي سامان سان آسودو ڪيوسون وري اُھو قيامت جي ڏينھن (عذاب ۾) حاضر ڪيلن مان ھجي؟
3327 - ۽ ھر ھڪ ٽوليءَ مان شاھد جُدا ڪنداسين ۽ چونداسين ته پنھنجو دليل پيش ڪريو پوءِ اُھي ڄاڻندا ته بيشڪ حق الله جي پاسي آھي ۽ جيڪو ٺاھ ٺاھيندا ھوا سو کانئن ڀُلي ويندو.
3328 - بيشڪ قارون مُوسىٰ جي قوم مان ھو پوءِ مٿن شرارت ڪرڻ لڳو، ۽ کيس خزانن مان ايترو ڏنو ھوسون جو سندس ڪنجين سگھ واري ٽوليءَ کي ٿَڪايو ٿي، جڏھن سندس قوم کيس چيو ته (مال ڏسي) نه مَرۡڪُ ڇوته الله مَرۡڪَ ڪندڙن کي دوست نه رکندو آھي.
3329 - ۽ الله توکي جيڪي ڏنو آھي تنھن سان آخرت جي گھر جي ڀلائي طلب ڪر ۽ دنيا مان پنھنجو (نيڪ عمل ڪرڻ جو) حصّو نه وسار ۽ جھڙي طرح الله توسان چڱائي ڪئي آھي تھڙي طرح (تون سندس خلق سان) چڱائي ڪر ۽ زمين ۾ فساد وجھڻ نه گھُر، ڇوته الله فساد ڪرڻ وارن کي دوست نه رکندو آھي.
3330 - (قارون) چيو ته اُھو (گھڻومال) ته رڳو ھڪ ھُنر سان جو مون وٽ آھي مون کي مليو آھي، نه ڄاتو ھوائين ڇا ته بيشڪ الله کانئس اڳ (اُھي) ڪيترائي جُڳ ناس ڪري ڇڏيا ھوا جيڪي کانئس ڏاڍي سگھ وارا ۽ گھڻي جمعيّت وارا ھوا، ۽ ڏوھارين کان سندن ڏوھن بابت (عذر) نه پڇبو.
3331 - پوءِ (ھڪ ڏينھن) پنھنجي قوم جي سامھون پنھنجي سينگار سان نڪتو، جيڪي دنيا جي حياتي گھڙندا ھوا تن چيو ته ھيء ارمان اھڙو (مال) جيڪر اسان کي (به) ھجي ھا جھڙو قارون کي ڏنو ويو آھي بيشڪ اُھو وڏي نصيب وارو آھي.
3332 - ۽ جن کي علم ڏنو ويو تن چيو ته اوھان لاءِ خرابي ھُجي الله جو ثواب اُنھيءَ ماڻھوءَ لاءِ ڀَلو آھي جنھن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا، اِھا (ڳالھ) صابرن کانسواءِ (ٻئي) ڪنھنجي دل ۾ نه گِھڙندي آھي.
3334 - ۽ جن ڪالھ سندس مرتبي جي سَڌ ٿي ڪئي سي صبح جو چوڻ لڳا ته عجب آھي ته الله پنھنجن ٻانھن مان جنھن لاءِ گھرندو آھي (تنھنجي) روزي ڪشادي ڪندو آھي ۽ تنگ ڪندو آھي، جيڪڏھن الله اسان تي احسان نه ڪري ھا ته اسان کي (به زمين ۾) ڳھائي ڇڏي ھا، نه ڄاتو اٿيئي ته ڪافرن کي ڇوٽڪارو نه آھي.
3355 - پوءِ کيس ۽ ٻيڙيءَ وارن کي (ٻڏڻ کان) بچايوسون ۽ اُن (ٻيڙيءَ) کي جھان (وارن) لاءِ نشاني ڪيوسون.
3356 - ۽ ابراھيم کي (موڪليوسون) جڏھن پنھنجي قوم کي چيائين ته الله جي عبادت ڪريو ۽ کانئس ڊڄو، اھو اوھان لاءِ ڀلو آھي جيڪڏھن اوھين ڄاڻندا آھيو.
3357 - اوھين ته الله کانسواءِ بُتن کي پوڄيندا آھيو ۽ اوھين (ڪوڙو) ٺاھ ٺاھيندا آھيو، بيشڪ الله کانسواءِ جن کي پوڄيندا آھيو سي ته اوھان کي روزي (ڏيڻ) جي (ڪي) مالڪ نه آھن تنھنڪري الله وٽان رزق طلب ڪريو ۽ سندس عبادت ڪريو ۽ سندس شڪرانو ڪريو، ڏانھس موٽايا ويندؤ.
3359 - نه ڏٺو اٿن ڇا ته الله خلق کي ڪھڙي طرح نئين سِر بنائيندو آھي؟ وري ٻيھر اُن کي بڻائيندو، بيشڪ اِھو (ڪم) الله تي آسان آھي.
3360 - (کين) چؤ ته مُلڪ ۾ گھمو پوءِ نظر ڪريو ته الله ڪئن نئين سِر خلق کي پيدا ڪيو وري اُن پيدا ڪيل کي الله ٻيھر پيدا ڪندو، ڇوته الله سڀڪنھن شيء تي وس وارو آھي.
3361 - جنھن کي وڻيس تنھن کي عذاب ڪري ۽ جنھن تي وڻيس رحم ڪري، ۽ (اوھين) ڏانھس موٽايا ويندؤ.
3363 - ۽ جن الله جي آيتن ۽ سندس ملڻ جو انڪار ڪيو سي منھنجي ٻاجھ کان نا اُميد ٿيا آھن ۽ اُنھن لاءِ ئي ڏکوئيندڙ عذاب آھي.
3364 - پوءِ ابراھيم جي قوم جي ورندي ھن چوڻ کانسواءِ (ٻي) ڪانه ھئي ته اُن کي ڪُھو يا اُن کي ساڙيو پوءِ الله کيس باھ کان بچايو، بيشڪ ھن (احوال) ۾ مڃيندڙ قوم لاءِ وڏيون نشانيون آھن.
3365 - ۽ (ابراھيم) چيو ته اوھان دنيا جي حياتيءَ ۾ رڳو پاڻ ۾ دوستيءَ جي ڪري الله کانسواءِ بتن کي اختيار ڪيو آھي، وري قيامت جي ڏينھن اوھين ھڪ ٻئي جو انڪار ڪندؤ ۽ اوھان مان ھڪڙا ٻـين تي لعنت ڪندا، ۽ اوھان جي جاءِ دوزخ آھي ۽ اوھان جو ڪوبه مددگار نه آھي.
3372 - (ابراھيم) چيو ته بيشڪ اُن ۾ لُوط آھي، چيائون ته جيڪو به منجھس آھي تنھن کي اسين چڱو ڄاڻندڙ آھيون، کيس ۽ سندس گھر جي ڀاتين کي ضرور بچائينداسون سواءِ سنديس زال جي جا باقي رھيلن مان ٿيندي.
3373 - ۽ جنھن مھل اسان جا قاصد لُوط وٽ آيا تنھن مھل انھن جي (اچڻ) سببان ناراض ٿيو ۽ اُنھن جي (اچڻ) سببان دل تنگ ٿيو ۽ (اُنھن) چيو ته نڪي ڊڄ ۽ نڪي غم کاءُ، بيشڪ اسين توکي ۽ تنھنجي گھر جي ڀاتين کي بچائڻ وارا آھيون سواءِ تنھنجي زال جي جا باقي رھيلن مان ٿيندي.
3376 - ۽ مدين (وارن) ڏانھن سندن ڀاءُ شعيب کي موڪليوسون پوءِ چيائين ته اي منھنجي قوم الله جي عبادت ڪريو ۽ قيامت جي ڏينھن جي اُميد رکو ۽ فسادي ٿي مُلڪ ۾ نه ڦِرو.
3386 - ۽ ڪتاب وارن مان جن بي انصافي ڪئي تن کانسواءِ ٻـين سان ڏاڍي چڱي طريقي کانسواءِ تڪرار نه ڪريو ۽ چئو ته جيڪي اسان ڏانھن نازل ڪيو ويو آھي ۽ جيڪي اوھان ڏانھن نازل ڪيو ويو آھي تنھن تي اسان ايمان آندو آھي ۽ اسان جو معبود ۽ اوھان جو معبُود ھڪ آھي ۽ اسين سندس فرمانبردار آھيون.
3387 - ۽ (جھڙي طرح اڳيان ڪتاب نازل ڪياسون) اھڙي طرح اسان توڏانھن ڪتاب نازل ڪيو، پوءِ جن کي ڪتاب ڏنوسون سي اُن (قرآن) کي مڃيندا آھن، ۽ انھن (عربن) مان ڪو (اھڙو) آھي جو اُن تي ايمان آڻيندو آھي، ۽ ڪافرن کانسواءِ (ٻيو) ڪو اسان جي آيتن جو انڪار نه ڪندو آھي.
3391 - اسان توتي ڪتاب نازل ڪيو جو کين پڙھي ٻڌائبو آھي سو کين ڪافي نه آھي ڇا، بيشڪ ھن ۾ مؤمنن جي قوم لاءِ ٻاجھ ۽ نصيحت آھي.
3392 - (کين) چؤ ته الله منھنجي ۽ اوھان جي وچ ۾ شاھد بس آھي، جيڪي آسمانن ۽ زمين ۾ آھي سو اُھو ڄاڻندو آھي، ۽ جن ڪوڙ کي مڃيو ۽ الله جو انڪار ڪيو سي ئي ڇيئي وارا آھن.
3414 - الله جي مدد سان، (الله) جنھن کي گھري تنھن کي سوڀ ڏيندو آھي، ۽ اُھو ئي غالب مھربان آھي.
3415 - الله انجام ڪيو آھي، الله پنھنجو انجام نه ڦيرائيندو پر گھڻا ماڻھو نه ڄاڻندا آھن.
3416 - ظاھر دنيا جي حياتيءَ جون (رٿون) ڄاڻندا آھن، ۽ اُھي آخرت کان بي خبر آھن.
3417 - پنھنجين دلين ۾ نه پروڙيائون ڇا؟ ته الله آسمانن ۽ زمين کي ۽ جيڪي انھن جي وچ ۾ آھي تنھنکي پوريءَ رِٿ ۽ مُقرّر مُدّت کانسواءِ نه بڻايو آھي، ۽ بيشڪ ماڻھن مان گھڻا پنھنجي پالڻھار جي مِلڻ کان مُنڪر آھن.
3418 - مُلڪ ۾ نه گھميا آھن ڇا جو نھارين ته جيڪي کانئن اڳ ھوا تن جي پڇاڙي ڪھڙي طرح ٿي، جي کائن وڌيڪ سگھ وارا ھوا ۽ زمين کيڙيائون ۽ اُن کي آباد ڪيائون وڌيڪ تنھن کان جا ھنن آباد ڪئي ۽ سندن پيغمبر وٽن مُعجزن سان آيا، پوءِ الله جو شان اھڙو نه ھو جو مٿن ظلم ڪري پر پاڻ تي پاڻ ظلم ڪيائون ٿي.
3419 - وري جن بڇڙائي ڪئي تن جي پڇاڙي بڇڙي ٿي ھِن ڪري جو الله جي آيتن کي ڪوڙ ڀانيائون ۽ مٿن ٺـٺوليون ڪندا ھوا.
3420 - الله خلق کي نئين سر بڻائي ٿو وري ان کي ٻيھر بڻائيندو وري ڏانھس اوھين موٽائبؤ.
3436 - ۽ اُھوئي آھي جيڪو خلق کي نئين سِر بڻائيندو آھي وري اُن کي ورائي بڻائيندو ۽ اُھو کيس بلڪل سھنجو آھي، ۽ آسمانن ۽ زمين ۾ سندس ئي صفت تمام مٿاھين آھي، ۽ اھو غالب حڪمت وارو آھي.
3437 - (الله) اوھان لاءِ اوھان جي حال جو ھڪ مثال بيان ڪيو آھي، (ته) اوھان جا ھٿ جن (ٻانھن) جا مالڪ ٿيا آھن سي جيڪي (مال) اوھان کي ڏنوسين تنھن ۾ اوھان جا ڀائيوار آھن ڇا؟ جو اُھي ۽ اوھين اُن (مال) ۾ برابر (حصّي وارا) ھجو (۽ اوھين) انھن جي (دعوى) کان اھڙي طرح ڊڄندا آھيو جھڙي طرح اوھان کي پاڻ جھڙن (جي ڀائيواريءَ) کان ڀؤ آھي، اھڙي طرح انھيءَ قوم لاءِ نشانيون کولي بيان ڪندا آھيون جيڪي سمجھ رکندا آھن.
3438 - بلڪ ظالم اَڻ ڄاڻائي سان پنھنجن سَڌن جا تابعدار ٿيا آھن، پوءِ جنھن کي الله گمراھ ڪيو تنھن کي ڪير ھدايت ڪندو، ۽ اُنھن لاءِ ڪو مددگار ڪونھي.
3439 - پوءِ (اي پيغمبر) پنھنجي منھن کي دين لاءِ ھڪ طرفو ڪري بيھار، الله جي دين جي (پيروي ڪر) جنھن تي ماڻھن کي پيدا ڪيائين، الله جي خلقڻ کي ڪا مٽ سٽ نه آھي، اھو سِڌو دين آھي، پر گھڻا ماڻھو نه ڄاڻندا آھن.
3581 - ۽ ڪافرن ۽ مُنافقن جو چيو نه مڃ ۽ سندن ايذائڻ (جي خيال) کي ڇڏ ۽ الله تي ڀروسو ڪر، ۽ الله ڪارساز بس آھي.
3456 - ۽ بيشڪ توکان اڳ گھڻن پيغمبرن کي سندن قوم ڏانھن موڪليوسون پوءِ وٽن مُعجزن سان آيا پوءِ جن نافرماني ڪئي تن کان بدلو ورتوسون، ۽ مؤمنن کي مدد ڪرڻ اسان تي حق آھي.
3457 - الله اُھو آھي جيڪو وائن کي موڪليندو آھي پوءِ (اُھي) ڪڪر کي کڻنديون آھن پوءِ جئن الله گھرندو آھي تئن آسمان ۾ اُن (ڪڪر) کي کنڊرائيندو آھي پوءِ اُن کي تَه تَه ڪندو آھي پوءِ (تون) ڦُڙين کي ڏسندو آھين جو اُن (ڪڪر) جي وچ مان نڪرنديون آھن، پوءِ جڏھن پنھنجن ٻانھن مان جنھن تي وڻندو اٿس تنھن تي اُھو (مينھن) پھچائيندو آھي (تڏھن) اُنھيءَ ئي مھل اُھي خوش ٿيندا آھن.
3458 - ۽ جيتوڻيڪ ان (مينھن) جي مٿن وَسائجڻ کان اڳ اڳيئي نااُميد ٿيندا ھوا.
3459 - پوءِ الله جي ٻاجھ جي نشانين ڏانھن نھار ته ڪھڙي طرح زمين کي سندس مرڻ کان پوءِ جياري ٿو، بيشڪ اُھو (الله) مُئن کي ضرور جيارڻ وارو آھي، ۽ اُھو (الله) سڀڪنھن شيء تي وس وارو آھي.
3464 - ۽ جنھن ڏينھن قيامت قائم ٿيندي (تنھن ڏينھن) قسم کڻندا ته (دنيا ۾) ھڪ گھڙي کانسواءِ (وڌيڪ) نه رھيا ھواسون، اھڙي طرح (رستي کان) ڦيرايا ويندا ھوا.
3465 - ۽ جن کي عِلم ۽ ايمان ڏنو ويو آھي سي کين چوندا ته الله جي ڪتاب ۾ لکي موافق جيئري ٿي اُٿڻ جي ڏينھن توڻي (دنيا ۾) رھيا آھيو، پوءِ ھي جيئري ٿي اُٿڻ جو ڏينھن آھي پر اوھين نه ڄاڻندا ھيؤ.
3466 - پوءِ اُن ڏينھن ظالمن کي سندن عذر ڪرڻ فائدو نه ڏيندو ۽ نڪي انھن کان توبه طلب ڪبي.
3484 - ۽ جيڪڏھن (اُھي) مون سان (ڪنھين کي) شريڪ ڪرڻ جي توکي ڪوشش ڪن جنھن جي توکي ڪا ڄاڻپ نه آھي ته سندن (انھي چوڻ جي) فرمانبرداري نه ڪر ۽ دُنيا ۾ ساڻن چڱي ريت سنگت ڪر، ۽ جنھن مون ڏانھن مُھاڙ ڪئي ھجي تنھنجي واٽ جي تابعداري ڪر، وري اوھان جو مون ڏانھن ورڻ آھي پوءِ جيڪي ڪندا ھيؤ تنھنجي اوھان کي سُڌ ڏيندس.
3485 - (لُقمان ھيءَ به چيو ته) اي منھنجا پُٽڙا ڪابه (شيء) جيڪڏھن آھر جي داڻي جتري آھي پوءِ اُھا پھڻ ۾ ھجي يا آسمانن ۾ يا زمين ۾ (ھجي) ته الله اُن کي آڻي حاضر ڪندو، ڇوته الله باريڪ بين خبر رکندڙ آھي.
3486 - اي منھنجا پٽڙا نماز پڙھ ۽ چڱي ڪم جو حُڪم ڪر ۽ مدي (ڪم) کان منع ڪر ۽ توکي جيڪا اوکائي پھچي تنھن تي صبر ڪر، بيشڪ اھي (ڪم) ھمت وارن ڪمن مان آھن.
3487 - ۽ ماڻھن لاءِ پنھنجو ڳل (يعني منھن) چٻو نه ڪر ۽ زمين ۾ لاڏ سان نه گھُم، بيشڪ الله ھٺيلي وڏائي ڪندڙ کي دوست نه رکندو آھي.
3536 - ۽ الله تي ڀروسو ڪر، ۽ الله سنڀاليندڙ بس آھي.
3537 - الله ڪنھن مڙس جي اندر ۾ ٻه دليون (پيدا) نه ڪيون آھن، ۽ نڪي اوھان جي انھن زالن کي جن کي اوھين ماءُ چئي ويٺا آھيو سي اوھان جون (حقيقي) مائر ڪيائين، ۽ نڪي اوھان جي پُٽيلن کي اوھان جا (حقيقي) پُٽ ڪيائين اھو اوھان جو چوڻ اوھان جي واتن جو آھي، ۽ الله سچ چوندو آھي ۽ اُھوئي (سڌو) رستو ڏيکاريندو آھي.
3538 - کين سندن پِين جا (پٽ ڪري) سڏيو اھو الله وٽ بلڪل انصاف آھي، پوءِ جيڪڏھن سندن پيئر نه ڄاڻندا ھجو ته اوھان جا دين ۾ ڀائر ۽ اوھان جا دوست آھن، ۽ جنھن ڳالھائڻ ۾ چوڪ ڪئي ھجيوَ تنھن ۾ اوھان تي ڪو گناھ نه آھي پر اوھان جي دلين جيڪي ڄاڻي واڻي ڪيو (تنھن ۾ گناھ آھي)، ۽ الله بخشڻھار مھربان آھي.
3539 - پيغمبر مؤمنن تي سندن جندن کان وڌيڪ حق رکندو آھي ۽ سندس زالون سندين مائر آھن، ۽ مائٽي وارا ھڪ ٻئي جا پاڻ ۾ الله جي ڪتاب ۾ (ٻـين) مؤمنن ۽ ھجرت ڪندڙن کان وڌيڪ ويجھا آھن پر پنھنجن دوستن سان احسان ڪريو (ته جائز آھي)، اِھو (حُڪم) ڪتاب ۾ لکيل آھي.
3540 - ۽ (ياد ڪر) جڏھن پيغمبرن کان سندن انجام ورتوسون ۽ (پڻ) توکان ۽ نُوح ۽ ابراھيم ۽ مُوسىٰ ۽ عِيسىٰ پٽ مريم جي کان به، ۽ (ھن لاءِ) کانئن پڪو انجام ورتوسون.
3542 - اي ايمان وارؤ پاڻ تي الله جو احسان ياد ڪريو جڏھن (ڪافرن جا) لشڪر اوھان تي (چڙھائي ڪري) آيا تڏھن مٿن واءُ کي موڪليوسون ۽ (اوھان جي مدد لاءِ ملائڪن جا) اھڙا لشڪر به جن کي اوھان نه ٿي ڏٺو (پوءِ ڪافرن کي ڀڄائي اوھان کي بچايوسون) ۽ جيڪي ڪريو ٿا سو الله ڏسندڙ آھي.
3543 - جڏھن (اُھي) اوھان جي مٿان ۽ اوھان جي ھيٺان اوھان وٽ آيا ۽ اُنھيءَ مھل اکيون ٽِڙي ويون ۽ دليون (دھشت کان) نِڙ گھٽن کي پُھتيون ۽ الله جي به نسبت ڪيئي گمان ڀانيوَ ٿي.
3544 - اُتي مُؤمنن کي پرکيو ويو ۽ کين تمام سخت لوڏيو ويو.
3545 - ۽ اُنھيءَ مھل منافقن ۽ جن جي دلين ۾ بيماري آھي تن چيو ٿي ته الله ۽ سندس پيغمبر اسان کي ٺڳيءَ کانسواءِ (ٻيو) ڪو انجام نه ڏنو آھي.
3554 - بيشڪ اوھان لاءِ الله جي پيغمبر جي طريقي ۾ عمدي پيروي اُنھيءَ لاءِ آھي جيڪو الله (جي رضا جي اُميد) ۽ قيامت جي ڏينھن (جي اچڻ) جي اميد رکندو ھجي ۽ الله کي گھڻو ياد ڪندو ھجي.
3555 - ۽ جنھن مھل مؤمنن (ڪافرن جي) لشڪرن کي ڏٺو (تنھن مھل) چيائون ته ھي اُھو انجام آھي جيڪو الله ۽ سندس پيغمبر اسان کي ڏنو ھو ۽ الله ۽ سندس پيغمبر سچ فرمايو ھو، ۽ اِنھيءَ (حالت) اُنھن کي ايمان ۽ فرمانبرداريءَ ۾ ھيڪارو وڌايو.
3556 - مؤمنن مان ڪي اھڙا ماڻھو آھن جو جيڪو الله سان انجام ڪيو ھوائون تنھن کي سچو ڪيائون، پوءِ منجھانئن ڪن پنھنجو ذمون پورو ڪيو ۽ منجھانئن ڪو انتظار ڪندو آھي، ۽ (پنھنجي چوڻ کي) ڪنھن طرح نه مٽايائون.
3769 - اُن ۾ اڄ انھي ڪري گِھڙو جو ڪفر ڪندا ھُئو.
3557 - (اھو ھن ڪري آھي) ته الله سچن کي سندن سچائي سببان بدلو ڏئي ۽ جيڪڏھن گھري ته منافقن کي عذاب ڪري يا (توبه جي توفيق ڏئڻ سان) مٿن ٻاجھ سان موٽي، ڇوته الله بخشڻھار مھربان آھي.
3558 - ۽ الله ڪافرن کي سندن ڏمر سميت موٽايو جو ڪا چڱائي نه لڌائون، ۽ الله مؤمنن جي پاران ويڙھ لاءِ ڪافي ٿيو، ۽ الله سگھارو غالب آھي.
3559 - ۽ ڪتاب وارن مان جن انھن (مشرڪن) جي مدد ڪئي ھئي تن کي (الله) سندن ڪوٽن مان لاٿو ۽ سندين دلين ۾ دھشت وڌائين (جو) ھڪ ٽوليءَ کي ڪُٺوَ ٿي ۽ ٻيءَ ٽوليءَ کي قيدي ڪيوَ ٿي.
3560 - ۽ (نيٺ) اوھان کي سندين زمين ۽ سندين گھرن ۽ سندن انھيءَ زمين جو وارث ڪيائين جنھن تي پير (به) نه گھُمايو ھيوَ، ۽ الله سڀڪنھن شيء تي وس وارو آھي.
3561 - اي پيغمبر پنھنجي زالن کي چؤ ته جيڪڏھن اوھين دنيا جي حياتي ۽ اُن جو سينگار گھرنديون ھجو ته اچو ته اوھان کي جورو ڏيان ۽ چڱي طرح ڇڏيان.
3562 - ۽ جيڪڏھن اوھين الله ۽ سندس پيغمبر ۽ آخرت جي گھر (يعني بھشت) کي گھرو ٿيون ته بيشڪ اوھان مان نيڪ بختن لاءِ الله وڏو اجر تيار ڪيو آھي.
3563 - اي پيغمبر جون زالون اوھان مان جيڪا پڌري بي حيائي ڪندي تنھن کي وڌائي ٻيڻو عذاب ڪيو ويندو، ۽ اِھو الله تي آسان آھي.
3565 - اي پيغمبر جون زالون اوھين ڪن ٻـين زالن جھڙيون نه آھيو جيڪڏھن اوھين (الله کان) ڊڄنديون آھيو ته (ڪنھن ڌارئي ماڻھوءَ سان) ڳالھائڻ ۾ ھيٺاھين نه ڪريو ڇوته جنھن جي دل ۾ بيماري آھي سو (متان) طمع ڪري ۽ چڱو سُخن ڳالھايو.
3566 - ۽ پنھنجن گھرن ۾ رھو ۽ پھرينءَ جاھليت جي سينگار وانگر سينگار نه ڪريو ۽ نماز قائم رکو ۽ زڪوٰة ڏيو ۽ الله ۽ سندس پيغمبر جي فرمانبرداري ڪريو، اي پيغمبر جا گھر وارؤ الله رڳو ھي گھرندو آھي ته اوھان کان پليتي دور ڪري ۽ ته اوھان کي چڱي طرح پاڪ ڪري.
3567 - ۽ اوھان جي گھرن ۾ جيڪي الله جي آيتن ۽ دانائيءَ جي ڳالھين مان پڙھيو وڃي ٿو سو ياد ڪريو، بيشڪ الله لُطف ڪندڙ خبر رکندڙ آھي.
3618 - ۽ واءُ کي سُليمان لاءِ (نوايوسون) اُن جي اڳياڙيءَ جي منزل مھيني جو پنڌ ۽ پوياڙيءَ جي منزل (به) مھيني جو پنڌ ھئي ۽ اُن لاءِ پگھريل ٽامي جو تلاءُ وَھايوسون، ۽ جنّن مان (به ڪن کي فرمانبردار ڪيوسون) جو سندس پالڻھار جي حڪم سان سندس اڳيان ڪمائيندا ھوا، ۽ منجھائن جيڪو اسان جي حُڪم کان مُنھن موڙيندو تنھن کي باھ جو عذاب چکائينداسون.
3619 - جيڪي گھرندو ھو سو اُن لاءِ ڪي قلعا ۽ مُورتون ۽ حوض جيڏا پيالا ۽ وڏيون ديڳيون جي نه چُرنديون ھيون سي بڻائيندا ھوا، (چيوسون ته) اي داؤد جا اولاد شُڪرانو ڪريو، ۽ مُنھنجن ٻانھن مان ٿورا شُڪرانو ڪندڙ آھن.
3620 - پوءِ جنھن مھل مٿس موت کي حُڪم ڪيوسون (تنھن مھل) سندس موت تي اُڏيھيءَ کانسواءِ (ٻئي ڪنھن) اُنھن (جِنّن) کي نه چتايو جو سندس لٺ کي ٿي کاڌائين، پوءِ جنھن مھل ڪريو (تنھن مھل) جِنّن معلوم ڪيو ته جيڪڏھن ڳجھ ڄاڻن ھا ته خواريءَ واري عذاب ۾ نه رھن ھا.
3646 - ۽ جنھن ڏينھن اُنھن مڙني کي گڏ ڪندو وري ملائڪن کي چوندو ته (ھيءُ) اُھي آھن ڇا جيڪي اوھان کي پوڄيندا ھوا؟
3647 - (ملائڪ) چوندا ته تون پاڪ ذات آھين تون اسان جو سائين آھين نه اُھي، بلڪ اُھي جنّن کي پوڄيندا ھوا، انھن مان گھڻا کين مڃيندڙ ھوا.
3648 - پوءِ اڄ اوھان مان ڪوبه ھڪ ٻئي کي نڪي سُک پُھچائڻ جو نڪي ڏک پھچائڻ جو اختيار رکي ٿو، ۽ ظالمن کي چونداسون ته اُن باھ جي سزا جو (جو مزو) چکو جنھن کي اوھين ڪُوڙ ڀائيندا ھوا.
3659 - حالانڪ اڳي اُن قرآن کي نه مڃيندا ھوا، ۽ ڏورين ھنڌ کان اَڻ ڏٺو (گُمان جا تير) اُڇليندا رھيا.
3660 - ۽ اُنھن جي ۽ اُھي جيڪي سَڌون ڪندا رھيا تن جي وچ ۾ اَڙ وڌي وئي جھڙي طرح انھن جھڙن (ٻـين) کان اڳ ڪيو ويو، بيشڪ اُھي به وڏي شڪ ۾ پيل ھوا.
3661 - سڀ ساراھ خاص الله کي جُڳائي جو آسمانن ۽ زمين جو بڻائيندڙ آھي ملائڪن کي قاصد ڪرڻ وارو آھي جو ٻن ٻن ۽ ٽن ٽن ۽ چَئن چَئن پَرن وارا آھن، جيڪي گھري سو خلقت ۾ وڌائي ٿو، بيشڪ الله ھر شيء تي وس وارو آھي.
3662 - الله ماڻھن لاءِ (پنھنجيءَ) ٻاجھ مان جيڪي کوليندو تنھن کي ڪو بند ڪرڻ وارو نه آھي، ۽ جيڪي بند ڪندو تنھنکي اُن (جي بند ڪرڻ) کانپوءِ ڪو کولڻ وارو نه آھي، ۽ اُھو غالب حڪمت وارو آھي.
3663 - اي ماڻھؤ پاڻ تي الله جون نعمتون ياد ڪريو، الله کانسواءِ ڪو بڻائيندڙ آھي ڇا؟ جو آسمان ۽ زمين مان اوھان کي روزي ڏئي ٿو، اُن (الله) کانسواءِ ڪو عبادت جو لائق نه آھي پوءِ ڪيڏانھن ڦيرايا ويندا آھيو.
3673 - رات کي ڏينھن ۾ گھيڙيندو آھي ۽ ڏينھن کي رات ۾ گھيڙيندو آھي ۽ سج ۽ چنڊ کي تابع ڪيائين، ھر ھڪ ٺھرايل مدت تي ھلندو آھي، اُھو الله اوھان جو پالڻھار آھي اُن جي بادشاھي آھي، ۽ جن کي الله کانسواءِ سڏيندا آھيو سي کارڪ جي ککڙيءَ جي ڇلُ (جيتري ذري) جا (به) مالڪ نه آھن.
3674 - جيڪڏھن کين سڏيو ته اوھان جو سڏ نه ٻڌندا، ۽ جيڪڏھن (کڻي) ٻڌن (به) ته به اوھان کي ورندي نه ڏيندا، ۽ قيامت جي ڏينھن اوھان جي شريڪ ٺھرائڻ جا منڪر ٿيندا، ۽ توکي خبر رکندڙ جھڙي ڪوبه خبر نه ڏيندو.
3675 - اي ماڻھو اوھين الله ڏانھن مُحتاج آھيو، ۽ الله اُھو بي پرواھ ساراھيل آھي.
3676 - جيڪڏھن گھري ته اوھان کي ناس ڪري ۽ نئين خلق پيدا ڪري.
3677 - ۽ اِھو (ڪم) الله کي اَوکو نه آھي.
3678 - ۽ ڪوبه بار کڻندڙ ٻئي جو بار نه کڻندو، ۽ جيڪڏھن (گناھن جي) ڳوري بار وارو پنھنجي بار کڻڻ ڏانھن ڪنھن کي سڏيندو توڻيڪ مائٽي وارو ھوندو ته به منجھانئس ڪجھ به نه کنيو ويندو، تون ته انھن کي ڊيڄاري سگھندين جيڪي پنھنجي پالڻھار کان پرپُٺ ڊڄندا آھن ۽ نماز پڙھندا آھن، ۽ جيڪو پاڪ ٿيو سو رڳو پاڻ لاءِ پاڪ ٿئي ٿو، ۽ الله ڏانھن موٽڻ آھي.
3679 - ۽ انڌو ۽ سڄو برابر نه آھن.
3680 - ۽ نڪي اونداھيون ۽ نڪي سوجھرو.
3681 - ۽ نڪي ڇانوَ ۽ نڪي اُس (پاڻ ۾ ھڪ جھڙا آھن).
3682 - ۽ نڪي جيئرا ۽ نڪي مُئا برابر ٿين ٿا، بيشڪ الله جنھن کي گھري تنھن کي ٻڌائيندو آھي، ۽ تون ڪو قبر وارن کي ٻڌائيندڙ نه آھين.
3683 - تون ته رڳو ڊيڄاريندڙ آھين.
3684 - بيشڪ اسان توکي سچي دين سان خوشخبري ڏيندڙ ۽ ڊيڄاريندڙ ڪري موڪليو، ۽ اھڙي ڪا ٽولي آھي ئي ڪانه جنھن ۾ ڪو ڊيڄاريندڙ نه گذريو آھي.
3685 - ۽ جيڪڏھن توکي ڪوڙو ڀائين ٿا ته کائن اڳين به بيشڪ ڪوڙو ڀانيو ھو، جن وٽ سندن پيغمبر چِٽن معجزن ۽ صحيفن سان ۽ پڌرن ڪتابن سان آيا ھوا.
3686 - وري ڪافرن کي پڪڙيم ۽ منھنجي سزا ڪيئن ھئي.
3687 - نه ڏٺو اٿئي ڇا ته الله آسمانن کان پاڻي وسايو، پوءِ اُن سان ميوا پيدا ڪياسون جن جا رنگ قسمين قسمين آھن، ۽ جبلن مان ٽُڪر آھن ڪي اڇا ۽ ڪي ڳاڙھا انھن جا طرحين طرحين رنگ آھن ۽ ڪي نھايت ڪارا (به) آھن.
3688 - ۽ اھڙيءَ طرح ماڻھن ۽ چرندڙن ۽ ڍورن مان (به) جو انھن جا رنگ طرح طرح جا آھن (بڻاياسين)، الله کان سندس ٻانھن مان رڳو سمجھ وارا ڊڄندا آھن، بيشڪ الله غالب بخشڻھار آھي.
3689 - بيشڪ جيڪي (ماڻھو) الله جو ڪتاب پڙھندا آھن ۽ نماز (پوريءَ طرح) پڙھندا آھن ۽ جيڪي کين ڏنوسون تنھن مان ڳُجھو ۽ پڌرو خرچيندا آھن سي اھڙيءَ سوداگري جي اميد رکندا آھن جا ڪڏھن نه برباد ٿيندي.
3690 - (ھن لاءِ) ته خُدا کين سندن اجر پورو ڏئي ۽ پنھنجي فضل سان کين وڌيڪ به ڏئي، ڇوته اھو بخشڻھار قدر ڄاڻندڙ آھي.
3691 - ۽ جيڪي توڏانھن ڪتاب مان وحي ڪيوسون سو سچ آھي جيڪي کانئس اڳ آھن تن کي به سچّو ڪندڙ آھي، بيشڪ الله پنھنجن ٻانھن جي خبر رکندڙ ڏسندڙ آھي.
3692 - وري انھن کي ڪتابن جو وارث ڪيوسون جن کي پنھنجن ٻانھن مان چونڊيوسون، پوءِ منجھائن ڪي پاڻ لاءِ ظالم آھن، ۽ منجھائن ڪي وچٿرا آھن، ۽ منجھائن ڪي الله جي حُڪم سان چڱاين ۾ اڳرائي ڪندڙ آھن، اِھوئي وڏو فضل آھي.
3700 - (کين) چؤ ته الله کانسواءِ جن پنھنجن (ٺھرايلن) بُتن کي سڏيندا آھيو سي ڏٺا اٿوَ ڇا؟ مون کي ڏيکاريو ته زمين مان ڇا بڻايو اٿن يا آسمانن ۾ سندن ڪا ڀائيواري آھي، يا کين ڪو ڪتاب ڏنو اٿون ڇا جو اُھي اُن جي پڌري حُجّت تي آھن؟ (نه!) بلڪ ظالم ھڪ ٻئي کي رڳو ٺڳيءَ جو انجام ڏيندا آھن.
3701 - بيشڪ الله آسمانن ۽ زمين کي ڊھڻ کان نگاھ رکندو آھي، ۽ جيڪڏھن ڊَھن ته خُدا کانسواءِ انھن کي ڪوبه ڪونه نگاھ رکندو، بيشڪ اُھو بُردبار بخشڻھار آھي.
3702 - ۽ اُنھن پنھنجن پڪّن قسمن سان الله جو قسم کنيو ته جيڪڏھن وٽن ڪوبه ڊيڄاريندڙ آيو (تنھن مھل اُن جي اچڻ) کين رڳو نفرت وڌائي.
3703 - مُلڪ ۾ وڏائي ڪرڻ ۽ بڇڙي رِٿ رِٿڻ سبب (نفرت ڪيائون)، ۽ بڇڙي رٿ رٿڻ (جو نتيجو) اُن جي ھلت ڪرڻ وارن کانسواءِ ٻئي تي نه پوندو آھي، تنھن ڪري رڳو اڳين جي (عذاب جي) دستور جا منتظر آھن، پوءِ (تون) ڪڏھن الله جي دستور کي ڪا مَٽ سَٽ نه ڏسندين، ۽ (تون) ڪڏھن الله جي دستور کي ڪا ڦيرگھير نه ڏسندين.
3704 - زمين ۾ نه گھميا آھن ڇا جو ڏسن ته جيڪي کائن اڳ ھوا تن جي پڇاڙي ڪھڙي ٿي اُھي کائن سگھ ۾ به تمام ڏاڍا ھوا، ۽ الله اھڙو نه آھي جو کيس آسمانن ۾ ڪابه شيء ٿڪائي ۽ نڪي زمين ۾ (ٿڪائي)، بيشڪ اُھو ڄاڻندڙ وس وارو آھي.
3705 - ۽ جيڪڏھن الله ماڻھن کي سندن ڪرتوتن سببان پڪڙي ھا ته ڪو چُرندڙ زمين جي پُٺيءَ تي نه ڇڏي ھا پر ٺھرايل مُدّت توڻي کين مُھلت ڏئي ٿو، پوءِ جڏھن سندن مُدت آئي تڏھن بيشڪ الله پنھنجن ٻانھن کي ڏسندڙ آھي.
3996 - (چيوسون ته) اي داؤد بيشڪ اسان توکي زمين ۾ نائب مُقرّر ڪيو تنھنڪري ماڻھن جي وچ ۾ انصاف سان فيصلو ڪر ۽ (نفس جي) سَڌ جي تابعداري نه ڪر جو (اھا) توکي الله جي واٽ کان ڀلائيندي، بيشڪ جيڪي الله جي واٽ کان ڀُلن ٿا تن لاءِ انھيءَ سببان سخت عذاب آھي جو حساب جو ڏينھن وساريائون.
3997 - ۽ آسمان ۽ زمين کي ۽ جيڪي انھن جي وچ ۾ آھي سو اجايو نه بڻايوسون، اھو ڪافرن جو گمان آھي، تنھنڪري ڪافرن لاءِ باھ (جي عذاب) جي خرابي آھي.
3998 - جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن کي زمين ۾ فساد وجھڻ وارن جي برابر ڪنداسون ڇا؟ يا پرھيزگارن کي بڇڙن وانگر ڪنداسون ڇا؟
3999 - ھي (قرآن) برڪت وارو ڪتاب آھي جو اُن کي توڏانھن نازل ڪيوسون ته (ماڻھو) اُن جي آيتن ۾ ڌيان ڪن ۽ عقل وارا نصيحت وٺن.
4058 - ۽ ڪنھن وقت کانپوءِ اُن جي سچائي جي خبر ضرور اوھين ڄاڻندؤ.
4059 - (ھن) ڪتاب جو نازل ڪرڻ غالب حِڪمت واري الله (جي طرف) کان آھي.
4060 - بيشڪ اسان توڏانھن سچ سان ڪتاب نازل ڪيو ته الله لاءِ (پنھنجي) عبادت کي خالص ڪري خاص اُن جي عبادت ڪر.
4061 - خبردار ٿيءُ خالص عبادت الله ئي جي لاءِ آھي، ۽ جن الله کانسواءِ ٻيا دوست ڪري ورتا، (سي چوندا آھن ته) انھن کي رڳو ھن لاءِ پوڄيندا آھيون ته اسان کي الله ڏانھن مرتبي ۾ ويجھو ڪن، جنھن ڳالھ بابت اُھي جھڳڙو ڪندا آھن تنھن بابت بيشڪ انھن جي وچ ۾ الله فيصلو ڪندو، بيشڪ الله اُنھي کي سڌو رستو نه ڏيکاريندو جيڪو ڪوڙو (۽) بي شُڪر آھي.
4062 - جيڪڏھن الله (پاڻ لاءِ) اولاد وٺڻ گھري ھا ته جيڪي (سڀئي) بڻايو اٿس تنھن مان جيڪو وڻيس ھا سو چونڊي ھا پر اُن جي ذات پاڪ آھي، اُھو ته الله اڪيلو (۽) زبردست آھي.
4063 - آسمانن ۽ زمين کي (پوريءَ) رِٿ سان بڻايائين، رات کي ڏينھن تي لپيٽيندو آھي ۽ ڏينھن کي رات تي لپيٽيندو آھي ۽ سج ۽ چنڊ کي تابع ڪيائين، ھر ھڪ ٺھرايل مُدّت تي ھلندو آھي، خبردار اُھو (ئي) غالب بخشڻھار آھي.
4064 - اوھان کي ھڪ جيءَ مان بڻايائين وري منجھانئس سندس زال کي پيدا ڪيائين ۽ ڍورن مان اَٺ قسم اوھان لاءِ لاٿائين، اوھان کي اوھان کي مائن جي پيٽن ۾ ھڪ (قسم جي) بڻاوت کانپوءِ ٻئي (قسم جي) بڻاوت ٽن اونداھين ۾ پيدا ڪندو آھي، اُھو الله اوھان جو پالڻھار آھي اُن جي ئي (ساري) بادشاھي آھي، ان کانسواءِ ٻيو ڪو عبادت جو لائق نه آھي، پوءِ ڪيڏانھن ڦيرايا ويندا آھيو.
4065 - جيڪڏھن بي شُڪري ڪندؤ ته بيشڪ الله اوھان کان بي پرواھ آھي، ۽ پنھنجن ٻانھن جي بي شُڪريءَ کي پسند نه ڪندو آھي، ۽ جيڪڏھن شڪر ڪندؤ ته بيشڪ الله اوھان لاءِ اُن کي پسند ڪندو، ۽ ڪو بار کڻندڙ ٻئي جو بار نه کڻندو، وري اوھان جو موٽڻ پنھنجي پالڻھار ڏانھن آھي پوءِ جيڪي ڪندا ھئو تنھنجي اوھان کي سُڌ ڏيندو، بيشڪ اُھو سِينن وارو (ڳجھ) ڄاڻندڙ آھي.
4072 - چؤ ته پنھنجي عبادت الله لاءِ خالص ڪري فقط اُن جي عبادت ڪريان ٿو.
4073 - پوءِ الله کانسواءِ جنھن کي (اوھين) گھرو تنھن کي پوڄيو، (کين) چؤ ته بيشڪ ڇيئي وارا اُھي آھن جن گمراھ ٿيڻ سبب پاڻ کي ۽ پنھنجي گھر وارن کي قيامت جي ڏينھن ڇيئي ۾ وڌو، خبردار اھوئي پڌرو ڇيئو آھي.
4074 - سندن مٿان باھ جون ڇٽيون ۽ سندن ھيٺان به (اھڙا) وڇاڻا ھوندا، اِھو (عذاب) آھي جنھن کان الله پنھنجن ٻانھن کي ڊيڄاري ٿو، تنھنڪري اي منھنجا ٻانھؤ مون کان ڊڄو.
4075 - ۽ جن (ماڻھن) بتن جي پوڄا ڪرڻ کان پاسو ڪيو ۽ الله ڏانھن وريا تن لاءِ خوشخبري آھي.
4076 - پوءِ (اي پيغمبر) منجھن اُنھن ٻانھن کي خوشخبري ڏي جيڪي ڳالھ ٻڌندا آھن. پوءِ اُن مان تمام چڱيءَ تي ھلندا آھن، اِھي (اُھي) آھن جن کي الله ھدايت ڪئي آھي ۽ اھي ئي ڌيان وارا آھن.
4077 - ڀلا جنھن تي عذاب جو حُڪم ثابت ٿيو (سو بچي سگھندو ڇا؟)، تون باھ ۾ پيل کي ڇڏائي سگھندين ڇا؟
4078 - پر جيڪي پنھنجي پالڻھار کان ڊنا تن لاءِ ماڙيون آھن اُنھن جي مٿان (ٻيون) ماڙيون اڏيليون آھن انھن جي ھيٺان واھيون وھنديون آھن، الله (اِھو) انجام ڪيو آھي، الله انجام نه ڦيرائيندو آھي.
4079 - نه ڏٺو اٿيئي ڇا ته الله آسمان کان پاڻي وسايو پوءِ اُن کي زمين جي چشمن ۾ وھايائين وري اُن سان ڀاتين ڀاتين رنگ جي پوک ڄمائيندو آھي وري سُڪي ويندي آھي پوءِ اُن کي زرد ٿيل ڏسندو آھين وري اُن کي ذرا ذرا ڪندو آھي، بيشڪ اُن ۾ ڌيان وارن لاءِ نصيحت آھي.
4080 - ڀلا جنھن جو سينو (دين) اسلام لاءِ الله کوليو آھي ۽ اُھو پنھنجي پالڻھار جي (نُور جي سوجھري) تي ھجي (سو سخت دل وارن ڪافرن جھڙو ٿيندو ڇا؟)، پوءِ اُنھن لاءِ ويل آھي جن جون دليون الله جي ياد ڪرڻ کان سخت (ٿيون) آھن، اِھي پڌريءَ گمراھي ۾ آھن.
4081 - الله تمام چڱي ڳالھ (يعني) اھڙو ڪتاب نازل ڪيو جو ھڪ ٻئي جھڙا (سندس مضمون دُھرايل آھن اُن جي ٻڌڻ) کان اُنھن (ماڻھن) جون کَلون ڪانڊاربيون آھن جيڪي پنھنجي پالڻھار کان ڊڄندا آھن، وري سندين کَلون ۽ سندين دليون الله جي ياد ڪرڻ تي ڪنئريون ٿينديون آھن، اِھا الله جي ھدايت آھي جنھن کي گھري (تنھن کي) اُن سان واٽ ڏيکاري ٿو، ۽ جنھن کي الله گمراھ ڪري تنھن کي ڪو ھدايت ڪندڙ ڪونھي.
4082 - ڀلا جيڪو قيامت جي ڏينھن پنھنجي مُنھن سان بڇڙي عذاب کي روڪي ٿو (سو ڇٽل جي برابر ٿيندو ڇا؟)، ۽ ظالمن کي چئبو ته جيڪي ڪندا ھيؤ (تنھنجي سزا) چڱو.
4084 - پوءِ الله کين دنيا جي حياتيءَ ۾ خواري چکائي، ۽ بيشڪ آخرت جو عذاب (ته) تمام وڏو آھي، جيڪڏھن (اھا ڳالھ) ڄاڻن ھا (ته پاڻ کي عذاب کان بچائين ھا).
4085 - ۽ بيشڪ ماڻھن لاءِ ھن قرآن ۾ ھر قسم جا مثال بيان ڪياسون ته مانَ اُھي نصيحت وٺن.
4086 - قرآن عربي (ٻوليءَ ۾) بي عيب (نازل ڪيوسون) ته مانَ اُھي ڊڄن.
4087 - الله مثال بيان ٿو ڪري ھڪ ٻانھو جنھن ۾ (گھڻا) بد مزاج (مالڪ) ڀائيوار آھن ۽ (ٻيو) ٻانھو خلاصو ھڪڙي ماڻھوءَ جي ملڪيت آھي مثال ۾ اھي ٻئي (ٻانھا) برابر ٿيندا ڇا؟ سڀ ساراھ الله کي ئي جُڳائي، پر انھن مان گھڻا نه ڄاڻندا آھن.
4094 - الله پنھنجي ٻانھي (ﷴؐ) کي ڪافي نه آھي ڇا؟ ۽ الله کانسواءِ جيڪي (ٻيا) آھن تن کان توکي ڊيڄاريندا آھن، ۽ جنھن کي الله ڀُلائي تنھن کي ڪو ھدايت ڪرڻ وارو نه آھي.
4095 - ۽ جنھن کي الله ھدايت ڪري تنھن کي ڪو ڀلائڻ وارو نه آھي، الله غالب بدلي وٺڻ وارو نه آھي ڇا؟
4096 - (اي پيغمبر) جيڪڏھن کانئن پُڇين ته آسمانن ۽ زمين کي ڪنھن بڻايو آھي؟ ته ضرور چوندا ته الله، (پوءِ کين) چؤ ته الله کانسواءِ جن کي سڏيندا آھيو تن کي ڏسو (ته سھي) جيڪڏھن الله مون کي ڪا سختي (پھچائڻ) گھري ته اِھي اُن جي (پھچايل) سختيءَ جي لاھڻ وارا آھن ڇا؟ يا مون کي ڪو سُک (پھچائڻ) گھري ته اِھي (بُت) سندس (پھچايل) سُک جي بند ڪرڻ وارا آھن ڇا؟ (تون کين) چؤ ته مون کي الله ڪافي آھي، ڀروسي ڪندڙ مٿس (ئي) ڀروسو ڪندا آھن.
4097 - (کين) چؤ ته اي منھنجي قوم اوھين پنھنجي جاءِ عمل ڪريو بيشڪ آءٌ (به پنھنجي جاءِ) عمل ڪندڙ آھيان، پوءِ سِگھوئي ڄاڻندؤ.
4098 - ته ڪنھن تي (اُھو) عذاب اچي ٿو جو کيس خوار ڪندو ۽ مٿس ھميشه جو عذاب لھي ٿو.
4111 - (منھنجي طرفان اُنھن کي) چؤ ته اي منھنجا اُھي ٻانھؤ جن پاڻ تي ظلم ڪيو (اوھين) الله جي ٻاجھ کان نا اُميد نه ٿيو، ڇوته الله سڀ گناھ بخشيندو آھي، بيشڪ اُھوئي بخشڻھار مھربان آھي.
4127 - ۽ زمين پنھنجي پالڻھار جي نُور سان روشن ٿيندي ۽ (عملن جو) ڪتاب رکبو ۽ پيغمبرن ۽ شاھدن کي آڻبو ۽ سندن وچ ۾ حق سان نبيرو ڪبو ۽ اُنھن تي ظلم نه ڪبو.
4128 - سڀڪنھن ماڻھوءَ جيڪي ڪمايو تنھنجو پورو بدلو کيس ڏبو ۽ جيڪي ڪندا آھن تنھن کي الله ڄاڻندو آھي.
4129 - ۽ ڪافرن کي ٽوليون ٽوليون ڪري دوزخ ڏانھن ھڪالبو، تان جو جڏھن اُن وٽ پھچندا (تڏھن) اُن جا دروازا کولبا ۽ اُن جا داروغا کين چوندا ته اوھان مان اوھان وٽ ڪي پيغمبر نه آيا ھوا ڇا؟ جو اوھان کي اوھان جي پالڻھار جون آيتون پڙھي ٻڌائين ۽ اوھان کي ھن ڏينھن جي پيش اچڻ کان ڊيڄارين، چوندا ته ھائو (آيا ھوا ڊيڄاريو به ھوائون) پر ڪافرن تي عذاب جو حُڪم ثابت ٿيو.
4131 - ۽ جيڪي پنھنجي پالڻھار کان ڊنا سي ٽوليون ٽوليون بھشت ڏانھن روانا ڪبا، تانجو جڏھن اُن وقت ايندا ۽ اُن جا دروازا کولبا ۽ اُن جا دواروغا کين چوندا ته اوھان تي سلام ھجي اوھين (ھاڻي) خوش رھو پوءِ منجھس ھميشه رھڻ لاءِ گھڙو.
4132 - ۽ چوندا ته سڀ ساراھ انھيءَ الله کي جُڳائي جنھن پنھنجو انجام اسان سان سچو ڪيو ۽ اسان کي (ھن) زمين جو وارث ڪيائين بھشت مان جتي وڻندو اٿون اُتي جڳه وٺون ٿا، پوءِ عمل ڪندڙن جو اَجر (ڪھڙونه) چڱو آھي.
4133 - ۽ ملائڪن کي عرش جي چوڌاري وڪوڙيندڙ ڏسندين پنھنجي پالڻھار جي ساراھ سان گڏ پاڪائي بيان ڪندا آھن، ۽ اُنھن جي وچ ۾ انصاف جو حُڪم ڪبو ۽ (آخر ۾) چيو ويندو ته سڀ ساراھ جھانن جي پالڻھار الله کي جُڳائي.
4134 - حٰمٓ.
4135 - (ھن) ڪتاب جو ھيٺ لاھڻ الله غالب ڄاڻندڙ وٽان آھي.
4136 - جو گناھ بخشيندڙ ۽ توبه قبول ڪندڙ سخت سزا ڏيندڙ سگھ وارو آھي، اُن کانسواءِ (ٻيو) ڪو عبادت جو لائق نه آھي، ڏانھس ورڻو آھي.
4137 - ڪافرن کانسواءِ الله جي آيتن بابت (ٻيو) ڪوبه تڪرار نه ڪندو آھي پوءِ شھرن ۾ (واپار لاءِ) سندن اچ وڃ توکي نه ٺڳي.
4139 - ۽ اھڙي طرح تنھنجي پالڻھار جو حُڪم ڪافرن تي ثابت ٿيو آھي ته اُھي دوزخي آھن.
4140 - جيڪي (ملائڪ) عرش کي کڻندا آھن ۽ جيڪي اُن جي چوڌاري آھن سي پنھنجي پالڻھار جي پاڪائي ساراھ سان گڏ بيان ڪندا آھن ۽ مٿس ايمان آڻيندا آھن ۽ مؤمن لاءِ بخشش گھرندا آھن، (چوندا آھن ته) اي اسان جا پالڻھار سڀڪنھن شيء کي پنھنجي ٻاجھ ۽ علم ۾ وڪوڙيو اٿيئي تنھنڪري جن توبه ڪئي ۽ تنھنجي واٽ جي تابعداري ڪئي تن کي بخش ۽ کين دوزخ جي عذاب کان بچاءِ.
4141 - اي اسان جا پالڻھار کين اُن ھميشه رھڻ وارن باغن ۾ داخل ڪر جن جو ساڻن وعدو ڪيو اٿيئي ۽ جيڪي سندن پين ڏاڏن ۽ سندن زالن ۽ سندن اولاد مان سڌريل ھجي تنھن کي به (اُنھن باغن ۾ داخل ڪر)، بيشڪ تون ئي غالب حڪمت وارو آھين.
4143 - بيشڪ جن ڪُفر ڪيو تن کي سڏبو (۽ چئبو) ته الله جو (اوھان تي) ڏمرجڻ اوھان جي پاڻ تي (اڄ جي) ڏمرجڻ کان تمام وڏو آھي جڏھن جو اوھان کي (دنيا ۾) ايمان ڏانھن سڏبو ھو ۽ نه مڃيندا ھئو.
4144 - چوندا ته اي اسانجا پالڻھار اسان کي ٻه ڀيرا ماريئي ۽ اسان کي ٻه ڀيرا جياريئي تنھنڪري (ھاڻي) پنھنجن گناھن کي (پاڻ) مڃيوسون پوءِ (ھاڻي) نڪرڻ جي ڪا واھ (ڪٿي) آھي؟
4145 - (چئبن) اِھو (عذاب اوھان کي) انھيءَ ڪري آھي جو جڏھن (خاص) اڪيلي الله کي سڏبو ھو (تڏھن) اوھين انڪار ڪندا ھئو، ۽ جيڪڏھن ساڻس شريڪ ٺھرايو ويندو ھو ته (ان ڳالھ کي) مڃيندا ھئو، پوءِ (اڄ) تمام مٿاھين وڏي الله جو حڪم آھي.
4148 - (اُھو) مرتبن کي وڏي ڪرڻ وارو ۽ عرش جو صاحب آھي، پنھنجن ٻانھن مان جنھن تي گھرندو آھي (تنھن تي) پنھنجي حڪم سان وحي موڪليندو آھي ته (اُھو ٻانھو ماڻھن کي الله جي) ملڻ جي ڏينھن کان ڊيڄاري.
4149 - جنھن ڏينھن اُھي (قبرن مان) ٻاھر نڪرندا، انھن جي ڪابه شيء الله کان ڳُجھي نه رھندي، (الله فرمائيندو ته) اڄ ڪنھن جي بادشاھي آھي، (وري پاڻ چوندو) خاص اڪيلي غالب الله جي (بادشاھي) آھي.
4150 - اڄ سڀڪنھن جِيءَ کي اُنھي جو بدلو ڏبو جيڪو ڪمايو اٿس، اڄ ڪو ظلم ڪونھي، بيشڪ الله جلد حساب وٺڻ وارو آھي.
4151 - ۽ (اي پيغمبر) کين قيامت جي ڏينھن (جي اُنھيءَ مھل) کان ڊيڄار جنھن مھل دليون نِڙ گھٽن کي ويجھو ٿينديون (اُھي) ڏک ڀريل ھوندا، (اُن ڏينھن) ظالمن جو ڪو دوست ۽ نه ڪو پارت ڪندڙ ھوندو جنھن جي ڳالھ مڃجي.
4172 - اي منھنجي قوم ھيءَ دنيا جي حياتي (ٿوري) وٿ کانسواءِ (ٻيو) ڪي نه آھي، ۽ بيشڪ آخرت ئي سدائين رھڻ جو ھنڌ آھي.
4173 - جنھن بد ڪم ڪيو تنھن کي رڳو اُھڙو بدلو ڏبو، ۽ جنھن چڱو ڪم ڪيو خواہ مڙس ھجي خواہ زال ۽ اُھو مؤمن به ھجي ته اُھي بھشت ۾ گھڙندا منجھس اڻ ڳڻي روزي ڏبين.
4174 - اي منھنجي قوم مون کي ڇا (ٿيو) آھي جو (آءٌ) اوھان کي ڇوٽڪاري ڏانھن سڏيان ٿو ۽ (اوھين) مون کي باھ ڏانھن سڏيو ٿا.
4175 - (اوھين) مون کي سڏيو ٿا ته الله جو انڪار ڪريان ۽ ساڻس اھڙي شيء شريڪ ٺھرايان جنھن (جي حقيقت) جي مون کي ڄاڻپ نه آھي، ۽ آءٌ اوھان کي غالب بخشڻھار ڏانھن سڏيان ٿو.
4176 - بلاشڪ اوھين مون کي اُنھيءَ ڏانھن سڏيو ٿا جنھن کي دنيا ۽ آخرت ۾ سڏڻ جو ڪو حق نه آھي ۽ بيشڪ اسان جو موٽڻ الله ڏانھن آھي ۽ بيشڪ حد کان لنگھندڙ ئي دوزخي آھن.
4177 - پوءِ جيڪي اوھان کي چوان ٿو سو سگھو ياد ڪندؤ، ۽ (آءٌ) پنھنجو ڪم الله کي سونپيان ٿو، ڇو ته الله ٻانھن (جي حال) کي ڏسندڙ آھي.
4178 - پوءِ جيڪي ڦند سٽيائون تن جي بڇڙائيءَ کان الله کيس بچايو ۽ فرعون جي ماڻھن کي بڇڙي عذاب گھيريو.
4179 - جا باھ آھي جنھن تي صبح ۽ سانجھيءَ جو کين حاضر ڪبو آھي، ۽ جنھن ڏينھن قيامت قائم ٿيندي، (تنھن ڏينھن حُڪم ڪبو ته) فرعونين کي سخت عذاب ۾ گھيڙيو.
4192 - بيشڪ قيامت ضرور اچڻي آھي منجھس ڪو شڪ نه آھي، پر گھڻا ماڻھو ويساھ نه رکندا آھن.
4193 - ۽ اوھان جو پالڻھار فرمائي ٿو ته اوھين مون کان دُعا گھرو ته اوھان جي دُعا قبول ڪريان، بيشڪ جيڪي منھنجي عبادت کان وڏائي ڪندا آھن سي خوار ٿي دوزخ ۾ سگھوئي گھڙندا.
4194 - الله اُھو آھي جنھن اوھان لاءِ رات کي پيدا ڪيو ته منجھس آرام وٺو ۽ ڏينھن کي اوھان جي (ھڪ ٻئي کي) ڏسڻ لاءِ (پيدا ڪيو) بيشڪ الله ماڻھن تي فضل (ڪرڻ) وارو آھي پر گھڻا ماڻھو شڪر نه ڪندا آھن.
4195 - اھو الله اوھان جو پالڻھار ھر شيء کي خلقيندڙ آھي، اُن کانسواءِ (ٻيو) ڪو عبادت جو لائق نه آھي، پوءِ اوھين ڪيڏانھن ڦيرايا ويندا آھيو.
4196 - اھڙي طرح اُھي (سئين واٽ کان) ڀُلائبا آھن جن الله جي آيتن جو انڪار ٿي ڪيو.
4197 - الله اُھو آھي جنھن اوھان لاءِ زمين کي آرام جو ھنڌ ۽ آسمان کي ڇت بڻايو ۽ اوھان جي شڪل ٺاھيائين پوءِ اوھان جون شڪليون تمام چڱيون بڻايائين ۽ اوھان کي سٺين سٺين شين مان روزي ڏنائين، اھو الله اوھان جو پالڻھار آھي، پوءِ جھانن جو پالڻھار وڏي برڪت وارو آھي.
4198 - اُھو (سدائين) جيئرو آھي اُن کانسواءِ ڪو عبادت جو لائق نه آھي تنھنڪري اُن لاءِ (پنھنجي) عبادت کي خالص ڪري کيس سڏيو، سڀ ساراھ جھانن جي پالڻھار الله کي جڳائي.
4285 - اوھان لاءِ اھو دين مُقرّر ڪيائين جنھن (جي قائم ڪرڻ) جو نُوح کي حُڪم ڪيو ھوائين ۽ جيڪو توڏانھن به وحي ڪيوسين ۽ اُھو جنھن (جي قائم ڪرڻ) جو ابراھيم ۽ مُوسىٰ ۽ عيسىٰ کي حُڪم ڪيوسون ته دين کي قائم ڪريو ۽ منجھس ڌار ڌار نه ٿيو، مُشرڪن کي اُھا (ڳالھ) ڏکي لڳي جنھن ڏانھن کين سڏيندو آھين، الله جنھن کي گھُري (تنھن کي) پاڻ ڏانھن چونڊيندو آھي ۽ جيڪو (ڏانھس) ورندو آھي تنھن کي پاڻ ڏانھن ھدايت ڪندو آھي.
4286 - ۽ نه جُدا ٿيون (اُمتون) مگر بعد اُن جي جو آيو اُنھن وٽ علم از روءِ سرڪشي جي پاڻ ۾، ۽ جيڪڏھن تنھنجي پالڻھار کان مقرر مُدّت تائين (مھلت ڏيڻ جو) حڪم اڳي (جاري ٿيل) نه ھجي ھا ته ضرور سندن وچ ۾ (ھاڻي ئي) فيصلو ڪجي ھا، ۽ بيشڪ جي انھن (پيغمبرن) کان پوءِ ڪتاب جا وارث ڪيا ويا سي دين کان وڏي شڪ ۾ (پيل) آھن.
4287 - پوءِ (تون) انھيءَ (دين) ڏانھن سڏ، ۽ جئن توکي حُڪم ڪيو ويو آھي (تيئن) بيھڪ وٺ، ۽ سندن سَڌن جي تابعداري نه ڪر، ۽ چؤ ته جيڪو به ڪتاب الله لاٿو تنھن کي مڃيم، ۽ مون کي حُڪم ٿيل آھي ته اوھان جي وچ ۾ انصاف ڪريان، الله اسان جو پالڻھار ۽ اوھان جو پالڻھار آھي، اسان لاءِ اسان جا عمل ۽ اوھان لاءِ اوھان جا عمل آھن، اسان جي ۽ اوھان جي وچ ۾ ڪو تڪرار ڪونھي، الله اسان سڀني کي (قيامت جي) ڏينھن گڏ ڪندو، ۽ ڏانھس موٽڻ آھي.
4295 - اِھو (ثواب) اُھو آھي جنھن جي الله پنھنجن اُنھن ٻانھن کي خوشخبري ڏيندو آھي جن ايمان آندو آھي ۽ چڱا ڪم ڪيا آھن، (اي پيغمبر کين) چؤ ته آءٌ اوھان کان اُن (پيغام پھچائڻ) تي ڪو اُجورو نه ٿو گھُران پر (جڳائي ته) مائٽن (جي وچ) ۾ محبت (رکو)، ۽ جيڪو چڱائي ڪمائيندو تنھن لاءِ اُن ۾ چڱائي وڌائينداسون، ڇوته الله بخشڻھار قدر ڄاڻڻ وارو آھي.
4296 - چوندا آھن ڇا ته (پيغمبر پاڻ) الله تي ڪوڙ ٺاھيو آھي، پوءِ جيڪڏھن الله گھري ته تنھنجيءَ دل تي مُھر ھڻي، ۽ الله ڪُوڙ کي ناس ڪندو آھي ۽ پنھنجن سُخنن سان سچي دين کي ثابت ڪندو آھي، بيشڪ اُھو سينن وارو (ڳجھ) ڄاڻندڙ آھي.
4297 - ۽ اُھو آھي جو پنھنجن ٻانھن جي توبه قبول ڪندو آھي ۽ مداين کان ٽارو ڪندو آھي ۽ جيڪي ڪندا آھيو سو ڄاڻندو آھي.
4298 - ۽ جن ايمان آندو آھي ۽ چڱا ڪم ڪيا آھن تن جي دُعا قبول ڪندو آھي ۽ پنھنجي فضل سان کين وڌيڪ (به) ڏيندو آھي، ۽ ڪافرن لاءِ ئي سخت سزا آھي.
4299 - ۽ جيڪڏھن الله پنھنجن ٻانھن جي روزي ڪشادي ڪري ھا ته مُلڪ ۾ ضرور بگيڙو وجھن ھا پر جيترو (پاڻ) گھرندو آھي (اوترو) نازل ڪندو آھي، ڇوته اُھو پنھنجن ٻانھن کي ڄاڻندڙ ڏسندڙ آھي.
4354 - بلڪ مان انھن ۽ سندن ابن ڏاڏن کي آسودو ڪيو تان جو وٽن سچّو دين ۽ پڌرو پيغمبر (ﷺ) آيو.
4323 - ۽ ڪنھن ماڻھوءِ لاءِ ٿيڻو ئي نه آھي ته الله ساڻس ڳالھائي سواءِ ھن جي ته الھام سان يا پردي جي پويان يا ڪنھن قاصد موڪلڻ سان (ڳالھائي) پوءِ جيڪي الله گھريو سو سندس حُڪم سان پھچائي ڏي، بيشڪ اُھو (سڀ کان) مٿاھون حڪمت وارو آھي.
4324 - ۽ اھڙيءَ طرح اسان پنھنجي ڪلام سان توڏانھن قرآن وحي ڪيو، (اڳ) تون نه ڄاڻندو ھئين ته ڪتاب ڇا آھي ۽ نڪي (ڄاڻندو ھئين ته) ايمان (ڇا آھي) پر قُرآن کي نُور ڪيو اٿون پنھنجن ٻانھن مان جنھن کي گھرون (تنھن کي) اُن سان سڌو رستو ڏيکاريندا آھيون، ۽ بيشڪ تون سڌي رستي ڏانھن ھدايت ڪندو آھين.
4325 - (يعني) اُنھي الله جو رستو جو جيڪي آسمانن ۽ زمين ۾ آھي سو سندس آھي، خبردار الله ڏانھن (ئي سڀ) ڪم وري ويندا آھن.
4344 - ۽ ملائڪن کي (الله جون) ڌيئرون مُقرّر ڪيون اٿن جي (پاڻ) الله جا ٻانھا آھن، (اھي) سندن پيدا ٿيڻ وقت حاضر ھوا ڇا؟ سندين (اھا) شاھدي سِگھو لکبي ۽ (ھُو قيامت ۾) پُڇيا ويندا.
4345 - ۽ چوندا آھن ته جيڪڏھن ٻاجھارو (الله) گھري ھا ته انھن (ملائڪن) جي عبادت نه ڪريون ھا کين ھن (ڳالھ) جي ڪا ڄاڻپ نه آھي، اُھي رڳو اٽڪل ھڻندا آھن.
4346 - کين ھن (قرآن) کان اڳ ڪو ڪتاب ڏنو اٿون ڇا جو اُنھن اُن کي چنبڙي ورتو آھي.
4347 - (نه!) بلڪ چوندا آھن ته بيشڪ اسان پنھنجن ابن ڏاڏن کي ھڪ مذھب تي ڏٺو ۽ بيشڪ اسين سندن پيرن تي رستي لھڻ وارا آھيون.
4348 - ۽ اھڙي طرح توکان اڳ ڪنھن ڳوٺ ۾ ڪو ڊيڄاريندڙ نه موڪليوسون پر اُن جي آسودن (ماڻھن) چيو ته اسان پنھنجا پيءُ ڏاڏا ھڪ دين تي ڏٺا ۽ بيشڪ اسين انھن (ئي) جي پيرن تي پيروي ڪندڙ آھيون.
4349 - (پيغمبر کين) چيو ته (پنھنجن ابن ڏاڏن جي پيروي ڪندؤ) ڇا؟ جيتوڻيڪ اوھان وٽ اُھو (دين) آندو اٿم جنھن (دين) تي اوھان پنھنجن پين ڏاڏن کي ڏٺو تنھن کان وڌيڪ سڌو رستو ڏيکارڻ وارو آھي، چيائون ته جنھن شيء سان اوھان کي موڪليو ويو آھي تنھنجا اسين مُنڪر آھيون.
4410 - ۽ اُھو وڏي برڪت وارو آھي جنھن جي آسمانن ۽ زمين جي ۽ جيڪي اُنھن جي وچ ۾ آھي تنھن جي بادشاھت آھي، ۽ وٽس ئي قيامت (جي اچڻ) جي خبر آھي، ۽ ڏانھنس موٽائبؤ.
4411 - ۽ (ڪافر) جن (بُتن) کي الله کانسواءِ سڏيندا آھن سي شفاعت ڪري نه سگھندا آھن پر اُھي جن (دين جي) سچي شاھدي ڏني ھوندي ۽ اُھي (اُن جي حقيقت) ڄاڻندا آھن (اُھي شفاعت ڪندا).
4499 - (اي پيغمبر کين) چؤ ته الله اوھان کي جياريندو آھي وري اوھان کي ماريندو وري اوھان کي قيامت جي ڏينھن ۾ ڪو شڪ نه آھي گڏ ڪندو پر گھڻا ماڻھو (اِن ڳالھ کي) نه ڄاڻندا آھن.
4500 - ۽ آسمانن ۽ زمين جي بادشاھي الله جي آھي، ۽ جنھن ڏينھن قيامت ٿيندي تنھن ڏينھن ڪُوڙا ڇيئو پائيندا.
4533 - چيائين ته اِھو علم رڳو الله کي آھي، ۽ جنھن (پيغام) سان موڪليو ويو آھيان سو اوھان کي پھچايان ٿو پر اوھان کي ھڪ جاھل قوم ڏسان ٿو.
4534 - پوءِ جنھن مھل اُن کي ڪڪر (جھڙو) ڏٺائون جو سندن ميدانن ڏانھن سامھون ايندڙ ھو (تنھن مھل) چيائون ته ھيءُ ڪڪر آھي جو اسان تي وَسندو، (ھود چيو ته نه نه!) بلڪ اِھو اُھو آھي جنھن کي جلدي گھريؤ، (اھا) ھڪ آنڌي آھي جنھن ۾ ڏکوئيندڙ عذاب آھي.
4535 - (جو) پنھنجي پالڻھار جي حُڪم سان سڀڪنھن شيءَ کي ناس ڪندي پوءِ (اھڙا ناس) ٿيا جو سندن گھرن کانسواءِ ڪجھ نه ٿي ڏٺو ويو، اھڙي طرح ڏوھاري قوم کي سزا ڏيندا آھيون.
4536 - ۽ بيشڪ انھن کي اھڙي جاءِ ڏني ھئي سون جو اوھان کي به جاءِ نه ڏني سون ۽ انھن کي ڪنّ ۽ اکيون ۽ دليون ڏنيون ھيون سون، پوءِ جڏھن الله جي آيتن جو انڪار ڪيائون تڏھن نڪي سندن ڪَنن ۽ نڪي سندن اکين ۽ نڪي سندن دلين ڪجھ به (عذاب) کائن ٽاريو ۽ جنھن (عذاب) بابت ٺـٺوليون ڪندا ھوا سو مٿن ڪڙڪيو.
4546 - جن ڪُفر ڪيو ۽ الله جي واٽ کان جھليو تن جي عملن کي (الله) چَٽ ڪيو.
4547 - ۽ جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا ۽ جيڪي مُحمّدؑ تي نازل ڪيو ويو ۽ اُھو سندن پالڻھار وٽان سچ آھي تنھن کي مڃيائون تن جون مدايون کائن ميٽيائين ۽ سندن حال کي سُڌاريائين.
4548 - اِھو ھن ڪري آھي جو ڪافر ڪُوڙ جي پٺيان لڳا ۽ مؤمن پنھنجي پالڻھار جي سچي دين جي پيروي ڪئي، اھڙيءَ طرح ماڻھن لاءِ سندن احوال بيان ڪندو آھي.
4549 - پوءِ جڏھن اوھين ڪافرن سان جنگ ڪريو تڏھن (انھن جون) گردنون ڪٽيو، تانجو جڏھن منجھن گھڻو رت ڇاڻ ڪيوَ تڏھن مضبوطيءَ سان قيد ٻڌو وري (قيد کان) پوءِ يا ته احسان ڪرڻ (سان ڇڏڻ) يا چَٽي وٺڻ (گھُرجي) تانجو جنگ پنھنجا ھٿيار رکي، اِھو (حُڪم) آھي، ۽ جيڪڏھن الله گھري ھا ته کائن بدلو وٺي ھا پر (گھرندو آھي) ته اوھان مان ڪن کي ڪن سان پرکي، ۽ جيڪي الله جي واٽ ۾ قتل ٿيا تن جا عمل ڪڏھن چَٽ نه ڪندو.
4550 - کين سڌو رستو ڏيکاريندو ۽ سندن حال سڌاريندو.
4556 - اِھو ھن ڪري آھي جو الله مؤمنن جو ڪارساز آھي ۽ (ھن ڪري) ته ڪافرن جو ڪو سڄڻ نه آھي.
4557 - جن ايمان آندو آھي ۽ چڱا ڪم ڪيا آھن تن کي بيشڪ الله اھڙن باغن ۾ داخل ڪندو جن جي ھيٺان واھيون وھنديون آھن، ۽ جن انڪار ڪيو (سي) دنيا جو نفعو وٺندا آھن ۽ ائين کائيندا آھن جئين ڍور کائيندا آھن ۽ سندين جاءِ باھ آھي.
4558 - ۽ (اي پيغمبر) تنھنجي ڳوٺ جنھن (جي ماڻھن) توکي ڪڍي ڇڏيو تنھن کان وڌيڪ سگھ وارا ڪيترائي ڳوٺ ھوا، جو اُنھن کي ناس ڪيوسون پوءِ انھن جو ڪو واھرو نه ھو.
4559 - جيڪو پنھنجي پالڻھار کان پڌريء حُجت تي ھجي سو اُنھيءَ جھڙو آھي ڇا؟ جنھن کي سندس بڇڙا ڪم چڱا ڪري ڏيکاريا ويا ۽ پنھنجين سَڌن جي پٺيان لڳا.
4560 - جنھن بھشت جو پرھيزگارن کي انجام ڏنو ويو آھي تنھنجي وصف ھي آھي جو اُن ۾ اھڙي پاڻي جون واھيون آھن جو (گھڻي رھڻ ڪري) نه سينواريو آھي، ۽ اھڙي کير جون واھيون آھن جنھن جو مزو نه مَٽيو آھي، ۽ پيئندڙن کي لذت ڏيندڙ شراب جون واھيون آھن، ۽ صفا ڪيل ماکيءَ جون به واھيون آھن، ۽ اُنھن لاءِ منجھس ھر جنس جا ميوا آھن ۽ سندن پالڻھار وٽان بخشش آھي، (اھي) انھن جھڙا آھن ڇا جيڪو باھ ۾ سدائين رھڻ وارو ھجي ۽ جن کي ڪوسو پاڻي پياريو وڃي جو سندن آنڊن کي ڇِني ڇڏي.
4561 - ۽ منجھائن ڪو اھڙو آھي جو توڏانھن ڪن ڏيندو آھي، تان جو جنھن مھل تو وٽان نڪرندا آھن (تنھن مھل) جن کي علم ڏنو ويو تن کي چوندا آھن ته ھاڻي (پيغمبر) ڇا چيو؟ اِھي اُھي آھن جن جي دلين تي الله مُھر ھنئي آھي ۽ جيڪي پنھنجي سَڌن تي ھليا.
4562 - ۽ جن سِڌو رستو ورتو تن کي خدا ھدايت ۾ وڌايو ۽ کين سندين پرھيزگاري ڏني.
4564 - پوءِ ڄاڻ ته الله کانسواءِ (ٻيو) ڪو عبادت جو لائق نه آھي ۽ پنھنجن گناھن جي ۽ مؤمنن ۽ مؤمنياڻين لاءِ بخشش گھُر، ۽ الله اوھان جي اچ وڃ جو ھنڌ ۽ اوھان جي رھڻ جي جڳھ ڄاڻندو آھي.
4565 - ۽ مؤمن چوندا آھن ته ڪا سُورة ڇونه نازل ڪئي وئي، پوءِ جڏھن پڌري معنىٰ واري سُورة نازل ڪئي وڃي ۽ اُن ۾ جھاد جو ذڪر ڪيو وڃي ته جن جي دلين ۾ بيماري آھي تن کي ڏسندين ته تو ڏانھن اُنھيءَ (ماڻھو) جي نھارڻ وانگر ڏسندا آھن جنھن کي موت (جي سڪرات) کان بيھوشي پُھتي ھجي، پوءِ اُنھن لاءِ خرابي آھي.
4576 - ۽ ضرور اوھان کي پرکينداسون ته اوھان مان مجاھدن ۽ صابرن کي معلوم ڪريون ۽ اوھان جا حال جاچيون.
4577 - بيشڪ جن ڪفر ڪيو ۽ الله جي واٽ کان جھليو ۽ کين ھدايت پڌري ٿي تنھن کانپوءِ پيغمبر جي مخالفت ڪيائون سي الله جو ڪجھ نقصان نه ڪندا، ۽ (الله) سندن عمل سگھوئي چٽ ڪندو.
4578 - اي ايمان وارؤ الله جو چيو مڃيو ۽ پيغمبر جو چيو مڃيو ۽ پنھنجا عمل نه وڃايو.
4579 - بيشڪ جن ڪفر ڪيو ۽ الله جي واٽ کان جھليو وري ڪافر ٿي مُئا تن کي الله ڪڏھن نه بخشيندو.
4580 - پوءِ سُست نه ٿيو ۽ صلح ڏانھن نه سڏيو، ۽ اوھين ئي غالب آھيو، ۽ الله اوھان ساڻ آھي ۽ اوھان جي عملن کي ڪڏھن ضايع نه ڪندو.
4581 - دنيا جي حياتي ته رڳو راند ۽ تماشو آھي، ۽ جيڪڏھن ايمان آڻيندؤ ۽ پرھيزگاري ڪندؤ ته اوھان جو اجر اوھان کي ڏيندو ۽ اوھان کان اوھان جو (سڀ) مال نه گھرندو.
4582 - جيڪڏھن اوھان کان (اوھان جو) مال گھري پوءِ (گھرڻ ۾) اوھان کي تنگ ڪري ته (انھيءَ وقت ضرور) بخيلي ڪندؤ ۽ اُھا (بخيلي) اوھان جون بدنيتون ظاھر ڪندي.
4583 - خبردار ھجو اوھين اُھي (ماڻھو) آھيو جو اوھان کي سڏيو وڃي ٿو ته الله جي واٽ ۾ خرچيو، پوءِ اوھان مان ڪو (ته اھڙو آھي جو) بخيلي ٿو ڪري، ۽ جيڪو بخيلي ٿو ڪري سو رڳو پاڻ سان بخيلي ڪري ٿو، ۽ الله بي پرواھ آھي ۽ اوھين محتاج آھيو، ۽ جيڪڏھن منھن موڙيندؤ ته اوھان کانسواءِ (ٻي) ڪنھن قوم کي مٽائي آڻيندو پوءِ اُھي اوھان جھڙا نه ھوندا.
4584 - (اي پيغمبر) بيشڪ اسان توکي پڌري فتح ڏني.
4585 - ته تنھنجا قُصور جيڪي اڳي گذريا ۽ جيڪي پوءِ تي رھيا سي (سڀ) الله توکي معاف ڪري ۽ توتي پنھنجي نعمت پوري ڪري ۽ توکي سِڌي واٽ ڏيکاري.
4586 - ۽ الله غالب سوڀ سان توکي سوڀارو ڪري.
4587 - (الله) اُھو آھي جنھن مؤمنن جي دلين ۾ آرام نازل ڪيو ته (انھن جو) ايمان (اڳين) ايمان سان وڌيڪ ٿئي، ۽ آسمانن ۽ زمين جا لشڪر الله جا (ئي) آھن، ۽ الله ڄاڻندڙ حڪمت وارو آھي.
4588 - ته مؤمنن ۽ مؤمنياڻين کي اھڙن باغن ۾ داخل ڪري جن جي ھيٺان واھيون پيون وھن اُتي سدائين رھندا ۽ سندن مدايون کائن ميٽيندو، ۽ اِھا الله وٽ وڏي مراد ماڻڻ آھي.
4589 - ۽ (ته) منافقن ۽ منافقياڻين کي ۽ مشرڪن ۽ مشرڪياڻين کي عذاب ڪري جي الله تي تمام بڇڙو گمان ڀانئيندڙ آھن، بڇڙي مصيبت مٿن ھجي شال، ۽ مٿن الله ڏمريو ۽ کين لعنت ڪيائين ۽ اُنھن لاءِ دوزخ تيار ڪيائين، ۽ اُھو بڇڙو ھنڌ آھي.
4590 - ۽ آسمانن ۽ زمين جا لشڪر الله جا آھن، ۽ الله غالب حڪمت وارو آھي.
4606 - (اھوئي) الله جو قانون آھي جو اڳ ھليو ايندو آھي، ۽ الله جي قانون کي ڪڏھن ڪا ڦير ڦار نه ڏسندين.
4607 - ۽ (الله) اُھو آھي جنھن ڪافرن جا ھٿ اوھان کان ۽ اوھان جا ھٿ انھن کان جھليا مڪّي جي وچ ۾ اوھان کي مٿن سوڀاري ڪرڻ کان پوءِ، ۽ جيڪي ڪندا آھيو تنھن کي الله ڏسندڙ آھي.
4608 - اِھي اُھي آھن جن انڪار ڪيو ۽ اوھان کي تعظيم واري مسجد کان جھليو ۽ قرباني کي به جو پنھنجي جاءِ تي پھچڻ کان روڪيل رھي، ۽ جيڪڏھن (اھڙا ڪي) مڙس مؤمن ۽ (ڪي) زالون مؤمنياڻيون (مڪي ۾) نه ھجن ھا جن کي اوھان نه ڄاڻندا آھيو ته (متان) کين لتاڙي ڇڏيو پوءِ بي خبريءَ ۾ انھن جو اوھان کي گناھ پھچي (ته ھاڻي ئي فتح ٿئي ھا)، جنھن کي الله گھري پنھنجي ٻاجھ ۾ داخل ڪري، جيڪڏھن (ٻئي ٽوليون) ڌار ھجن ھا ته ضرور مڪي وارن مان ڪافرن کي ڏکوئيندڙ عذاب ڪريون ھا.
4609 - جڏھن ڪافرن پنھنجن دلين ۾ جاھليت جو جوش پيدا ڪيو تڏھن الله پنھنجي پيغمبر تي ۽ مؤمنن تي پنھنجو آرام نازل ڪيو ۽ کين پرھيزگاريءَ جي ڳالھ تي قائم رکيائين ۽ (اِھي) ان جا وڌيڪ حقدار ۽ اُن جا جوڳا ھوا، ۽ الله سڀڪنھن شيء کي ڄاڻندڙ آھي.
4610 - بيشڪ الله پنھنجي پيغمبر کي سچو خواب ڏيکاريو، ته جيڪڏھن الله گھريو آھي ته پنھنجا مٿا ڪوڙائي ۽ وار ڪترائي تعظيم واريءَ مسجد ۾ بي ڀوا ٿي ضرور گھڙندؤ (۽) نه ڊڄندؤ، پوءِ جيڪي نه ڄاڻندا آھيو سو الله ڄاتو پوءِ اُن کان اڳ ھڪ ويجھي فتح ڏني.
4611 - (الله) اُھو آھي جنھن پنھنجي پيغمبر کي ھدايت ۽ سچي دين سان موڪليو ته اُن کي سڀني دينن تي غالب ڪري، ۽ الله شاھد ڪافي آھي.
4612 - مُحمّد الله جو موڪليل آھي، ۽ جيڪي سندس سنگتي آھن سي ڪافرن تي ڏاڍا سخت آھن ۽ پاڻ ۾ مھربان آھن کين رڪوع ڪندڙ سجدو ڪندڙ ڏسندو آھين الله جو فضل ۽ رضامندي طلبيندا آھن، انھن جي نشاني سندن منھن ۾ سجدي جي اثر کان (پڌري) آھي، اھا سندن وصف توريت ۾ آھي، ۽ سندس وصف اِنجيل ۾ آھي، (اھي) اُنھيءَ پوک وانگر آھن جنھن پنھنجو سَلو ڪڍيو پوءِ اُن کي مضبوط ڪيائين پوءِ ٿلھو ٿيو پوءِ پنھنجي سلي تي سڌي بيٺي جو ڪڙمين کي پئي وڻي (اسلامي غلبي جو به آخر اھڙو حال آھي) تانجو مؤمنن جي (ڏسڻ) ڪري ڪافرن کي ڪاوڙائي، جن ايمان آندو ۽ منجھائن چڱا ڪم ڪيا (تن کي) بخشش ۽ وڏي اجر جو الله انجام ڏنو آھي.
4613 - اي ايمان وارؤ الله ۽ سندس پيغمبر جي آڏو اڳرائي نه ڪريو ۽ الله کان ڊڄو، بيشڪ الله ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آھي.
4614 - اي ايمان وارؤ پنھنجا آواز پيغمبر جي آواز کان مٿي نه ڪريو ۽ جيئن اوھان جو ھڪ ٻئي سان وڏي سڏ ڳالھائڻ آھي (تئين) ساڻس ڳالھ ڏاڍيان نه ڳالھايو جو متان اوھان جا عمل چٽ ٿي وڃن ۽ اوھين نه پروڙيندا ھجو.
4615 - بيشڪ جيڪي پنھنجن آوازن کي الله جي پيغمبر جي آڏو جھڪو ڪندا آھن اِھي اُھي آھن جن جي دلين کي الله پرھيزگاريءَ لاءِ آزمايو آھي، اُنھن لاءِ بخشش ۽ وڏو اجر آھي.
4616 - بيشڪ جيڪي حُجرن جي ٻاھران توکي سڏيندا آھن تن مان گھڻا بي سمجھ آھن.
4619 - ۽ ڄاڻو ته اوھان ۾ الله جو پيغمبر آھي، جيڪڏھن گھڻن ڪمن ۾ ھو اوھان جو چيو مڃيندو ته اوھين ڏکيا ٿيندؤ پر الله اوھان وٽ ايمان کي پيارو ڪرايو ۽ اوھان جي دلين ۾ ان کي چڱو ڪري ڏيکاريائين ۽ اوھان وٽ ڪفر ۽ بي ديني ۽ گناھ کي ناپسند ڪرايائين، اھي سڌي رستي وارا آھن.
4620 - الله جي فضل ۽ احسان سان، ۽ الله ڄاڻندڙ حڪمت وارو آھي.
4621 - ۽ جيڪڏھن مؤمنن جون ٻه ٽوليون پاڻ ۾ وڙھن ته سندن وچ ۾ صُلح ڪريو، پوءِ جيڪڏھن انھن مان ھڪڙي ٻي تي زيادتي ڪري ته جيڪا زيادتي ٿي ڪري تنھن سان وڙھو جيسين تائين الله جي حُڪم ڏانھن موٽي اچي، پوءِ جيڪڏھن موٽي آئي ته سندن وچ ۾ انصاف سان صُلح ڪريو ۽ انصاف سان ھلو، ڇوته الله انصاف وارن کي پيارو رکندو آھي.
4622 - مؤمن ته سڀ ڀائر آھن تنھنڪري پنھنجي ٻنھي ڀائرن جي وچ ۾ صلح ڪريو، ۽ الله کان ڊڄو ته مانَ اوھان تي ٻاجھ ڪئي وڃي.
4623 - اي ايمان وارؤ ڪا ٽولي ڪنھن ٽولي تي ٺـٺولي نه ڪري جو متان اُھي اُنھن کان ڀلا ھجن ۽ نه زالون ٻـين زالن سان (ٺـٺوليون ڪن) جو متان اُھي اُنھن کان ڀَليون ھجن، ۽ نڪي پاڻ ۾ (ھڪ ٻئي کي) عيب لايو ۽ نڪي ھڪ ٻئي کي بڇڙن لقبن سان سڏيو، (جو) ايمان آڻڻ کانپوءِ بي دينيءَ جو نالو (پوڻ) خراب آھي، ۽ جن توبه نه ڪئي سي ئي ظالم آھن.
4624 - اي ايمان وارؤ گھڻو ڪري گمان کان بچو، بيشڪ ڪي گمان گناھ آھن ۽ نڪي جاسوسي ڪريو ۽ نڪو ڪو اوھان مان ھڪ ٻئي جي گلا ڪري، ڀلا اوھان مان ڪو ھڪڙو پنھنجي مُئي ڀاءُ جو گوشت کائڻ پسند ڪندو آھي ڇا جنھن کان نفرت ڪندا آھيو، ۽ الله کان ڊڄو، بيشڪ الله توبه قبول ڪندڙ مھربان آھي.
4625 - اي ماڻھؤ بيشڪ اسان اوھان کي ھڪ مڙس ۽ ھڪ زال مان پيدا ڪيو ۽ اوھان کي ذاتيون ۽ پاڙا ڪيوسون ته ھڪ ٻئي کي سڃاڻو، بيشڪ اوھان مان تمام عزت وارو الله وٽ اُھو آھي جيڪو اوھان مان ڏاڍو پرھيزگار آھي، بيشڪ الله ڄاڻندڙ خبر رکندڙ آھي.
4626 - جھنگلي چوندا آھن ته ايمان اندو اٿون، (اي پيغمبر کين) چؤ ته (حقيقت ڪري) ايمان نه آندو اٿو پر (ايئن) چؤ ته اسين مُسلمان ٿيا آھيون ۽ اڃا اوھان جي دلين ۾ ايمان گھڙيو (ئي) نه آھي، ۽ جيڪڏھن الله ۽ سندس پيغمبر جو چيو مڃيندؤ ته اوھان جي عملن مان اوھان کي ڪجھ (به) نه گھٽائيندو، بيشڪ الله بخشڻھار مھربان آھي.
4627 - مؤمن رڳو اُھي آھن جن الله ۽ سندس پيغمبر تي ايمان آندو وري (ڪو) شڪ نه ڪيائون ۽ الله جي واٽ ۾ پنھنجن مالن ۽ پنھنجن جُسن سان جھاد ڪيائون، اھي ئي سچا آھن.
4628 - (اي پيغمبر کين) چؤ ته پنھنجو دين الله کي ڄاڻائيندا آھيو ڇا؟ ۽ جيڪي آسمانن ۾ آھي ۽ جيڪي زمين ۾ آھي سو سڀ الله ڄاڻندو آھي، ۽ الله سڀڪنھن شيءَ کي ڄاڻندڙ آھي.
4629 - (اي پيغمبر) اسلام آڻڻ جو توتي احسان رکندا آھن، چوينِ ته مون تي پنھنجي اسلام (آڻڻ) جو احسان نه رکو، بلڪ اوھان تي الله احسان رکندو آھي جو اوھان کي ايمان جي ھدايت ڪيائين جيڪڏھن سچا آھيو.
4630 - بيشڪ الله آسمانن ۽ زمين جو ڳجھ ڄاڻندو آھي، ۽ جيڪي ڪندا آھيو سو الله ڏسندڙ آھي.
4802 - بيشڪ ڪي وڏيون نشانيون پنھنجي پالڻھار جون ڏٺائين.
4803 - لات ۽ عُزّىٰ کي ڏٺو اَٿوَ ڇا؟
4804 - ۽ پوئين ٽين منات کي به؟
4805 - ڇا اوھان لاءِ پٽ آھن ۽ الله لاءِ ڌيئرون.
4806 - اِھو ورھاڱو اُنھيءَ مھل بي انصافيءَ وارو آھي.
4807 - اھي (سڀ) رڳا نالا آھن جي اوھان پاڻ ۽ اوھان جي پِين ڏاڏن مُقرّر ڪيا آھن الله اُن (جي ثابتيءَ) جو ڪو دليل نازل نه ڪيو آھي، (ھيُ) رڳو گمان تي ھلندا آھن ۽ جيڪي (سندن) جيءَ سَڌ ڪندا آھن (تنھن تي به)، ۽ بيشڪ سندن پالڻھار کان وٽن ھدايت آئي آھي.
4808 - ماڻھو جيڪا سڌ ڪندو آھي سا کيس ملندي ڇا؟
4809 - پوءِ ھو جَڳ ۽ ھيُ جَڳ الله جو آھي.
4810 - ۽ آسمانن ۾ ڪيترائي ملائڪ آھن جن جي پارت ذري جيترو به نفعو نه ڪندي پر الله جي موڪل ڏيڻ کانپوءِ جنھن لاءِ گھري ۽ راضي ٿئي.
4811 - بيشڪ جيڪي آخرت کي نه مڃيندا آھن سي ملائڪن تي ڌيئرن جا نالا رکندا آھن.
4812 - ۽ کين ان (ڳالھ) جي ڪا خبر نه آھي، رُڳو گمان تي ھلندا آھن، ۽ بيشڪ گمان حقيقت جي سڃاڻڻ ۾ ڪجھ به نفعو نه ڏيندو آھي.
4813 - پوءِ (اي پيغمبر) انھيءَ کان منھن موڙ جنھن اسان جي ياد ڪرڻ کان مُنھن ڦيرايو ۽ دنيا جي حياتيءَ کانسواءِ (ٻيو) ڪي نه گھريائين.
4814 - اھا سندن علم جي پڄاڻي آھي، بيشڪ تنھنجو پالڻھار اُنھيءَ کي چڱيءَ طرح ڄاڻندڙ آھي جيڪو سندس واٽ کان ڀُلو ۽ جيڪو سڌي رستي ھليو تنھنکي (به) اُھو چڱي طرح ڄاڻندڙ آھي.
4815 - ۽ جيڪي آسمانن ۾ آھي ۽ جيڪي زمين ۾ آھي سو الله جو آھي ته جن بڇڙا ڪم ڪيا تن کي انھن ڪمن جي ڪري نيٺ سزا ڏئي ۽ جن چڱايون ڪيون تن کي ڀلائيءَ جو بدلو ڏئي.
4816 - جيڪي ننڍن گناھن کانسواءِ وڏن گناھن ۽ بي حيائيءَ کان پاڻ کي بچائيندا آھن، بيشڪ تنھنجو پالڻھار (اُنھن لاءِ) وڏي بخشش وارو آھي، اُھو اوھان کي وڌيڪ ڄاڻندڙ آھي جڏھن اوھان کي زمين مان پيدا ڪيائين ۽ جڏھن اوھين پنھنجي مائن جي پيٽن ۾ ٻار ھئؤ، تنھنڪري اوھين پاڻ کي نه ساراھيو، الله انھيءَ کي چڱي طرح ڄاڻندڙ آھي جيڪو پرھيزگار ٿيو.
5082 - الله ۽ سندس پيغمبر تي ايمان آڻيو ۽ اُنھيءَ مال مان خرچيو جنھن ۾ اوھان کي ٻـين جو وارث ڪيو اٿس، ۽ اوھان مان جن ايمان آندو ۽ (الله جي واٽ ۾) خرچ ڪيو تن لاءِ وڏو اجر آھي.
5083 - ۽ اوھان کي ڇا (ٿيو) آھي جو الله تي ايمان نه ٿا آڻيو؟ حالانڪ پيغمبر اوھان کي سڏي ٿو ته اوھين پنھنجي پالڻھار تي ايمان آڻيو ۽ بيشڪ الله اوھان کان انجام ورتو آھي جيڪڏھن مڃڻ وارا آھيو.
5084 - (الله) اُھو آھي جيڪو پنھنجي ٻانھي (محمّد) تي پڌريون آيتون نازل ڪندو آھي ته (ڪفر جي) اونداھين مان (اسلام جي) سوجھري ڏانھن اوھان کي ڪڍي، ۽ بيشڪ الله اوھان تي شفقت ڪندڙ مھربان آھي.
5085 - ۽ اوھان کي ڇا (ٿيو) آھي جو الله جي واٽ ۾ نه خرچيندا آھيو حالانڪ آسمانن ۽ زمين جي ميراث خاص الله جي آھي، جنھن (مڪي جي) فتح کان اڳ خرچ ڪيو ۽ (الله جي دين لاءِ ڪافرن سان) وڙھيو تنھنجي برابر اوھان مان ڪوبه ڪونھي، اھي انھن کان تمام وڏي مرتبي وارا آھن جن (فتح کان) پوءِ خرچ ڪيو ۽ (دين لاءِ) وڙھيا، ۽ ھر ھڪ کي الله چڱو انجام ڏنو آھي، ۽ جيڪي ڪندا آھيو تنھن جي الله (پوري) خبر رکندڙ آھي.
5086 - اُھو ڪير آھي جو الله کي چڱو قرض ڏئي پوءِ (الله) اُھو (قرض) اُن کي ٻيڻو ڪري ڏيندو ۽ اُن لاءِ سڳورو اجر آھي.
5087 - (ياد ڪر) جنھن ڏينھن مؤمنن ۽ مؤمنياڻين کي (ھن حالت ۾) ڏسندين جو سندن نُور اُنھن جي اڳيان ۽ انھن جي ساڄن پاسن کان پيو ڊوڙندو (چئبن ته) اوھان کي خوشخبري ھجي جو اڄ اوھان لاءِ اھڙا باغ آھن جن جي ھيٺان واھيون پيون وَھن اُتي سدائين رھندؤ، اھا وڏي مراد ماڻڻ آھي.
5088 - جنھن ڏينھن منافق ۽ منافقياڻيون (گڏجي) مؤمنن کي چوندا ته ترسو (ته سھي) ته اوھان جي (ايماني) نُور مان (ڪجھ) روشني وٺون چيو ويندو ته اوھين پنھنجي پٺ تي (دنيا ڏانھن) موٽو پوءِ ڪو سوجھرو ڳوليو، پوءِ سندن وچ ۾ ھڪ اھڙي ڀت ھنئي ويندي جنھن کي دروازو ھوندو، اُن ڀت جي اندارن رحمت ھوندي ۽ ان جي ٻاھرين پاسي کان عذاب.
5089 - منافق مُسلمانن کي سڏيندا ۽ چوندا ته اسين اوھان سان (دنيا ۾) گڏ نه ھواسون ڇا؟ (مُسلمان) چوندا ته ھائو پر پنھنجو پاڻ کي جوکي ۾ وڌوَ ۽ (ايمان آڻڻ ۾) دير ڪندا رھيؤ ۽ (نبوت ۾) شڪ آندو ۽ اوھان کي سَڌن ٺڳي ڇڏيو تان جو الله جو حُڪم آيو ۽ اوھان کي الله (جي حُڪم مڃڻ) کان (شيطان) ٺڳيندڙ ٺڳي ڇڏيو.
5091 - اڃا مؤمنن لاءِ اُھو وقت نه آيو آھي ڇا؟ جو الله جي ياد ڪرڻ وقت ۽ وحي الٰھيءَ مان جيڪو نازل ٿيو تنھن (جي ياد) آڻڻ وقت سندن دليون آزي ڪن ۽ انھن وانگر نه ٿين جن کي ھن کان اڳ ڪتاب ڏنو ويو پوءِ مٿن ڊگھي مدت گذري تنھنڪري سندن دليون سخت ٿي ويون، ۽ منجھائن گھڻا بي دين آھن.
5092 - ڄاڻو ته الله زمين کي سندس ويرانيءَ کانپوءِ آباد ڪندو آھي، بيشڪ اسان اوھان لاءِ چٽيون نشانيون بيان ڪيون آھن ته مانَ اوھين پرجھو.
5093 - بيشڪ خيرات ڏيندڙن ۽ خيرات ڏيندڙن کي، ۽ جن الله کي سھڻو قرض ڏنو آھي تن کي ٻيڻو ڪري ڏبو ۽ اُنھن لاءِ سڳورو اجر آھي.
5094 - ۽ جن الله ۽ سندس پيغمبرن تي ايمان آندو آھي اُھي ئي پنھنجي پالڻھار وٽ بلڪل سچا ۽ شھيد آھن، اُنھن لاءِ سندن اجر ۽ سندن نُور آھي، ۽ جن ڪفر ڪيو ۽ اسان جي آيتن کي ڪُوڙ ڀانيو اُھي دوزخي آھن.
5095 - ڄاڻو ته دُنيا جي حياتي رڳو راند ۽ بي فائدِي ۽ سينگار ۽ پاڻ ۾ فخر ڪرڻ ۽ مالن ۽ اولادن ۾ (ھڪ ٻئي کان) گھڻائي طلبڻ آھي، (انھيءَ جو مثال) انھيءَ مينھن وانگر (آھي) جنھن جو سلو (ڄمائڻ) ڪڙمين کي عجب ۾ وجھي وري سُڪي وڃي پوءِ اُن کي پيلو ٿيل ڏسين وري ڀُري وڃي، ۽ آخرت ۾ (الله جي دشمنن لاءِ) سخت عذاب آھي ۽ (الله جي دوستن لاءِ) الله کان بخشش ۽ رضامندي آھي، ۽ دنيا جي حياتي رڳو ٺڳيءَ جو سامان آھي.
5096 - پنھنجي پالڻھار جي بخشش ۽ انھي بھشت ڏانھن اڳرائي ڪريو جنھن جي ويڪرائي آسمان ۽ زمين جي ويڪرائي وانگر آھي انھن لاءِ تيار ڪيو ويو آھي جن الله ۽ سندس پيغمبرن تي ايمان آندو، اھو الله جو فضل آھي جنھن کي وڻيس تنھن کي ڏيندو آھي، ۽ الله وڏي فضل وارو آھي.
5097 - ڪابه مُصيبت نڪي زمين ۾ ۽ نڪي اوھان جي جندن ۾ پھچندي آھي پر اُنھي کان اڳ اُن کي پيدا ڪريون ھڪ ڪتاب ۾ لکيل آھي، بيشڪ اھو (ڪم) الله کي آسان آھي.
5098 - ھن ڪري (اھا خبر ڏني اٿون) ته جيڪي اوھان جي ھٿن مان ويو تنھن تي ارمان نه ڪريو ۽ جيڪي اوھان کي عطا ڪيائين تنھن تي خوشي نه ڪريو، ۽ الله سڀڪنھن ھٺيلي پاڻ سڏائيندڙ کي دوست نه رکندو آھي.
5099 - جيڪي پيچائي ڪندا آھن ۽ ماڻھن کي به پيچائي ڏسيندا آھن، ۽ جيڪو منھن موڙيندو ته بيشڪ الله ئي بي پرواھ ساراھيل آھي.
5100 - بيشڪ پنھنجن پيغمبرن کي پڌرين نشانين سان موڪليوسون ۽ ساڻن ڪتاب ۽ تارازي ھن لاءِ موڪليوسون ته ماڻھو انصاف سان بيھڪ وٺن، ۽ لوھ موڪليوسون جنھن جي ڪري سخت ويڙھ آھي ۽ ماڻھن لاءِ (ٻيا) فائدا (به) آھن ۽ ته جيڪو الله ۽ سندس پيغمبرن کي پرپُٺ مدد ڏئي تنھن کي الله معلوم ڪري، بيشڪ الله سگھارو غالب آھي.
5101 - ۽ بيشڪ نُوح ۽ ابراھيم کي موڪليوسون ۽ سندن اولاد ۾ پيغمبري ۽ ڪتاب (امانت) رکيوسون پوءِ منجھائن ڪي ھدايت وارا آھن، ۽ منجھائن گھڻا بي دين آھن.
5102 - وري پٺيانئن پنھنجا (ٻيا) پيغمبر موڪلياسون ۽ پوئتان عيسىٰ پُٽ مريم جي کي موڪليوسون ۽ کيس انجيل ڏنوسون، ۽ جن سندس تابعداري ڪئي تن جي دلين ۾ نرمي ۽ ٻاجھ رکي سون، ۽ اُھا گوشه نشيني جا پاڻ ٺاھي ھوائون سا اسان مٿن فرض نه ڪئي ھُئي پر الله جي رضامندي جي طلب لاءِ پاڻ ٺاھي ھوائون پوءِ اُن جو پورو حق نظر نه رکيائون، پوءِ منجھائن جن ايمان آندو تن کي سندن اجر ڏنوسون، ۽ منجھائن گھڻا بي دين آھن.
5103 - اي ايمان وارؤ الله کان ڊڄو ۽ سندس پيغمبر تي ايمان آڻيو ته اوھان کي پنھنجي ٻاجھ مان به ڀاڱا ڏئي ۽ اوھان کي اھڙو نُور ڏئي جنھن سان (رستو) ھلو ۽ اوھان کي بخشي، ۽ الله بخشڻھار مھربان آھي.
5104 - ھن ڪري (الله ھي خبر ڏني) ته اھل ڪتاب جا ڄاڻن ته اُھي الله جي فضل مان ڪنھن شيءَ تي سگھ رکي نه سگھندا آھن ۽ ته فضل الله جي ھٿ ۾ آھي جنھن کي وڻيس تنھن کي ڏيندو آھي، ۽ الله وڏي فضل وارو آھي.
5105 - بيشڪ الله انھيءَ (زال) جو ڳالھائڻ ٻڌو جنھن مڙس بابت توسان جھڳڙو ٿي ڪيو ۽ الله جي آڏو (پنھنجو) ڏک جو احوال (بيان) ٿي ڪيو، ۽ الله اوھان ٻنھي جو پاڻ ۾ ڳالھائڻ ٻڌو ٿي، بيشڪ الله ٻڌندڙ ڏسندڙ آھي.
5106 - اوھان مان جيڪي پنھنجين زالن کي ماءُ ڪوٺي وھندا آھن اُھي (زالون ڪي) اُنھن جون مائر نه آھن، سندن مائر (ته) اُھي آھن جن کين ڄڻيو آھي، بيشڪ اُھي (ائين چوندڙ) ھڪ اڻ جڳائيندڙ ڳالھ ۽ ڪوڙ چوندا آھن، ۽ بيشڪ الله معافي ڏيندڙ بخشڻھار آھي.
5107 - ۽ جيڪي پنھنجي زالن ئي ماءُ ڪوٺي وھندا آھن سي وري جيڪي چيائون تنھن کان (پوئتي) موٽندا آھن ته ٻنھي (زال مڙس) جي پاڻ ۾ ھٿ لائڻ کان اڳ (ھڪ) ٻانھون آجو ڪرڻ واجب آھي، انھي (حُڪم) سان اوھان کي نصيحت ڏجي ٿي، ۽ جيڪي ڪندا آھيو تنھن جي الله خبر رکندڙ آھي.
5108 - پوءِ جيڪو (ٻانھي کي) نه لھي (تنھن تي) ٻنھي جي پاڻ ۾ ھٿ لائڻ کان اڳ ٻه مھينا لڳولڳ روزا رکڻ (واجب) آھن، پوءِ جيڪي (روزا رکي) نه سگھي تنھن تي سٺ مسڪينن جو کارائڻ (واجب) آھي، اِھو (حُڪم) ھن لاءِ آھي ته (اوھين) الله ۽ سندس پيغمبر (جي حڪم) کي مڃيو، ۽ اھي الله جون (مقرر ڪيل) حدون آھن، ۽ مُنڪرن لاءِ ڏکوئيندڙ عذاب آھي.
5110 - جنھن ڏينھن انھن مڙني کي الله اُٿاريندو (تنھن ڏينھن) کين (انھيءَ جي) سُڌ ڏيندو جيڪي ڪمايو ھوائون، الله اُن کي ڳڻي رکيو آھي ۽ (ھنن) اُھو وساري ڇڏيو، ۽ الله ھر شيءِ تي خبر رکڻ وارو آھي.
5111 - نه ڏٺو اٿئي ڇا ته جيڪي آسمانن ۾ آھي ۽ جيڪي زمين ۾ آھي سو الله ڄاڻندو آھي، (ڪٿي به پاڻ ۾) ٽن ڄڻن جي ڳُجھي صلاح ڪرڻ نه ھوندي آھي پر اُنھن مان چوٿون الله آھي ۽ نڪي پنجن (ڄڻن) جي پر انھن ۾ ڇھون الله آھي ۽ نڪي ان (ڳاڻاٽي) کان تمام گھٽ ۽ تمام وڌ آھن پر الله ساڻن آھي جتي به ھجن، وري جيڪي ڪيو اٿن (تنھنجي) قيامت جي ڏينھن کين سُڌ ڏيندو، بيشڪ الله سڀڪنھن شيءِ کي ڄاڻندڙ آھي.
5112 - (اي پيغمبر) انھن ڏانھن نه ڏٺو اٿئي ڇا جن کي ڳُجھين صلاحن ڪرڻ کان جھليو ويو وري جنھن کان جھليا ويا سوئي ڪندا آھن ۽ گناھ ۽ حد کان لنگھڻ ۽ پيغمبر جي نافرماني ڪرڻ بابت پاڻ ۾ ڳجھيون صلاحون ڪندا آھن، ۽ جڏھن تو وٽ ايندا آھن (تڏھن) توکي انھي (لفظ) سان سلام ڪندا آھن جنھن سان توکي الله سلام نه ڪيو آھي ۽ پنھنجين دلين ۾ چوندا آھن ته جيڪي چوندا آھيون تنھن جي ڪري الله اسان کي ڇونه ٿو عذاب ڪري؟ کين دوزخ بس آھي، ان ۾ پوندا، پوءِ (دوزخ) بڇڙي جاءِ آھي.
5113 - اي ايمان وارؤ جڏھن (اوھين) پاڻ ۾ (ڪا) ڳُجھي صلاح ڪريو ته گناھ ۽ حد کان لنگھڻ ۽ پيغمبر جي نافرمانيءَ بابت (ڪابه) پاڻ ۾ صلاح نه ڪريو ۽ پاڻ ۾ چڱائي ۽ پرھيزگاريءَ بابت صلاح ڪريو، ۽ انھيءَ الله کان ڊڄو جنھن ڏانھن گڏ ڪيا ويندؤ.
5114 - بڇڙي صلاح ڪرڻ ته شيطان جو ڪم آھي ھن لاءِ ته مؤمنن کي دلگير ڪري ۽ ھو الله جي حُڪم کانسواءِ کين ڪجھ به نُقصان پُھچائڻ وارو نه آھي، ۽ جڳائي ته مؤمن الله تي ڀروسو ڪن.
5115 - اي ايمان وارؤ جڏھن اوھان کي چئجي ته (پنھنجين) مجلسن ۾ جاءِ ڪشادي ڪريو پوءِ (جاءِ) ڪشادي ڪريو ته الله به اوھان جي لاءِ ڪشادگي ڪري، ۽ جڏھن چئجي ته اُٿو تڏھن اُٿو ته اوھان مان جن ايمان آندو آھي ۽ جن کي علم ڏنو ويو تن جا مرتبا الله وڏا ڪري، ۽ جيڪي ڪندا آھيو تنھن جي الله خبر رکندڙ آھي.
5116 - اي ايمان وارؤ جڏھن اوھين (گھرو ته) پيغمبر سان ڪا ڳجھي ڳالھ ڪريو تڏھن پنھنجي ڳجھي ڳالھ ڪرڻ کان اڳ پھريائين خيرات ڏيو، اھو (ڪم) اوھان لاءِ ڀَلو ۽ تمام سٺو آھي، پوءِ جيڪڏھن ڪُجھ نه لھو ته بيشڪ الله بخشڻھار مھربا آھي.
5122 - جنھن ڏينھن انھن مڙني کي الله اٿاريندو تنھن ڏينھن سندس آڏو (ائين) قسم کڻندا جئن اوھان جي آڏو قَسم کڻندا آھن ۽ ڀائيندا آھن ته اُھي ڪنھن چڱي ڳالھ تي آھن، خبردار ٿيو بيشڪ اُھي اصل ڪوڙا آھن.
5123 - مٿن شيطان غالب ٿي ويو آھي پوءِ اُنھن (جي دل) کان الله جي يادگيري وساريائين، اِھي (ماڻھو) شيطان جي جماعت آھن، خبردار (ٿيو ته) بيشڪ شيطان جي جماعت ئي ٽوٽي واري آھي.
5124 - بيشڪ جيڪي الله ۽ سندس پيغمبر (جي حُڪم) کان مخالفت ڪندا آھن سي تمام خواريءَ وارن (ماڻھن) ۾ آھن.
5125 - الله لکي ڇڏيو آھي ته آءٌ ضرور غالب رھندس ۽ منھنجا پيغمبر به، بيشڪ الله سگھارو غالب آھي.
5126 - (اي پيغمبر) اھڙي قوم جيڪا الله ۽ قيامت جي ڏينھن کي مڃيندي ھجي تنھن کي تون (ھن وصف سان) نه ڏسندين ته جنھن الله ۽ سندس پيغمبر جي مخالفت ڪئي آھي تنھن سان دوستي رکندا ھجن توڙيڪ اُھي سندن پيئر يا سندن پُٽ يا سندن ڀائر يا سندن مائٽ ھجن، اِھي (مؤمن اُھي) آھن جن جي دلين ۾ الله ايمان لکيو آھي ۽ جن کي پنھنجي فيض سان سگھ ڏني اٿس، ۽ انھن کي اھڙن باغن ۾ داخل ڪندو جن جي ھيٺان واھيون وھنديون آھن ھو اُنھيءَ ۾ سدائين رھندا، الله کانئن راضي ٿيو ۽ اُھي کانئس راضي ٿيا، اُھي الله جي جماعت آھن، خبردار (ٿيو ته) بيشڪ الله جي جماعت ئي ڇُٽڻ واري آھي.
5128 - (الله) اُھو آھي جنھن ڪتاب وارن مان ڪافرن کي سندن گھرن مان پھرين ئي ويڙھ ۾ ٻاھر ڪڍي ڇڏيو، (اي مسلمانؤ) انھن جي نڪرڻ جو اوھان ڪو گمان نه ڪندا ھئو ۽ اُھي ڀائيندا ھوا ته الله (جي عذاب) کان سندن قلعا کين بچائڻ وارا ھوندا پوءِ (اُتان) وٽن الله (جو عذاب) پھتو جتان ڄاڻندا ئي نه ھوا ۽ سندن دلين ۾ اھڙي دھشت وڌائين جو پنھنجن ھٿن سان ۽ مُسلمانن جي ھٿن سان پنھنجن گھرن کي (پاڻ) ڊاھڻ لڳا، تنھنڪري اي اکين وارؤ عبرت وٺو.
5129 - ۽ جيڪڏھن الله مٿن ديس نيڪالي نه لکي ھا ته کين (ٻيءَ طرح) دنيا ۾ عذاب ڪري ھا، ۽ انھن کي آخرت ۾ (به) باھ جو عذاب آھي.
5130 - اِھو عذاب (ڪرڻ) ھن ڪري آھي جو انھن الله ۽ سندس پيغمبر جي مخالفت ڪئي، ۽ جيڪو الله جي مخالفت ڪندو ته بيشڪ الله سخت عذاب (ڪرڻ) وارو آھي.
5306 - مسلمانن کي گنھگارن جھڙو ڪنداسون ڇا؟
5131 - (اي مؤمنؤ) جيڪي کجين جا وڻ وڍيوَ يا انھن کي پنھنجي پاڙن تي بيٺل ڇڏيوَ سو الله جي حُڪم سان ۽ ھِن لاءِ ته ھو ڪافرن کي خوار ڪري.
5132 - ۽ انھن (يعني بني نضير جي مالن) مان جيڪو (مال) الله پنھنجي پيغمبر کي ھٿ ۾ ڏنو تنھن تي اوھان نڪي گھوڙا ۽ نڪي ڪي اُٺ ڊوڙايا ھوا پر الله پنھنجن پيغمبرن کي جنھن تي وڻيس (تنھن تي) غالب ڪندو آھي، ۽ الله سڀڪنھن شيءَ تي وس وارو آھي.
5133 - ڳوٺاڻن (جي مالن) مان جيڪي الله پنھنجي پيغمبر جي ھٿ ۾ ڏنو سو خاص الله لاءِ پيغمبر لاءِ ۽ (پيغمبر جي) مائٽن لاءِ ۽ ڇورن ٻارن ۽ مسڪينن ۽ مسافرن لاءِ آھي (اِھو ھن لاءِ آھي) ته اُھو اوھان مان دنيا وارن جي وچ ۾ ڏيڻ وٺڻ ۾ نه اچي، ۽ جيڪي پيغمبر اوھان کي ڏئي سو وٺو، ۽ جنھن کان اوھان کي جھلي تنھن کي ڇڏي ڏيو، ۽ الله کان ڊڄو، بيشڪ الله سخت عذاب (ڪرڻ) وارو آھي.
5134 - (۽ اُھو فَيءَ جو مال) انھن ھجرت ڪرڻ وارن مسڪينن لاءِ (به) آھي جن کي سندن گھرن مان ۽ مالن مان ٻاھر ڪڍيو ويو جيڪي (پنھنجي) الله کان فضل ۽ سندس رضامندي طلبيندا آھن ۽ الله کي ۽ سندس پيغمبر کي مدد ڏيندا آھن، اُھي ئي سچا آھن.
5135 - ۽ (انھن لاءِ به آھي) جن دارالاسلام (يعني مديني) ۾ ۽ ايمان ۾ مُھاجرن کان اڳ گھر بڻايو جيڪو وٽن لڏي اچي تنھن کي دوست رکندا آھن ۽ جيڪي مھاجرن کي ڏنو ويو تنھن بابت پنھنجين دلين ۾ ڪا پريشاني نه لھندا آھن ۽ (ٻـين کي) پاڻ کان پسند ڪندا آھن توڻيڪ کين ڪو احتياج ھوندو آھي، ۽ جن کي پنھنجي نفس جي حرص کان بچايو ويو سي ئي ڇٽڻ وارا آھن.
5136 - ۽ (اھو مال اُنھن لاءِ به آھي) جيڪي انھن (مھاجرن ۽ انصارن) کانپوءِ آيا چوندا آھن ته اي اسان جا پالڻھار اسان کي بخش ۽ اسان جي (انھن) ڀائرن کي (به) جن ايمان آڻڻ ۾ اسان کان اڳرائي ڪئي ۽ مؤمنن به نسبت اسان جي دلين ۾ ڪو ڪينو نه وجھ اي اسان جا پالڻھار بيشڪ تون ڏاڍو شفقت ڪندڙ مھربان آھين.
5137 - اُنھن ڏانھن نه ڏٺو اٿئي ڇا جيڪي منافق ٿيا جي پنھنجن انھن ڀائرن کي چوندا آھن جيڪي ڪتاب وارن مان مُنڪر آھن ته جيڪڏھن اوھان کي (وطن مان) تڙايو ويندو ته (به اسين) اوھان سان گڏ نڪرنداسون ۽ اوھان جي حق ۾ ڪڏھن به ڪنھن جو چيو نه مڃينداسون ۽ جيڪڏھن اوھان سان ويڙھ ڪئي ويندي ته اوھان جي ضرور مدد ڪنداسون، ۽ الله شاھدي ٿو ڏيئي ته بيشڪ اُھي ڪوڙا آھن.
5138 - جيڪڏھن تڙبُن ته (اُھي منافق) ساڻن (وطن مان) نه نڪرندا، ۽ جيڪڏھن اُنھن سان جنگ ڪبي ته کين مدد نه ڏيندا، پر جيڪڏھن (کڻي) مدد ڏيندا ته ضرور پٺيون ڦيرائيندا، وري کين مدد نه ملندي.
5139 - (اي مُسلمانؤ) بيشڪ اوھين انھن جي دلين ۾ الله کان (به) وڌيڪ دھشت وارا آھيو، اِھو ھِن ڪري آھي جو اُھي بي سمجھ قوم آھن.
5140 - (سڀ) ھڪ ھنڌ تي اوھان سان ويڙھ نه ڪندا پر قلعي واري (محڪم) ڳوٺن ۾ يا ڀتين جي آڙ ۾، پاڻ ۾ انھن جي ويڙھ تمام سخت پيل آھي، کين گڏ ٿيندو ڀانئيندو آھي پر اُنھن جون دليون ڌار ڌار آھن، اھو ھن ڪري آھي جو اھي بي عقل قوم آھن.
5141 - (سندن مثال) انھن جي مثال جھڙو آھي جيڪي کانئن اڳ ويجھو (گذريل) ھوا (جن) پنھنجي ڪئي جي سزا چکي، ۽ انھن لاءِ ڏکوئيندڙ عذاب آھي.
5142 - (انھن جو مثال) شيطان جي مثال وانگر آھي جڏھن ماڻھوءَ کي چوندو آھي ته ڪافر ٿيءُ، پوءِ جنھن مھل ڪافر ٿيو (تنھن مھل ھو) چوندو آھي ته بيشڪ آءٌ توکان بيزار آھيان آءٌ پنھنجي پالڻھار الله کان ڊڄان ٿو.
5143 - پوءِ ٻنھي جي پڇاڙي ھيئن ٿي ته ٻئي باھ ۾ ھميشه ھوندا، ۽ اھا ظالمن جي سزا آھي.
5144 - اي ايمان وارؤ الله کان ڊڄو ۽ جڳائي ته سڀڪو شخص سوچي ته سڀاڻي (قيامت) لاءِ ڇا اڳي موڪليو اٿس، ۽ الله کان ڊڄندا رھو، ڇوته جيڪي ڪندا آھيو تنھن بابت الله خبر رکندڙ آھي.
5145 - ۽ انھن جھڙا نه ٿيو جن الله کي وساريو پوءِ الله انھن کان سندن جيئن (جي سڌاري) کي وسارايو، اھي بي دين آھن.
5146 - دوزخي ۽ بھشتي برابر نه آھن، بھشتي ئي مُراد ماڻيندڙ آھن.
5147 - جيڪڏھن ھن قرآن کي ڪنھن جبل تي نازل ڪريون ھا ته ضرور ان کي الله جي خوف کان عاجز پرزا پرزا ٿيل ڏسين ھا، ۽ اھي مثال ماڻھن لاءِ بيان ڪريون ٿا ته مانَ اُھي ڌيان ڪن.
5148 - الله اُھو آھي جنھن کانسواءِ (ٻيو) ڪو عبادت جو لائق ڪونھي، (جو) ڳجھ ۽ ظاھر جو ڄاڻندڙ آھي، اُھو ٻاجھارو مھربان آھي.
5149 - الله اُھو آھي جنھن کانسواءِ (ٻيو) ڪو عبادت جو لائق نه آھي، (جو) بادشاھ تمام پاڪ ذات (سڀني عيبن کان) سلامت امن ڏيڻ وارو نگھبان غالب زبردست وڏائي جو سائين آھين، انھن جي شريڪ مقرر ڪرڻ کان الله پاڪ آھي.
5153 - ڪڏھن نه اوھان کي اوھان جا مائٽ ۽ نڪي اوھان جو اولاد قيامت جي ڏينھن ڪو فائدو ڏيندو، ۽ اوھان جي وچ ۾ (الله) فيصلو ڪندو، ۽ جيڪي (اوھين) ڪندا آھيو سو الله ڏسندڙ آھي.
5154 - بيشڪ ابراھيم ۽ جيڪي ساڻس ھوا تن جي طريقي ۾ اوھان لاءِ چڱي پيروي آھي، جڏھن پنھنجي قوم کي چيائون ته بيشڪ اسين اوھان کان ۽ جن کي الله کانسواءِ پوڄيندا آھيو تن کان بيزار آھيون، اوھان جا مُنڪر ٿي چڪاسون ۽ اسان جي ۽ اوھان جي وچ ۾ ھميشه دشمني ۽ وير پڌرو ٿي چڪو جيستائين ھڪ الله تي ايمان (نه) آڻيندؤ (ابراھيم جي پيروي چڱي آھي) سواءِ ھن (ڳالھ) جي ته ابراھيم جو پنھنجي پيءُ کي چوڻ ته تولاءِ ضرور بخشش گھرندس ۽ الله کان تولاءِ ڪجھ (ڪري) نه ٿو سگھان، (ابراھيم ۽ سندس ساٿين چيو ته) اي اسان جا پالڻھار توتي ڀروسو ڪيوسون ۽ توڏانھن موٽياسون ۽ تو ڏانھن (ئي) موٽڻ آھي.
5155 - اي اسان جا پالڻھار اسان کي ڪافرن جو زيردست نه ڪر ۽ اي اسان جا پالڻھار اسان کي بخش، ڇوته تون ئي غالب حڪمت وارو آھين.
5156 - بيشڪ انھيءَ (مٿينءَ) جماعت ۾ چڱي پيروي اوھان مان انھيءَ لاءِ آھي جيڪو الله (جي لقاءَ) ۽ قيامت جي ڏينھن (جي اچڻ) جي اميد رکندو ھجي، ۽ جيڪو منھن موڙيندو ته بيشڪ الله سڀ کان بي پرواھ ساراھيل آھي.
5157 - ويجھو آھي ته الله اوھان جي ۽ انھن جي وچ ۾ دوستي پيدا ڪري جن سان انھن منجھان دشمني رکي اٿوَ، ۽ الله سگھارو آھي، ۽ الله بخشڻھار آھي.
5158 - الله اوھان کي انھن (سان ڳنڍڻ) کان نٿو جھلي جن اوھان سان دين (جي ڳالھ) ۾ نه جنگ ڪئي آھي ۽ نڪي اوھان جي گھرن مان اوھان کي (ٻاھر) ڪڍيو آھي (۽ ھن ڳالھ کان به نٿو جھلي) ته ساڻن احسان ڪريو ۽ سندن حق ۾ انصاف ڪريو، بيشڪ الله انصاف ڪرڻ وارن کي دوست رکندو آھي.
5159 - الله اوھان کي رڳو انھن (سان ڳنڍڻ) کان جھلي ٿو جن اوھان سان دين بابت ويڙھ ڪئي ۽ اوھان کي اوھان جي گھرن مان ڪڍيو آھي ۽ اوھان جي ڪڍڻ ۾ (ٻـين جي) مدد ڪئي آھي (ھن کان منع ڪري ٿو) ته ساڻن دوستي رکو، ۽ جيڪي ساڻن دوستي رکندا سي ئي ظالم آھن.
5160 - اي ايمان وارؤ جڏھن اوھان وٽ مؤمنياڻيون وطن ڇڏي اچن تڏھن کين جانچيو، الله انھن جي ايمان کي چڱو ڄاڻندڙ آھي، پوءِ جيڪڏھن کين مؤمنياڻيون ڄاڻو ته انھن کي ڪافرن ڏانھن موٽائي نه موڪليو، نڪي اُھي (مُسلمان زالون) اُنھن (جي مڙسن ڪافرن) کي حلال آھن ۽ نڪي اُھي (ڪافر مڙس) انھن (مسلمان زالن) کي حلال آھن، ۽ جيڪي (ڪابين بابت) خرچ ڪيائون سو اُنھن مڙسن کي ڏيو، ۽ جڏھن کين سندن ڪابين ڏيو ته انھن جي نڪاح ڪرڻ ۾ اوھان تي (ڪو) گناھ نه آھي، ۽ پاڻ وٽ نه جھليو ڪافرياڻين جي لاڳاپن کي (به) ۽ جيڪي اوھان (پنھنجين زالن تي ڪابين) خرچ ڪيو سو جڳائي ته انھن کان گھرو ۽ جيڪي انھن (ڪافرن) پنھنجين زالن تي خرچ ڪيو سو ڀلي ته اُھي (اوھان کان) گھرن، اھو الله جو حُڪم آھي، جو اوھان جي وچ ۾ فيصلو ٿو ڪري، ۽ الله ڄاڻندڙ حڪمت وارو آھي.
5161 - ۽ جيڪڏھن اوھان جي زالن مان ڪا ڪافرن ڏانھن (مُرتد ٿي) وئي ھجي پوءِ (ڪافرن کي) ايذايو ته جن جون زالون ويئون ھجن تن کي (اُن مال مان) اوترو ڏيو جيترو انھن (ڪابين ۾) خرچ ڪيو ھو، ۽ انھيءَ الله کان ڊڄو جو جنھن تي اوھين ويساھ رکندڙ آھيو.
5162 - اي پيغمبر جڏھن تو وٽ مؤمن زالون اچن ھن (شرط) تي ته توسان بيعت ڪن ته ڪنھن کي الله سان شريڪ مُقرّر نه ڪنديون ۽ نڪي چوري ڪنديون ۽ نڪي زنا ڪنديون ۽ نڪي پنھنجي اولاد کي ڪُھنديون ۽ نڪي اھڙي ڪوڙي تھمت آڻينديون جنھن کي پنھنجن ھٿن ۽ پنھنجن پيرن سان ٺاھيو ھجين ۽ نڪي ڪنھن چڱي ڪم ۾ تنھنجي نافرماني ڪنديون تڏھن سندن بيعت قبول ڪر ۽ انھن لاءِ الله کان بخشش گھر، ڇوته الله بخشڻھار مھربان آھي.
5163 - اي ايمان وارؤ اوھين انھيءَ قوم سان دوستي نه رکو جنھن تي الله ڏمريو آھي بيشڪ اُھي آخرت (جي ثواب) کان (اھڙو) نا اُميد ٿيا آھن جھڙوڪ ڪافر قبرن وارن کان نا اُميد ٿيا آھن.
5165 - اي ايمان وارؤ جيڪي نه ڪندا آھيو سو ڇو چوندا آھيو.
5166 - الله وٽ اھا (ڳالھ) ڏاڍي ناپسند آھي جو اُھا (ڳالھ) چئو جا نٿا ڪريو.
5356 - ڇو ته اُھو (ماڻھو) الله وڏي کي نه مڃيندو ھو.
5168 - ۽ (ياد ڪر) جڏھن مُوسىٰ پنھنجي قوم کي چيو ته اي منھنجي قوم مون کي ڇو ايذائيندا آھيو ۽ حالانڪ (اوھين) ڄاڻندا آھيو ته آءٌ اوھان ڏانھن الله جو موڪيل آھيان، پوءِ جنھن مھل ڏنگائي ڪيائون ته الله سندن دلين کي ڏنگو ڪيو، ۽ الله بدڪار قوم کي سڌو رستو نه ڏيکاريندو آھي.
5169 - ۽ (اُھو وقت ياد ڪر) جڏھن عيسىٰ پُٽ مريم جي چيو ته اي بني اسرائيلو بيشڪ آءٌ اوھان ڏانھن الله جو موڪليل آھيان جيڪو توريت منھنجي اڳيان آھي تنھنجو سچو ڪندڙ آھيان ۽ ھڪ اھڙي پيغمبر جي خوشخبري ڏيندڙ آھيان جو مُون کانپوءِ ايندو جنھن جو نالو احمد ھوندو، پوءِ جنھن مھل اُھو چِٽن مُعجزن سان وٽن آيو چيائون ته ھي پڌرو جادو آھي.
5170 - ۽ اُن کان وڌيڪ ظالم ڪير آھي جنھن الله تي ڪوڙ ٻَڌو حالانڪ ان کي اِسلام ڏانھن سڏيو ويندو آھي، ۽ الله ظالمن جي قوم کي سِڌو رستو نه ڏيکاريندو آھي.
5171 - (اُھي ڪافر) گھرندا آھن ته الله جي نُور کي پنھنجي واتن سان وِسائين، حالانڪ الله پنھنجي نُور کي پوري ڪرڻ وارو آھي توڻيڪ ڪافر مٺيان ڀانئين.
5172 - (الله) اُھو آھي جنھن پنھنجي پيغمبر کي ھدايت ۽ سچي دين سان موڪليو ته اُن کي سڀني دينن تي غالب ڪري توڻيڪ مشرڪ بڇان ڀانئين.
5173 - اي ايمان وارؤ اوھان کي انھيءَ سوداگريءَ جو ڏس نه ڏيان ڇا جو اوھان کي ڏکوئيندڙ عذاب کان بچائي؟
5174 - (ته) الله ۽ سندس پيغمبر تي ايمان آڻيو ۽ پنھنجن مالن ۽ پنھنجن جندن سان الله جي واٽ ۾ لڙائي ڪريو، جيڪڏھن ڄاڻندا آھيو ته اُھو اوھان لاءِ ڀلو آھي.
5175 - اوھان جا گناھ اوھان کي بخشيندو ۽ اوھان کي (اھڙن) باغن ۾ داخل ڪندو جن جي ھيٺان واھيون وھنديون آھن ۽ سُٺين جاين ھميشه (رھڻ) وارن بھشتن ۾، اھا وڏي مراد ماڻڻ آھي.
5176 - ۽ ٻي (نعمت به ڏيندو) جنھن کي دوست رکندا آھيو، الله جي طرف کان مدد ۽ فتح ويجھي، ۽ مؤمنن کي خوشخبري ڏي.
5177 - اي ايمان وارؤ الله جي دين جا مددگار ھجو جھري طرح عيسىٰ پٽ مريم جي پنھنجي خاص يارن کي چيو ته الله جي دين ۾ منھنجا مددگار ڪير آھن؟ انھن خاص يارن چيو ته اسين الله (جي دين) جا مددگار آھيون پوءِ بني اسرائيلن مان ھڪ ٽولي ايمان آندو ۽ ٻئي ٽوليءَ انڪار ڪيو، پوءِ ايمان وارن کي سندن دشمنن تي غلبو ڏنوسون پوءِ غالب ٿيا.
5178 - جيڪي آسمانن ۾ آھي ۽ جيڪي زمين ۾ آھي سو (سڀ) الله جي پاڪائي بيان ڪندو آھي (جو) بادشاھ تمام پاڪ (ذات) غالب حڪمت وارو آھي.
5180 - ۽ انھن مان ٻـين لاءِ به جي اڃا انھن (مسلمانن) سان نه مليا آھن، ۽ اُھو غالب حڪمت وارو آھي.
5181 - اِھو الله جو فضل آھي انھن کي ڏيندو آھي جنھن کي وڻندو اٿس، ۽ الله وڏي فضل وارو آھي.
5182 - جن (ماڻھن) کي توريت کڻايو ويو پوءِ اُھو نه کنيائون تن جو مثال (انھيءَ) گڏھ جي مثال وانگر آھي جو (گھڻا) ڪتاب کڻي، جن الله جي آيتن کي ڪوڙ ٿي ڀانيو تنھن قوم جو مثال بڇڙو آھي، ۽ الله ظالم ماڻھن کي سڌو رستو نه ڏيکاريندو آھي.
5183 - (اي پيغمبر) چؤ ته اي يھوديو جيڪڏھن ڀائيندا آھيو ته ٻـين (سڀني) ماڻھن کانسواءِ رڳو اوھين الله جا دوست آھيو ته جيڪڏھن (انھي ڳالھ ۾) سچا آھيو ته موت گھرو.
5184 - ۽ جيڪي سندن ھٿن اڳي موڪليو آھي تنھنجي ڪري اُھو ڪڏھن نه گھرندا، ۽ الله ظالمن کي ڄاڻندڙ آھي.
5194 - تون انھن لاءِ بخشش گھرين يا انھن لاءِ بخشش نه گھرين ته انھن لاءِ ھڪ جھڙي (ڳالھ) آھي، انھن کي الله ڪڏھن نه بخشيندو، بيشڪ الله بي دينن جي قوم کي سِڌو رستو نه ڏيکاريندو آھي.
5195 - اھي اھڙا آھن جو (ھڪ ٻئي کي) چوندا آھن ته جيڪي (مھاجر) الله جي پيغمبر وٽ آھن تن تي خرچ نه ڪريو تان جو ڇڏي وڃن، ۽ (ھيءَ نه ڄاڻندا آھن ته) آسمانن ۽ زمين جا خزانا خاص الله جا آھن پر (ان ڳالھ کي) مُنافق نه سمجھندا آھن.
5196 - چوندا آھن ته جيڪڏھن (اسين) مديني ۾ موٽي پُتاسون ته وڌيڪ عِزّت وارو تمام بي عزتي کي اُتان ضرور ڪڍي ڇڏيندو، ۽ عِزّت الله کي ۽ سندس پيغمبر کي ۽ مؤمنن کي آھي پر (اھا ڳالھ) منافق نه ڄاڻندا آھن.
5197 - اي ايمان وارؤ اوھان کي نڪي اوھان جا مال ۽ نڪي اوھان جا اولاد الله جي ياد ڪرڻ کان ويسلو ڪري، ۽ جيڪي ائين ڪندا سي ئي ڇيئي وارا آھن.
5198 - ۽ جيڪي اوھان کي روزي ڏني اٿون تنھن منجھان اُنھي کان اڳ خرچ ڪريو جو اوھان مان ڪنھن ھڪڙي کي موت پھچي پوءِ چوڻ لڳي ته اي منھنجا پالڻھار جيڪر مون کي ھڪ ٿوري مُدت تائيم مُھلت ڏين ھا ته خيرات ڪريان ھا ۽ صالحن مان ٿيان ھا.
5199 - ۽ جڏھن ڪنھن جيءَ جو اجل ايندو آھي (تڏھن) اُن کي الله ڪڏھن مُھلت نه ڏيندو آھي، ۽ جيڪي ڪندا آھيو تنھنجي الله خبر رکندڙ آھي.
5204 - (ھن کان) اڳ جيڪي ڪافر ھئا تن جي اوھان وٽ خبر نه آئي آھي ڇا؟ پوءِ پنھنجي ڪئي جي سزا چکيائون ۽ اُنھن لاءِ ڏکوئيندڙ عذاب آھي.
5205 - اِھو (عذاب) ھِن ڪري آھي جو سندن پيغمبر (چِٽن) مُعجزن سان وٽن ايندا ھئا ته چوندا ھوا ته اسان کي (اسان جھڙا) ماڻھو (سڌو) رستو ڏيکاريندا ڇا، پوءِ انڪار ڪيائون ۽ منھن ڦيرايائون ۽ الله (به) بي پرواھي ڪئي، ۽ الله بي پرواھ ساراھيل آھي.
5206 - ڪافر ڀائيندا آھن ته (قبرن مان) کين ڪڏھن نه اُٿاربو، (کين) چؤ ته ھائو! منھنجي پالڻھار جو قسم ته (اوھين) ضرور اُٿاربؤ وري جيڪي ڪندا ھئو تنھن جي اوھان کي ضرور سُڌ ڏبي، ۽ اھو (ڪم) الله کي آسان آھي.
5207 - تنھنڪري الله ۽ سندس پيغمبر تي ايمان آڻيو ۽ اُنھيءَ نُور (قرآن) تي به جيڪو نازل ڪيوسون، ۽ جيڪي ڪندا آھيو تنھن جي الله خبر رکندڙ آھي.
5208 - جنھن مھل اوھان کي قيامت جي ڏينھن ۾ گڏ ڪندو اُھو ڏينھن ھارجڻ ۽ کٽجڻ جو آھي، ۽ جيڪو الله تي ايمان آڻيندو ۽ چڱا ڪم ڪندو تنھن کان سندس مدايون الله ميٽيندو ۽ اھڙن باغن ۾ داخل ڪندو جن جي ھيٺان واھيون وھنديون آھن اُتي سدائين رھندا، اُھا وڏي مراد ماڻڻ آھي.
5209 - ۽ جن ڪُفر ڪيو ۽ اسان جي آيتن کي ڪوڙو ڄاتو اھي دوزخي آھن اُن ۾ سدائين رھندا، ۽ (اُھو) ھنڌ بڇڙو آھي.
5210 - الله جي حُڪم کانسواءِ ڪابه مصيبت نه پھچندي آھي، ۽ جيڪو الله تي ايمان آڻيندو تنھن جي دل کي (اُھو) ھدايت ڪندو، ۽ الله ھر شيءَ کي ڄاڻندڙ آھي.
5211 - ۽ الله جو چيو مڃيو ۽ پيغمبر جو چيو مڃيو، پوءِ جيڪڏھن مُنھن موڙيندؤ ته اسان جي پيغمبر تي رڳو پڌرو پيغام پھچائڻ آھي.
5212 - الله (اُھو آھي جو) اُن کانسواءِ (ٻيو) ڪو عبادت جو لائق نه آھي، ۽ مؤمنن کي جڳائي ته الله تي (ئي) ڀروسو ڪن.
5213 - اي ايمان وارؤ بيشڪ ڪي اوھان جون زالون ۽ ڪي اوھان جو اولاد اوھان جو دشمن آھي تنھنڪري انھن کان حذر ڪريو، ۽ جيڪڏھن معافي ڪريو ۽ ٽارو ڪريو ۽ بخشيو ته بيشڪ الله (به) بخشڻھار مھربان آھي.
5214 - اوھان جا مال ۽ اوھان جو اولاد رڳو پرک آھن، ۽ الله ئي وٽ وڏو اجر آھي.
5215 - تنھنڪري جيترو ٿي سگھيوَ اوترو الله کان ڊڄو ۽ (الله جو حُڪم) ٻڌو ۽ چيو مڃيو ۽ خرچ ڪريو ته اوھان جي جِندن لاءِ چڱو آھي، ۽ جيڪي پنھنجي نفس جي حرص کان بچايا ويا سي ئي ڇُٽڻ وارا آھن.
5216 - جيڪڏھن الله کي چڱيءَ طرح قرض ڏيندؤ ته (الله) اوھان کي اُھو (قرض) ٻيڻون (ورائي ڏيندو) ۽ اوھان کي بخشيندو، ۽ الله قدردان بردبار آھي.
5217 - ڳجھ ۽ ظاھر جو ڄاڻندڙ غالب حڪمت وارو آھي.
5218 - اي پيغمبر (پنھنجي اُمت کي چؤ ته اوھين) جڏھن زالن کي طلاق ڏيڻ جو ارادو ڪريو تڏھن کين عِدت (جي شروع) ۾ طلاق ڏيو ۽ عِدَّت ڳڻيو، ۽ پنھنجي پالڻھار الله کان ڊڄو، کين سندن گھرن مان (عِدّت جي مُدّت ۾) پڌري بي حيائي جي ڪرڻ کانسواءِ نه ڪڍو ۽ (جڳائي ته) اُھي (پاڻ به) نه نڪرن، اھي الله جون (مُقرّر ڪيل) حدون آھن، ۽ جيڪو الله جون حدون (لتاڙي) لنگھندو تنھن بيشڪ پنھنجي جيءُ تي ظلم ڪيو، ڪوبه نه ڄاڻندو آھي ته اُن (طلاق ڏيڻ) کانپوءِ (متان) الله ڪو ٻيو رستو پيدا ڪري.
5219 - پوءِ جڏھن (طلاق واريون) پنھنجي مُدّت کي پھچن تڏھن چڱي طرح سان کين رکو يا چڱي طرح سان کين ڇڏي ڏيو ۽ پاڻ مان ٻه معتبر شاھد ڪريو ۽ الله لڳ شاھدي پوري ڏيو، انھيءَ (حُڪم) سان انھيءَ کي نصيحت ڏجي ٿي جيڪو الله ۽ قيامت جي ڏينھن کي مڃيندو ھجي ۽ جيڪو الله کان ڊڄندو تنھن جي نڪرڻ جي (الله) ڪا واھ ڪندو.
5220 - ۽ کيس اُتاھون روزي ڏيندو جتان گمان ئي نه ھوندس، ۽ جيڪو الله تي ڀروسو ڪندو تنھن کي الله ڪافي آھي، بيشڪ الله پنھنجي ڪم کي پورو ڪندڙ آھي، بيشڪ الله سڀڪنھن شيءِ جو اندازو ڪيو آھي.
5221 - ۽ اوھان جي (طلاق ڏنل) زالن مان جيڪي حيض کان نااُميد ٿيون ھجن (تن جي عِدّت بابت) جيڪڏھن شڪ ۾ پيا آھيو ته انھن جي عِدّت ٽي مھينا آھي ۽ جيڪي اڃا حيض واريون نه ٿيون آھن (تن جي به)، ۽ پيٽ وارين زالن جي عِدّت اِھا آھي جو ٻار ڄڻين، ۽ جيڪو الله کان ڊڄندو تنھن لاءِ الله سندس ڪم ۾ آساني ڪندو.
5222 - اھو الله جو حُڪم آھي جو اوھان ڏانھن ڏانھن نازل ڪيائين، ۽ جيڪو الله کان ڊڄندو تنھن جون مدايون الله کانئن ميٽيندو ۽ ان کي اجر وڌيڪ ڏيندو.
5223 - جتي پنھنجي وس آھر (اوھين) ٽڪندا آھيو تتي انھن کي (عدت جا ڏينھن) ٽڪايو ۽ کين ھن لاءِ نه ايذايو ته انھن کي تنگ ڪريو، ۽ جيڪڏھن پيٽ سان ھجن ته جيسين پنھنجو ٻار ڄڻين (تيسين) کين خرچ ڏيو، پوءِ جيڪڏھن اوھان جي حُڪم موجب (اُھي ٻار کي) کير پيارين ته کين سندن مزوري ڏيو، ۽ ھلي چليءَ موجب پاڻ ۾ صلاح ڪريو، ۽ جيڪڏھن پاڻ ۾ سختي ڪريو ته اُن کي ٻي (ڪا) کير پياري.
5224 - جڳائي ته وس وارو پنھنجي وس آھي خرچ ڪري، ۽ جنھن تي روزي تنگ ڪئي ويئي آھي تنھن کي جڳائي ته جيڪي الله کيس ڏنو آھي تنھن مان خرچ ڪري، ڪنھن کي الله تڪليف نه ڏيندو آھي پر (اوتري قدر) جيتري قدر کيس الله ڏنو آھي، سگھوئي الله ڏکيائيءَ کانپوءِ سکيائي ظاھر ڪندو.
5225 - ۽ (اھڙا) گھڻائي ڳوٺ (ھوا) جن پنھنجي پالڻھار جي حُڪم ۽ سندس پيغمبرن (جي حڪم) کان نافرماني ڪئي پوءِ سخت عذاب سان انھن کي پڪڙيوسون ۽ سخت عذاب سان کين عذاب ڪيوسون.
5226 - پوءِ انھن (ڳوٺ وارن) پنھنجي ڪم جي سزا چکي ۽ انھن جي ڪم جي پڇاڙي خراب ٿي.
5227 - انھن لاءِ الله سخت عذاب تيار ڪيو آھي تنھنڪري اي عقل وارا مؤمنؤ الله کان ڊڄو، بيشڪ الله اوھان ڏانھن ھڪ نصيحت موڪلي آھي.
5228 - جو رسول آھي جو اوھان تي الله جون پڌريون آيتون (ھن لاءِ) پڙھندو آھي ته جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن کي اونداھين کان سوجھري ڏانھن ڪڍي، ۽ جيڪو الله تي ايمان آڻيندو ۽ چڱا ڪم ڪندو تنھن کي اھڙن باغن ۾ داخل ڪندو جن جي ھيٺان واھيون وھنديون آھن اُتي ھميشه رھندا، بيشڪ اُن جي روزي چڱي طرح ٺاھي آھي.
5229 - الله اُھو آھي جنھن ستن آسمانن کي بڻايو ۽ اوتريون زمينون به، اُنھن جي وچ ۾ اُن جو حُڪم نازل ٿيندو آھي ته ڄاڻو ته الله سڀڪنھن شيءَ تي وس وارو آھي ۽ ته الله عِلم سان سڀڪنھن شيءِ کي وڪوڙيو آھي.
5230 - اي پيغمبر جنھن شيءِ کي الله تولاءِ حلال ڪيو آھي سا ڇو ٿو حرام ڪرين؟ پنھنجين زالن جو راضپو گھرين ٿو، ۽ الله بخشڻھار مھربان آھي.
5231 - بيشڪ الله اوھان لاءِ اوھان جي قسمن جو کولڻ درست ڪيو آھي، ۽ الله اوھان جو سائين آھي، ۽ اُھو ڄاڻندڙ حِڪمت وارو آھي.
5232 - ۽ (ياد ڪر) جڏھن پيغمبر پنھنجين زالن مان ڪنھن ھڪڙي کي ڪا ڳالھ ڳجھي چئي، پوءِ جڏھن اُن (ڳالھ) کي اُن (بي بيءَ) پڌرو ڪيو ۽ الله پيغمبر کي اُن (ڳجھي ڳالھ جي پڌري ڪرڻ) تي واقف ڪيو (تڏھن) پيغمبر ڪُجھ اُھا (ڳالھ بي بيءَ کي) ڄاڻائي ڪجھ چوڻ کان ٽارو ڪيائين، پوءِ جڏھن اُن (بي بيءَ) کي ڳجھيءَ ڳالھ (جي پڌري ڪرڻ) کان واقف ڪيائين (تڏھن) اُن (بي بي) چيو ته اھا توکي ڪنھن ڄاڻائي، (پيغمبر) فرمايو ته مون کي (الله) ڄاڻندڙ خبر رکندڙ خبر ڏني.
5237 - اي ايمان وارؤ الله وٽ توبه ڪريو سچي توبه، اوھان جي پالڻھار ۾ اميد آھي ته اوھان جون مدايون اوھان کان ميٽيندو ۽ اوھان کي (اھڙن) باغن ۾ داخل ڪندو جن جي ھيٺان واھيون وھنديون آھن جنھن ڏينھن جو الله پيغمبر کي ۽ جن ساڻس ايمان آندو آھي تن کي خوار نه ڪندو، سندن (ايماني) نُور سندن اڳيان ۽ سندن سڄن پاسن ۾ ڊوڙندو چوندا (ته) اي اسان جا پالڻھار اسان لاءِ اسان جو نُور ڀرپور ڪر ۽ اسان کي بخش، بيشڪ تون سڀڪنھن شيءَ تي وس وارو آھين.
5239 - الله نُوح جي زال ۽ لُوط جي زال جو ھڪ مثال ڪافرن لاءِ بيان ڪري ٿو، (اُھي) اسان جي ٻن صالحن ٻانھن (جي نڪاح) ھيٺ ھيون پوءِ اُنھن زالن ٻنھي سان خيانت ڪئي ۽ پوءِ اُھي ٻئي (پنھنجين) زالن کان الله جو عذاب ڪجھ به ٽاري نه سگھيا (انھن کي) چئبو ته باھ ۾ گھڙندڙن سان گڏ گھڙو.
5240 - ۽ الله مؤمنن لاءِ فرعون جي زال جو ھڪ مثال بيان ڪري ٿو، جڏھن چيائين ته اي منھنجا پالڻھار پاڻ وٽ بھشت ۾ مون لاءِ ڪو گھر ٺاھ ۽ فرعون ۽ سندس ڪم کان مون کي بچاءِ ۽ ظالمن جي ٽوليءَ کان (پڻ) مون کي بچاءِ.
5241 - ۽ مَرۡيم ڌِيءُ عِمۡران جي جنھن پنھنجي اُگھڙ کي بچايو پوءِ اُن (جي رحم) ۾ پنھنجو رُوح ڦوڪيوسون ۽ پنھنجي پالڻھار جي حُڪمن ۽ سندس ڪتابن کي سچ ڄاتو ھوائين ۽ فرمانبردارن مان ھُئي.
5431 - ۽ اوھان کي مال ۽ پٽ گھڻا ڏئي ۽ اوھان کي باغ ڏئي ۽ اوھان کي نَھرون بڻائي ڏي.
5432 - اوھان کي ڇا (ٿيو) آھي جو الله جي وڏائي جو ويساھ نه ٿا رکو.
5433 - حالانڪ اوھان کي قسمن قسمن ۾ بڻايائين.
5434 - نه ڏسندا آھيو ڇا ته الله ڪيئن ستن آسمانن کي طبقا طبقا بڻايو.
5435 - ۽ انھن ۾ چنڊ کي روشن ڪيائين ۽ سج کي (چمڪندڙ) ڏيئو ڪيائين.
5436 - ۽ الله اوھان کي زمين منجھان ھڪڙي ڄمائڻ طرح ڄمايو.
5437 - وري اوھان کي زمين ۾ موٽائي نيندو ۽ وري اوھان کي پوري طرح ٻاھر ڪڍندو.
5438 - ۽ الله اوھان لاءِ زمين کي وڇاڻو بڻايو.
5439 - ته اُن ۾ ويڪرين واٽن سان ھلو.
5440 - نوح چيو ته اي منھنجا پالڻھار بيشڪ انھن منھنجو چيو نه مڃيو ۽ اُنھن جي پويان لڳا جن جي حق ۾ سندن مال ۽ سندن اولاد ڇيئي کانسواءِ (ٻيو) ڪي نه وڌايو.
5441 - ۽ انھن تمام وڏو فريب پکيڙيو.
5442 - ۽ چيائون ته پنھنجن بُتن کي ڪڏھن نه ڇڏيو ۽ نڪي وَد ۽ نڪي سُوَاع ۽ نڪي يَغُوث ۽ يَعُوق ۽ نَسۡر کي ڇڏيو.
5443 - ۽ بيشڪ گھڻن کي گمراھ ڪيائون، ۽ (اي الله) ظالمن کي گمراھيءَ کانسواءِ (ٻيو) ڪي وڌيڪ نه ڏي.
5444 - انھن کي سندن گناھن جي سبب ڪري ٻوڙيو ويو وري انھن کي باھ ۾ داخل ڪيو ويو، پوءِ الله کانسواءِ (ٻيو) ڪو پاڻ لاءِ مددگار نه لڌائون.
5445 - ۽ نُوح چيو ته اي منھنجا پالڻھار ڪافرن مان ڪو زمين تي رھندڙ نه ڇڏ.
5446 - بيشڪ تون جيڪڏھن انھن کي ڇڏيندين ته تنھنجن ٻانھن کي گمراھ ڪندا ۽ اُھي بدڪار مُنڪر کانسواءِ (ٻيو) نه ڄڻيندا.
5447 - اي منھنجا پالڻھار مون کي ۽ منھنجي ماءُ پيءُ کي بخش ۽ جيڪو منھنجي گھر ۾ مؤمن ٿي اچي تنھن کي ۽ سڀني مؤمنن ۽ مؤمنياڻين کي (بخش)، ۽ ظالمن کي ھلاڪيءَ کانسواءِ (ٻيو) ڪي وڌيڪ نه ڏي.